Sunday, July 23, 2017

سـارنـگ - ھدايت منگي

سـارنـگ
ھدايت منگي
        عجيب ماڻهو هو. گهر موجود هوندو هو ته سڄي پاڙي کي خبر هوندي هئي ته هو گهر ويٺو آهي. سندس گهر ويٺي مهل پاڙي جا ٻار واري وٽيءَ سان پيا ليئا پائي ڏسندا هئس.
ڪلاسيڪي موسيقي ويٺو ٻڌندو، ۽ ڪونه ڪو ڪتاب هٿ ۾کليل هوندس ئي هوندس. ٻارن تي نظر پئجي ويس ته ٽافيون اڇلي ڏيندن، پر جي ڪنهن ڪو کڙڪو ڪري توجهه ڇڪڻ جي ڪا هجت ڪئي ته اٿي اچي کيس هٿ ۾ ٽافي ڏيندو، ۽ ڪن پڪري کيس ٻڌائيندو ته ٽافي کڙڪي کانسواءِ به ملي سگهي ته پوءِ هروڀرو کڙڪي ڪرڻ جو ضرور؟ تقريباَ سڀني ٻارن کي خبر پئجي چڪي هئي ته ٻارن سان پوندي اٿس، پر هو خلل انگيز ڳالهه کي اصل پسند نه ٿو ڪري.


        مهڙ ۾، جڏهن هو ٻه کٽون کڻي رلهيءَ وهاڻي سميت اچي پاڙي ۾ لٿو هو، ته پاڙي جي خاص ڪري زائفن چپ مروڙي سندس حيثيت تي چٿرون ڪيون هيون. گهٽيءَ ۾ پهريون ڀيرو نڪتو ته دڪان تي سڀ کان اڳ پن جون ٻيڙيون پڇيون هئائين. منهنجي دڪان تي ان وقت اسان جي پاڙيسرياڻي بچان بيٺي هئي، جيڪا گڏاپ کان آيل هئي. سندس لباس کي الائي ڪيئن هڪ ئي نظر ۾ مڪمل نموني ڏسي مون کي چتائي اکين ۾ ڏٺو هائين ۽ پن جون ٻيڙيون پڇيون هئائين. سندس اڌ گنجي مٿي جي نوعيت تي مون کي به عجب لڳو هو، جيڪو وارن جي ڇڊين چڳن مان چلڪيس پئي. ٻه بنگالڻيون به منهنجي دڪان تي ايمبسي سگريٽ وٺڻ آيون هيون. چيومانس ته ڪي.ٽو پن جي ٻيڙين واري لاءِ مناسب آهي، ته چيائين ڇاتي ٿا وٺن. بنگالڻين ڏانهن اشارو ڪري چيومانس ته هي ايمبسيءَ جي نيڪيءَ ۾ ڦاٽن ٿيون. ته چيائين، ڦاٽنديون هونديون. پر جهٽ وڪڙ کائي ڳالهه موٽايائين، ”ڦاٽن ٿيون؟!“ ۽ ايتريءَ دير ۾ ٻنهي بنگالڻين جي اڌ اگهاڙن جسمن کي جاچي پرکي ورتو هئائين. اٺ ٽافيون ورتائين، جن مان هڪ مون کي ڏنائين ٻه بنگالڻين کي، هڪ پاڻ کاڌائين ۽ هڪ منهنجي پاڙيسرياڻي بچان ڏانهن وڌائڻ تي هو، ته هوءَ کيس حيرت مان ڏسندي گهر ڏانهن مڙي چڪي هئي.
        بعد ۾ منهنجي پاڙيسرياڻي بچان گهر ۾ مون کان پڇيو ته اهو ڪير هو؟ مان ڄاڻندو ڪونه هومانس. البت ٻئي ڏينهن پڇيومانس. چيائين، ”شهر جي هڪ اشاعتي اداري سان لاڳاپيل آهيان“. نه مون ڳالهه سمجهي ۽ نه ئي مون واريءَ مائٽياڻيءَ، جيڪا سڄو ڏينهن الائي ڇو منهنجي دڪان تي بيهي ان گهٽيءَ ڏانهن ڏسندي رهي هئي، جنهن ۾ هڪ ڪوٺيءَ ۾ هو اچي رهيو هو. آمنه بنگالڻ ٻه ڀيرا پڇي وئي هئي ته ڪلهوڪو ٽافيءَ وارو آيو؟ هي زائفون نئين پاڙيسري ۾ الائي ڇو دلچسپي وڌائي ڇڏينديون آهن، اها ڳالهه مون کي اصل سمجهه ۾ نه ٿي اچي.
        حالتن مون کي محتاط ۽ خبردار رهڻ تي آماده ڪيو. هڪ هفتي جي رهائش ۾ مون کي سندس معمولات جي گهڻي قدر خبر پئجي چڪي هئي. پن جون ٻيڙيون ڇڪيندو هو، ٽافيون کيسي ۾ گهڻو ڪري ٻين کي کارائڻ لاءِ وجهندو هو. رات جي ڊيوٽي ڪندو هو ۽ ڏينهن گهڻو ڪري گهر ۾ ڪتاب پڙهڻ ۾ گذاريندو هو.
        هڪ ڀيرو ٻاٽلي کڻي وهنجڻ لاءِ پاڻي ڀرڻ ايندو هو ۽ جي نل تي مايون بيٺيون هونديون هيون ته هڪ منٽ ڏانهنِ التماس وارين نگاهن سان ڏسي، بس کڻي ڪندو ۽ ٻاٽلي نل جي ٿانون واري قطار ۾ رکي، منهنجي دڪان تي هليو ايندو ۽ ڪئپسٽن وٺي دکائيندو ۽ اتان بيهي پوئتي نل ڏانهن ڏسندو. اڳي مايون کيس بيهاري ڇڏينديون هيون، ”نه ڀاءُ، مان ڪلاڪ کان واري اچڻ لاءِ بيٺي آهيان. مان ڀريان ته پوءِ تون ڀلي ڀري وٺ.“ پر پوءِ انهن ئي ماين مان ڪا سندس سفارش ڪندي، ٻاٽلي ڀرائي ٻاهر رکي، سڏ ڪنديس ته کڻي وڃي. شڪرانا بجا آڻيندو ٻاٽلي کنيو، مون کان اکين ۾ موڪلائيندو هليو ويندو. پٺيان ڪي ڇوڪريون وات کي لٽو ڏيون پيون کلنديس ته ڪي کين ڀونڊو ڏئي چپ پيون ڪرائينديون. مهڙ ۾ ته مون محسوس ڪيو ته کيس ڪنهن ئي زائفان ۾ دلچسپي ڪانهي، پر پوءِ ڏٺم  ته بهتر کان بهتر زائفان منجهس دلچسپي وڌائي رهي آهي. سندس سڌين اکين ۾ ڪشش ته ڪانه هئي، البته گهرائي ايڏي جو فورن ٻئي جي نگاهه غوطو کائي ڦري ويندي.
        ڳالهائڻ جو انداز نهايت سنجيدو. ڪا ڳالهه ٻيهر پڇڻ جي ضرورت ئي ڪانه پوندي. جواب اهڙو هوندو جو ان ۾ ڳالهه مڪمل. دل چوندي ته جيڪر کانئس گهڻي کان گهڻا سوال پڇجن، ڳالهيون ٻڌجن، پر هو ماڻهو اهڙي نموني جو هو، جو جيڪو جواب ڏنائين اهو الائي ڇو ڪافي پيو لڳندو هو، ان ڪري ڳالهه وڌائجي ته ڪيئن. هاڻي ته مان به اسڪول کان سڌو موٽي دڪان تي اچي ويهندو هوس ته من هو اچي ۽ ڪا گهڙي ڪچهري ٿي وڃي. مان اصل ۾ زائفن جي اندر کي سمجهي نه سگهيو آهيان، ان ڪري جيڪي ماستراڻيون مون سان گڏ اسڪول ۾ پڙهائينديون هيون، تن سان بزارن ۽ ڪلاٿ مارڪيٽن ۾ ٿاٻا کائي ٿڪجي شام جو اچي کٽ تي ٽٽندو هوس، ته مٿان وڏي ڀاءُ جي گار اچي ڦهڪو ڪندي هئي. ”ڀيڻيان، الائي ڪو... ٿو الائي ڇا. گهر ٿا موٽو ته اچي ٿا ڦانءِ ٿي ڪرو. ٿڪ پئيو جو کڻي دڪان تي خيال ڏيو. مڙس هليا آهن ڳوٺ مان پٽڪا ٻڌي ڪمائڻ. ٿڪ هجي اهڙي زندگيءَ تي، جيڪا ٿڪون ٿاٻا کائي گذري. هاڻي ڳوٺ وڃان ته چوان بابي کي، ته هنن ڀڙون کي اِتي سُڪ ٻڌي رک. ڌنڌي تي صفا دل نه ٿي ورين، رڳو ڪا زائفان سا سرخي لائي گهٽيءَ ۾ ٿي نڪري ته لڇ لڇ ڪندا وتنس پٺيان.“ ادا وڏي جو اهو ليڪچر ٻڌي ٻڌي هِري ويا هئاسون، پر جڏهانڪر هي همراهه پاڙي ۾ لڏي آيو هو ته دل الائي ڇو اڇلون پئي کائيندي هئي ته، جهٽ پل ۾ اسڪول ختم ٿئي ته دڪان تي وڃي ويهجي، جتي هو ايندو ته عجيب مزيدار ڳالهيون خود بخود ڇڙي پونديون.
        هائو، عجيب ۽ مزيدار ڳالهيون. سارنگ جي اچڻ کان اڳ پاڻي ڀرڻ تان سڄي پاڙي جون مايون ۽ مرد هڪ ٻئي کي گاريون ڏئي وڏا وڏا جهيڙا ڪندا هئا. هڪ ڀيري سارنگ اهڙي جهيڙي دوران باٽلي کڻي اچي نڪتو. ڪو کيس احوال ٻڌائي ئي ڪونه. مان به جهيڙي جي ڏي وٺ ٻڌي رهيو هوس. پر پوءِ جڏهن هن قدري ڪاوڙ منجهان مون کي جهنجهوڙ ڏئي پڇيو ته آخر مسئلو آهي ڪهڙو، جو سڀڪو پنهنجي ليکي پيو ٿو ڳالهائي ۽ وري ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌي ڪانه ٿي وڃي؟ ٻڌايومانس ته چُچوءَ جي ڇوريءَ پاڻي ڀريندي هڪ بنگالڻ کي مٿي ۾ لوٽيون وهائي ڪڍيون آهن. بنگالڻ گوڙ ڪيو ته چُچوءَ جي جوءِ پنهنجي ٻن ڌيئن ۽ مڙس سوڌو نڪري آئي آهي ۽ هاڻي سڄي بنگال کي پيا ٿا پٽين. اڃان ايترو مس ٻڌائين ته سڌو نل ڏانهن وڌي ويو ۽ ســـڀني کي الائي ڪيئن ماٺ ڪرائي ڇڏيائين. اتي جو اتي طي ڪري ورتائين ته، پاڻي ته ڇا گهڻين ضرورتن کي کوٽ ۾ رکي اختياريون پيون ماڻهن کي هڪ ٻئي ۾ ويڙهائين. پاڻ ۾ نه وڙهڻ گهرجي ۽ ٻيو ته بنگالي به اسان جهڙا ئي انسان آهن. انهن جيڪڏهن ٽي ٽين پاڻيءَ جا ڀريا ته ضرورت ۾ هوندن. هاريندا ته ڪونه هوندا. چُچوءَ الائي ڪيئن سندس اڳيان کڻي هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ جوءِ کي اشارو ڪيائين ته اها گهر هلي وڃي. جهيڙو ئي ٽري ويو. پر جيئن ئي جهيڙو ختم ٿيو ته ڏٺم ته اوڙي پاڙي جي درن مان اڻ ڏٺيون صورتون ۽ مورتون به سارنگ کي تڪي رهيون هيون. آمنه بنگالڻ به منهنجي دڪان تي بيٺي هئي، تنهن وڌي وڃي ٻيءَ ڀرسان بيٺل بنگالڻ کي سس پس ڪري ڪجهه چيو. ٻنهي جي چهرن تي سرهائي هئي.
        ائين، هو گهران نڪرندو هو ته سڄي پاڙي جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويندو هو. شڪل شبيهه به ڪا خاص ڪانه هئس، پر الائي ڇو، خاص ڪري مونکي ته ڏاڍو وڻڻ لڳو هو. اسان واري پاڙيسرياڻي بچان ڪڏوهڪو ڳوٺ سنڀريل هئي، پر اڃا اتي ٽڪيل هئي. بچان جنهن گهر ۾ آيل هئي، انهن ۽ اسان وچ ۾ ڪا وٿي ئي ڪانه هئي. سڄو ڏينهن زائفون اسان جي گهر کي گڏجي صاف ڪنديون هيون ۽ ڳنڍ ٽوپي لاءِ به اسان جو پکو چالو ڪري اچي ميڙ ڪنديون هيون. لباس، ڳالهؤ ٻولهؤ ۾ گڏاپ جون هيون، باقي لڳنديون اسان جون گهر ڀاتياڻيون هيون. مان گهر ويس ته بچان اتي گم سم ويٺي هئي.
پڇيومانس ”بچان اڃا ڳوٺ ڪانه وئينءَ ڇا.“
ڇرڪ ڀري چيائين، ”نه ادا، سڀان پرينهن ويندم.“
”ڇو طبيعت ته ٺيڪ ٿئي نه؟“
”ها، ادا“... ۽ پوءِ هوءَ صفا سست ٿي پئي هئي. مون ڏٺو ته هوءَ الائي ڪهڙي جهوريءَ ۾ جهڄي، اجهامي وئي هئي. حجت ڪري پڇيومانس ته به لهرائي وئي ۽ گهر اٿي وئي. شام جو مڙسس به گڏاپ کان اچي نڪتو. اڃان ٻار ٻچو ڪونه ٿيو هون، سو ڪا سوکڙي پاکڙي به ڪانه آندي هئائينس. بچان جو مڙس سڄو ڏينهن پان کائيندو هو. چاٻا ڏيندي مون کي صلاحيائين، ”ڪئپري ۾ فلم لڳو آهي. ڏاڍو ڀلو آهي. هلين ته هلون.“ مون نهڪر ڪئي مانس ته ٻه ٻيا ڇوڪرا ساڻ وٺيون هليو ويو. ان وچ ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ دڪان تي پهچي ويو ۽ مان کسڪي پاڙي وارن جي گهر هليو ويس. گهڻي گهڻي دير کانپوءِ به بچان کي نه ڏسي پڇا ڪرڻ تي هوس ته لوهي در وٽ ڪنهن سڏ ڪيو. مان اٿي ويس. سارنگ بيٺو هو. بچان جي چوٽيءَ ۾ هٿ هوس ۽ هوءَ صفا هيسيل. مان هڪو ٻڪو ٿي ويس. سارنگ چيو، ”هن کي مڙس جي توجهه جي سخت ضرورت آهي. منهنجي در کي اوچتو کولي اندر ته لنگهي آئي هئي، پر ڪجهه ڪڇي ڪانه سگهي. گهڻو ئي پڇيوٿيمانس پر رڳو پئي ٿي ڏڪي. هن کي ڪو حرف به نه چئي، ڪو به نه. هن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي ضرورت بهرحال آهي. هاڻي جيئن تون مناسب سمجهين. جاءِ ڪر ته گهر وڃين.“ مون جاءِ ڪئي ته هوءَ سڌي اندر هلي وئي. سارنگ منهنجي دڪان تي هليو ويو ته مان به گڏيو ويومانس. اتان مون کي پهريون ڀيرو گهر وٺي ويو. جتي بچان جي امالڪ هليو اچڻ جو ٻڌايائين. چيومانس، ”پاڻهئي هلي آئي هيئه پوءِ ڇا هو.“
”نه پر سوٽ! ائين ته مان هتي رهي ئي نه سگهندس. ٻيو ته سنڌياڻي آهي. ڀلي گڏاپ جي ئي ڇو نه هجي، پر پنهنجي دل ۾ ته هزار سوال ٿا اڀرن. افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان جا سنڌي اڪثر پنهنجي زالن کي سنڀالڻ جي ذميواري پاڻ تي ڪانه ٿا کڻن. هن جي سڀني مسئلن جو حل سندس مڙس وٽ هجڻ کپي. تڏهن چئبو ته پرڻو واقعي سماجي ادارو آهي. تون پنهنجي منهن سمجهائي ڇڏجانس ته، ٻيهر ڪڏهن به ائين نه ڪري، ۽ ڏک به نه ڪري.“
        سارنگ جي هن ڳالهه مون کي سخت حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. اهڙي زائفان، جيڪا سڄي گڏاپ جو نڪ هئي، تنهن کي هن چانئٺ تان واپس موٽائي ڇڏيو هو! مون بچان جي ماساتِ ملوڪان کي اها ڳالهه ٻڌائي ته هوءَ به ٻٽجي وئي. سڀاڻي تي بچان هلي وئي ته گڏاپ جي زائفن، جيڪي هتي رهنديون آهن، عجيب نموني سارنگ کان ڪترائڻ شروع ڪيو. هو اڃان گهران نڪري مس ته سڀ گهرن ڏانهن هلنديون ٿين. باقي ڪا پنجاپڻ، پٺاڻي، بنگالڻ، نل تي يا دڪان تي بيٺي هوندي ۽ سارنگ اچي نڪتو، ته اڌ ۾ سودو وٺڻ ڇڏي ڏيندي ۽ بيهي کيس ڏسندي. مان نيٺ دڙڪا ڏئي زائفن کي ڪڍڻ لڳس. سارنگ وري جهليندو. ”يار، ڏس، ذائفان جي توهين نه ڪندو ڪر. ڪير به هجي، پر عزت سان ڳالهائيندينس ته ست خير ٿي ويندا. هي زائفون به صفا مردن جيتري ئي عزت لهڻن ٿيون.“
”نه سائين، هي اهڙيون ڪڃريون اٿئي جو توبهن.“ ”سئوٽ، پليز!“ اهي لفظ اهڙي نهٺائيءَ مان چيائين جو مان سُن ۾ پئجي ويس. ڇا واقعي هو زائفن جي ايتري عزت ٿو ڪري؟ مون سندس زندگيءَ جي ان پهلوءَ تي پهريون ڀيرو سوچڻ شروع ڪيو ته لڳو ته هيءُ واقعي ڪو عجيب غريب ماڻهو اسان وچ ۾ اچي نڪتو آهي.
        ڪالهوڪي بچان واري واقعي بابت سوچي، ته ڪيئن نه هن گنجي شخص کيس مجرم بڻائي، پاڻ کي صاف رکي، موٽائي ڪڍيو هو، اسڪول ۾ پڙهائي ڪونه سگهيس. منهنجي هڪ طرفين چاهتن جي مرڪز اسان سان گڏ اسڪول ۾ پڙهائيندڙ نوشيءَ اڄ مون کي الائي ڇو لفٽ پئي ڪرائي، پر مان گنجي جي ياد ۾ اهڙو ته محو هوس، جو اهو خيال ڏاڍو دير سان آيو، جڏهن موڪل ٿي چڪي هئي ۽ نوشي وڃي چڪي هئي. مون نوشيءَ کي رخ نه ڏنو هو، اهو ممڪن ڪين هئو. ان مهل مان پنهنجي ڪلاس جي هڪ شرارتي ڇوڪري جا لطيفا ٻڌي موڪل جي گهنٽيءَ کان گهڻو پوءِ ڪلاس مان نڪتو هوس ته نوشي ياد آئي هئي. دل ۾ ڏک به ٿيم ته نوشيءَ سان جيڪا به محنت ڪئي اٿم، اها اڄ ٻڏي نه وئي هجي. پر پوءِ ڇا ٿي ڪري سگهيس. بس ۾ جڏهن ايف.سي. ايريا پهتس ته دل ۾ آيم، سارنگ گهر هوندو، اڳ ۾ کيس ڏسندو ڇو نه وڃجي. اڳ مون اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته ڪنهن ڇڙي ڇانڊي گهر جو در کڙڪائي به ڪو اندر گهڙبو آهي. پر جڏهن گنجي واري گهٽيءَ ۾ پهتس ته اوچتو دل مان نڪتو ته در کڙڪائي ڏسان.
اندران آواز مليم ”هُو  از  ديئر...“
مون ۾ امالڪ ڪنهن ٻيءَ ٻولي ۾ ڏنل جواب سمجهڻ جي سگهه ڪٿي. سچي ڳالهه ته اسين نوابشاهه وارا ماڻهو لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ وارن جي گهڻو ڪري لهجي کان به اڻواقف آهيون. پر پوءِ اوچتو ذهن ۾ لفظ اڀري آيو ”سئوٽ“، ۽ مون جهٽ چيو، ”سئوٽ گهر آهي؟“
”اندر هليا اچو...،“ چٽي ۽ تيز آواز ۾ هن مون کي اندر سڏيو. آواز مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن چٽي اسپيڪر مان نڪري رهيو هجي. اندر ويس ته هو گوڏ پائي پيٽ اگهاڙو کٽ تي پاسيرو ڪريو پيو هو ۽ ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو. سڌو ٿي هٿ ڏنائين ۽ سامهون ٻيءَ کٽ تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين. مُلي خيروءَ جو هي گهر مون اڳ به گهڻا ڀيرا ڏٺو هو، جڏهن مُلي خيروءَ پاران گراهڪن کي ڀڳل تالو کولي هي گهر ڏيکارڻ ايندو هوس. مُلو خيرو اٺن جهوپڙي نما ڪوٺڙن جو مالڪ هو، ماستر هو ۽ ڪنهن مسجد ۾ ڇوڪرين کي قرآن به پڙهائيندو هو. هن ڪوٺيءَ کي سيمينٽ جو مڙئي فرش هڻايو هئائين ۽ ٻاڙو سائو رنگ ڀتين تي گهمرائي ڇڏيو هئائين. هڪڙو در ۽ پاسي ۾ هڪڙي دري، جنهن ۾ سيخون هيون ئي ڪونه. ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائيندو، وارن کان بچيل ڳٽن تي ڪريم مکيندو، گهران نڪرندو هو ۽ روز پارت ڪري ويندو هو ته فلاڻي يا فلاڻي ڪوٺي خالي پئي آهي. مسواڙي اچي ته ان کي مان ئي کڻي ڏيکاري ڇڏيان. هيءَ ڪوٺي به ائين ئي منهنجي ڏٺل هئي، پر جڏهانڪر سارنگ اتي آيو هو، ٻه کٽون، جن تي پکڙيل سادڙين چادرن جي هيٺان رلهين ليئا پئي پاتا. ڪنڊ ۾ ٻه ننڍڙيون ميزون، جن مان هڪ تي ڪجهه ڪتاب، ٽرانزسٽر ۽ ائش ٽري ۽ ٻيءَ تي ٻه اڌوراڻا ٿيلها پيا هئا. ڪنڊ ۾ هڪ هنڌ ڪوڪي ۾ ڇٽي ٽنگيل هئي. بوٽ جا ٻه کوکا ٽرانزسٽر واري ٽيبل هيٺان پيل هئا.
”سئوٽ ڪهڙي خبر چار آهي. شهر ۾ امن امان هو...“ سارنگ جي سوال مون کي ڇرڪائي ڇڏيو. مون الائي ڇو پهريون ڀيرو محسوس ڪيو ته ڪنهن جي ذاتي حيثيت تي غور ڪرڻ ڄڻ ڪو ڏوهه هجي. جهٽ ڏانهس ڏسي جواب ڏنم، خير آهن سائين. اوهان گهران نڪتا ئي ناهيو ڇا؟“
”نڪتو هوس. ٻاٽلي ڀري اُس تي رکندو آهيان. سا ڀري آيو هوس. دوڪان تي توهان جو ننڍو ڀاءُ ويٺو هو، سو اوڙاپي سان ملوڪان جن کي جهلي رهيو هو ته، نونِ نونِ ماڻهن کي وارو پڇاڙي ۾، ڇو ته اهي پاڙي ۾ آيا ئي سڀني جي پڇاڙيءَ ۾ هِن... مون کي ته کل اچي رهي هئي ته اهو واهه جو انصاف ٿيو ته جيڪي اڳ آيل هجن تن جو حق اڳ ۾. هر انسان هڪ جهڙو ٿو ٿئي. هرڪنهن جي گهرج هڪ جهڙي ٿي ٿئي. ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ جي گهرج شدت واري ٿي سگهي ٿي، پر اهو ڪيئن انصاف ٿيندو جو ڍائو ته اڳ ۾ ڍايو ويٺو هجي پر بکيو اچي نڪري ته کيس مانيءَ ڀور پنهنجي واري اچڻ تي ملي! هاڻي مون کي پاڻيءَ جي شديد ضرورت ته ڪانه هئي، پر توهان جي ڀاءُ جو ريمارڪ ٻڌي الائي ڇو ههڙي ڪيفيت محسوس ڪيم. ملوڪان ته ٻاٽلي وٺي جهٽ ڀري ڏني، پر پاڻ سان بيگناهه ڇيڙ خاني سهڻي پئجي وئي.“
        مون کي پنهنجي ڀاءُ تي ڏاڍا خار آيا ۽ جهٽ چيم، ”هينئر ئي ٿو پادر ٺوڪيانس. ڀڙوو، ماڻهوءَ نه ماڻهوءَ جو خيال ئي ڪونهيس.“ سارنگ مون کي جهٽ روڪي وڌو ۽ وري مون کي کٽ تي ويهاري چيائين.
”مون هي ڪا دانهن ڪانه ڏني. اهو وايو منڊل منهنجي وجود جي اتي موجودگيءَ سبب پيدا ٿيو. متان ڪا مون ۾ ئي اهڙي کوٽ هجي، جيڪا ههڙين ڳالهين کي پيدا ڪري ٿي. مان پنهنجو جائزو وٺندو رهيو آهيان، ته آخر ڪهڙي ڳالهه آهي، جا مون ۾، سماج لاءِ اهڙي ڪشش پيدا نه ٿي ڪري جو، بنا ڄاڻ سڃاڻ جي به مون کي عزت وٺي ڏئي، جيڪا مان هر ڪنهن کي هڪ جيتري تعداد ۾ ڏيان ٿو. اوهان ڀاءُ کي ڪجهه نه چئجو. مون کي ڏک ڪونهي.“ مان وري اچرج ۾ پئجي ويس. سارنگ اٿي چانهه ٺاهي، جيڪا پي کائنس موڪلايم. ان دوران مون سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون. سندس هر ڳالهه ڇرڪائيندڙ هئي.
”اصل ۾ اسين زندگيءَ بابت سنجيده ناهيون. ۽ خاص ڪري اسان جي نوجوانن کي ته سخت ڇيهو رسي رهيو آهي. وڏن جو ساڻن ورتاءُ ڄم کان وٺي، جدا ٿيڻ تائين وڏيرڪو آهي. پٽ سان پيءُ ائين ٿو هلي جو ڄڻ کيس رڳو حڪم ڏيڻ جا اختيار آهن ۽ پٽ کي هر صورت ۾ اهي مڃڻا آهن، نه ته هو نافرمان ۽ دنيا جو وڌ ۾ وڌ ڀٽڪيل ۽ قابل نفرت شخص آهي. وڏن ڀائن جو به لڳ ڀڳ ننڍن ڀائن سان ساڳيو ورتاءُ آهي. شايد ان جي ئي موٽ ۾ اسان جا نوجوان جيڪو ٻين غير واسطيدار ماڻهن سان ورتاءُ ڪن ٿا، اهو رد عمل آهي.“

        مون اڄ وري نئين ڳالهه سوچي. هن ماڻهوءَ سان بحث ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو هوندو، جنهن جي ڳالهه تي رڳو هائو ڪر ڪري سگهجي ٿي.

No comments:

Post a Comment