Saturday, July 22, 2017

تجربا تلخ نه سَهي، خوشگوار به ناهن - ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو

تجربا تلخ نه سَهي، خوشگوار به ناهن
ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو
مان ڪالهه جنهن سان هيڏي ڀلائي ڪئي، تنهن اڄ مون سان هيڏي بُرائي ڪئي. اڄ تولي مان ڦري سِيرُ ٿي پيو آ، اصل ڪَڻِ مان ڦري مَڻُ ٿي پيو آهي. بي نفسا مفادپرست، پنهنجو ڪم هوندن ته قالين وانگر وڇائبا ويندا. جن سان وَڙ ڪياسين، سي بي وڙا نِڪتا. اصل ماڻهن جي چهرن تي ماسڪ چڙهيل آهن؛ ٻاهران هڪڙا، اندران ٻيا. مُنهن ماکيءَ لار، اندران زهر جي ڌار. اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي.


پِتي وارا ماڻهو به، بي پتا ٿي پيا آهن. انسانيت ته ڳولئي نه ٿي لڀي. رڳو ڍونگ، رڳو فريب. جي هلڻ کان هلاڪ هُئا، سي ڊوڙون ٿا پائن. پيا پاڻ پڏائن. ڪوڙ، ڄڻ سندن نس نس ۾ ڪُٽي ڪُٽي ڀريل هجي. اخلاقي تقاضاعن کان عاري.
اڄ دل گهريو ته محسن سان ملي اچان. سو در کليل هو. مان به اندر ٽپي ويم. ڇا ڏسان ته منهنجي دوست جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو.، سوچيم ته ڪير اٿس، جنهن سان گفتگو ڪري رهيو آهي، مون وارو دوست. مان چپ ڪري بيهي رهيس ته اڙي پر هي ته اڪيلو ٿو پنهنجي منهن ويٺو ڳالهائي. ڄڻ واقعي ڪو سندس اڳيان ويٺل آهي. مون کي ڏسي، افسوس ٿيو ته مون وارو دوست ڪنهن نفسياتي مرض جو شڪار ٿي پيو آهي. هينئر هن جڏهن ڳالهائڻ ۾ وقفو ڪيو ته السلام عليڪم چيم. جواب ۾ هو چپ رهيو. تيئن مون وارو شڪ، يقين ۾ بدلجي ويو.
چيم: خير ته آهي، اڄ وري ڪنهن تي ڏمريو آهين جو پنهنجي مُنهن ويٺو ڳالهائين؟
جواب ۾ چيائين؛ ها ها مان چريو ٿي پيو آهيان ائين؟ جي مان چريو ٿي پيو آهيان ته سڀئي دنيا جا ماڻهو چريا آهن.
چيم؛ اهو ڀلا ڪيئن؟
جواب ۾ چيائين؛ اهو فرق آهي ته مان زور سان ٿو ڳالهايان، هو اندر ۾ پيا ڳالهائين ۽ پيا گهاٽ گهڙين. هر ماڻهو ذهن سان پيو ڳالهائي، باقي ڏوهه مون ڪيو؟
چيم؛ ٿيو ڇا آهي. پر مان تو کي اڳ هن طرح سان ڳالهائيندي ڪو نه ٻڌو آهي.
جواب ڏنائين؛ ٻڌندينءَ ڪيئن؟ تون پنهنجي ۽ مان پنهنجي گهر، وري وارتائن جي نوعيت جُدا جدا، تجربا جدا جدا، اندازِ بيان جدا، حساسيت جدا جدا، احتجاج جو طريقو جدا جدا.
چيم؛ پوءِ به يار ٻڌاءِ ته ڇا ٿيو آهي؟
چيائين؛ ماڻهو اندران ڪارا، ٻاهران اُجرا ڇو هوندا آهن؟ ٻاهران ساهه ۾ ساهه، اندر ۾ ساهه سڙيا ڇو هوندا آهن؟
چيم؛ برداشت ڪر، صبر ڪر.
چيائين؛ ڇا ڇا اوائيڊ ڪيان؟ ڪيترو دور ڀڄان!؟ جڏهن ته اهي پاڇي جيان، مون سان گڏ آهن. آس پاس، سامهون، پويان، هر جاءِ تي، بس ائين کڻي سمجهه ته ڄڻ ٻانهن ۾ لڪل نانگ آهن. چئه چئه ته بنا ٻانهن وارو چولو پايان! ائين؟!
چيم؛ مون ائين ته هرگز نه چيو. انهن ۽ اهڙن ڪردارن کان دور رهه، منهنجي خيال ۾ اهو سٺو حل آهي، تو واري مسئلي جو.
چيائين؛ ها سائين فاصلو ماپي ڏي، کڻي آءُ انچي ٽيپ! پائي ڏي ليڪ يا ڪڍي ڏي دائرو ته ڪيتري مُفاصلي تي مان هُجان.
چيم؛ پر هيئن مان تو کي اڳ نه ڏٺو اٿم.
چيائين؛ اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏِسُ! اهو ئي ناقص العقل، تنهنجو دوست آهيان. پر مان ڇا ڪيان! يار معاشري ۾ مان Misfit آهيان. پاڻ کي ڪٿي ڪيئن فٽ ڪريان؟
چيم؛ قصور تنهنجو آ.
چيائين؛ مان چڱائي ڪريان، بدلي ۾ برائي ٿئي. قصور منهنجو، جو انهن سان انهن جهڙو ٿي پوان ته واهه واهه ٿئي جيڪر، ڇا ڪريان ائين نه ٿو پُڇي.
چيم؛ پاڻ چڱو ته جڳ چڱو.
چيائين؛ مون وٽ چوڻين جا ماڻ بدلجي چُڪا آهن.
چيم، سو وري ڪيئن؟
چيائين؛ هاڻ ائين آهي ته؛ پاڻ چڱو، پر جڳ بُرو.
چيم؛ نيڪي ڪر درياهه ۾ اُڇل! پئي ترندي.
چيائين؛ اڳ ترندي هوندي. هاڻ نيڪي ٻڏي ٿي، برائي تري ٿي. ائين به چئبو آهي نه ته؛ ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلو. هاڻ! ڪر چڱو ته ٿئي بُرو.
چيم، ته ڇڏ سوداءَ کي.
جواب ۾ چيائين؛ سو ته ناهي، رڳو داءُ ئي داءُ آهي.
چيم؛ ڏاڍو زور آن.
چيائين؛ مان ۽ زور! باقي سڀئي ڪمزور، جيڪي هيڏي ڪن ٿا.
چيم؛ پوءِ تون به انهن سان ڏاڍي ڪر. مثلن هو پٿر هُڻن تو کي، تون پٿر وهائي ڪڍين.
چيائين؛ دل ته اهو ئي چاهي ٿي. پر ائين ڪرڻ کان قاصر آهيان. رت ۾ ڪا اهڙي سُتي پيل آهي، ڪرڻو ڪجهه ناهي رڳو سهڻو آ.
چيم؛ تو کي پڇتاءُ آهي ڇا؟
چيائين؛ پَڇ ڪونهي، رُڳو تاءُ ئي تاءُ آهي.
چيم؛ پوءِ ڇا ڪجي؟ اهڙا ئي اسان کي هر جاءِ تي ملندا رهندا! نه چاهيندي به ماڻهو، انهن سان، انهن جي وچ ۾ رهڻو پوندو. پوءِ پنهنجا هجن يا پراوا. هر حالت ۾، هر حال ۾. سڀئي به ائين ناهن، ڪن لاءِ ته دنيا هلي ٿي.
چيائين؛ ڪنهن لاءِ ڪو نه ٿي هلي. دنيا کي هر حال، هر صورت ۾ هلڻو آهي. سو هلي پئي. ٻڌو ڪو نه اٿئي ته اها چڱائي ناهي، جيڪا ڳچيءَ ۾ نه پوي. هتي ته ڳچي ڀرجي وئي آهي، مٿان وري ڪاپاري وار به ٿين پيا. قلب ڪڙهي ٿو، ساهه سڙي ٿو.
چيم؛ ڀلا زبان سان نه سهي، قلم سان ته درد جي شدت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ڀلا پنهنجي منهن ڀتين سان ته ڳالهائي سگهجي ٿو نه؟
چيائين؛ مٺي کي ئي ته ڪڙو لڳندو آ. بسنت کي بر بڻايو اٿن.، سچ پڇين ته ٽانگر مان ٽوهَه بڻجي پيو آهيان. لڙڪن کي لِڪايو ويٺو هان. مُک تي جي مسڪراهٽ آهي ته اندر اَڌ آهي. گلابن سان خار به هوندا آهن، زخمي آهيان ۽ هنڌان هنڌان. مان Misfit آهيان، مان Misfit آهيان.
چيم؛ قصور ڪنهن جو ٿيو؟ معاشري جو يا تنهنجو؟
چيائين؛ منهنجو! سؤ فيصد منهنجو. ڇو جو دنيا ته فِٽ آهي نه؟ مان ئي آهيان جو فٽ نه ٿو ٿيان. مان پنهنجي مُنهن ڳالهايان ٿو ضرور، پر چريو ناهيان. تجربا تلخ نه سهي، خوشگوار به ناهن، اکيون مسڪرائين ٿيون، اشڪبار به ناهن.

دوست کي ٻڌي ۽ ڏسي، ڏاڍو ڏک رسيو. هي اهڙو هيو ته نه، ماڻهن جي روين، کيس ائين ڪري ڇڏيو آهي. افسوس! صد افسوس!

No comments:

Post a Comment