Thursday, December 12, 2024

گڏھ کي مغز ڪٿي ھوندو آ؟ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

مائيڪل اينجلو

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار

سنڌيڪار؛ انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙي لومڙي، ھڪڙي گڏھ کي بادشاھ ٺاھڻ جو ڏٽو ڏيئي، شينھن وٽ وٺي آئي. شينھن، بيوقوف گڏھ کي، بنا پڇا چنبو ئي ھڪ ھنيو ته ڍيري ٿي پيو. پٽ تي ڪرڻ کان اڳ، کيس چيري ڦاڙي رکيائين. سندس سڄو گوشت کائڻ بعد، جڏھن کوپڙي پئي کاڌائين ته منجھس مغز کيس نظر نه آيو. ميڄالي جو چور لومڙيءَ کي سمجھندي، کانئس ترش لھجي ۾ پڇيائين؛ ”اڙي! ھن جو ميڄالو ڪاٿي آھي؟“

Wednesday, December 11, 2024

فقير، چپل، سيلفي ۽ مان -جبار آزاد منگي

فقير، چپل، سيلفي ۽ مان

ننڍڙي ڪھاڻي

جبار آزاد منگي



تمام گهڻن مھينن کان، هُن کي پيرين اگهاڙو گهمندي ڏسندو هيس، هڪ دفعي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وھي پيا، جو کيس سخت گرمي ۽ تپش ۾ ڏامر جي روڊ تي پيرن کي بچائيندي ڏٺم! تازي پگهار کيسي ۾ پيل هئي، سوچيم ته خير جو ڪم ڪريان ۽ هن درويش کي هڪ چپل وٺي ڏيان، پر پنھنجي گهر جو خيال آيو، جن ڀاتين کي سياري جي موڪلن ۾ ملڪ جي مختلف شھرن ۾ گهمائڻ جو واعدو ڪيو آهي، جنھن لاءِ خرچ گهرجي! ۽ مون فقير کي چپل وٺي ڏيڻ جو خيال دل مان ڪڍي، پنھنجي اکين مان وهندڙ ڳوڙها اگهندو گهر هليو آيس.

Monday, December 9, 2024

ڇا مطلب؟ - حزب الله آءِ سومرو

ڇا مطلب؟

ننڍڙي ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: حزب الله آءِ سومرو



“ڪتا..... تو وٽ آهي؟”

ڪتاب گھر واري کان پڇيم پر ھن ھڪدم اچي مڪ وھائي ڪڍي. چيائين؛ “تو مون کي ڪتو چيو؟”

چيم؛ ”يار! رسول ميمڻ جي ناول’ڪتا‘ بابت پڇيم ته اھو ڪتاب تو وٽ آهي؟”

چيائين؛ ”نه، اسان وٽ اھو نه آيو آهي اڃا!”

وري ٻئي بوڪ اسٽال تي آيم، کيس چيم؛ ”رنڊيء جي ڌيءُ تو وٽ آهي؟”

ڪاوڙ مان چيائين؛ ”تميز سان ڳالھاءِ!”

Saturday, December 7, 2024

سڀ رنگ ميلو - منظور ڪوھيار

سڀ رنگ ميلو

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



هوٽل جي مانڊڻيءَ تي ڪکو خان ڪنهن گهري سوچ ۾ ويٺو هيو۔ ڏسي ٽوڪيومانس ته: ”چانھ ٿڌي ٿي ٿيئي، پي ڇڏ!”

“چانھ جو خير آهي، هڪڙي صلاح ته ڏي!”

“ڪهڙي؟”

Wednesday, December 4, 2024

ارپنا - سيف نياز

ارپنا

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



هو هڪ آڙيڪاپ ڪهاڻيڪار آھي!

ڪهاڻين لکڻ ۽ لفظن جي جادوگري ڪرڻ ۾ ڪمال حاصل اٿس.

اهڙيون جذباتي ۽ احساساتي ڪهاڻيون لکندو آھي جو پڙھندڙ تڙپي پوندا آھن.

هڪ ٻئي پٺيان ڪافي ڪهاڻيون لکي رسالن کان وٺي فيسبوڪ تائين مشھوري ماڻي چڪو آھي!

ڪافي ڇوڪريون سندس ڪهاڻين کان متاثر ٿي رابطي ۾ آيس ۽ انهن مان ٽي چار ڇوڪرين سان هڪ ئي وقت پيار ڪري ٿو......!!!!!!

چوندو آھي: ”دل سمنڊ آھي ۽ ڇوڪريون ڇوليون... سمنڊ ۾ ڪا هڪ ڇولي ته نه هوندي آھي!“

ڇوڪريون هن لاء بي چين ۽ بيقرار رهنديون آھن.

Tuesday, December 3, 2024

ويھ تولا سون - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ويھ تولا سون

مختصر ڪھاڻي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



رفيه موبائل جي گهنٽيءَ تي ننڊاکڙين اکين سان فون ڏي هٿ وڌائيندي سست نموني سان چيو، ”هيلو!!“

سامهون جو آواز ٻڌي کن پل ۾ ننڊ اڏامي ويس، سندس سڀ کان سٺي ۽ پياري ساهيڙي شهناز جو فون هو. هوءَ گهڻيون ساهيڙيون ڪڏهن به ڪونه رکندي آهي، فقط ٻه يا ٽي جيڪي دل کي سيبائيندڙ، صلاح مشوري ۽ خيال شيئر ڪرڻ سان گڏ رازدار ۽ پر خلوص هجن، شهناز جو شمار انهن ۾ ئي هو. هوءَ سندس ننڍپڻ جي ڪلاس فيلو ۽ دِل گهري دوست رهي آهي، ان کانسواءِ سئي گئس ڪالونيءَ جون ٻه ساهيڙيون به اٿس هن جو گهر وارو سئي گئس ڪمپنيءَ ۾ آفيسر آهي، سندس رهائش گذريل ويهن سالن کان سئي گئس جي ڪالونيءَ ۾ آهي، هتي عورتون شادين، غمين، موقعن مهلن تي ميل ميلاپ سان گڏ هر ٻئي مهيني”ڪميٽي پارٽي“، ”افطار پارٽي“، ”عيد ملن پارٽي“، ”پروموشن پارٽي“ نموني جون دعوتون ڪنديون آهن، جن ۾ سڀ آفيسرن جون زالون شرڪت ڪن ٿيون. ائين هتي به رازدار ساهيڙيون پاڙي ۾ هئس.

شهناز سان خير عافيت ڪندي کيس هوءَ فڪرمند لڳي هڪدم پڇيائين، ”شهني! ڪجهه پريشان پئي لڳين؟“

ڪهاڻي ڪتاب “وِيهه تولا سون” جو اڀياس - محمد صديق منگيو

ڪهاڻي ڪتاب “وِيهه تولا سون” جو اڀياس

ڪتاب تي تبصرو

محمد صديق منگيو



سنڌي ڪهاڻي، ته انگريزن جي اوائلي دور کان، ميران محمد شاهه (اول) جي (ترجمو ڪيل) ڪهاڻي “سڌا تورو، ڪڌا تورو” کان لکي پئي وڃي، پر جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر لعل چند امر ڏني مل جي ڪهاڻيءَ “حر مکيءَ جا” کان شروع ٿئي ٿو، جيڪا ۱۹۱۴ع ۾ لکي وئي، ان هڪ صديءَ جي سفر ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا ۽ ڪيترن تجربن مان گذري آهي، پر ان جو سفر ڪڏهن به جهڪو ۽ جهيڻو نه ٿيو ۽ اهو ٿيڻو به ڪونهي، اڄ به سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي صنف جو پاسو سگهارو آهي، اڄ به ملڪ جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڪهاڻي نه رڳو معياري ۽ جهجهي انگ ۾ لکي پئي وڃي پر ان جو رنگ به چوکو آهي، اڄ به سنڌي ڪهاڻيڪارن جي سٿ مان گهڻن کي ڇڏي، ڳڻڻ جهڙن ميچوئر ۽ سيبتن ڪهاڻيڪارن جو انگ ڏسبو، ته سنڌي ڪهاڻيڪارن جو ايترو انگ، ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ وارن دورن ۾ ڪڏهن به نه رهيو آهي، سينيئر ڪهاڻيڪارن کان سواءِ جتي نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن جي کيپ تخليقي پورهيو ڪري پئي، اُتي نئون تخليقي جوهر به دريافت ٿئي پيو، اها سرهائي جوڳي ڳالهه آهي، اڄ به وڏي شاهڪار ڪهاڻي لکي پئي وڃي. اڄ به سنڌي ڪهاڻيءَ جي اعليٰ روايتن کي ڇيهو نه رسيو آهي. بس ڪا کوٽ آهي، ته نقادن ۽ پڙهندڙن جي کوٽ آهي، اڄ جي سنڌي ڪهاڻيڪارن جي ڪُڻي ۾ ڪو به نقاد نه آهي، دل جي اکين سان پڙهندڙن جي اڻاٺ آهي!

Sunday, December 1, 2024

جادوئي گندڙو - برنارڊ ميلامڊ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جادوئي گندڙو

(آمريڪي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار؛ برنارڊ ميلامڊ

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



نيويارڪ جي ھڪڙي نالي واري يونيورسٽيءَ جي مذھبي تعليمات جي شعبي ۾ ھڪڙو ھوشيار شاگرد، ڪن سالن کان تعليم پرائي رھيو ھيو. پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگريءَ ۾، ٿورو وقت وڃي بچيو ھيس. يونيورسٽيءَ جي ڊين کيس صلاح ڏني ته جيڪڏھن سندَ وٺڻ کان پھرين ھو پرڻجي ته مستقبل ۾ سندس ترقيءَ جا موقعا گھڻا نڪري ايندا. انھيءَ شاگرد جو نالو فرينڪل ھيو. سندس عمر، ستاويھ ورھيه ھئي. ڪتابي ڪيڙو ھيو، جنھن ڪري کيس سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ ويساند نه ھئي. ديني علمن منجھ کوڙ سارو عبور حاصل ڪري چڪو ھيو، ليڪن انفرادي توڙي اجتماعي ميل جول رکڻ ۾ کوڙ پوئتي ھيو. جڏھن ڊين کيس پرڻي جو مشورو ڏنو ته سندس اڳيان انڌو کوھ ھيو. ھو نيويارڪ جي مٿانھين علائقي جي ھڪڙي جھوني عمارت جي چوٿين ماڙ تي رھندو ھيو. کيس خيال آيو ته ان مقصد لاءِ اخبارن ۽ رسالن جو سھارو وٺجي. انھيءَ اپرانڌ، سندس نظر، ھڪڙي اخبار جي حصي تي پئي، جيڪو ٻه-سٽو ھيو. اھو ’ضرورت رشته‘ جو اشتھار ھيو، جنھن ۾ ميرج بيرو جي مالڪ سالزمن، ھر ڪنھن جي لاءِ موزون رشتن جو بندوبست ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي. ھن، پنھنجي اشتھار ۾ ڪو به ٽيليفون نمبر نه ڏنو ھيو. صرف ايڊريس ڏني ھيائين ته رابطو خط پٽ ذريعي ڪيو وڃي. فرينڪل، پنھنجي باري ۾ ضروري ڄاڻ، جھڙوڪ؛ سندس حيثيت، تعليم، ڪمائي، توقعاتون، رتبو ڪھڙو آ ۽ ڊگري وٺڻ ۾ آخري منزل تي آ وغيره، موڪلي ڇڏي. ھفتي کان پوءِ، سندس خط جو جواب آيو. ميرج بيورو جي سالزمن، کيس پاڻ وٽ گھرايو ھيو ته روبرو ملاقات ٿي سگھي ۽ سندس پسند مطابق، رشتو ڳولي سگھجي.

Monday, November 18, 2024

پوياڙيءَ جا پاڇا - رزاق سھتو

پوياڙيءَ جا پاڇا

مختصر ڪھاڻي

رزاق سھتو



مونن ۾ منھن ھنيو، پيريءَ ۾ وجود کي وڪوڙيل بيمارين کان بيزار، ڪِنجِهي ۽ ڪُڻڪَندڙ، دم جي مريض جيان ساھُ کي سٽ اٿس. واندڪائي ۾ ويٺو سوچي، ماضيءَ جي ياد ڪر موڙيو ته اکيون آليون ٿي پيس. نرڙ تي پيريءَ جا گهنج پر پوءِ به چھري تي چمڪ اٿس. هٿ وڌائي ڀر ۾ رکيل ريڊئي جو واليم کوليائين. فرمائشي پروگرام ھلي رھيو ھو. هڪ، ٻن ڪلامن کانپوءِ انائونسر چوي ٿو؛ ”سامعين پنھنجي پسند تي وائي ٻڌندا، آواز جڳ مشھور ۽ ڄاتل سڃاتل.“

سازن جا آواز اڀرن ٿا. ڳائيندڙ سريلي ۽ مڌر آواز سان ٻول چپن سان چوري ٿو. ھن پوڙھي ڪلاڪار جي گَهري سچ جي سمنڊ ۾ ماضي تيز ھوا بڻجي لھرن جو روپ ڌاري ڪناري ڏانھن ڪاھ ڪري ٿو.

Monday, November 11, 2024

ناول سنڌ پرينءَ سان جو اڀياس

ناول سنڌ پرينءَ سان جو اڀياس

خادم رند



“سنڌ پرينءَ سان” ناول سينئر سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪ ڀائو درمحمد ٻرڙي جو لکيل آھي. ڀائو جيتوڻيڪ وڏي عرصي کان مختلف عنوانن تي قلم کڻندو رھيو آھي پر ھن پهريون ڀيرو ناول جهڙي اھم ۽ ڏکي صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي.

“سنڌ پرينءَ سان” ناول بابت ليکڪ پنھنجي پاران ۾ ڄاڻائي ٿو ته “جوانيءَ جي جذبن، احساسن، اُمنگن، ڪجھ ننڊ ڪجھ جاڳ جي خوابن جي تعبير کي لفظن جي مالھا پارائي، پنھنجي ڌرتيءَ جي ماڳن، مڪانن جي سونھن ۽ سوڀيا ڏيکارڻ جي ڪجھ ڪوشش ڪئي آھي”.

ناول “جيتامڙو” ھڪ جائزو - مشتاق جروار

ناول “جيتامڙو” ھڪ جائزو

مشتاق جروار



ٻولي ۾ ترجمن جي تمام گهڻي اھميت آھي ترجمن سان دنيا جو علم ھڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ھڪ قوم کان ٻي قوم ڏانھن منتقل ٿئي ٿو، جنھن سان ھڪڙي قوم ٻي قوم جي نفسيات، ثقافت، ۽ سوچن، خيالن کان واقف ٿئي ٿي ۽ ان جي ڪيل تجربن، ڪاميابين ۽ ناڪامين مان سکڻ سان گڏوگڏ ان قوم جي علمي خزاني ۾ اضافو ٿئي ٿو. سنڌي ٻولي ۾ شروعاتي دور ۾ مرزا قليچ بيگ عالمي ادب جي ڪتابن جا تمام گهڻا ترجما ڪيا، جنھن سان سنڌ جا ماڻھو انگلينڊ جرمني، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي ادب، علم کان واقف ٿيڻ سان گڏوگڏ ٻين قومن جي نفسيات، ثقافت، سوچن ۽ خيالن کان واقف ٿيا ٿي جنھن کان پوءِ سائين ابراھيم جويي، نورالدين سرڪي، رسول بخش پليجي ۽ سنڌ جي ٻين ڏاھن عالمي ٻولين جي ترقي پسند ادب جي شاھڪار ڪتابن جا ترجما ڪيا جن سان سنڌي پڙھندڙ جي سوچن خيالن کي تبديل ڪيو، ھينئر به سنڌي ٻولي ۾ ادب، سياست، تاريخ، فلسفي جي بھترين ڪتابن جا ترجما ٿي رھيا آھن جيڪي سنڌي جي علمي خزاني ۾ اضافو ڪري رھيا آھن. تازو سنڌي ۾ تمام سٺا ناول ترجما ٿيا آھن، جنھن ۾ ڊاڪٽر گل جو ترجمو ٿيل ڪتاب جيتامڙو به ھڪ آھي، جيڪو ڪافڪا جي ناوليٽ Metamorphosis جو ترجمو آھي، جيڪو صنعتي ۽ مشينري دور اچڻ سان ماڻھن جو ھڪ ٻئي سان تبديل ٿيندڙ رويي تي آھي ھن ناوليٽ جي ڪھاڻي ھڪ ڪلارڪ گريگر سيمسا جيڪو ڪنھن بيماري سبب جيتامڙو ٿي وڃي ٿو، جي ۽ ان جي خاندان جي چوڌاري ڦري ٿي.

موهن جو دڙو - جهانگير عباسي - عبدالڪريم چنا

موهن جو دڙو – ڪھاڻي ڪتاب جو جائزو

جائزو: عبدالڪريم چنا

نالو: موهن جو دڙو

صنف: مختصر ڪهاڻيون

مرتب: جهانگير عباسي

صفحا: ۲۷۲... قيمت: ۵۰۰



انگريز دور ۾ جنهن وقت موئن جو دڙو جي کوٽائي شروع ٿي ته سنڌ کي دنيا اندر هڪ نئين سڃاڻپ ۽ مڃتا ملڻ شروع ٿي ۽ سنڌين به پنهنجي قديم سڀيتا ۽ ثقافت تي فخر ڪرڻ شروع ڪيو. آثارِ قديمه جي ماهرن پاران مختلف دورن ۾ کوٽائي ٿيندي رهي ۽ نيون نيون ڳالهيون سامهون اينديون رهيون. اڄ تائين مڪمل کوٽائي نه ٿي سگهڻ ۽ قديم نشانين جي ڀاڃ نه ٿي سگهڻ سبب هن وڏي شهر جي ماڻهن، انهن جي ٻولي، رهڻي ڪهڻي، ثقافت، مذهب ۽ حڪمراني جي طريقي وغيره بابت مڪمل مستند ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. ان صورتحال ۾ جڏهن هن عظيم سڀيتا کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ته ان ۾ کوڙ مختلف ۽ انومانن ڀريون ڳالهيون سامهون اينديون آهن. هر ليکڪ پنهنجي تصور، تخيل ۽ تاريخي مطالعي موجب ڪهاڻيءَ ۾ خيال پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. انهن افسانن کي تاريخي حقيقت ڪري ته هرگز نه ٿو وٺي سگهجي پر انهن لکڻين مان ليکڪن جي هن قديم عظيم سڀيتا سان محبت، ان تي فخر، ۽ ان جي رازن کي پروڙڻ جي اڻ تڻ جي پرک ضرور پوي ٿي. سنڌو سڀيتا جي هن عظيم وسنديء تي ڪيترا ئي افسانا لکجي چڪا آهن. تازو ئي محترم جهانگير عباسي پاران “موهن جو دڙو” جي نالي سان هڪ ڪتاب ترتيب ڏئي شايع ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ هن عظيم سڀيتا جي پس منظر ۾ ايڪيھ مختلف ڪهاڻيڪارن جون ايڪيھ مختصر ڪهاڻيون شامل آهن. جهانگير عباسي موجب هن ڪتاب جي پبلشر جي ذاتي دلچسپيءَ سبب موهن جو دڙو سان لاڳاپيل وڌيڪ ڪهاڻيون هٿ ڪري انهن کي الڳ سان نئين ڪتاب ۾ ترتيب ڏئي ڇپائڻ جو منصوبو پڻ آهي.

Sunday, November 10, 2024

هڪڙي عورت - اورحان ڪمال - بخشل باغي

هڪڙي عورت

تُرڪ ڪهاڻي

ڪھاڻيڪار: اورحان ڪمال

سنڌيڪار: بخشل باغي



*وونئڻن جي فصل ۾ جيسيتائين نظر ٿي وئي پندرهن ويھ مزدور مرد ۽ عورتون نظر اچي رهيا هئا. اهي ووئڻن جي ٻوٽن اڳيان ڦُٽي پيل جهنگلي ٻُوٽن ۽ جهاڙين کي صاف ڪري رهيا هئا. گڏوگڏ چونڊو به ڪري رهيا هئا.

اُس جي تيز تاءُ ۾ گر۾ ۴۱ سينٽي گريڊ تائين پهچي چڪي هئي. لوءِ لڳندڙ هوا ۽ ڌُوڙ ۾ ويڙهيل آسمان تي ڪو به پکي نٿي اُڏريو.

پورٽريٽ ٿيل پيڙا ڪھاڻي ڪتاب جو تجزيو

پورٽريٽ ٿيل پيڙا

مختيار جمالي جي ڪهاڻي ڪتاب ۾ "پورٽريٽ ٿيل ڪهاڻيون"

دريا خان شنباڻي



ڪي سال اڳ مون ماڻڪ جو ناول "ساھ مٺ ۾" پڙھيو ۽ پڙھندي ائين پي لڳو ڄڻ منهنجي وجود کي به ڪا اڏوهي لڳي هجي ۽ هيڏانهن ناول مڪمل ڪندس هوڏانهن منهنجو اڏوهي لڳل وجود اڏوهي کاڌل ڪاٺ جيان هيٺ ڪري پوندو ۽ ذره ذره ٿي پوندس. ان ناول جي سحر مان، مان اڄ تائين نڪري ڪونه سگهيو آھيان.

مينڊل جو قانون - جميل احمد پال - ننگر چنا

مينڊل جو قانون

پنجابي ڪهاڻي

ڪهاڻيڪار: جميل احمد پال

سنڌيڪار: ننگر چنّا



“مينڊل اڄ کان ڪي ڏيڍ سَو سالَ اڳ هڪ پادري ٿي گذريو آهي، هُنَ مَٽَرَ جي ٻُوٽي ۽ ٻِجَ تي ڪي تجربا ڪيا هئا، جَنِ مان وراثت جي باري ۾ اَمُلهه ڄاڻَ ملي. اڄ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪو به ٻارُ ماءُ پيءُ منجهان ڪھڙيون وَٿون وراثت ۾ وٺندو. جيئن جيڪڏهن پيءُ ماءُ مان ڪو هڪ قَدَ جو مَنڌرو ۽ هڪ ڊگهو هجي ته چئن مان ٽن ٻارن جا قَدَ ڊگها هوندا. ائين ئي سايُون اکيون پَرڌانُ ٿينديون آهن. ماءُ پيءُ منجهان هڪ جون اکيون سايون هجن ته چئن مان ٽن ٻارن جون اکيون سايون هجڻ جو امڪان آهي.....”

امر لغاري جو ناول موکي تي رِويو - ڪريم لغاري

امر لغاري جو ناول موکي تي رِويو

مون اندر عميق ۾ اوتيو ڪيئن؟

ڪريم لغاري

تخليق سدائين ٽڙيل گلابن جي خوشبو هوندي آهي, ان جي عمر تي ناهي ڳالهائبو. ان ڪري ايئن ڇو چئجي ته هي ناول ڪڏهن لکيو ويو ۽ اسان ڪڏهن پڙهيو منهنجو مطلب آهي ته تخليق ان شئي جو نالو آهي جيڪا سدائين ڪنواري هجي ۽ جوان هجي.

نذار قاباني جي انهن سٽن جيان ته هن سان مون کي محبت ان ڪري به هئي ته هو جڏهن به موٽي تڏهن سدائين جيان ڪنواري هئي.

جمال ابڙو جي ڪھاڻين جو اڀياس

جمال ابڙو جي ڪھاڻين جو اڀياس

جامي چانڊيو



زندگي ڪھاڻين جي تسلسل جو ئي نالو آھي ۽ ڪا به ڪھاڻي غير اھم ناھي ٿيندي، شرط رڳو اھو آھي ته اُھا سمجھڻ، بيان ڪرڻ ۽ ان مان سکڻ جو ڏانُ اچي ڇاڪاڻ ته ڪھاڻي زندگيءَ جي پنھنجي يا پرائي ڪنھن تجربي يا مشاھدي جي تخليقي بيانَ جو ئي نالو آھي. ڪھاڻيءَ جي اُڻت جو ڪمال اِھو ئي ھوندو آھي ته اُھو تجربو يا مشاھدو جي پرائو به ھجي ته به پنھنجو پيو لڳندو آھي. ڪھاڻيءَ جو دنيا ۾ ڪو ھڪ گھاڙيٽو نه آھي ۽ نه وري ٿي سگھي ٿو. ڪھاڻي مشاھداتي، تجرباتي ۽ تخيلاتي ٿي سگھي ٿي. عام طور ڪھاڻي ھڪ زمان ۽ مڪانَ جي وحدت ۾ نسرندي آھي پر ڪھاڻيءَ يا افساني ۾ زمانَ ۽ مڪانَ کان ماورائيت به ھڪ حقيقت جو روپ وٺي سگھي ٿي. مشاھدو ته ھر صورت ۾ خارجي ٿيندو آھي پر تجربو بنھ داخلي به ٿي سگھي ٿو، تخليلاتي به ٿي سگھي ٿو ۽ احساساتي پڻ، انھيءَ ڪري ئي ته انکي افسانويت چيو ويندو آھي، جنھن جو مطلب آھي فُسون يعني دل مان گھڙيل ڳالھ. انڪري ڪھاڻي حقيقي به ٿي سگھي ٿي ۽ تخيل جي تجربي يا مشاھدي ۾ آندل پڻ. جمال ابڙي جون ڪھاڻيون پڙھي اھو فيصلو ڪرڻ نھايت ڏکيو آھي ته اُھي ھن ٻُڌل يا مشاھدي ۽ تجربي ۾ آيل ڪھاڻيون قلمبند ڪيون آھن يا اھي نج تخيلاتي آھن، ٻنھي صورتن ۾ ماڻھو ھن جي ڪھاڻيءَ جي اُڻت ۽ بيان جي غير معمولي تخليقي صلاحيت تي حيران ٿيڻ کانسواءِ رھي نه ٿو سگھي. ھونئن به غير معمولي فن جي وصف اھا آھي ته اھو حيرت ئي پيدا ڪندو آھي. مان سمجھان ٿو ته سائين جمال ابڙي جون ڪھاڻيون مشاھدي، تجربي ۽ تخيل جو تخليقي امتزاج آھن.