ويھ تولا سون
مختصر ڪھاڻي
ڊاڪٽر پروين
موسيٰ ميمڻ
رفيه موبائل جي گهنٽيءَ تي ننڊاکڙين
اکين سان فون ڏي هٿ وڌائيندي سست نموني سان چيو، ”هيلو!!“
سامهون جو آواز ٻڌي کن پل ۾ ننڊ
اڏامي ويس، سندس سڀ کان سٺي ۽ پياري ساهيڙي شهناز جو فون هو. هوءَ گهڻيون ساهيڙيون
ڪڏهن به ڪونه رکندي آهي، فقط ٻه يا ٽي جيڪي دل کي سيبائيندڙ، صلاح مشوري ۽ خيال
شيئر ڪرڻ سان گڏ رازدار ۽ پر خلوص هجن، شهناز جو شمار انهن ۾ ئي هو. هوءَ سندس ننڍپڻ
جي ڪلاس فيلو ۽ دِل گهري دوست رهي آهي، ان کانسواءِ سئي گئس ڪالونيءَ جون ٻه ساهيڙيون
به اٿس هن جو گهر وارو سئي گئس ڪمپنيءَ ۾ آفيسر آهي، سندس رهائش گذريل ويهن سالن
کان سئي گئس جي ڪالونيءَ ۾ آهي، هتي عورتون شادين، غمين، موقعن مهلن تي ميل ميلاپ
سان گڏ هر ٻئي مهيني”ڪميٽي پارٽي“، ”افطار پارٽي“، ”عيد ملن پارٽي“، ”پروموشن پارٽي“
نموني جون دعوتون ڪنديون آهن، جن ۾ سڀ آفيسرن جون زالون شرڪت ڪن ٿيون. ائين هتي به
رازدار ساهيڙيون پاڙي ۾ هئس.
شهناز سان خير عافيت ڪندي کيس
هوءَ فڪرمند لڳي هڪدم پڇيائين، ”شهني! ڪجهه پريشان پئي لڳين؟“
”رفي، ڇا ٻڌايان؟ ڪم واري مائي
سڀ سونا زيور چوري ڪري وئي آهي ۽ شڪ نه، پر يقين آهي ته ان ئي کنيا آهن کيس جيل ۾
به وجهرايو آهي، پر قسمن مٿان قسم پئي کڻي. پوليس کي ته اچي تماشو لڳو آهي، هڪڙا
پئسا انهيءَ کان پئي ڦري ٻيا وري اسان جي گهر جا ڦيرا پئي کائي ته جيئن اسان وٽان
چانهه پاڻي نڪري مون کي ٿورو ڊپ به پيو ٿيئي جي انهيءَ وٽ چوري ناهي ته پوءِ ڪا
اسان کي بددعا نه لڳي، رب به الائي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي“،
”نثار چوي ٿو ته هن ماسيءَ
کانسواءِ ڪير ٻيو ماڻهو آهي به ڪونه ۽ ٻيو ته ڪمري ۾ به هيءَ هڪ ئي ايندي آهي.
باقي جي اڇو منهن ڪيو اٿس ته پوليس چيو آهي ٻن ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي“.
رفيه سندس سڄي ڳالهه تحمل سان ٻڌندي
چيس، ”شهناز! مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته نوڪرياڻيءَ کي ڪهڙي خبر ته تون زيور ڪاٿي ٿي
رکين؟ ڇا تون ان جي سامهون ڪڍندي هئين؟“
”اها ئي ساڳي ڳالهه پوليس انسپيڪٽر
ڪئي، ڇا تون پوين جنم ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل هئين ڇا؟“
رفيه ٽيلفونڪ ماحول جي ڳنڀيرتا
کي گهٽائيندي چيو، ”ڏس! راڻي اها ته عام عقل جي ڳالهه آهي، منهنجي ۽ پوليس جي ڪا
به هوشياري ڪونهي، توکي ته خبر آهي ته انهن ڪم ڪندڙ ماسين جي گهرن جي اٿي ويٺي ۽
ماحول ڪهڙي قسم جو هجي ٿو. نشائي مرد روز ماين کي موچڙا ڪُٽ ڪن جو کين نشي لاءِ
پئسو گهرجي، سندن ٻارن ۾ به ڪا تهذيب ۽ تميز ڪونهي، ان کانپوءِ هر ماسي ٻن ٽن گهرن
۾ ڪم ڪندي به پندرهن کان ويهن هزارن تائين مَس ٿي ڪمائي، آخر اهي ايترو پئسو ڪاٿئون
آڻين، جو هن مهانگائيءَ جي جِنَ کي منهن ڏين ته گڏ مردن جي نشي جي پئسي جي پورت ڪن،
مار موچڙي کان پوءِ اهي عورتون ايتريون ته بي حس ٿي وينديون آهن جو ڪجهه به ڪري
سگهن ٿيون. هٿ جي صفائي ڏيکارڻ ته سندن لاءِ ساڄي هٿ جي راند آهي“،
شهناز ذري گهٽ روئڻ هارڪي آواز
۾ چيو ته، ”رفي، توکي خبر آهي امان جيڪو منهنجي ڏاج لاءِ ادا ڪاشان کان دبئيءَ مان
ڳرو سونو سيٽ گهرايو هو. ماسي نعمت اهو به پار ڪري وئي، ڏس ته سهي نڀاڳي ڪيتري نه
چالاڪ نڪتي، وڏي پوتي پائي پاڻ کي ڍڪي ايئن خود کي نيڪ پروين ظاهر ڪندي هئي ڄڻ ان
کان وڌيڪ ڪو امانت دار ئي ڪونهي، آئون ته سڄو گهر سندس حوالي ڪندي هيس. امان مون
کي اڪثر چوندي رهي،
”شهني پنهنجو ڪمرو بند ڪري
ويندي ڪر“. پر منهنجو هڪڙو ئي جواب هوندو هو ته ”امان! ماسي نعمت اهڙي ڪانهي جهڙي
توهان سمجهو ٿا!“. وڏي ڳالهه توکي ته خبر آهي ته نثار ڪيترو آرام ۽ اهتمام سان
آفيس تيار ٿي ويندو آهي. آئون ڪمرو بند ڪري جي ڊيوٽيءَ تي وڃان ته پوءِ هن کي نه
فقط ڏکيائي ٿيئي، پر گڏ بڇان به ڏاڍي اچيس. هن کي ته انهن ڪم وارين ماسين لاءِ
ايترو ته سافٽ ڪارنر آهي جو سدائين چوندو، ”ويچاريون اهي غريب محنت ڪش مايون ڇا
کائين ٿيون؟ ڇا کڻي وڃن ٿيون؟ وري توهان بي اعتباري به ڪيو ته سندن عزتِ نفس مجروح
ڪونه ٿيندي؟“
رفيه ساڪت ٿي سندس روئداد پئي ٻڌي
وري روئڻهاري آواز ۾ چوڻ لڳي، ”هاڻي سندس جي اعتبار مون سان هيءَ حالت ڪئي آهي گهٽ
۾ گهٽ ويھ تولا سون جو زيور کڄي ويو آهي. تون ٻڌائي اڄ جي دور ۾ ويھ تولا سون جي ڪيتري
قيمت آهي؟ نڀاڳي هڪ ٻه شيون کڻي ها ته به روئي روئي ايترو بي حال نه ٿيان ها!“ سڄو
هفتو رُني آهيان فقط چار چوڙيون ۽ ٻه ٽي منڊيون بچيون اٿم. امان به لاڙڪاڻي مان
مون وٽ آئي آهي. امان ۽ بابا ئي صلاح ڏني ته مائيءَ کي پوليس ۾ ڏيو نثار ته ذرو
راضي ڪونه هو. بس يار تون دُعا ڪر ته ڪو سامان ورائجي ملي ۽ ڪا ڪم واري به ڏيار“.
رفيه سڄي سراپجي وئي. کيس
اندازو ئي ڪونه هو ته شهناز جو ڪو ويهن تولن جو نقصان ٿي ويو آهي. ٻي ڳالهه ته وٽس
هاڻي هن وقت ڪا ڪم واري به ڪونهي آفيس مان هفتي جي موڪل ورتي اٿائين، گهر جو سڄو ڪم
مٿس ڪري پيو آهي. هوءَ کيس تسلي ڏيندي چوڻ لڳي، ”شهناز! آئون پوري ڪوشش ڪنديس ته
توکي ڪا سٺي ماسي ڏياريان، پر ڪجهه ڏينهن صبر ڪر، جو پوليس توهان سان رابطي ۾ آهي
نئين ماسي متان ڊڄي ڪم ڇڏي وڃي“.
”ها! رفيه بلڪل سورنهن آنا سچ ٿي
چوين. هن وقت امان به موجود آهي ۽ مون موڪل به ورتي آهي چند ڏينهن گذرن پوءِ ڪوشش ڪجانءِ“.
”شهني تون ڪو به فڪر نه ڪر همٿ
۽ حوصلو نه ڇڏ الله سڀ سڻائي ڪندو، انشاءَ الله چوري ملي ويندي. اهي ماسيون سڀ سٺيون
ناهن هونديون، منهنجا به ٻه ٽي تلخ تجربا ٿيا آهن، ياد ڪونه اٿيئي ڇهه ست سال اڳ
مون توکي ٻڌايو هو ته جڏهن آئون منهنجو ننڍڙو راشد کڻي نرسريءَ ۾ ڇڏي پريان ڪاليج
ويندي هيس، تڏهن جلدي صبح جو گهران نڪرڻ مهل مون کان به بي ڌياني ٿي ويندي هئي.
پرس ۾ پئسا رکڻ لاءِ الماڙيءَ جي دراز کوليندي هيس، اها ماسي زڪيا ٻه ٽي دفعا ڏسي ڇڏي
۽ کيس اها به خبر پئجي وئي ته آئون چاٻيون ڪٿي ٿي رکان! مون ڪو فڪر ڪونه ڪيو جو
آئون زڪيا تي انڌو اعتماد ڪندي هيس، ظاهري طور هوءَ ڪم به دل و جان سان ڪندي هئي،
وڏي ڳالهه راشد کي به ڏاڍو ڀائيندي هئي. مون کي ڪڏهن وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته
آئون ڪنهن تقريب يا اوڙي پاڙي يا مرڻي پرڻي وڃان ٿي ته هوءَ پويان ان مان ڪجهه نه ڪجهه
پئسا پار پئي ڪري. جڏهن منهنجو شڪ پَڪَ ۾ بدلجي ويو. تڏهن پوءِ هڪڙو ئي ڪم ڪيم جو
بهانو بنائي کيس فارغ ڪيم، سهيل ته ناراض ٿيو ته هاڻي بک مري وينداسين. روز ماني
تيار ڪونه هوندي، ڇو پنهنجي دشمن ٿي آهين؟. پر مون به پڪو ڪم ڪيو پهريائين هڪ سٺي
مائي ڳولهي پوءِ زڪيا مان هٿ ڪڍبو. وڃڻ مهل يقين ڪر ماسي زڪيا ايتريون ته منٿون ڪيون
ته:
”مون کي توهان جو آسرو آهي مون
کي نه ڪڍو“ پر آئون پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهيس، ٻن ٽن مهينن ۾ چاليهارو هزار چورائي
وئي، هاڻي تون ٻڌائي اهڙيءَ ماسيءَ لاءِ ڪٿان دِل جي ڪشادگي آڻيان جا روز روز چوري
ڪري ”ڪني آڱر وڍي ڀلي“، سو راڻي ڪنهن کي به اندر نه ڏجي پنهنجي شيءَ جي حفاظت ڪرڻ
پاڻ جو ئي ڪم آهي. پاڻ به نوڪرين ۾ اهڙيون قابو ٿيون آهيون ڄڻ انهن اڳيان پيرن
پيون پئون. تون دلجاءِ ڪر آئون تنهنجي لاءِ دل و جان سان ماسيءَ لاءِ ڪوشش ڪريان ٿي“.
شهناز ٿورائتي ٿيندي چوڻ لڳي،
”بس رفو تنهنجو ئي آسرو اٿم،
صفا بيمار ٿي پئي آهيان ڪم ته پڄي ئي نٿو ڪم لاءِ ماڻهوءَ جي ڪوشش پوري ڪجانءِ“
رفيه ڪلاڪ جي ڊگهيءَ فون
کانپوءِ هٿ منهن ڌوئي ناشتي جي تياريءَ ۾ لڳي اڄ سندس ڪم واري به ڳوٺ ڪنهن شاديءَ
۾ ويل هئي، ٻار به جاڳي ويا هئا. جلدي جلدي هٿ هلائيندي نيرن ٺاهيندي به سندس سڄو ڌيان
شهناز جي چوريءَ واري واقعي ڏانهن هو. کيس ياد اچڻ لڳو ته هڪ ڪليگ کيس ٻڌايو هو ته
هتي ته ماسين جا باقائده گروهه آهن جي سڀ هڪٻئي کي سپورٽ ڪنديون آهن. ڪابه ڪنهن ٻيءَ
جي جڳهه تي ڪم لاءِ ڪونه لڳندي ته متان اڳيئن جي روزيءَ تي لت ڏيڻ سان کيس بد دعا
لڳي. باقي جيڪي به ڏوهه ڪنديون هيون، انهن ۾ کين ڪنهن به پٽ پاراتي يا بددعا جو ڪو
ڊپ ڪونه ٿيندو هو، اهو ڄڻ سندن حق هو. انهيءَ ۾ ڪي ته اهڙيون هيون جي چوريءَ ۽ ڦر
کانسواءِ قتل ڪندي به نه هٻڪن، اهڙين ڪرمنل ماين جا ڪي واقعا ڪراچي، اسلام آباد ۽
لاهور جهڙن شهرن ۾ ٿين ٿا، جتي گهر جي عورت کي کاڌي ۾ ننڊ جي دوا گهٽ مقدار ۾ پوءِ
آهستي آهستي وڌيڪ ڏئي، بعضي زهر ڏيئي گهر مان سڄو قيمتي سامان کڻي وينديون آهن، جن
سان گڏ ڪي مرد به ملوث هجن ٿا، اهڙو هڪ واقعو سندس ڪليگ ٻڌايو ته رفيه جا ته لونءَ
ئي ڪانڊارجي ويا. هوءَ ڏاڍو ڊڄندي هئي سندس ڪالوني محفوظ هئي گيٽيڊ ڪالوني ۽ ٻاهر
گارڊ هئڻ سبب انهن جي آس پاس ڪو به ناخوشگوار واقعو ڪڏهن پيش ڪونه آيو.
سڀني کي ناشتو ڏيئي وري فون کڻي
شهناز لاءِ ماسيءَ جي ڳولها لاءِ فونون ڪرڻ لڳي، اڄ سهيل به موڪل هئڻ ڪري گهر ۾
موجود هو ۽ هن اخبار پڙهندي به رفيه ۽ شهناز جي سڄي گفتگو ٻڌي هئي، جيئن ئي رفيه
فون ختم ڪئي اچي سندس پاسي ۾ ويٺو.
”راڻي! ڇو ٿي پنهنجي مٿي تي وڏا
بار کڻين هيءُ شهر آهي، ڳوٺ ڪونهي جو هر هڪ کي هڪٻئي جي خبر هجي هتي ته ڪنهن کي ڪا
خبر ڪونهي ته ڀر واري گهر ۾ ڇا پيو ٿيئي؟ ڪو پاڙيسري ڪنهن جي دانهن ڪوڪ تي نه پيو
پهچي، اڄ ڪنهن تي ڪو ڀروسو ڪونهي، تون ڪا مائي ڏيارڻ جي غلطي نه ڪجانءِ!!“.
”پر سهيل هوءَ منهنجي تمام سٺي
ساهيڙي آهي توهان کي به خبر آهي، ڏس ڪيڏيءَ تڪليف ۾ آهي آئون به ڪو ته ٻوٽو ٻاري
دوستيءَ جو حق ادا ڪيان“.
”يار، مون کي سمجهه ۾ ڪونه ٿو
اچي تون منهنجي ڳالهه فالو ڇو نٿين ڪرين؟ واقعي سياڻا صحيح چوندا آهن ته، ”زال ذات
جو عقل کڙيءَ ۾ آهي“.
”باءِ دي وي اهي ڪهڙا سياڻا چئي
ويا آهن جن جي چوڻيءَ کي صدين کان توهين سنڌي مرد استعمال ڪري اسان عورتن جو دل ساڙيندا
آهيو، منهنجي دل گهري ساهيڙي وهلور پئي وڃي، گهڙي گهڙي سندس آواز جهيڻو پئي ٿيو.
منهنجي ته دل ۾ وَڍَ ٿا پون. ڪيئن هاڻي وري هيءَ ويھ تولا سون ٺهرائيندي؟ دل ٿي
چاهي ته ماسيءَ نعمت کي تتي هينئين پاراتو ڏيان. الله ڪو شهنيءَ جي ٿوري کٽئي گهڻي
برڪت وجهي.
سهيل ڏٺو مار معاملو ته جذباتي
آهي، سو کيس ٿڌو ڪندي چوڻ لڳو، ”رفيه آئون اَرَهو ڪونه آهيان ته تون نيڪي نه ڪرين،
پر هن وقت حالتون صحيح ڪانهن، ادي شهناز جو به ته ڏوهه مڃ جنهن ايترو سارو سون گهر
۾ رکيو. هن دور ۾ گهرن ۾ گهڻو سون ۽ پئسو نه رکڻ گهرجي ۽ ٻيو نوڪرياڻيءَ تي انڌو
اعتبار ڪيائين، تون ڇا ٿي سمجهين! پنهنجي وڍئي جو ڪو ويڄ طبيب آهي؟، ايتري سادگي
رکڻ جو هيڏو وڏو نقصان ملي صحيح آهي؟ سائين! اڄ ڪنهن جي ساک کڻڻ جو زمانو ڪونهي
صبح تنهنجي ڏياريل ماسي ڪو غلط ڪم ڪري ته ذمه دار ڪير ٿيندو؟“
رفيه کيس گهڻو ئي مڃائڻ جي ڪوشش
ڪئي ته هوءَ ننڍپڻ جي دوستي ۽ انساني همدرديءَ تحت هن جي ڪم اچي رهي آهي. پر مڙسينهس
جو هڪ ئي موقف هو ته ”هيءُ وڏو شهر آهي جتي ڏوهاري عورتون به گهريلو ماسين جي صورت
۾ موجود آهن، ڪنهن جي ڪا خبر نٿي پوي“.
رفيه جي ڳولها ڪندي به ترت ڪا
ماسي ملي ڪانه سگهي. ٿورن ڏينهن ۾ شهناز جو فون آيو ته ماسيءَ پنهنجو ڏوهه مڃيو
آهي ۽ سوناري وٽ به وٺي هلي جنهن اڌ رقم ۾ سون ورتو ۽ اڃا سون کي ڳاريو به ڪو نه
هو. شهناز پنهنجو سامان سڃاتو، پر پهرين اهو پوليس ڪسٽڊيءَ ۾ ويو، سوناري تي به ڪيس
ٿيو آهي، هيڏيءَ وڏي ريڙهه پيڙهه کانپوءِ به هٿ ۾ ڪجهه ڪونه آيو آهي. هاڻي به
سامان جڏهن ملي تڏهن خبر پوي اهو به چيائين ته ”امان هاڻي ڳوٺان ڪم لاءِ ننڍو ڇوڪرو
آندو آهي ان ڪري فڪر نه ڪجانءِ في الوقت ڪم ڪار لاءِ ماڻهوءَ جو بندوبست ٿي ويو
آهي“.
رفيه سک جو ساهه کنيو انهيءَ
واقعي کانپوءِ ته هوءَ هيڪاري محتاط ٿي وئي. هر ماسيءَ تان ڄڻ اعتبار کڄي ويس، پر
مجبوري وري به مجبوري آهي سو ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه نوڪرياڻيءَ ۽ مالڪڻ جي نه ٽٽندڙ
تعلق کي تسليم ڪندي، ڳوٺان ڇهن ڏينهن کانپوءِ واپس آيل ماسيءَ جي پيرن ۾ خود کي ڄڻ
ڪرندو محسوس ڪيائين، مستقل پوري هفتي جي گهر جي ڪم سندس لاهه ئي ڪڍي ڇڏيا هئا.
(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائين ۾ ۱۱ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment