مائيڪل اينجلو
(ريختہ ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار: گلزار
سنڌيڪار؛ انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي لومڙي، ھڪڙي گڏھ کي بادشاھ ٺاھڻ جو ڏٽو ڏيئي، شينھن وٽ وٺي آئي. شينھن، بيوقوف گڏھ کي، بنا پڇا چنبو ئي ھڪ ھنيو ته ڍيري ٿي پيو. پٽ تي ڪرڻ کان اڳ، کيس چيري ڦاڙي رکيائين. سندس سڄو گوشت کائڻ بعد، جڏھن کوپڙي پئي کاڌائين ته منجھس مغز کيس نظر نه آيو. ميڄالي جو چور لومڙيءَ کي سمجھندي، کانئس ترش لھجي ۾ پڇيائين؛ ”اڙي! ھن جو ميڄالو ڪاٿي آھي؟“
”جيئندا قبلا!“ لومڙيءَ ھٿ ٻڌي ڏڪندي
عرض ڪيس؛ ”اگر گڏھ کي مغز ھجي ھا ته عقل پڻ ھجيس ھا.“
”عقل جو مغز جي کائڻ سان ڪھڙو
تعلق آھي؟“ شينھن رھڙ ڏئي پڇيس.
”اگر جي عقل ھجيس ھا ته پوءِ
سوچ به ضرور ھجيس ھا.“ لومڙيءَ مسلسل ھيٺانھين وٺندي عرض ڪيس.
”ان جي سوچ جو، تنھنجي مغز
چورائي کائڻ سان، ڪھڙو تعلق آھي؟“ شينھن ويتر جک کائيندي پڇيس.
”جيئندا قبلا! ناراض نه ٿيو ته
عرض ڪيان.“ لومڙيءَ صفا ھيٺ ڪرندي ۽ پير چمندي چيس.
”ھا ھاڻي بڪُ به ڀلا!“ شينھن
صفا ھچ ٿيندي چيس.
”سائين منھنجا! اگر گڏھ کي سوچڻ جي صلاحيت ھجي ھا ته اول بادشاھ ٿيڻ جي خواھش نه ھجيس ھا. جي ھجيس به ھا ته ڪم از ڪم تو جھنگ جي بادشاھ وٽ نه اچي ھا.“ لومڙيءَ ڳالھ کي اڃا اڇو ڪندي وڌيڪ چيس؛ ”اوھان بادشاھن وٽ، بادشاھي خيال آھن.“
No comments:
Post a Comment