Saturday, December 7, 2024

سڀ رنگ ميلو - منظور ڪوھيار

سڀ رنگ ميلو

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



هوٽل جي مانڊڻيءَ تي ڪکو خان ڪنهن گهري سوچ ۾ ويٺو هيو۔ ڏسي ٽوڪيومانس ته: ”چانھ ٿڌي ٿي ٿيئي، پي ڇڏ!”

“چانھ جو خير آهي، هڪڙي صلاح ته ڏي!”

“ڪهڙي؟”


“ميلن جي موسم آهي۔ ڇو نه ميلاگير کاتي سان سٽل ڪري ڪو ميلو هڻائجي.”

“تون ڪهڙي قسم جو ميلو هڻائيندين؟ً”

“سڀ رنگ ميلو!” ڪکو خان وراڻيو۔

“ان ۾ ڪير هوندا؟”

“سڀئي هوندا؛ ناچو، راڳي، اديب، ٽپتائي، دانشور، رونشي ڪوڏيا اغيرھ وغيرھ۔”

“نه تون گادي نشين، نه اديب، نه فنڪار، نه دانشور، ٺلهو ڪکو خان، تنهنجي سڏ تي ڪيئن ايندا؟” ٽوڪيندي چيومانس۔

“ميلي جو رڳو اعلان ٿئي۔ سڀئي ائين ڀڄندا ايندا جيئن چورا کانگهاري تي اچن!” ڪکو خان وڏي اعتماد سان وراڻيو۔

 

(منظور ڪوھيار جي ۷ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبوڪ پوسٽ)

2 comments:

  1. This comment has been removed by the author.

    ReplyDelete
  2. ڇا اسان وٽ ادب جي ذريعي ڪنهن انقلاب جي توقع آهي ڇا؟ ڀلا ٻه چار اهڙا ملڪ ٻڌايو جن ۾ ادب جي ذريعي انقلاب آيو هجي؟ سنڌي ادب ۾ ڪيترا نالا توهان کي ياد آهن جيڪي اڄڪله انقلابي ادب لکن پيا ۽ جنهن جي ذريعي توهان سمجهو ٿا ته انقلاب آيو ڪي آيو؟ ادبي ميلا به اهڙا ئي ميلا آهن جيئن سنڌ ۾ ٻيا ميلا ٿيندا آهن. ميلو معني ميل ملاقات، ڪچهريون، نئون سنئون ٿيڻ، تفريح ڪرڻ، معاشي سرگرمي وغيره. ادبي ميلن ۾ ڪتاب وڪرو ٿيڻ ٿا، فنڪار ڳائين ٿا، شاعرن کي پنهنجي اظهار جو موقعو ملي ٿو، لکڻ جو اتساھ ملي ٿو. ڀلا اسان وٽ 2016 کان اڳ جڏھن ڪي به ادبي ميلا نه هئا ته ان وقت اسان جو ادب جبل جي ڪهڙي چوٽي تي هو جيڪو هاڻي اتان هيٺ ڪري پيو آهي؟
    ادبي ۽ ثقافتي ميلا ٿيندا ئي سرمائي سان آهن، گهران ڪير به نٿو ڪري سگهي ڇو جو اسان جو گهڻي ڀاڱي اديب معاشي طور خوشحال ڪونهي. مفت ۾ ميلا ٿيڻ ها ته س ا س هر مهيني ميلو ڪرائي ها. اهو سرمايو سرڪار ڏيندي آهي يا سرمائيدار. يا پوء ڪجه مٿي ڦريا دوست چندو ڪري ڪو چند ڪلاڪن جو پروگرام ڪندا آهن.
    منهنجو ذاتي خيال آهي ته ادبي ميلو هڪ مثبت سرگرمي آهي جنهن مان فائدو ٿئي ٿو ڪو نقصان نٿو ٿئي. باقي جيڪڏهن ڪنهن کي ميلا نٿا وڻن ته ڀلي شريڪ نه ٿئي ڪو زور ته ناهي.
    اڪبر لغاريءَ جي ۷ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

    ذوالفقار علي ڪمبوھ جو مٿس ڪمينٽ
    توھان جو موقف تمام متوازن ۽ حقيقت تي ٻڌل آھي. ادب جي ذريعي انقلاب آڻڻ جو تصور تمام دلڪش آھي، پر عملي طور ان جا مثال محدود آھن. تاريخ ۾ ادب ان وقت انقلاب جو سبب بڻيو آھي جڏھن ان کي سياسي ۽ سماجي حالتن سان گڏ عوامي شعور وڌائڻ لاءِ اوزار طور استعمال ڪيو ويو آھي. مثال طور:
    1. فرانس: فرانسيسي انقلاب دوران روسو، والٽيئر، ۽ ٻين فلاسافرن جا خيال انقلاب جي سوچ کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا.
    2. روس: روسي انقلاب کان اڳ ماڪسيم گورڪي ۽ ٻين انقلابي اديبن جو ڪردار اهم رهيو.
    3. چين: مائو زيدونگ جي اڳواڻي ۾ چيني انقلاب دوران ادب کي نظرياتي طور تي استعمال ڪيو ويو.
    4. لاطيني آمريڪا: گابريل گارسيا مارڪيز ۽ پابلو نيرودا جهڙا ليکڪ سماجي تبديلين جا وڏا حامي هئا.
    سنڌي ادب ۽ انقلاب
    سنڌي ادب ۾ انقلابي ادب جو تسلسل رهيو آهي، پر اهو ڪنهن وڏي سماجي يا سياسي انقلاب ۾ بدلجي نه سگهيو آهي. شيخ اياز، حسام الدين راشدي، جمال ابڙو ۽ شفيع عزيز جهڙا اديب پنهنجن دور ۾ انقلابي لکڻيون پيش ڪندا رهيا. اڄڪلهه به ڪي نوجوان ليکڪ، جهڙوڪ نور احمد جنجهي ۽ ڪجهه ٻيا، انقلابي موضوعن تي ڪم ڪن ٿا، پر انهن جو اثر شايد وسيع سطح تي نظر نه اچي رهيو آهي.
    ادبي ميلن جو ڪردار
    ادبي ميلا يقيناً سماجي، ثقافتي ۽ علمي سرگرمين کي اڳتي وڌائين ٿا. اهي ادبي سرگرمين کي نئون اتساھ ڏين ٿا، خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ڪتابن سان دلچسپي رکندا آهن پر عام حالتن ۾ انهن تائين رسائي نه هوندي آهي.
    2016 کان اڳ به سنڌي ادب پنهنجي جڳهه تي موجود هو، پر ميلن جهڙين سرگرمين کانسواءِ ان جي تشهير محدود هئي. ميلا هاڻي ادب کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن. البت، اها به حقيقت آهي ته ميلن جو اثر ان جي ڪيفيت ۽ معيار تي منحصر آهي.
    ادبي ميلا ۽ سرمايو
    سرمائي کانسواءِ وڏيون سرگرميون ممڪن نه آهن. پر سرمائي سان گڏوگڏ جيڪڏهن ادب جي اصل مقصد تي ڌيان ڏنو وڃي، ته اهي ميلا سجاڳي ۽ شعور لاءِ وڏي ڪاميابي ثابت ٿي سگهن ٿا. توهان جو خيال درست آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي ميلا پسند ناهن، ته هو ان ۾ شرڪت نه ڪري. اختلاف رکڻ هر ڪنهن جو حق آهي، پر تعميراتي تنقيد سان گڏ گڏ، مثبت رخ ڏسڻ به ضروري آهي.

    اڪبر لغاري صاحب جي، ڪمينٽ ۾ ذوالفقار علي ڪمبوھ کي موٽ)


    تفصيلي ڪمينٽس لاء مهرباني. بلڪل ادب جي انقلابي ڪردار کان انڪار ڪونهي پر اهوتڏهن ڪارگر آهي جڏهن ڪي انقلابي تحريڪون عوامي سطح تي ايتريون مقبول ۽ متحڪ هجن جو هر ماڻهو ان کي پنهنجي تحريڪ سمجهي. 1960 کان 1973 جي دوران سرجيل شيخ اياز جي شاعري زبردست انقلابي شاعري آهي پر ان سان الائي ڪيترو انقلاب آيو پر آخر ۾ اياز صاحب پاڻ ئي انقلاب تان هٿ کڻي ويو

    ReplyDelete