Wednesday, December 4, 2024

ارپنا - سيف نياز

ارپنا

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



هو هڪ آڙيڪاپ ڪهاڻيڪار آھي!

ڪهاڻين لکڻ ۽ لفظن جي جادوگري ڪرڻ ۾ ڪمال حاصل اٿس.

اهڙيون جذباتي ۽ احساساتي ڪهاڻيون لکندو آھي جو پڙھندڙ تڙپي پوندا آھن.

هڪ ٻئي پٺيان ڪافي ڪهاڻيون لکي رسالن کان وٺي فيسبوڪ تائين مشھوري ماڻي چڪو آھي!

ڪافي ڇوڪريون سندس ڪهاڻين کان متاثر ٿي رابطي ۾ آيس ۽ انهن مان ٽي چار ڇوڪرين سان هڪ ئي وقت پيار ڪري ٿو......!!!!!!

چوندو آھي: ”دل سمنڊ آھي ۽ ڇوڪريون ڇوليون... سمنڊ ۾ ڪا هڪ ڇولي ته نه هوندي آھي!“

ڇوڪريون هن لاء بي چين ۽ بيقرار رهنديون آھن.


مرڪي چوندو آھي: ”ڇوليون ۽ ڇوڪريون بي چين هونديون آھن ۽ بي چين ئي وڻنديون آھن!!!“

پنهنجي بيوفائي کي بيوفائي نه سمجهندو آھي... سندس خيال مطابق زندگي هڪڙي آھي ۽ مرڻ کان پوء موٽڻو ته نه آھي،جيڪي پيار ڪرڻا آھن سي جيئري ئي ڪرڻا آھن.

ڪهاڻين ۾ وفا جا گهرا روپ چٽيندو آھي، سندس ڪهاڻين ۾ وڏا مڪالما هوندا آھن۔

”اسان وفا جي مٽي مان جڙيا آھيون، وفا اسان جي رت ۾ شامل آھي!“

”اسان ڊھي ٺھنداسين ته به وفا جي مٽي مان!!!“

”بيوفائي جي موسم ۾ به اسان وفا جا وڻ پوکيندا آھيون.... اسان جي جسم کان وٺي روح تائين وفا جي ڇانو ئي ڇانو آھي!“

اهڙا مڪالما پڙھي، پڙھندڙ کيس ”وفا پرست ليکڪ“ جو لقب ڏيندا آهن!

سندس پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب ”وفا جا رنگ“ ڇپائي هيٺ آيو ته..... مرڪي پڇيومانس: ”ڪر خبر ڪتاب ڪنهن کي ارپنا ڪندين؟“

کلي چيائين: ”سڀني کي...!!!“

”سڀني کي....!!؟“ حيران ٿيندي چيم: ”پوء ته تون ظاهر ٿي پوندين!!!“

ٽھڪ ڏيندي چيائين: ”ويٺو ڏس!“

۽ پوء جڏهن سندس ڪتاب ڇپجي آيو ته ارپنا واري پني تي لکيل هو.............

”پنهنجو پهريٽو ڪتاب

”ھن“ جي نالي

جنهن جو اصل نالو به تمام پيارو آھي، پر مان کيس ”ليلي“ٰ چوندو آھيان..............

ڇو ته هن لاء

منهنجي اندر ۾ سڪ ۽ ڇڪ بلڪل ”مجنون“ جھڙي آھي!!!“

ارپنا پڙھي حيرت مان چيومانس: ”ھي ته تو هڪ کي ارپنا ڪئي آھي ۽ باقين کي....!!!؟“

وڏو ٽھڪ ڏيندي چيائين: ”مان سڀني کي ”ليليٰ“ چوندو آھيان،هر ڪا پاڻ ڏي سمجهندي...!!!“

مان حيراني مان کيس ڏسندو ئي رهجي ويس!!!

No comments:

Post a Comment