Showing posts with label ارپنا، مختصر ڪهاڻي، سيف نياز،. Show all posts
Showing posts with label ارپنا، مختصر ڪهاڻي، سيف نياز،. Show all posts

Wednesday, December 4, 2024

ارپنا - سيف نياز

ارپنا

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



هو هڪ آڙيڪاپ ڪهاڻيڪار آھي!

ڪهاڻين لکڻ ۽ لفظن جي جادوگري ڪرڻ ۾ ڪمال حاصل اٿس.

اهڙيون جذباتي ۽ احساساتي ڪهاڻيون لکندو آھي جو پڙھندڙ تڙپي پوندا آھن.

هڪ ٻئي پٺيان ڪافي ڪهاڻيون لکي رسالن کان وٺي فيسبوڪ تائين مشھوري ماڻي چڪو آھي!

ڪافي ڇوڪريون سندس ڪهاڻين کان متاثر ٿي رابطي ۾ آيس ۽ انهن مان ٽي چار ڇوڪرين سان هڪ ئي وقت پيار ڪري ٿو......!!!!!!

چوندو آھي: ”دل سمنڊ آھي ۽ ڇوڪريون ڇوليون... سمنڊ ۾ ڪا هڪ ڇولي ته نه هوندي آھي!“

ڇوڪريون هن لاء بي چين ۽ بيقرار رهنديون آھن.