Monday, December 9, 2024

ڇا مطلب؟ - حزب الله آءِ سومرو

ڇا مطلب؟

ننڍڙي ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: حزب الله آءِ سومرو



“ڪتا..... تو وٽ آهي؟”

ڪتاب گھر واري کان پڇيم پر ھن ھڪدم اچي مڪ وھائي ڪڍي. چيائين؛ “تو مون کي ڪتو چيو؟”

چيم؛ ”يار! رسول ميمڻ جي ناول’ڪتا‘ بابت پڇيم ته اھو ڪتاب تو وٽ آهي؟”

چيائين؛ ”نه، اسان وٽ اھو نه آيو آهي اڃا!”

وري ٻئي بوڪ اسٽال تي آيم، کيس چيم؛ ”رنڊيء جي ڌيءُ تو وٽ آهي؟”

ڪاوڙ مان چيائين؛ ”تميز سان ڳالھاءِ!”


چيم؛ ”تميز سان ته ڳالھايان پيو”

چيائين؛ “اھا تميز سکي ٿي، خبر اٿئي ته ڇا پيو چوين؟”

چيم؛ ”ھائو خبر آهي، ذلفي ذنئور جي ناول جي ڪتاب ’رنڊيء جي ڌيءُ‘ بابت پيو پڇان!”

کلندي چيائين”اڇا!اھو نه پھتو آهي ھتي!”

ايتري ۾ ناميارو ليکڪ دريا خان شنباڻي اسٽال تي آيو ۽ چيائينس؛ “’منھنجي صاحب جي ڌيءُ‘ وٺندين؟”

دوڪاندار چيو؛ ”ڇا مطلب؟”

دريا خان چيس؛ ”ناول ڇپايو اٿم! ان ڪتاب جي ڪاپين بابت ٿو پڇان ته رکندئو؟”

“يار! اوھان ليکڪن ته وڻ ئي وڄائي ڇڏيا آهن، ڪتابن جا ڪھڙا ٿا نالا رکو؟” دوڪاندار عجب ڀرين نظرن سان کيس ڏٺو.


(حزب الله آءِ سومرو جي ۹ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)


No comments:

Post a Comment