Wednesday, December 11, 2024

فقير، چپل، سيلفي ۽ مان -جبار آزاد منگي

فقير، چپل، سيلفي ۽ مان

ننڍڙي ڪھاڻي

جبار آزاد منگي



تمام گهڻن مھينن کان، هُن کي پيرين اگهاڙو گهمندي ڏسندو هيس، هڪ دفعي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وھي پيا، جو کيس سخت گرمي ۽ تپش ۾ ڏامر جي روڊ تي پيرن کي بچائيندي ڏٺم! تازي پگهار کيسي ۾ پيل هئي، سوچيم ته خير جو ڪم ڪريان ۽ هن درويش کي هڪ چپل وٺي ڏيان، پر پنھنجي گهر جو خيال آيو، جن ڀاتين کي سياري جي موڪلن ۾ ملڪ جي مختلف شھرن ۾ گهمائڻ جو واعدو ڪيو آهي، جنھن لاءِ خرچ گهرجي! ۽ مون فقير کي چپل وٺي ڏيڻ جو خيال دل مان ڪڍي، پنھنجي اکين مان وهندڙ ڳوڙها اگهندو گهر هليو آيس.



ڪافي وقت کان پوءِ اڄ وري کيس پيرن اگهاڙو ڏٺم، ڀرسان وڃي هڪ عدد سيلفي ڪڍي، سرنديءَ وارن کي اپيل ڪئي ته هي پينو فقير ناهي، پر هڪ لوڪ درويش آهي" جنھن کي هڪ عدد چپل جي ضرورت آهي"

نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي سرنديءَ وارن رقم موڪلي ڏني، مون ٽن سوَن واري هڪ عدد چپل وٺي، درويش کي ڳولي اچي هٿ ۾ ڏني ۽ هڪ عدد سيلفي جو سٽڪو ڪڍي فيس بوڪ تي رکي، سرنديءَ وارن جو شڪريو مڃي ورتو.

فقير چپل وٺڻ بجاءِ ”ماني... ماني“ چوڻ لڳو ۽ چپل کي هٿ به نه لاتو، منھنجي دل روئي پئي، فقير سان ويساھ گهاتي ڪرڻ منھنجي "دين ايمان" ۾ ئي نه هو، سو درويش کان مون ئي اها چپل هڪ سؤ روپين ۾ خريد ڪئي ۽ ان ئي سؤ روپئي جي دال ۽ ماني وٺي اچي درويش اڳيان رکيم، سندس وات ۾ گرھ وجهي هڪ عدد سيلفي جي سخت ضرورت محسوس ڪندي ڪڍي ورتم ۽ درويش سان گڏ ماني کائي، چپل دوڪاندار کي واپس ڪيم، جنھن ساڳيا ئي ٽي سؤ روپيا موٽائي ڏنا! مون ٽي سؤ روپيا کيسي ۾ وجھي، پڪو فيصلو ڪري ورتو ته اهي ٽي سؤ روپيا وري به اهڙي ئي "خير جي ڪم" ۾ استعمال ڪندس.

محسوس ڪيم ته دل ڏاڍو خوش ٿي رهي هئي ۽ ضمير مطمئن هو ۽ سوچ ۾ پئجي ويس ته جيڪڏهن مون جھڙا "انسان دوست" نه هجن ها ته مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جو ڇا ٿئي ها؟

 

(جبار آزاد منگيءَ جي ۱۰ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

No comments:

Post a Comment