جادوئي گندڙو
(آمريڪي ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار؛ برنارڊ ميلامڊ
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
نيويارڪ
جي ھڪڙي نالي واري يونيورسٽيءَ جي مذھبي تعليمات جي شعبي ۾ ھڪڙو ھوشيار شاگرد، ڪن
سالن کان تعليم پرائي رھيو ھيو. پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگريءَ ۾، ٿورو وقت وڃي بچيو ھيس.
يونيورسٽيءَ جي ڊين کيس صلاح ڏني ته جيڪڏھن سندَ وٺڻ کان پھرين ھو پرڻجي ته مستقبل
۾ سندس ترقيءَ جا موقعا گھڻا نڪري ايندا. انھيءَ شاگرد جو نالو فرينڪل ھيو. سندس
عمر، ستاويھ ورھيه ھئي. ڪتابي ڪيڙو ھيو، جنھن ڪري کيس سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ
لاءِ ويساند نه ھئي. ديني علمن منجھ کوڙ سارو عبور حاصل ڪري چڪو ھيو، ليڪن انفرادي
توڙي اجتماعي ميل جول رکڻ ۾ کوڙ پوئتي ھيو. جڏھن ڊين کيس پرڻي جو مشورو ڏنو ته
سندس اڳيان انڌو کوھ ھيو. ھو نيويارڪ جي مٿانھين علائقي جي ھڪڙي جھوني عمارت جي
چوٿين ماڙ تي رھندو ھيو. کيس خيال آيو ته ان مقصد لاءِ اخبارن ۽ رسالن جو سھارو
وٺجي. انھيءَ اپرانڌ، سندس نظر، ھڪڙي اخبار جي حصي تي پئي، جيڪو ٻه-سٽو ھيو. اھو
’ضرورت رشته‘ جو اشتھار ھيو، جنھن ۾ ميرج بيرو جي مالڪ سالزمن، ھر ڪنھن جي لاءِ
موزون رشتن جو بندوبست ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي. ھن، پنھنجي اشتھار ۾ ڪو به ٽيليفون
نمبر نه ڏنو ھيو. صرف ايڊريس ڏني ھيائين ته رابطو خط پٽ ذريعي ڪيو وڃي. فرينڪل،
پنھنجي باري ۾ ضروري ڄاڻ، جھڙوڪ؛ سندس حيثيت، تعليم، ڪمائي، توقعاتون، رتبو ڪھڙو آ
۽ ڊگري وٺڻ ۾ آخري منزل تي آ وغيره، موڪلي ڇڏي. ھفتي کان پوءِ، سندس خط جو جواب
آيو. ميرج بيورو جي سالزمن، کيس پاڻ وٽ گھرايو ھيو ته روبرو ملاقات ٿي سگھي ۽ سندس
پسند مطابق، رشتو ڳولي سگھجي.
فرينڪل،
ملاقات جي مقرر ڪيل ڏھاڙي تي سالزمن وٽ سندس ٻڌايل پتي تي پھچي ويو. سالزمن شھر جي
پسگردائيءَ واري علائقي ۾ ھڪڙي جھريل عمارت جي ھڪڙي ڪمري ۾ رھيل ھيو. جنھن فرينڪل
کي، انھيءَ عمارت جي لابيءَ منجھ ويھاريو. شڪل منجھئون ھو تجربيڪار ۽ بظاھر ھڪڙو
ٺيڪ ٺاڪ شخص لڳي رھيو ھيو. کيس ڪاري رنگ جو اوورڪوٽ پاتل ھيو، جيڪو ڏاڍو سوڙھو
ھيس. سندس ڪپڙن منجھئون، مڇيءَ جي کِکَ جي ڌپ پئي آئي. سندس ڏند، جيتوڻيڪ ڀڳل ھيا،
تنھن ھوندي به ھو ڪِنو نه پئي لڳو. ھو گفتار جو غازي ھيو ۽ ھر ڳالھ جو جواب، وٽس
ٺھيل ھيو. پوين پنجويھن سالن کان، ان ئي ڌنڌي سان لڳل ھيو. سندس چواڻي، وٽس ھر قسم
جا سَڱُ آھن. انٽرويو جي منڍ ۾، فرينڪل ٻڌايو ته سندس پيءُ ماءُ جو پرڻو ميرئيج
بيورو معرفت ٿيو ھيو. ليڪن ان پرڻي سان پڻس کي نه ڪو مالي فائدو پھتو ھيو ۽ نه ئي سماجي
حيثيت ۾ ڪو واڌارو آيو ھيس. ليڪن ٻنھي ۾، سنگت ضرور پيدا ٿي ھئي. ماڻس، پڻس تي ساھ
صدقو پئي ڪندي ھئي. ٻئي ساڻس ۽ ھيءُ به ساڻن محبت ڪندو ھيو.
تعارفي
ڳالھ ٻولھ کان پوءِ، سالزمن کيس پنھنجي ڪمري ۾ وٺي ويو.
ڪمري
جي ھڪڙي حصي ۾ ھڪ الماري، ميز ۽ ڪرسيون رکيل ھيون جن جي وچ ۾ پردو لڙڪيل ھيو. فرينڪل
کي ڪمري جي دريءَ ويجھو ويھاريائين، جنھن سان ٻاھريون نظارو به ڪري سگھجي پيو. ميز
تي فائيلَ ۽ ضرورت رشته وارن جي تصويرن جا لفافا پيا ھيا. فائيلن منجھ انھن رشتن
جا سمورا تفصيل بيان ٿيل ھيا. فيبروريءَ جا آخري ڏھاڙا ھيا. سياري جي موسم، موڪلاڻيءَ
تي ھئي. ھن دريءَ منجھئون ٻاھر ڏٺو. ھن پڙھائيءَ دوران ڪڏھن به آسمان ڏانھن نه ڏٺو
ھيو. ان وقت شام لڙڻ واري ھئي ۽ جڏھن ھن نيري آسمان ڏانھن نظر ڪئي ته کيس چنڊ،
تارا ۽ اڏامندڙ ڪڪر نظر آيا. کيس سرھائي محسوس ٿي. ھو اھڙن قدرتي نظارن کان محروم
رھيو ھيو.
سالزمن،
فائيل کڻي کڻي، منجھن ڏنل تفصيل پڙھندو رھيو. رکي رکي پنھنجي عينڪ جي مٿئون،
فرينڪل ڏانھن ڏٺائين به پئي، جنھن منجھان کيس ذھانت، سنجيدگي، تدبر ۽ علمي-پڻو نظر
پئي آيو. فرينڪل، سھڻو جوان ھيو. سالزمن جڏھن عينڪ منجھئون فرينڪل جو جائزو وتو
پئي ته کيس مونجھارو پئي ٿيو. نيٺ سالزمن، ڇنڊي ڇاڻي ڪجھ فائيل ڌار ڪري رکيا ۽
چيائينس ته وٽس بي انت سَڱَ آھن. ھن چند مايون چونڊ ڪيون آھن، جيڪي مذھبي عالم
لاءِ ڀليون ثابت ٿي سگھنديون. گڏوگڏ ھن ھڪڙو انڪشاف اھو به ڪيو ته اھڙا سَڱَ، جيڪي
ھو غير موزون ٿو سمجھي يا جن لاءِ جوڙُ جِسُ ملي نه ٿو سگھي، سي ھڪڙي گندڙي ۾ رکيا
آھن. ھو ان کي جادوئي گندڙو سڏيندو آ، جنھن مان مراد اھا آھي ته اھڙن سَڱَن جو ڪو
به مستقبل ڪونھي.
فرينڪل،
جڏھن سالزمن کي، کيس عالم جي لفظ سان مخاطب ڪندي ٻڌو ته ڏاڍي لڄ محسوس ٿيس. ھن پاڻ
کي ڪنھن به لحاظ کان عالم نه پئي سمجھيو. بلڪ ھو محض ھڪڙو طالب علم ھيو. سندس ته
اڃا پي ايڇ ڊي به مڪمل نه ٿي ھئي. کيس پنھنجي انھيءَ ڳالھ تي پڇتاءُ محسوس ٿيو ته
ھن پنھنجي باري ۾ وڌاءُ ڪيو ھيو ۽ اھڙيون خصوصيتون به لکيون ھيون، جيڪي ھن ۾ ھيون
ئي نه.
فرينڪل
پڇيس ته جن ماين جا فائيل چونڊيا ويا آھن، ڇا ھو انھن جون تصويرون ڏسي سگھي ٿو؟ لانئون
لھڻ لاءِ، اول خاندان جي مالي حيثيت، ڏاج ڏيوڻ جا معاملا، گھوٽ جا معاملا ۽ انھن
سڀني کان پوءِ ئي ايندو آ تصوير جو وارو. سالزمن، اوورڪوٽ جا بٽڻ کوليندي ھڪڙو
فائيل کنيو ۽ ان جا تفصيل پڙھڻ لڳو؛ ”ھيءُ فائيل، ھڪڙي بيوه سوفيءَ جو آ. سندس عمر
چوويھ سال آ. سالُ پھرين، سندس مڙس مري ويو آ. ري اولادڻ آ. ھاءِ اسڪول کان پوءِ،
ٻه سال ڪاليج ۾ پڙھي آ. پيءُ پراپرٽي ڊيلر اٿس، جنھن ڏاجي ۾ اٺ ھزار ڊالر ڏيڻ جو
واعدو ڪيو آ. سندس ماءُ جي حسب نسب ۾ گھڻا ماڻھو پڙھڻ پڙھائڻ جي شعبي سان واڳيل
آھن. سندس مائٽن ۾ ھڪڙي مشھور اداڪاره پڻ آھي، جيڪا نيويارڪ جي خوشحال علائقي سيڪنڊ
اوينيو ۾ رھندي آ.“
فرينڪل،
کيس حيرانيءَ سان ڏٺو ۽ پڇيائينس؛ ”ڇا اوھان بيوه چيو؟“
”عالم
سڳورا! بيوه جو مطلب اھو نه ھوندو آ ته ڪا اھا سڙيل ڳريل يا بيڪار شيءِ ھوندي آ.
اھا ڇوڪري مشڪل سان چار يا پنج مھينا ئي پنھنجي مڙس سان رھي ھوندي. اھو بيمار
ماڻھو ھيو. نيٺ ھن به کيس ڪيترو چوڙيو ماڻيو ھوندو؟ ان ڇوڪريءَ بيمار شخص سان
پرڻجي، غلطي ڪئي.“ سالزمن وضاحت ڪئي.
”ڪنھن
بيوه سان پرڻجڻ جو مون ڪڏھن تصور به ناھي ڪيو.“ فرينڪل، پنھنجي حتمي راءِ ڏنس.
”تون ناتجربيڪار
آھين. ھڪ اھڙي عورت جيڪا صحتمند، سھڻي ۽ نوجوان ھجي، تنھن سان پرڻجڻ ڏاڍو ڀلو
رھندو. اھڙيون عورتون، سڄي عمر ٿورائتيون رھنديون آھن. جيڪڏھن مان ھاڻي ڪنھن سان
شادي ڪيان ته اھڙي ئي ڇوڪريءَ سان ڪندس.“ سالزمن، ان سَڱَ جي زوردار نموني حمايت
ڪئي.
فرينڪل،
ان ڳالھ تي غور ڪيو ۽ نھڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيائين.
سالزمن،
ٻيو فائيل کنيو؛ ”ھن خاتون جو نالو جيني آ. ھاءِ اسڪول ٽيچر جي طور تي پڪي نوڪري
ڪري آھي. وٽس پئسو ڏوڪڙ جام آ. نئين ماڊل جي سٺي ڪار ھلائيندي آ. سالُ، پيرس ۾ به
رھي آ. پيءُ ڏندن جو ڊاڪٽر اٿس ۽ پوين پنجٽيھن سالن کان ان ئي پيشي سان واڳيل آھي.
ھيءَ مائي، اھڙي مرد سان پرڻجڻ ٿي چاھي، جيڪو ھنرمند ھجي. جنھن جون سموريون ريتون
رسمون، آمريڪي ھجن. مان ذاتي طور تي کيس سڃاڻان. وڏي ذھين ڇوڪري آ، جيڪا پالڪين ۾
پلي آ ۽ ڳالھيون شاندار ڪندي آ. پنج ته ٻوليون ڄاڻندي آ ۽ ھر موضوع تي ڀرپور نموني
ڳالھائي سگھندي آ. منھنجي صلاح آ ته اوھان ھن کي ڏسي وٺو. اوھان ساڻس ڪتابن، ادب،
ثقافت ۽ ڪنھن به ٻئي معاملي تي معيار واري ڳالھ ٻولھ ڪري سگھو ٿا.“
”تو
سندس عمر نه ٻڌائي؟“ فرينڪل پڇيس.
”ٻٽيھ
سال!“ سالزمن جواب ڏس.
”منھنجي
حساب سان اھا اڻ سونھندڙ آ... عمر، وڏي اٿس..“ فرينڪل، پنھنجي راءِ ڏني.
سالزمن،
ٽھڪ ڏئي پڇيس؛ ”تنھنجي عمر گھڻي آ؟“
”ستاويھ
سال.“ فرينڪل ورندي ڏنس.
”پوءِ
عمرين ۾ ڪھڙو وڏو فرق آ؟ پنجن سالن جو ته آھي! مون واري زال، مون کان ست سال وڏي آ
ته پوءِ مون کي کانئس ڪا پريشاني ٿي آ؟ نه! ھرگز نه! جيڪڏھن ڪنھن ارب-پتيءَ جي
ڌيءُ جي عمر ايتري ھجي ھا ته پوءِ ان کان انڪار ڪرين ھا؟“ سالزمن پڇيس.
”يقينًا،
ھا ئي ڪيان ھا.“ فرينڪل موٽ ۾ چيس.
فرينڪل
جي نھڪر کي سالزمن، ھا ئي سمجھيو ۽ ڳالھ کي جاري رکندي چيائين؛ ”پنجن سالن جو
تفاوت ڪو تفاوت ڪونھي. مان پنھنجي تجربي مان تو کي پڪ ٿو ڏياريان ته تون اگر ھڪڙو
ھفتو به ساڻس رھندين ته عمر جو فرق وسري ويندءِ. پنج سال وڏو ھجڻ جو مطلب آ ته
ھوءَ وڌيڪ تجربيڪار آ ۽ وڌيڪ لطف ڏيندي، ڇو جو کيس گھڻي ڄاڻ آ. ھن پنھنجي ڄمار،
اجايي نه وڃائي آ. پل پل ڀرپور طريقي سان گھاريو اٿائين ۽ ھيءَ تو لاءِ ڏاڍي ڀلي
رھندي.“ سالزمن، فائدا ڳڻائيندي چيس.
”ڪھڙو
سبجيڪٽ پڙھائيندي آ؟“ فرينڪل پڇيس.
”ٻوليون!
جڏھن ساڻس فرانسيسيءَ ۾ ڳالھائيندين ته محسوس ٿيندءِ ته تنھنجي ڪنن ۾ موسيقي، رنگ
پئي رَچائي. مان پويان پنجويھ سال، انھيءَ پيشي سان لاڳاپيل ھيس. منھنجي عمر پنجاھ
سال آ. مان دل من سان، کيس تو لاءِ پسند ٿو ڪيان. مون تي اعتبار ڪر. مان سچ ٿو
چوانءِ!“ سالزمن منطق پيش ڪيس.
”ٻئي
فائيل ۾ ڇا آھي؟“ فرينڪل پڇيس.
سالزمن،
ڪلھا لوڏيا؛ ”ھيءُ فائيل رُٿِ جو آھي، جيڪا بي آي آنرز جي شاگردياڻي آ. سندس عمر
اوڻويھ سال آ. سندس پيءُ پندرھن ھزار ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آ. اھو ڊاڪٽر آ ۽ معدي جو
اسپيشلسٽ آ. پريڪٽس، ڀلي اٿس. ڇوڪريءَ جي ڀيڻيويي کي ڪپڙي جي مل آ. امير ماڻھو
آھن.“ سالزمن، اتي کيس ائين ڏٺو ڄڻ ھڪڙو تُرپ جو پتو ھجي، جنھن سان کٽڻ جي پڪ ھجي.
فرينڪل،
دلچسپي وٺندي پڇيس؛ ”ڇا سندس عمر تو اوڻويھ سال ٻڌائي آ؟“
”اھا
ئي لکيل آ.“ سالزمن پڙھي، ٻڌايس.
”وڻندڙ
۽ سھڻي به آھي؟“ فرينڪل پڇيس.
سالزمن،
آڱريون چمندي چيس؛ ”ننڍڙي گُڏڙي ته آھي. مان اڄ ئي سندس پيءُ سان رابطو ٿو ڪيان.
تون پاڻ ڏسي وٺ ته سونھن ڇا ته شيءِ ٿيندي آ؟“
فرينڪل
کي، ان ڳالھ تي يقين نه بيٺو. تصديق ڪرڻ لاءِ پڇيائينس؛ ”تو کي يقين آھي ته
اوڻويھن سالن جي آ؟“
”مون
کي پوري پڪ آ. پڻس سندس ڄم جي تاريخ جو سرٽيفڪيٽ تو آڏو اچي پيش ڪندو.“ سالزمن
چيس.
”تو کي
اھا به پڪ آ ته انھيءَ ڇوڪريءَ ۾ ذھني يا جسماني عيب ڪونھي؟“ فرينڪل پڇيس.
”ڪير
ٿو چوي؛ ان ڇوڪريءَ ۾ ڪو عيب آ؟“ سالزمن پڇيس.
”مان
ان ڳالھ تي حيران آھيان ته ايتري ننڍڙي عمر جي ڇوڪري جيڪا سھڻي به ھجي، امير
خاندان جي به ھجي، سا ميريج بيورو ۾ شادي ڪرڻ لاءِ ڇا لاءِ رابطو ڪندي. جڏھن ته ان
عمر ۾ کيس کوڙ ساترا موزون رشتا ملي سگھن ٿا؟“ فرينڪل پڇيس.
سالزمن
جي چھري تي ڀرپور قسم جي مرڪ ڦھلجي وئي. ان به مون سان ائين ئي رابطو ڪيو ھيو،
جيئن تو مون سان ڪيو آ. دراصل رابطو، ان نه پر سندس پيءُ ڪيو ھيو. ان سندس لاءِ
ڀلو وَرُ ڳولڻ پئي چاھيو. اھا ھڪڙي عمدي شادي ھوندي. ھڪڙي الڙ ۽ ننڍي عمر جي
ڇوڪري، جڏھن پاڻ-ھُرتو ڪو رشتو جاچيندي، سو جذباتي ھوندو. پرڻي کان پوءِ حقيقت ان
جي ابتڙ ٿي پوندي. ان ۾ ٺڳجي پوڻ جو عنصر به ٿي سگھي ٿو.“ سالزمن پنھنجي ڳالھ ۾
وزن پيدا ڪندي چيس؛ ”ان کان علاوه، ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ کي آسانيءَ سان پنھنجي رنگ
۾ رڱي سگھجي ٿو.“
”ڇا
تون نه ٿو سمجھين ته ان عمر ۾ محبت، مڙني کان اھم تصور ڪئي ويندي آ ۽ باقي ٻيون سڀ
جو سڀ شيون پوئتي ڇڏيون وينديون آھن؟ ھڪڙو ماڻھو، پنھنجي محبت ماڻڻ لاءِ، دنيا به
تياڳي ڇڏيندو آ.“ فرينڪل چيس.
”محبت،
پاڻيءَ جو ڦوٽو آ. حقيقي محبت فقط ھڪڙي صحيح شخص سان ئي ٿي سگھي ٿي، ان کان اڳي
ڪڏھن نه.“ سالزمن، پنھنجو ٽھڪ مشڪل سان روڪيندي، چيس.
فرينڪل
پڇيس؛ ”جسماني صحت ڪيئن اٿس؟“
”بلڪل ٺيڪ!
ليڪن کاٻي ٽنگ ۾ ٿورو مَنڊُ اٿس. ٻارائپ ۾ پوليو ٿيو ھيس. جيڪڏھن غور نه ڪجي ته
لَکا ئي نه ٿي پوي.“
اھو
ٻڌي، فرينڪل بيزاريءَ واري حالت ۾ اٿي، دريءَ وٽ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي گھٽ وڌ چوڻ لڳو
ته ميريج بيورو جو سھارو وٺڻ جو ڇو سوچيم. ھن نھڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
”ڇو
نَھَ؟“ سالزمن پڇيس.
”معدي
جي ڊاڪٽرن کان نفرت ايندي آ.“ فرينڪل، ورندي ڏنس.
”تنھنجي
ان ڳالھ سان ڪھڙي غرض ته پڻس معدي جو ڊاڪٽر آ. جڏھن تنھنجي ھن ڇوڪريءَ سان شادي
ٿيندي ته تو کي ان جي پيءُ جي ڪھڙي ضرورت پوندي؟ اھو جمعي جمعاڻي پيو ايندو.“
ڳالھ
جنھن رخ ۾ چُري پئي ھئي، سو حساس به ھيو ته شرمناڪ پڻ. انھيءَ ڪري فرينڪل تيش ۾
اچي ڳالھ وچ ۾ ڪٽي، واپس موٽي آيو. انھيءَ ڪيفيت سندس ننڊ ڦٽائي ڇڏي ھئي. ايندڙ ٻن
ڏينھن تائين ڏاڍو پريشان ھيو. ان ڳالھ جو ذميوار سالزمن کي ئي سمجھي رھيو ھيو،
جنھن سندس خواھشن توڙي ضرورتن کي نظر ۾ نه رکيو ھيو ۽ نامناسب رشتا پيش ڪيا ھيا. ھن
اھو به سوچيو ته سالزمن کي جواب ڏئي، ڪنھن ڀلي ميرج بيورو سان رابطو رکجي. سوچيندو
رھيو، ليڪن ڪنھن نتيجي تي نه پھچي سگھيو. ٻئي ڏينھن سندس دروازو کڙڪيو. دروازو
کوليائين ته پريشان حال، ڏرا ڏنل اکين ۽ لٿل چھري سان سالزمن بيٺو ھيو. اخلاقي
گھرجن تحت کيس اندر ويھاريائين.
سالزمن
مئل مرڪ سان چيس؛ ”ڊاڪٽر! مان اوھان لاءِ خوشخبري کڻي آيو آھيان. مان ماسترياڻيءَ
جي پيءُ وٽ سندس ڌيءُ جي عمر جي تصديق ڪرڻ لاءِ ويو ھيس ته ان ٻڌايو ته حقيقت ۾ ان
ڇوڪريءَ جي عمر اوڻٽيھ سال آ، ٻٽيھ نه. اھو تفاوت ته نه ھئڻ جي برابر آ.“
”مون تو
کي ڪيترا ڀيرا چيو آھي ته مون کي ڊاڪٽر نه چوندو ڪر. مان اڃا شاگرد آھيان.“ فرينڪل
چيس.
”اوھان
جون سموريون تڪليفون دور ٿي وينديون. ان رشتي کي ڏسي وٺو. اھو اوھان لاءِ ڏاڍو
موزون رھندو.“ سالزمن زور ڀريس.
”مون
کي منھنجي حال تي ڇڏي ڏي. مون کي ھاڻ ان موضوع سان ڪا به دلچسپي ناھي رھي.“ فرينڪل
جان ڇڏائيندي چيس.
”اوھان
جي شاديءَ تي سڄي دنيا خوشيءَ مان نچندي.“ سالزمن، ڳالھ اڳتي چوري.
”مون
تي رحم ڪر.. وڌيڪ نه.“ فرينڪل وچ ۾ ڪٽيندي چيس؛ ”ان کان پھرين جو تون ان رشتي جي
باري ۾ اڃا وڌيڪ ٻڌائين، مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي.“
سالزمن،
ھٿ ۾ پڪڙيل لفافي مان تريل مڇي ڪڍي ۽ کائڻ شروع ڪيائين. کائڻ کان پوءِ، ان جا ڪنڊا
ورائي لفافي ۾ وڌائين ۽ پڇيائينس؛ ”چانھ ملي ويندي؟“
فرينڪل،
چانھ ٺاھي کيس ڏنس.
”تو کي
ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ جو رشتو ٻڌايان؟“ سالزمن پڇيس.
”نه!“
فرينڪل ورندي ڏنس.
”ھا ته
پوءِ ھاءِ اسڪول جي ماسترياڻيءَ جي باري ۾ ڪھڙي راءِ آ؟ اھا اوڻٽيھن سالن جي آ،
سندس پيءُ سندس ڄم سرٽيفڪيٽ ڏيکاريو آ. ان مون کي سندس عمر جي تصحيح ڪرڻ لاءِ چيو
ھيو، ليڪن مون کي ياد نه رھيو ۽ فائيل ۾ درستگي ڪرڻ مون کان وسري وئي.“ سالزمن
چيس؛ ”منھنجو خيال آ ته ھوءَ بيوھ آ.“
“ليڪن
تو ته بيوھ جي عمر ڪا ٻي ٻڌائي ھئي.“ فرينڪل چيس.
”اوھو!
مون کان وري گڙٻڙ ٿي وئي.“
”نه ئي
ڪنھن بيوھ سان ۽ نه ئي ڪنھن ماسترياڻيءَ سان پرڻجڻ ٿو چاھيان.“ فرينڪل، کولي چيس.
”جيڪڏھن
تو کي ماسترياڻيءَ سان پرڻجڻ ۾ دلچسپي ناھي ته پوءِ ڪنھن سان آھي؟ ان وٽ پنھنجا
ڪٺا ڪيل ھزارين ڊالر ۽ بلڪل نئين اوچي گاڏي آ. سندس پيءُ به ٻارھن ھزار ڊالر
ڏيندو. سندس تعليم تربيت، عمدي طريقي جي ٿيل آ. اھا تو کي ڀلو اولاد ڄڻي نپائي
ڏيندي. اڃا تو کي ڇا کپي؟ تو لاءِ ته دنيا ئي جنت بڻجي ويندي.“ سالزمن قائل ڪرڻ
لاءِ چيس.
”جيڏيون
واکاڻيون تون ڪرينس پيو ٿو، انھن ۾ جيڪڏھن سچائي آھي ته ڪڏھوڪو سندس شادي ٿي وڃڻ
گھرجي ھا.“ فرينڪل پنھنجو دليل ڏيندي چيس.
”ڇو جو
ھوءَ پنھنجي لاءِ عمدي کان عمدو جيون ساٿي ڳولڻ ٿي چاھي.“ سالزمن ورندي ڏنس.
ان جون
ڳالھيون ٻڌڻ کان پوءِ فرينڪل کي خيال آيو ته ’اگر ٻڌايل ڳالھيون سچيون آھن ته پوءِ
کيس ڏسڻ ۾ ڪو حرج ناھي. ساڻس ڳالھائي ٻولھائي ڏسجي.‘ تنھنڪري طئي اھو ٿيو ته ان
سان ملي وٺندو.
ورندي
ھفتي، فرينڪل ڪارو ڪوٽ ۽ ٽائي ھڻي، ھن سان درياءَ جي ڪناري ملڻ لاءِ ھليو ويو. ھن
ھلڪڙي ڏاڙھي به رکي ھئي. مٿي تي عالمن وارو ڪُلو به پاتل ھيس. اکين تي فيلسوفن
واري گول عينڪ به پاتي ھيائين. سندس چھري مان گھٻراھٽ ب،طکي پئي. کيس ماسترياڻي
جيني، مقرر ٿيل ھنڌ تي ملي وئي. صورت، موچاري ھيس ۽ سنھڙي سيپڪڙي ھئي. لباس
اسٽائلش ھيس پر موسم آھر موزون ھيس. ھوءَ وڏي ادا سان ۽ سلجھيل لھجي ۾ ڳالھائي رھي
ھئي. ھيءُ سندس طور طريقي کان ڏاڍو متاثر ٿيو. ھن سوچيو، ’سالزمن به ھتي ئي ڪٿي لامارا
ڏيندو ھوندو. سندس ھٿ ۾ دوربين ھوندي ۽ اھو ٽڪ ٻڌي کين ڏسندو ھوندو. سندن شاديءَ
۾، پنھنجي ھٿ ھئڻ جو سوچيندو ھوندو.‘ سندس خيال تڏھن ٽٽا، جڏھن ھن جينيءَ کي اھو
چوندي ٻڌو ته؛ ”سالزمن به ھڪڙي عجيب مخلوق آ. ڇا ائين ڪونھي؟“
فرينڪل،
ڪنڌ لوڏيو. تڏھن مان سندس ٿورائتو آھيان، جو ھن اسان ٻنھي جي ملاقات جو بندوبست
ڪيو.
”اوھو!
مون اھا ڳالھ سالزمن جي باري ۾ طنزيه انداز ۾ نه چئي ھئي. ان جو ڪو ٻيو مطلب نه
ورتو وڃي. مان به اھو ئي ٿي سمجھان ته اسان جي ملاقات ڪرائي، سالزمن ڏاڍو ڀلو
ڪيو.“ جينيءَ ٿڏي تي وضاحت ڪندي چيو.
”بلڪل!“
فرينڪل به ھا ۾ ھا ملايس. ھن محسوس ڪيو ته جيني پنھنجي وس آھر پوري ڪوشش پئي ڪري
ته رابطي کي اڳتي وڌائجي. ”سڱُ ڳنڍڻ ۾ تجربي کان علاوھ ھمت جي ضرورت به ھوندي آ.
سالزمن اسان جي ملاقات ڪرائي ثابت ڪيو آ ته ھو پنھنجي ڪم سان سچو آ. مون کي سندس
پيشي واري رويي کان ڪا به شڪايت ناھي. سندس اھو رويو روايتي به آھي ۽ تعريف جوڳو
پڻ. اھا ڳالھ سندس فرض ۾ شامل آ.“ فرينڪل، ڳالھ کي جاري رکندي چيو؛ ”بھرحال، ھن
اھو سٺو قدم کنيو آ.“
”ھا!
مان اگر تو کان تنھنجي باري ۾ ذاتي سوال پڇان ته ڪاوڙ ته نه لڳندئي؟“ جينيءَ پڇيس؛
”مان انھيءَ موضوع تي ڳالھائڻ کان لھرائيندي آھيان، تنھن ھوندي پڇڻ بنا رھي نه سگھندي
آھيان. تون سالزمن جي چوڻ تي مون سان ملڻ ڇو ھليو آيو آھين؟ ڇا اھو جوش ھيو، جذبو
ھو يا جنون ھو؟“
فرينڪل
آھستڙي جواب ڏيندي چيس؛ ”مان سدا کان مذھبي قانون جو شاگرد رھيو آھيان. منھنجي نظر
۾ اھا ملاقات به رب جي رضا سان ٿي رھي آھي..... مون ٻڌو آ ته تو ٿورو عرصو پيرس ۾
به گذاريو آ؟“
”ڇا؟
اھا ڳالھ تو کي سالزمن ٻڌائي آ؟“
”ھائو!“
فرينڪل چيس.
”گھڻو
وقت اڳي، اتي وئي ھيس. ھاڻ ته مون کان اھا ڳالھ به وسري وئي آ.“ جينيءَ ورندي ڏنس؛
”مان پنھنجي ڀيڻ جي پرڻي تي ھتي آئي ھيس، پوءِ ھتي ئي ترسي پيس....“
”ڇا تون
پنھنجي پوري حياتي، مذھب جي لاءِ وقف ڪري چڪو آھين؟ تون ھڪڙو مذھبي عالم آھين ۽ ڇا
مڙني احڪامن تي باقاعدي مذھب جي فرمانبرداري ڪندو آھين؟“ جينيءَ سوالن جو سلسلو
جاري رکندي پڇيس.
فرينڪل،
سندس ڳالھ ٻڌي، ڇرڪيو ته ھوءَ کيس ھڪڙو مذھبي ۽ جيد عالم پئي سمجھي، جڏھن ته حقيقت
۾ ھو ھڪڙو شاگرد آ. کيس لڳو ته سندس باري ۾ سالزمن، ڪوڙ کان ڪم ورتو آ. نه ھو
مذھبي عالم ھيو ۽ نه ئي سخت طبيعت جو ھيو. ان ڳالھ کيس ڳڻتيءَ ۾ وجھي ڇڏيو. ھو ته
ھڪڙي عام ماڻھوءَ وانگر ھيو. ھو مذھب کي پڙھندو ھيو ليڪن دراصل ھڪڙي کليل ذھن جو
مالڪ ھيو. ھو ھر وزندار دليل کي قبول ڪندو ھيو، جڏھن ته جيني کيس ڪٽر مذھبي عالم
جي روپ ۾ وٺي رھي ھئي، جيڪو نه ھيو. ان ڳالھ سان کيس صدمو پھتو ۽ اھا ڇوڪري کيس
اوپري لڳڻ لڳي. سالزمن کيس، سندس آڏو فرشتا صفت ڪري پيش ڪيو ھيو. ھن پنھنجي
پريشانيءَ تي ڪنٽرول ڪندي چيو؛ ”مان ڪو وڏي رتبي وارو مذھبي عالم ناھيان. مون رب
ڏانھن ان لاءِ موٽ نه کاڌي آ ته ڪو مان رب سان بي انتھا محبت ٿو ڪيان. پر ان ڪري
اوڏانھن لڙي آيس جو مان ساڻس نفرت ڪندو ھيس ۽ انھن جذبن ۽ احساسن ۾ وزن پيدا ڪرڻ
لاءِ ۽ خدا جو انڪار ڪرڻ لاءِ مذھب جو مطالعو شروع ڪيم ته جيئن رد نه ڪري سگھڻ
جھڙا ثبوت پيش ڪري سگھان، جيڪي مذھبي حوالي سان بيان ڪيا ويا ھجن.“
سندس،
ان اعتراف تي جينيءَ چيس؛ ”پنھنجي پنجٽيھن سالن جي عمر ۾ مون اھڙي ڳالھ پھريون
دفعو ٻڌي آ! اھو ته مذھبي تعليم حاصل ڪرڻ جو، بلڪل نرالو سبب آ.“
اھا
ڳالھ ٻڌي ته سندس عمر پنجٽيھ سال آ، فرينڪل جا اوسان ئي خطا ٿي ويا. کيس محسوس ٿيو
ته سندس سمورا ارادا ڀور ڀور ٿي ويا ھيا. کيس سالزمن تي ڏاڍي چڙ آئي ته ھڪ ته ھن
فرينڪل جون وصفون، غلط ٻڌايون ھيون ۽ ٻيو ته جينيءَ جي موٽ کائيندڙ عمر ٻڌائڻ ۾ پڻ
غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو ھيائين. سندس آڏو اگر انھيءَ اپرانڌ سالزمن اچي ھا ته اُڦٽ
ماريس ھا. ھيءُ بڙ بڙ ڪندو، اتان موٽي آيو. مٿس وڏي مايوسيءَ جي ڪيفيت ڇانئجي وئي
۽ ھو ڪيترا ڏھاڙا انھيءَ حال ۾ ورتل رھيو. سوچيندو رھيو ۽ کيس ان ڳالھ جو اندازو
ٿي ويو ته کيس پنھنجي حقيقي خواھشن جي ڄاڻ ئي ناھي. ھن پنھنجون توقعات، حقيقت جي
ابتڙ قائم ڪيون ھيون ۽ کيس اھا ڳالھ سمجھ ۾ ئي نه پئي آئي ته حقيقت ۾ ھو چاھي ڇا
ٿو؟ سندس مقصد، اڻ چٽا ھيا. عملي زندگيءَ جي باري ۾ ھن، غلط تصور جوڙيا ھيا. ھاڻ
سندس ذھن ۾ اھو ارادو پيدا ٿيو ته ٻين جي آسري کان سواءِ پنھنجي لاءِ رشتو، پاڻ
ڳوليندو. پاڻ محبت جي شادي ڪندو. جيئن ته سندس وقت ھميشہ پڙھائيءَ ۾ کپي ويندو ھيو
۽ دنياوي معاملن ۾ دلچسپي، نه ھئڻ جي برابر ھئس، جنھن ڪري ٻين سان انفرادي توڙي
اجتماعي ربط جوڙي نه سگھيو ھيو. ربط ۽ منجھس گھاٽائپ ته جڙندا ئي ھڪٻئي سان ميل
جول رکڻ سان آھن. تنھنڪري ھن سماجي گڏجاڻين ۾ وڌ کان وڌ، حصو وٺڻ شروع ڪيو.
موسيقيءَ جي محفلن، دعوتن ۽ ڊانس پارٽين ۾ وڃڻ لڳو. ھو ھر معاملي ۾ سيکڙاٽ ۽ اَلَڙ
ھيو. موقعن جي حساب سان ھنر جي گھٽتائي ھئڻ ڪري، جوڳي موٽ نه مليس.
ٿورن
ھفتن پڄاڻان، سندس دروازو وري کڙڪيو. سالزمن ھيو. دل ۾ آيس ته کڻي ۽ اڇلايانس، پر
پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ويو. سالزمن پڇيس؛ ”اڃا تائين جينيءَ جي باري ۾ ڪا به راءِ نه
ڏني اٿئي!“
موٽ ۾،
فرينڪل الٽو کانئس سوال پڇيو؛ ”تو جينيءَ جي باري ۾ ڪوڙ ڇو ھنيو ھو؟“
سالزمن،
لڄي ٿيڻ لڳو. ڳالھ ٺاھيندي چيائينس؛ ”پڻس اھو ٻڌايو ھيو، جنھن تي مون به کڻي يقين
ڪيو.“
”تو ته
چيو ھيو ته تو سندس ڄم سرٽيفڪيٽ پاڻ ڏٺو آ.“ فرينڪل چيس.
”اھا
غلط فھمي ٿي ھئي. اھا ڪا ٻي عورت ھئي.“ سالزمن ورندي ڏنس.
”ان
کان وڌيڪ خراب ڳالھ اھا آھي ته تو کيس منھنجي تعليم ۽ رتبي جي باري ۾ به غلط
ٻڌايو.“ فرينڪل چيس؛ ”منھنجي خوبين کي وڌائي پيش ڪيئي، ڄڻ مان ڪو وڏين وصفن جو
مالڪ ھجان. جينيءَ جي نظر ۾ مان وڏو عالم ۽ فرشتا صفت انسان ھيس، جيڪو سراسر غلط
ھيو. ھوءَ مون کي ڊاڪٽر سڏي رھي ھئي، جيڪو مان آھيان ئي ڪو نه.“
”مون
ته کيس فقط اھو چيو ھيو ته تون ھڪڙو مذھبي شخص آھين. مان سمجھان ٿو ته اھا منھنجي
ڪمزوري آ، ليڪن ٻئي کي چپ ڪرائڻ لاءِ ايترو ته ڪبو آ.“ سالزمن وراڻيس.
”مون
کي ڪنوار جي گھرج ناھي. مون کي منھنجي حال تي ڇڏي ڏي. مان ڏاڍي ڏکيائيءَ سان
پنھنجي پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان. مون کي پرڻي جو کپُ ته آھي پر
منھنجو مقصد ھاڻ ڦري ويو آ. ھاڻ مان شادي ڪندس ته پنھنجي زندگيءَ جي ساٿيءَ کي سڌي
رستي تي آڻڻ لاءِ ڪندس. اھا ووڙ مان پاڻ ڪندس ۽ محبت خاطر شادي ڪندس.“
”مون
وٽ اھڙيون ٻانھون به آھن جيڪي سچي محبت جي ڳولا ۾ ڍومائون پيون کائين، جن کي مون
ضرورت رشتا واري جادوئي گندڙي ۾ وجھي، وساري ڇڏيو آ.“ سالزمن ٻڌايس.
”مون
کي اڪيلو ڇڏي ڏي. مون چيو نه ته مون کي ھاڻ ان جي گھرج ناھي. مھرباني ڪري، تون
ھليو وڃ.“
سالزمن،
اھا ڳالھ ٻڌي اٿي بيٺو ۽ پنھنجن ڪلھن تي لڙڪندڙ ٿيلھي مان ھٿوراڙيون ڏئي ڪا شيءِ
ڳولڻ لڳو. نيٺ ٽي بند ٿيل لفافا، جن ۾ ڇوڪرين جون تصويرون ھيون، ڪڍي ميز تي رکيائين
۽ چيائينس؛ ”اِھي، اُھي عورتون آھن، جيڪي محبت جون ڳولائو آھن. انھن کي ڏسي، تو کي
جيڪا پسند پوي، مون کي ٻڌائجانءِ! محبت، سڄي زندگي گڏ گذارڻ سان حاصل ٿيندي آ. اگر
تنھنجو مقصد صرف محبت آھي ته اھو تيستائين پورو نه ٿيندو جيستائين ان جي ضرورتن کي
پورو ڪرڻ لاءِ، ان متعلق سمورا ضروري قدم کنيا نه وڃن. تنھن کان پوءِ جيڪڏھن شادي
ڪئي وڃي ته اھا ڪامياب رھندي آ. تو کي تنھنجي محبت ۽ مقصدُ، انھن تصويرن ۾ نظر
ايندو. جڏھن فيصلو ڪري وٺين ته مون کي ٻڌائجانءِ!“ اھو چئي، ھو ھليو ويو.
فرينڪل،
سندس ڳالھين تي ڌيان ئي نه ڏنو. تصويرن وارا لفافا، ميز تي ئي پيا رھيا. مارچ چڙھي
آيو. ھو پنھنجي ڪمن ڪارين ۾ ٻيھر مشغول ٿي ويو. ڪڏھن ڪڏھن چانھ پيئندي، انھن بند
پيل لفافن ڏانھن ڌيان ويندو ھيس. ھڪ ڏھاڙي غمزده حالت ۾ دريءَ مان ٻاھر جو ديدار
ڪري رھيو ھيو ته سندس ڌيان وري ميز تي رکيل لفافن ڏانھن ھليو ويس. دل ۾ آيس ته
ڏسان ته آخر ڪھڙيون مايون آھن، جيڪي سالزمن وٽ وڻندڙ به آھن ۽ محبت جي خواھش به
زورئون زور اٿن.
ميز جي
آڏو اچي اڌ ڪلاڪ ان مونجھاري ۾ بيھي رھيو ته لفافا کوليان يا نه. نيٺ، ھڪڙو لفافو
کڻي ورتائين ۽ کوليائين ته منجھانئس ڇھ تصويرون نڪري آيون. ھر ھڪ ۾ سونھن ھئي.
سندن عمريون جوانيءَ جا ليڪا لتاڙي چڪيون ھيون. جيتوڻيڪ ھو پنھنجن چھرن تي ٺھندڙ
مُرڪ رکندڙ ھيون. ليڪن اھي مرڪون، کوکليون پئي لڳيون. سندن اصلي شخصيت نمايان نه
پئي ٿي. منجھن ڪنوارپ، ڳوٺاڻائپ ۽ چريائپ ظاھر پئي ٿي. مڙني منجھان، سڙيل مڇين
واري ڌپ محسوس ٿي رھي ھيس. اھي تصويرون، موٽائي لفافي ۾ وڌائين. ٻيو لفافو
کوليائين ته ان مان به ڇھ تصويرون نڪتيون. منجھانئن ھڪڙي تصوير، سندس دل کي ڌڪ
ھنيو. مڄاڻ الائي ڇا ٿيو جو ھن ان تصوير کي ڏسي روئڻ شروع ڪيو.
ان
مائيءَ جو چھرو ڏسي، فرينڪل سڄو گم ٿي ويو. ائين ڇو ٿيو، ان جي کيس به خبر نه پئي.
ان تصوير واري مائيءَ ۾ جوانيءَ جي جھلڪ نظر اچي رھي ھئي. سندس عمر، اڃا ايتري وڏي
نه ھئي. اھا ڏاڍي ستايل لڳي رھي ھئي. بيوسي ۽ ويچارپ، سندس ويران اکين مان ٽمي رھي
ھئي. سندس نيڻن مان نياپو اھو پئي مليو، ڄڻ مدد لاءِ واجھائيندي ھجي. ائين لڳس ڄڻ
ان مائيءَ جو چھرو ڏٺل وائٺل ھجي ۽ ھن کيس ڪاٿي ڏٺو ھجي ۽ کيس ياد نه ھجي. ھوءَ
ھڪڙي ڏاڍي سھڻي مائي نه ھئي ليڪن منجھس ڇڪ ھئي. ان تصوير ۾ جنھن شيءِ کيس گھڻو
متاثر ڪيو سا ھئي پڇتاءَ جي ڪيفيت جيڪا ناريءَ جي نيڻَ-نِھارَ مان بَکي پئي. ائين
پئي لڳو ڄڻ ھن اھو فوٽو، بي دليو ڪڍرايو ھجي. لاچارپ، لڪائڻ جي باوجود به، سندس
نيڻن مان جھاتيون پائي رھي ھئي. انھيءَ تصوير کي، فرينڪل ورائي ورائي ڏٺو. سندس
چھري جي ھر حصي تي غور ڪيائين. سندس اکيون چنجھيون ٿي ويون ۽ ذھن مائوف ٿي ويو. کيس
ان عورت مان ڊپ محسوس ٿيڻ لڳو، جيڪو پڇاڙيءَ ۾ جوش ۽ جذبي ۾ مَٽجي ويو. سندس ذھن ۾
ھڪدم ھيءُ خيال آيو ته ھيءَ ئي مائي آ جيڪا کيس راحت ۽ محبت ڏئي سگھندي. ھو ان
ڳالھ تي به حيران ھيو ته سالزمن ھن تصوير کي جادوئي گندڙي ۾ ڇا لاءِ اڇلي ڇڏيو ھيو،
ڇو جو سندس خيال ۾ اھي مايون اھڙيون ھونديون ھيون جن جو پرڻو ممڪن ئي نه ٿي سگھي. معاملو
ڇا به ھيو، پر ھاڻ ھيءَ سندس لاءِ اھم ٿي وئي ھئي. ھن، کيس ڪنھن به حالت ۾، حاصل
ڪرڻ جو پڪو ارادو ڳنڍِ ٻڌي ڇڏيو.
فرينڪل،
ھاڻي سالزمن سان تڪڙ ۾ رابطو ڪرڻ لاءِ گھريو پئي، ليڪن وٽس سندس فون نمبر نه ھيو. ھن
ٽيليفون ڊائريڪٽري کنئي، مگر سندس گھر يا آفيس جو نمبر ھٿ نه آيس. کيس ياد آيو ته
ساڻس رابطو ته خط پٽ ذريعي ئي ٿيو ھيو. ھن اخبار جي ڪٽنگ ڳولي لڌي، جنھن ۾ سندس
اَتو پتو لکيل ھيو. ھيءُ تڪڙ ۾ اٿيو ۽ ان ئي پتي تي پھچي ويو. اھو گھر، سالزمن جو
سڀڪجھ ھيو؛ آفيس به ته رھائش به. ھن دروازو کڙڪايو. ھڪڙي مائيءَ، کنگھندي کُڙڪندي
اچي دروازو کوليو. لڳو پئي ڄڻ ھوءَ دم جي مريضِ ھجي.
”ڇا
ھيءُ سالزمن جو گھر آ؟“ فرينڪل پڇيس.
”ھا!“
مائيءَ ورندي ڏنس.
فرينڪل
کي ٻيھر ائين لڳو ڄڻ ھن، انھيءَ مائيءَ کي اڳي ڪٿي ڏٺو ھجي، مگر ڪاٿي؟ ياد نه آيس.
”ڇا سالزمن، گھر ۾ آھي؟“ فرينڪل پڇيس.
”نه!“
ورندي مليس.
”ھڪڙو
اھم معاملو آ، جيڪو مان ستت حل ڪرڻ ٿو چاھيان. ڇا تون اھو ٻڌائي سگھين ٿي ھينئر ھو
ڪاٿي ھوندو؟“ فرينڪل چيس.
”ھوا
۾!“ مائيءَ جواب ڏنس؛ ”سندس ڪا آفيس ڪانھي.“
فرينڪل،
مائيءَ جي پٺيان، ڪمري ۾ اک-وتائي ڏٺو ته سڀ شيون ٽڙيون پکڙيون پيون ھيون. کيس ڪو
جادوئي گندڙو نظر نه آيو. ھن سوچيو؛ ’شايد اھو به سالزمن جو تصوراتي عمل ھجي.‘
”مان
سالزمن سان تڪڙو ملڻ ٿو چاھيان. وڏو اھم ڪم آ.“ فرينڪل، ڳالھ تي زور ڏيندي، چيس.
”ڪنھن
کي ڪھڙي خبر ته ھو ڪاٿي آ؟ ھر گھڙيءَ، ماڳ ۽ مَتِ مَٽبا رھندا اٿس. تون گھر وڃ. ھو
پاڻ تو سان اچي رابطو ڪندو. تنھنجو نالو ڇاھي؟“
”کيس
ٻڌائجانءِ؛ فرينڪل آيو ھيو.“
مائيءَ
ٻُڌو، اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيس.
فرينڪل،
گھر موٽي آيو. گھر پھتو ته ڏسي حيران ٿي ويو جو سالزمن کانئس اڳي اتي حاضر ھيو.
فرينڪل، کيس پنھنجي ڪمري ۾ وٺي آيو. کيس چانھ ڏنائين ۽ گڏوگڏ بسڪوٽ به رکيائينس. ھن
تصويرن وارو لفافو، سالزمن کي موٽائي ڏيندي چيو؛ ”منجھانئن ھڪڙيءَ مائيءَ کي پسند
ڪيو اٿم. ھن، اھا تصوير کيس ڏيکاري، جيڪا ڏسندي سالزمن پھرين ته ڏاڍو حيران ٿيو ۽
پوءِ ڊڄي ويو. سندس واتان، ڏک ۽ تڪليف جي ڪري، آھ ئي نڪتي.
”معاف
ڪجانءِ! مان ساڻس تنھنجي شادي ڪرائي نه ٿو سگھان.“ سالزمن چيس؛ ”اھا تصوير، غلطيءَ
سان انھيءَ لفافي ۾ ھلي وئي ھوندي.“ ھو اھا تصوير، کيسي ۾ رکي، جلديءَ ۾ اٿي ھليو
ويو. فرينڪل جڏھن اھو ڏٺو ته مٿس سڪتو طاري ٿي ويو. کيس جڏھن سالزمن جي ھليو وڃڻ
جو احساس ٿيو ته ھيءُ به ڪڍ ڀڳس ۽ ڪاريڊور ۾ وڃي پڳس.
”مون
کي اھا تصوير موٽائي ڏي!“ فرينڪل چيس.
”نه!“
سالزمن جي اکين ۾ درد ھيو.
”مون
کي ٻڌاءِ! ھيءَ مائي ڪير آ“ فرينڪل پڇيس.
”مون
کي معاف ڪر! مان اھو ٻڌائي به نه ٿو سگھان.“ سالزمن اھو چئي وڃڻ لڳو ته فرينڪل سندس
ڪوٽ جو ڪالر جھلي بيھي رھيو.
”پليز....
پليز.. مون کي ڇڏ!....“ سالزمن ايلازو ٿيس.
”تو کي
ٻڌائڻو پوندو ته ھيءَ مائي ڪير آ؟ مون لاءِ اھو ڄاڻڻ اھم آ.“ فرينڪل زور ڀريس.
”اھا،
تو لاءِ ناھي. اھو جوڙو غير موزون رھندو. اھا ھڪڙي بد تھذيب ۽ ٽانءِ ۾ ڀريل مائي
آ. جھانگيلڻ، ڄٽي ۽ وِڻواند آ. مال پرست آ. ان لاءِ غريب ھجڻ وڏو گناھ آ، جنھن کي
ڪنھن به طريقي سان نندڻ، برو نه سمجھندي آ. اھا ھڪڙي جيد عالم جي زال نٿي ٿي سگھي.“
”وِڻواند
۽ جھانگيلڻ مان تنھنجي ڇا مراد آ؟“ فرينڪل پڇيس.
”اھا،
ھڪڙو جانور آ. ھڪڙي ڪتي وانگر آ. اھا مون لاءِ مري چڪي آ. سندس ڪي به اخلاقي حدون
ناھن.“ سالزمن تفصيل ۾ ٻڌايس.
”خدا
جو واسطو ٿي. مون کي صحيح صحيح ٻڌاءِ ته اھا ماجرا ڪيئن آ؟“ فرينڪل، بيچينيءَ واري
حالت ۾ چيس.
”مان،
ان جي ملاقات تو سان نه ٿو ڪرائي سگھان. ان ۾ تو کي ڇا نظر آيو آ جو ڇتو ٿي پيو
آن... ڇو ٿو سمورا ليڪا لتاڙڻ چاھين؟“ سالزمن نھڪار ۾ چيس.
”آخرڪار
تون ان مائيءَ جي باري ۾ ايترو حساس ڇو ٿي ويو آھين؟ مون تنھنجي ڪھڙي ڏکندڙ رڳ تي
لت رکي آ.... اصل ڳالھ ٻڌاءِ؟!“ فرينڪل زور ڀريندي چيس.
”ڇو؟...
ڇو جو... ڇو جو اھا منھنجي ڌيءَ سٽيلا آھي. کيس، مون گھرئون لوڌي ڪڍي ڇڏيو آ. اھا
ھڪڙي دوزخڻ آ.“ سالزمن ورندي ڏنس.
اھو
ٻڌي، فرينڪل ھڪو ٻڪو ٿي ويو. اتئون کيس سّڻس پئي ته ڇوڪريءَ جي تصوير کيس ڏٺل ڇو
پئي لڳي. ھوءَ مھانڊن ۾ پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جھڙي ھئي. انھيءَ دريافت کي، ھن دل تي
ورتو. ھو ڏک ۾ ڀرجي، سمھي پيو. خواب ۾ به ساڳي ماجرا سندس مغز تي ڇانيل رھي.
پنھنجي مٿي کي گھڻيئي لوڏا ڌوڏا ڏنائين ته اھا شعور مان گم ٿئي، ليڪن بيسود.
آخرڪار پڪو ارادو ڪيائين ته انھيءَ مائيءَ سان ملندس ضرور.
ورندي
ڏھاڙي تي ھو ڪاڏي ويو پئي جو کيس سالزمن ھڪڙي ھوٽل تي مڇي کائيندي نظر آيو. حالت
ڏاڍي بڇڙي ھيس. چھري تي ڏک جا ڪڪر ڇانيل ھيس. ٿڪل ٿڪل پئي نظر آيو. فرينڪل اڳيئون
اچي پھتس ته کيس ائين ڏٺائين ڄڻ سڃاڻندو ئي نه ھجيس.
”سالزمن!
منھنجي من ۾ محبت ڪَرُ کنيو آ. مون کي انھيءَ مائيءَ سان محبت ٿي وئي آ. ائين ٿو
لڳي ته مان ان کان بغير نه ٿو رھي سگھان.“ فرينڪل، وڏي جوشيلي لھجي ۾ چيس.
”ھڪڙي
تصوير کي ڏسي، ڪنھن کي ڪنھن سان ڪيئن ٿي محبت ٿي سگھي؟“ سالزمن رُکي لھجي ۾ پڇيس.
”جيڪڏھن تو کي ان عورت سان محبت ٿي وئي آ ته مون کي سؤ سيڪڙو يقين آ ته تون دنيا
جي ھر شخص سان محبت ڪري سگھين ٿو. مون وٽ ڪجھ ٻيون به تصويرون آھن. منھنجي راءِ آ
ته اھي به ڏسي وٺ ۽ براھ مھرباني ھن سان ملڻ جي ھوڏ ڇڏ!“
”مان
فقط سٽيلا سان ئي پرڻجڻ ٿو چاھيان.“ فرينڪل، فيصلو ٻڌايس.
”ڊاڪٽر!
چريو نه ٿيءُ! ساڻس نه مل! ھوءَ تنھنجي قابل ناھي.“ سالزمن چيس. ھو ڳڻتيءَ ۾ موڙھل
لڳي رھيو ھيو.
”مون
کي ان سان ئي ملڻو آ ۽ تون مون کي ساڻس ملاءِ!“ فرينڪل ھوڏ تي بيٺو رھيو.
سالزمن،
ھن جي ھوڏ ڏسي، کاڄ کائڻ بند ڪيو ۽ سوچڻ لڳو. جنھن تي فرينڪل کي تسلي ٿي ته ھاڻ
سندس درخواست قبول ٿي آ.
فرينڪل
کي ھڪڙي خط جي ذريعي اطلاع مليو ته سٽيلا، ساڻس ڇنڇر جي رات اٺين بجي ڌاري، فلاڻي
ھال ۾ دروازي وٽ بيٺل ملندي. ھيءُ ھن بھار جي موسم جي رات، پنھنجي ھٿ ۾ گلاب جو
گلدستو جھليو، پنھنجي بھترين لباس ۾، مقرر ٿيل ھنڌ تي وڃي پھتو. اتي کيس اھا عورت
اڇي رنگ جي ننڍي اسڪرٽ ۽ ڳاڙھي رنگ جي جوتن ۾ ملبوس (جيڪا طوائف جي لباس جي سڃاڻپ
آ)، سگريٽ پيئندي نظر آئي. فرينڪل ڏٺس ۽ ڄاڻي ورتائين ته سندس اکيون ھوبھو سندس
پيءُ سالزمن وانگر ۽ مھانڊو ماءُ تي ويل ھيو. ھوءَ شبيھ ۾ ٻنھي جھڙي ھئي. فرينڪل
ڪجھ سوچيو ۽ گلاب جو گلدستو کيس پيش ڪري ڇڏيائين.
ھوڏانھن
سالزمن ھڪڙي ڪنڊ ۾، ڀت سان ٽيڪجي، لڪ ڇپ ۾ ان عورت لاءِ، جيڪا سندس چواڻي مري چڪي
ھئي، بخشش ۽ رحمت جون دعائون گھري رھيو ھيو.
(پروفيسر غلام محي الدين (ڪيناڊا) واري جي اردو ترجمي تان کنيل)
(ماھوار
ھمسري حيدرآباد آن لائين جي ڊسمبر ۲۰۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)
No comments:
Post a Comment