پوياڙيءَ جا پاڇا
مختصر ڪھاڻي
رزاق سھتو
مونن ۾ منھن ھنيو، پيريءَ ۾
وجود کي وڪوڙيل بيمارين کان بيزار، ڪِنجِهي ۽ ڪُڻڪَندڙ، دم جي مريض جيان ساھُ کي سٽ
اٿس. واندڪائي ۾ ويٺو سوچي، ماضيءَ جي ياد ڪر موڙيو ته اکيون آليون ٿي پيس. نرڙ تي
پيريءَ جا گهنج پر پوءِ به چھري تي چمڪ اٿس. هٿ وڌائي ڀر ۾ رکيل ريڊئي جو واليم
کوليائين. فرمائشي پروگرام ھلي رھيو ھو. هڪ، ٻن ڪلامن کانپوءِ انائونسر چوي ٿو؛ ”سامعين
پنھنجي پسند تي وائي ٻڌندا، آواز جڳ مشھور ۽ ڄاتل سڃاتل.“
سازن جا آواز اڀرن ٿا. ڳائيندڙ
سريلي ۽ مڌر آواز سان ٻول چپن سان چوري ٿو. ھن پوڙھي ڪلاڪار جي گَهري سچ جي سمنڊ ۾
ماضي تيز ھوا بڻجي لھرن جو روپ ڌاري ڪناري ڏانھن ڪاھ ڪري ٿو.
ڪلاڪار جا وائي ڦوھ جوانيءَ ۾ ڳاتي
ھئي. جڏھن سندس آواز تي پوري محفل جهومڻ لڳندي ھئي. ماڻھو ٻُڌندي ڪين ٿڪبا ھيا.
جنھن سنگيت جي محفل ۾ ھي نه ھجي سا اڌوري لڳندي ھئي. ھن جو نه ڄاڻ ڇو ھٿ ريڊيو جي
واليم طرف وڌي ويو. ريڊيو بند ڪرڻ ٿي چاھيائين. پنھنجو ئي آواز کيس، تيز سيٽيون بڻجي
ڪنن ۾ زوڪاٽ ڪندو محسوس ٿيو. بت ۾ بيقراري، من ۾ مانڌاڻ مچائي دُکن جو داستان ڇيڙي
رھيو ھو. پر الائي ڇو وري ارادو بدلائي ڇڏيائين. شايد ھو پنھنجي ماضيءَ کي ٻڌڻ
چاھي ٿو. پوءِ ڌيان سان من جي مونجهه مٽائڻ خاطر، آواز تي مست ٿي ويو. جذبات ۾، اٿي
بيھي رھيو. جهمر ھڻڻ ٿي چاھيائين پر پيرن ۽ ڄنگهن ساٿ ڪو نه ڏنس. مايوس ۽ ماٺيڻو،
ماٺيڻو ٿي ويو. وائيءَ جا ٻول تيز ڌار بڻجي جسم کي چير ڏيندا رھيس. جنھن مٿان
بيوسيءَ جو لوڻ ٻرڪندي محسوس ڪيائين. اکين مان لڙڪ لڙي پيس. ٿڌو ساھ کڻندي چيائين؛
”ھاءِ....ھاءِ وَھي وئي وھي. وير ئي ڪا نه وري. ڪالھوڪو ڏينھن ٿو لڳي. جوانيءَ جو
سج اڀريو ۽ اڄ پوياڙيءَ جا پاڇا، پيري به عجيب مذاق ٿي ڪري.“
ھن وائي ٻڌي پوري ڪئي، پر ھي پوڙھو
ڪلاڪار، نراسائيءَ ۽ بي وسيءَ کان چپن تي زبان ڦيرائيندو رھيو. پاڻ سان ڳالھائڻ لڳو:
”سڄي زندگي راڳ ڳائيندي گذري وئي. پيريءَ ۾ پيڙائن ڪٻو ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻ ته ڳائڻ
جي بس...!!!، بس سڌَ ئي ڪري سگهان ٿو.“
ھي پوڙھو ڪلاڪار احساسن جا سمنڊ
پلٽيندو رھيو ھو، محبت جي گيتن جا واھڙ وھائيندو رھيو ھو. ھن جي تيار ڪيل ڌنن، لئه
۽ راڳڻين ۾ ھن ڌرتيءَ جي ماڻھن ۽ سنگيت کي سونھن بخشي، ان جي صلي ۾ کيس ڇا مليو؟ ڇا
ان جي موٽ ۾ مليل ھي چند ايوارڊ آھن. دل تي مونجهه ۽ پاڻ ڀُرندو محسوس ڪيائين. ڌنڌلين
۽ ڳوڙھن سان ڀريل اکين سان ڪوٺيءَ جي جاري ۾ رکيل، ايوارڊن کي ڏٺائين ته ڏسندو ئي
رھيو، ڄڻ ڪجهه انھن ۾ ڳولي رھيو ھجي. سندس ذھن ۾ تاڙين جي آواز جي گونج اڀرڻ لڳي.
ايوارڊ وٺڻ ويل ڪيتريون ئي تاڙيون ڳچ عرصي تائين وڄنديون رھيون. جڏھن ماڻھن جي ميڙ
مان ايڏو مانُ مليو ھئس ته اکين ۾ لڙڪن جو پاڻي ڇلڪي آيو ھيس. ھو اٿيو ۽ ڳرن قدمن
سان جاري وٽ پھتو. ايوارڊن جي مٿان چڙھيل مٽيءَ کي قميص جي پاند سان صفا ڪرڻ لڳو.
پوءِ سيني سان لڳائي اکيون پوري ڇڏيائين. اکين مان گرم لڙڪ لڙندا ڳلن کي پسائيندا
اچي انھن ايوارڊن مٿان ڪريا.
چوڻ لڳو: ”تنھنجي نالي سان ورتل
ايوارڊ جا محبوب شاعر، تنھنجي بيتن، وائين کي ڳائي ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچايو اٿم.
پنھنجي روح کي تسڪين سان گڏ اھو من جو سرور ٻين تائين به پھچايو اٿم، ھاڻ ست ناھي
رھيو. ھوند ڳائڻ جي اڃا به اساٽ اٿم. پر ڇا ڪيان مجبور آھيان. عمر جي ھن حصي ۾ ته
سڀ سُرَ رسي ويا آھن. اڄ سر سارنگ به ڪيڏارو ٿو لڳي. زندگيءَ جي آخري پھر ۾ ھڪڙي
خواھش آھي ته جيڪر منھنجي سنگيت جي سرن جي ٽمڪندڙ ۽ ڪمزور ڏيئي جي لاٽ مان لاٽ ٻري
۽ ڪيئي سُرَن جون ڏياٽيون ٻري پون. ڪاش! ڪوئي سڀ ڪجهه مونکان حاصل ڪري وٺي. اڃا به
ڪيئي سر سيني ۾ سانڍيل آھن. مان سڀ ڪجهه ھتي ڇڏي وڃڻ ٿو چاھيان، پر ڪوئي ھن طرف
اچي ئي ڪو نه ٿو.
ڪلاڪار جي منھن تي پگهر جا ڦڙا
اچي جرڪيا ٿي. قميص جي پاند سان ڳوڙھا اگهيائين ۽ پوءِ ايوارڊن کي ساڳي جاءِ تي
رکي ٻاھر کٽ تي اچي ويھي رھيو. سندس کٽ نم جي گهاٽي ڇانوَ ۾ ھئي. ھوا جي جهوٽي تي نم
مان پيلا پن ڇڻي اچي سندس جهول ۾ ڪريا. انھن کي ڏسندي ڪنھن نئين ڪرب سان کوري ۾ پچندڙ
سر جيان آڙاھَ ۾ پڄرندو رھيو.
ٿڌو ساھُ جملو: ”ھنن پيلن پنن ۽
مون ۾ ڪھڙو فرق. ھي به پنھنجو وارو وڄائي چڪا ۽ مان به...!“
ھن جي چپن تي اوچتو ھلڪي مرڪ
اچي وئي. مُنھن تي آيل گُهنجن ۾ گهاٽائي ۽ ڌيان ننڍي پٽ ڏانھن ڇڪجي ويس. جيڪو ھن ڏانھن
اچي رھيو ھو. ٻاراڻي وھيءَ ۾ ھو. ھٿ ۾ بانسري ھئس. ادب سان اچي پيءُ کي سلام ڪيائين
ته پڻس چيس: ”ابا سامھون موڙي تي ٿي ويھ!“
ھو ويھي رھيو.
ڪجهه وقت پيءُ ڏانھن تَڪڻ
کانپوءِ، چپن تي بانسري رکي ابتا سُبتا سر ڪڍڻ لڳو. پوڙھي ڪلاڪار جو اتساھ وڌيو. ڇِڪَ
ٿيس. ڇو ته پاڻ به شروع ۾ بانسري وڄائيندو ھو. سندس سَڌ وڌي هٿ جي اشاري سان پٽ کي
سڏ ڪيائين. بانسري وٺي چپن تي رکيائين ڏڪندڙ، ڪمزور آڱريون سوراخن تي مضبوطيءَ سان
رکي دم ڀري سُر ڪڍڻ لڳو. اڃا ٻه ٽي ڦوڪون مس ڏنائين ته دم چڙھي ويس. ٻُٽجي ويو.
پراڻي دم جي مريض جيان سھڪڻ لڳو ۽ کنگهه اچي ورايس. بانسري هٿ مان ڇڏائجي وڃي مٽيءَ
جھڙي پَٽَ تي ڪري. پاڻ وٽجي ويو. پٽس ڊوڙ پائي پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيو ۽ کيس پيارڻ
لڳو ۽ کيس چيائين: ”بابا ھاڻي سر ڪڍڻ توھان جي وس جو ناھي.“
پڻس پاڻيءَ جو ڍڪ پي، گلاس واپس
ڪندي چيس: ”سچو آھين ٻچا، دل ته گهڻو ئي گهري ٿي پر ساھُ ساٿ نٿو ڏئي. مئي پِيري
آھي.“ خاموشيءَ کانپوءِ ٿڌو ساھُ کڻندي: ”ڪڏھن ته سسئيءَ جيان ڏونگر ۽ ڏاڍ جي چنتا
ڪرڻ بنا، سر ڪوھياري ڳايوسين پر ھاڻ ته سڀ سُرَ رسي ويا آھن. جنھن لاءِ ڪشالا ڪڍياسين،
ڳايوسين سڀ منھن موڙي ويا. ھاڻ ته ڪير سار به ڪو نه ٿو لھي.“
پوءِ ھن ڦرڪندڙ چپن سان بيت پڙھيو؛
”ڳالھيون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون،
پَرَ سين مون نه ڪيون، گوشي
پرين نه گڏيا.“
ڪلاڪار جي نراسائي منجهان آسمان
طرف نھار: ”نه ڄاڻ ڪڏھن ھن پڃري مان ساھ جو پکي اڏامي ويندو. ڪڏھن ڪڏھن ساھ مٺ ۾ ٿي
ويندو اٿم ته مان ائين مري ويندس سڀ سُرَ ساڻ کنيو ويندس. ڪو وارث جاڳي پئي. ھي ڪلھن
تي جيڪو بار آھي، تنھن کان ٽنگون ڏڪي رھيون آھن. ڪنھن جي حوالي ڪيان.“
هن پُٽ جي نرڙ تي چمي ڏني: ”تون
به ته اڃا ٻاراڻي وھيءَ ۾ آھين پر مان مايوس ناھيان.“
ھي مھان ڪلاڪار، زندگيءَ جي
آخري ڏينھن ۾، اکين جو نورُ وڃائي چڪو ھو. کيس ٻانھن کان وٺي گهمايو ويندو ھو.
زندگيءَ جي باري ۾ پڇڻ تي روئي ويھندو ھو. در ۾ ھر وقت ساھ ٽنگيل شايد ڪو ھمدرد يا
پنھنجو اچي نڪري. سيني ۾ ڪيئي سُرَ سانڍيندڙ ھيءُ راڳي، جنھن سڄي عمر ھزارن گيتن
ذريعي ماڻھن جي اندر جي مونجهه مٽائي ھئي، سو پيٽ بکيو ۽ ڪسمپرسيءَ جي زندگي
گهاريندي، موت سان اک-ٻوٽ کيڏندي، آخر وڃي ان جي اڳيان ھار مڃي بيٺو.
(رزاق سھتو جي ۱۸ نومبر ۲۰۲۴ع
تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)
No comments:
Post a Comment