Sunday, November 10, 2024

راهزن - منظور ڪوھيار

راهزن

مختصر واقعاتي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



اڄ شام جو سعدي ٽائون ۾ نئون ٽرئڪ سوٽى پائي واڪ ڪندي هڪ جنرل اسٽور تان شگر فري بسڪوٽ وٺي موٽيم پئي ته هڪ سفيد رنگ جي الٽو ڪار اچي ڀرسان بيٺي۔ هڪ همراه زٽڪي قد جو ڪار مان نڪتو ۽ سنڌي ۾ پڇڻ لڳو: ”سائين بابا رحمت جي خبر اٿو جيڪو دم درود سان هر بيماري ڇڏائيندو آهي۔"

وراڻيم :" نه!"


سامهون کان ايندڙ هڪ همراه ڀرسان اچي ٻڌائڻ لڳو؛ ”مون کي خبر آهي۔ هن وقت شام جو واڪ تي نڪرندو آهي۔ مان شگر جو مريض هيس۔ سندس هڪڙي دم سان مرض ختم ٿي ويو۔ مان روز هتي سندس سلامي ڀريندو آهيان۔ پوء پٺيان ايندڙ ماڻهو ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيائين؛ ”او هي سائين بابا اچيو ٿو!"

هڪ پيٽر اڌيڙ عمر جو لڏندو لمندو پئي آيو, اچڻ سان ئي مون کي ٻک هڻندي چيائين"سڀ بيماريون ۽ مشڪلاتون دور ٿي ويئي۔ هي ڏس!“ ائين چئي هن کيسي مان پني ڪڍي پنهنجي تري تي گھمائي ته پني کي باه لڳي وئي۔

ڏس پتو پڇندڙ زٽڪي قد جي همراه به گوڏن تي هٿ رکي چيس؛ ”سائين هي پنج هزار نذرانو وٺو!"

سائين بابا هٿ پري ڪندي چيس," مان نيڪيءَ جي ڪم ۾ روپيو به نه وٺندو آهيان!"

"مان سائين دل جو مريض آهيان۔ هڪ دفعو دل جي آپريشن به ڪرائي اٿم۔ پر فائدو نه ٿو ٿئي۔"

”تنهنجي دل جو مرض هاڻي ئي ختم . . . هي ڏس!" سائين بابا وري کيسي مان پني ڪڍي باه لڳڻ واري ڪرامت ڏيکاري ته دل جو مريض گد گد ٿي چوڻ لڳو۔ "ان خوشي ۾ سڀئي هلي ڪار ۾ ويهو ته اوهان سڀن جي خدمت به ڪيان ۽ سائين بابا کي ڏھ هزار روپين جو نذرانو به ڏيان!" دل جي مريض مون سميت سڀن کي ويهڻ جي آڇ ڪندي ڊرائيور کي ڪار ڀرسان آڻڻ جو اشارو ڪيو۔

"مون کي خبر آ ته بئنڪ ۾ پنجاه لک ۽ گھر ۾ ويھ لک روپيه پيا ٿي۔ تڏهن ٿو هر هر نذراني جي آڇ ڪرين!" سائين بابا پنهنجي ڪرامت تحت آگاهي ڏنس۔

"ها بابا سچ ٿا چئو, مؤلا جو گنج آهي!" دل جي مريض وراڻيو۔

"صحيح ٻڌائجانءِ تو وٽ گهڻا آهن۔ ڪوڙ ڳالهائيندين ته بئنڪ ۽ گهر ۾ رکيل پئسا سڙي ويندءِ" هن سلامي ڀريندڙ همراه ڏانهن منهن ڪندي ڄڻ سندس سچائي جي آزمائش ورتي۔

 هن وراڻيو," بئنڪ ۾ پنج لک, گهر ۾ ستر هزار ۽ کيسي ۾ ڏه هزار روپيه پيا آهن۔“

”ها سچ ڳالهايو اٿئي!" پوء مون کي ڏسي چيائين,"

”توهان وٽ بابا؟" مان سمجھي ويس ته هو اندازو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪيتري جي آسامي آهيان۔

وراڻيومانس؛ ”مان ته ڪجھ ناهيان ڪندو جو پئسا هجن۔ پئسا پٽ وٽ هوندا آهن۔ چئو ته فون تي پڇي ٻڌايانو؟"

سائين بابا پڇيو؛ "توهان جو پٽ ڇا هي ڪندو؟'“

"ايس ايڇ او آهي!... ڪٿي؟"

پهريان ته دل ۾ آيو ته چوانس: سچل ٿاڻي تي۔ پوء سوچيم ته: هي جيڪي ڀري بازار ۾ بيٺي فراڊ ڪن ٿا۔ سي پڪ سان با خبر هوندا۔ وراڻيم؛ "حيدرآباد ۾!"

منهنجو اهو چوڻ۔ هنن هڪ ٻئي کي معنيٰ خيز انداز ۾ ڏٺو۔ لڳو پئي ته ڪنهن حيدرآباد جي ايس ايڇ او جا کين هٿ لڳل هيا.

سائين بابا ۽ ٻنهي همراهن، بنان موڪلائڻ توڪلائڻ جي، ڪار ۾ ويهڻ ۾ دير ئي نه ڪئي۔ دل ته چيو: سائين بابا کي ڳچي کان وٺي ڇڪي ٻاهر ڪڍان۔ پر سوچ ڪيم ته هن عمر ۾ چئن ماڻهن سان منهن ڏيڻ ڏکيو ٿيندو۔ ٻيو اهو به اندازو هيو ته روڊ تي گذرندڙ ماڻهو ساٿ نه ڏيندا۔ ٽيون ته انهن فراڊين جي پٺيان بئڪ اپ هوندو آهي۔ چوٿون جي ماڻهن ساٿ ڏنو ته پوليس ۽ ڪورٽن جي چڪرن کي ڪير منهن ڏيندو۔۔ ؟

ان ڪري بهتر آهي ته عام کي آگاهي ڏجي ته جيئن ڪو اهڙن فراڊين / رهزنن جي دام ۾ نه ڦاسي ته بهتر آهي۔۔۔

 

(منظور ڪوھيار جي ۱ نومبر ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

No comments:

Post a Comment