Sunday, November 10, 2024

امر لغاري جو ناول موکي تي رِويو - ڪريم لغاري

امر لغاري جو ناول موکي تي رِويو

مون اندر عميق ۾ اوتيو ڪيئن؟

ڪريم لغاري

تخليق سدائين ٽڙيل گلابن جي خوشبو هوندي آهي, ان جي عمر تي ناهي ڳالهائبو. ان ڪري ايئن ڇو چئجي ته هي ناول ڪڏهن لکيو ويو ۽ اسان ڪڏهن پڙهيو منهنجو مطلب آهي ته تخليق ان شئي جو نالو آهي جيڪا سدائين ڪنواري هجي ۽ جوان هجي.

نذار قاباني جي انهن سٽن جيان ته هن سان مون کي محبت ان ڪري به هئي ته هو جڏهن به موٽي تڏهن سدائين جيان ڪنواري هئي.


سائين امر لغاري جو ناول سنڌي ادب جي تاريخ جو شاهڪار آهي. ڪهاڻي شروع ٿيئي ٿي. هڪ استاد کان جنهن جو نالو همير آهي ۽ هو ٿر جي برن پٽن جي وچ ۾ آباد هڪ ڳوٺ جي اسڪول ۾ هيڊ ماستر جي پوسٽ تي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ آيو آهي پر هن کي اها خبر ئي ڪونهي ته هو تاريخ جون الهجي ڪيتريون گهرجون پوريون ڪندو ۽ جسماني ۽ ذهني طور هو ڪيترن ٽانڊن تي سفر ڪندو.

سائين همير سڀ کان پنهنجي اداري جي بدترين بيروڪريٽن جي ور چڙهي وڃي ٿو جيڪي ڳاڙهي ٻوڙ ۽ ڳاڙهين بوتلن جا شوقين هجن ٿا سائين همير پنهنجي اندر جي سوچن خيالن ۽ پنهنجي اصولن کي هڪ پاسي رکي ڪمپرومائيز ڪري ٿو.

ايئن ناول جي دستاويز ۾ جنهن ڳوٺ ۾ سائين همير استاد ٿي اچي ٿو اتي رئيس، وڏيرا، ڀوتار ۽ پٽيل به آهن، اتي سائين جا همدرد به آهن ۽ اتي هڪڙي موکي به آهي، جيڪا لطيف جي ڪردار موکي وانگر تشنا لب ۽ محبت جي اسيرن کي مڌ پياري ٿي.

ناول جهڙي ريت آهستگي سان شروع ٿيئي ٿو ان جي بنھ ابتڙ اڳيان هلي جڏهن ڪردارن جي وچ ۾ فاصلا ختم ٿين ٿا ته مظهرالاسلام جي ناول محبت مرده ڦولون ڪي سمفني وانگر لفظن، خيالن، جذبن ۽ امنگن جي جادوگري ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. آئون نٿو چوان ته ناول ۾ پيش ڪيل ڪردار يا انهن جي هيئت يا انهن جو سماجي پاسو ڪو هن سماج کان بنھ جداگانا ۽ ڪٽيل آهي پر جيئن مونکي لڳو ته موکي آهي اها رڳو همير کي بوتل تحفي ۾ نٿي موڪلي پر پنهنجي وجود جا خدو خال موڪلي ٿي ڀڳل چوڙين جون آرسيون موڪلي ٿي ۽ چوڻ چاهي ٿي ته ماستر تون شايد مڃين ته موکي سونهن جو ڪو جلترنگ ساز ۽ سر آهي، ماستر تون جي ڀائين ته ڪو موکي اپسرائن جي ادائن جي ڪا بازار آهي، يا جي تون سمجهين ته موکي ڪو هيرا منڊي جي بنا نٿ اتريل ڪا وينگس آهي. موکي پهرئين نياپي ۾ همير کي اهو ٻڌائي ڇڏي ٿي ته، بقول ايوب کوسي جي، موکي گلابن جو اهو کيت اٿئي جنهن ۾ ڍور پاڍيا پيا آهن.

جيئن مونکي محسوس ٿيو ته موکي يوناني ديو مالائي ڪٿائن جي ڪردارن وانگر اسان جي سنڌي سماجن جو جيئرو جاڳندو ڪردار آهي جنهن کي ادب جي تاريخ ۾ هڪ ڪهاڻي اندر سائين امر لغاري سموهي پيش ڪيو آهي.

اوهان ۽ اسان سدائين هن سماجي نفسيات ۾ هوٽلائي ڪلچر جي ڪيٽيگيري جون ڳالهيون ٻڌيون هونديون، جيڪي عورت بابت لکيون ۽ ڳالهايون وڃن ٿيون، پر ناول ۾ موکي منٽو جي اها عورت آهي جنهن کي ٽانگو هلائي روزي نٿي ڪمائڻ ڏني وڃي. ان جي الٽ وجود ۽ جذبات نيلام ڪرڻ تي اڪسايو وڃي ٿو ۽ مجبور ڪيو وڃي ٿو.

ناول ۾ ٿر جي صحرا تي حسين راتين جا رقص به آهن ته ميندي کان اڳ مري ويل هٿن جون يادگريون به آهن،

بي گناھ لتاڙجي ويل معصومن جون ريهون، ڪيڪون به آهن ته روهيڙي جي گهاٽن پنن جا پڙلاو به آهن.

ناول ۾ عجيب ۽ پراسرار محبتن جون هزارين ڪهاڻيون مدفون آهن: هڪڙا اهڙا ڪردار آهن، جيڪي ٿر ۾ ٻاٻيهي وانگر آهن، مينهن ۽ پاڻيءَ جا متلاشي آهن، پوٺن ۾ ڊوڙن ٿا، سڪل روهيڙي ۽ ڪونڀٽ ۾ کنڀڙاٽيون وچڙائي لٽڪي پون ٿا. واريءَ ۾ ڊوڙي ڊوڙي پنهنجي پاڻ کي ماري ڇڏين ٿا، ۽ ناول ۾ تتل رڻ ۾ صديون اڳ مارجي ويل ڪنوارا وجود به آهن جيڪي آس پاس جي ماڻهن لاء mysteries -- نه سمجھ ۾ ايندڙ ڪردار آهن، جيڪي برن پٽن ۾ تنها مارجي وڃن ٿا ۽ پوء صدين تائين هڪ ياد جو پڙاڏو بڻجي ڀٽن ۾ گونجندا رهن ٿا.

مونکي ايئن لڳو هو، جڏهن مون پهريون ڀيرو ناول جو پهريون ڇاپو پڙهيو هو، مونکي لڳو ڄڻ خيالن جي ڪا جادوگري آهي جيڪا مونکي ويڙهيجي وئي آهي ۽ مجبور پئي ڪري ته تون اڳتي هل.

بهرحال, سچ ته جڏهن مون سماج کي انهي حقيقت واري اک سان ڏٺو ۽ سماج جو درست تجزيو سمجهو ته آئون پاڻ مرادو سائين امر لغاري جي ان ناول تي لکڻ لاء ايگري ٿيس ۽ اڄ کان ڏهاڪو سال کن اڳ به مون عبرت اخبار ۾ موکي ناول بابت لکيو هو ته رومانوي ڪردارن سان گڏ ڪرشن چندر ۽ منٽو وانگر جيئن جو تيئن لکڻ ڪو سائين امر لغاري کان سکي.

آئون سنڌ جي هن نوجوان نسل کي اهو ميسج ڏيندس ته اوهان خشڪ فلسفو ۽ سياسي ادب ڪڏهن به ڪونه پڙهي سگهندا ۽ ڪڏهن به ڪونه سمجهي سگهندا جيستائين اوهان پنهنجي پاڻ کي تاريخ ۾ ڌارا جي الٽ هلندڙ رستن جي چونڊ نه ڪندا. سچ پڇو ته انهن رستن تي هلڻ لاء عظيم جذباتن جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهي جذبات هڪ سنجيده ترين باذوق مزاجن جي پيداوار ھوندا جيڪي ڪنهن سستي شهرت واري سستي عمل مان ناهن ملندا اهي مهانگا قدر ۽ رويا اسانکي دنيا جي انهن عظيم اڻ لڀ احساسن کي پڙهڻ سان ملن ٿا.

موکي ناول ۾ جيڪا احساسن جي ايڪسچيج ٿي ان بابت شايد آئون لکي نٿو سگهان، ڇوجو مون سدائين مادي شين جي يوز ويليو ۽ ايڪسچينج ويليو بابت لکيو ۽ پڙهيو آهي.

خوابن جي يوز ويليو ۽ احساسن جي پروميٽو نظام تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

ڪامريڊ ڪريم جا وڏا وڙ جو "موکي" ناول جي ٻيھر ڇپجڻ تي ھن ھي ريويو لکي پنھنجي فيس بوڪ پيج تي رکيو. ڪريم سان منھنجي ڪا روبرو ملاقات ته ناھي پر گھڻو وقت اڳ سندس ڪھاڻيون ۽ مضمون عبرت اخبار ۾ ڇپندا ھئا ته مان به وڏي شوق سان پڙھي وٺندو ھوس. تڏھن امدا سومرو ۽ حميد ابڙو عبرت جي ايڊيٽوريل پيج تي ڪم ڪندا ھئا، اسان جھڙن سيکراٽن کي ٿورو اسپيس ڏيئي لکڻ لاءِ اتساھيندا ھئا. اھو مشرف جي آپيشاھيءَ جو دور ھو. تڏھن منھنجو ناول موکي پھريون ڀيرو ڪنول پبليڪيشنس پاران ڇپپجي مارڪيٽ ۾ آيو ھو. ناول جي ان وقت اڻاٺ ھئي. منھنجن ڪافي لکاري دوستن ان تي سخت تنقيد ڪئي. امداد ان تي سخت ڪالم لکيو. پر حسن مجتبي ان جي تعريف ڪئي. ان دور ۾ ڪريم به ان تي لکيو، جيڪو فرد جي سماجي ۽ تاريخي ڪردار، ۽ ان جي جذباتي احساساتي ضرورتن ۽ سماجي وابستگيءَ واري ڪردار کي سامھون رکي لکيو ويو ھو، جنھن ۾ ڪي وڏيون دعوائون نه ھيون، پر زميني حقيقتون ضرور ان ۾ شامل ڪيون ويون ھيون. مان ان خيال جو آھيان ته ھيترن تنقيدي نظرين ۽ ايپروچز ھوندي ڪا به لکڻي تنقيد جي تز تير کان بچي نٿي سگھي، خوبصورتي به تڏھن آ، جڏھن ان کي انھن تنقيدي ايپروچز ۽ ٿيريز جي لينسز مان گذاريو وڃي. سندي مشاھدي، مطالعي ۽ تجربي يا سماجي ۽ سياسي سچ آڌار تجزيو ڪبو ته اھو به ڀلو. سو-- سچ ته اھو ئي آھي ته مان پاڻ کي ڪو سٺو / ڪامياب ليکڪ ناھيان سمجھندو، ۽ نه ئي مون وٽ لکڻ جو ڪو ايڏو وڏو ڏانءُ آھي. نه ئي مان پنھنجي ھن ناول (يا ٻين ڪتابن) کي ڪو شاھڪار ناول سمجھان ٿو. جيئن بقول پياري اڪبر لغاريءَ جي ته ھي ناول "منھنجي" سکيا واري دور جي تخليق آھي. مان ھن سان سھمت آھيان، ۽ سچ به اھو ئي آھي ته منھنجا ٻيا سمورا ڪتاب, ماحولياتي اسڪيچز / سفرناما ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب، ان ناول جي conceive ٿيڻ کان پوءِ ڄاوا آھن. پر ان ڳالھ کي به ڪن وٽ اھميت ھوندي ته اصل تنقيدي مل، دريدا جي خيال جي لڳ ڀڳ تہ، متن کي ھر ھڪ پاٺڪ طرفان پنھنجي پنھنجي معني ۾ پرکڻ/ پڙھڻ ۾ آھي. سو ڪريم به جڏھن ناول جي دنيا کي پنھنجي دل ۽ دماغ مان گذاري ٿو ته ھو ان کي سماج جي جوڙجڪ ۽ فرد ۽ گروھن جي پنھنجي پنھنجي سچ (مفاد) واري دنيا سان ڀيٽي معني اخذ ڪري ٿو. ڇو ته ڪريم رڳو پاٺڪ ناھي، پر ھو سماج جي (سماجي) سائنس جو شاگرد پڻ آھي. بھرحال، پياري ڪريم جا وڏا وڙ، جو ناول جي تعريف ڪندي مونکي گھڻو ڪجھ ياد ڏياري ڇڏيائين. لوَ يو، ڪريم!

No comments:

Post a Comment