معذور خواهش
ننڍڙي ڪهاڻي
سيف نياز
هو تمام ڦڙت ڪمانڊو هو، ڦڙتيءَ
سان ڪمانڊو ڪاروائي ڪندو تيزي ۽ ھوشياري سان اڳتي وڌندو پئي ويو. هن جو مقصد
دھشتگردن وٽ ڦاٿل ماڻهن کي سلامتيءَ سان ڇڏائڻ ۽ دهشگردن کي ناس ڪرڻ هو!
ڪارروائي دوران هو جديد هٿيارن
کان وٺي مارشل آرٽ تائين فائيٽ ڪري رهيو هو. هن جي نشاني تي آيل دهشگرد جو مڻڪو
پئي ٽٽو يا وري کوپڙي اڏامي ٿي وئي!
آخرڪار هن پنهنجي ڪارروائي ڪاميابيءَ
سان پڄاڻي تي پهچائي، آخري دهشگرد کي ماري، يرغمال ماڻهن کي ڇڏائي ورتو........
گيم پوري ڪري هن موبائل ڀرسان
رکي ۽ آرس ڀڃي پنهنجي ناڪاره ڄنگھن کي ڏٺائين ۽ ويل چيئر کي اڳتي وڌائيندي گھر جو ڪم
ڪار ڪندڙ ماءُ کان پڇيائين: ”امان منهنجون ڄنگھون جڏهن ٺيڪ ٿي وينديون ته مان ڪمانڊو
ٿيندس!!“
”ھا پٽ...!!! “
ايئن چئي ماءُ پٺيري ٿي پنهنجا ڳوڙها اگھي ورتا....!!!
No comments:
Post a Comment