راڳي
مختصر ڪھاڻي
رزاق سھتو
دل جو جنرل وارڊ ــ ساجن نيم بي
هوشيءَ ۾،
سوچ ـــ
”اوچتو ڇا ٿيو. هت ڪيئن پڳس.“
عجب ماحول پئي ڏٺائين. چؤطرف اڇي
پوشاڪ اوڍيل مرد ۽ عورتون، وارڊ ۾ هيڏانهن هوڏانهن تيز وکن سان تحرڪ ۾، ساجن
غنودگي واري ڪيفيت ۾ پاڻ کان سوال ٿو ڪري.
“مان چاڪ ناهيان.؟ دل جي عارضي
ئي هتي پهچايو هوندو. ھيءَ دل ڪڏھن به وس ۾ ناھي رھي. پنھنجي مرضيءَ جا انگل آرا ڪندي
آھي.”
سوچي ٿو:
سُوچ جو سمنڊ اٿلي ٿو پئيس.
ماضيءَ جون هوائي لهرون، ذهن جي ڪنارن سان مٿو ٽيڪي، عبادت جو ڏيک پيون ڏين. کيس لڳو
لهرن جي عبادت ۾ سندس من به شامل آهي. ساهه سڌير ٿيس ته دل جو رڌم جوڙِڻ جي ڪوشش ۾
هو. اکيون کولي پڪ ڪيائين، اسپتال ۾ ئي آهيان.
سندس زندگي به ڍڳي جي ڪُک تي ڏنل
ڏنڀ جيان هئي. هو جڏھن اسڪول ۾ پڙھندو هئو ته گيت ڳاتو هئائين. گيت جيڪو ننڍپڻ ۾
بهار جي موسم ۾ اسڪولي بئنچ تي آشا سان گڏ ڳاتو هئائين. تڏهن پنجين درجي ۾ ٿي پڙهيو.
گيت ــ
آشا ۽ سندس محبت جي سنگم سان
ساز ڇيڙيو هئائون. پاڻ ۾ هم آهنگ ٿي. ٻه وجود ملي هڪ ٿي سنگيت جي جوڙي ساجن ۽ آشا
بڻجي پيا هئا. پر زماني ــ هاءِ زماني نفرت جي نشتر سان محبت کي جدائيءَ جو گھرو ڦٽ
ڏئي ڦٿڪڻ لاءِ ڦٽو ڪري ڇڏيو هئو. پنجين درجي کان وٺي راڳ سان الفت هئس سُر سيني ۾
ائين ڦٽي پوندا هئس. جيئن وسڪاري جي مند ۾ ٿر جي وارياسي زمين تي رنگ به رنگي گل ٻوٽا
ڪَرُ کڻي جاڳي پوندا آھن. ڌرتيءَ کي گل و گلزار ڪري سونھن بخشي ڇڏيندا آھن. اسڪول ۾
ڏيهاڙي هم ڪلاسين کي گيت ٻڌائيندو هئو. پاڻ نه ڳائي ته موڪل ٿيڻ کان پهريائين استادَ
فرمائش ڪندا هئس. گيت ٻڌاءِ پوءِ موڪل ٿا ڪيون. آشا ۽ پاڻ گڏجي اسڪول کان واپسي ڪندا
هئا. جنهن ڏينهن هو گيت نه ڳائيندو هئو، ڄڻ پورو ڏينهن ٻاڙو گذرندو هئس.
سرڪاري اسپتال ــ
۾ باسي اڇي چادر تي پاسا
ورائيندي، ياد جي ڏيھه تان پکيئڙو پر سوئي محبت جي آسمان طرف اڏريو هيو جو ڌنڌ ۾ اڏرندي
نظر آيو هئس. آشا ۽ ساجن ۾ ويجھڙائپ اڻ محسوساتي عمل سان پلجي جوان ٿي. پاڻ اسڪول
۾ پڙهڻ ۾ ڀَڙُ هيو، آشا به پوئتي ڪا نه هئي. ٻئي سٺن نمبرن ۾ پرائمري اسڪول مان
پاس ٿي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيا. هنن جي دٻيل محبت اندر جي آوي ۾ پنهنجي پيار جا ٿانو
پچائيندي رهي. هاءِ اسڪول ۾ به سندس ڳائڻ جي هاڪ پهتل هئي. سو هتي به ساڳيو ئي گيت
ڳائي ورجائيندو رهندو هئو. سندس راڳ ۾ نکار جو سبب آشا جي محبت هئي. آشا جوانيءَ
جي سرحدن تي ايندي ئي هاءِ اسڪول ڇڏي ڏنو. ڏھين ڪلاس جو امتحان به ڪا نه ڏئي سگهي
ھئي.
ڪڏهن ڪڏهن آشا سان ملاقات جو
سلسلو ساجن جو هلندو رهيو ھئو. آشا ئي انهيءَ جي راهن ۾ محبت جا اڻ ميا گل وڇايا
هئا. سندس دل ۾ جدائيءَ جي درد جي لهر ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳي هئي. ساجن ڳائڻ چاهيو
هئو. پر هر محفل پرينءَ کانسواءِ اوپري اوپري لڳس. سڀ سُرَ سڄڻ لاءِ سانڍي رکيا
هئائين. ملاقاتون ٿينديون هيون، محب آڏو سُرن جي ورکا ڪري ڇڏيندو هئو. ملڻ کانپوءِ
جدائي، روئندڙ نيڻن سان ٿيندي هئي. ائين ڀانئيندو هئو ته ڪنهن ڏوراهين ڏيهه ڏانهن
اُسھي رهيو آهي. من جڏهن ماندو، تن کي پرين جي تانگھ، جُسي کي نپوڙي ڇڏيندي هئس ته
کيس هي بيت ٽيڪو ڏيندو هئو.
”ڪي ويجھا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا
سپرين.“
ساجن پڙھندي ھاءِ اسڪول کان ڪاليج
۽ يونيورسٽيءَ تائين پھتو. آخري امتحان ڏئي. آشا سان ملاقات ڪيائين. پاڻ ۾ ملي
فيصلو ڪيائون. آخر ڪيستائين لوڪ کان لڪي ملنداسين. اسان کي سماجي ٻنڌڻن ۾ پاڻ کي ٻڌي
ڇڏڻ گهرجي. پر مذھب آڙي اچي ويو هئن. کين ته انھيءَ جي پرواھ ئي ڪا نه هئي، ڪير
هندو، ڪير مسلمان آھي. هنن ڪڏھن ان طرف ويچاريو ئي ڪو نه هئو. جڏھن جو ملي هڪ ٿيڻ
جو ارادو ڪيائون. مذھبي مت ڀيد، ڪَرُ کڻي بيھي رھيو. پاڻ مذھبي اڪثريت واري ڏيھه ۾
رھندا هئا. آشا اقليت مان ته ساجن اڪثريت مان. ھاڻي ميل ٿئي ته ڪيئن ٿئي. پاڻ ۾
ويھي ويچاريندا هئا ته
”اسان کي مذھب ڇڏي ڏيڻ گهرجي.
اسان جو مذھب انسانيت آھي.“
جنھن سنسار ۾ رھن پيا اتي نڪاح
کانسواءِ عورت ۽ مرد جو گڏجي رھڻ پاپ ۽ گناھ هو. انھيءَ کانسواءِ کين الڪو ھيو ته
عقيدي پرست سماج کين نڪاح کان بغير سنگسار ڪري ڇڏيندو ۽ مذھبي سورش، جاڳي پوندي، ٻن
ڌرمن جو ٽڪراءُ ٿيندو. ظاھر آھي اڪثريت، اقليت تي غالب پئجي ويندي، آشا ۽ ساجن جي
محبت عقيدي پرستن جي ڀينٽ چڙھي ويندي. اھڙن ويچارن تي سندن پيار ڀري ملاقاتن جي پڄاڻي
ٿيندي ھئي. محبت انسان کان ڇا نٿي ڪرائي. مذھب کان به محبت پراڻي آھي. محبت نه هجي
ها ته مذھب جون ٽنگون ڀڳل هجن ها. هو سفر ڪو نه ڪري سگهي ھا.
فيصلا-ڪن ملاقات ــ
جنھن ۾ فيصلو ڪرڻو ھين ته مذھب ڪير
مٽائيندو. آشا چيو ھئس: ”اي من جا ڌڻي ساجن! محبت لاءِ ھميشه عورت ئي قرباني ڏني
آھي. سندي ديس جي سورمين کي ئي ڏس، جن کي لطيف بيتن ۾ سموئي امر ڪري ڇڏيو آھي.
آنءُ ڌرم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.“
ساجن سوچ ۾ پئجي ويو هئو ۽
گَھرو ٿڌو ساھُ کڻي چيو هئائينس.
”آشا ــ اسان نئين ريت کي جنم ڏينداسين.
اقليت، اڪثريت ۾ مٽجڻ بدران اڪثريت، اقليت ۾ بدلجي ويندي ۽ سندي ديس ۾ هڪ سورمو
پيدا ٿيندو، جنھن کي ايڪويھين صديءَ جو ڪوي، تخليقڪار، شاعري ۽ اتھاس ۾ ورجائي امر
ڪري ڇڏيندو. مان مذھب جي قرباني ڏيندس.“
آشا حيران ٿيندي چيو هئس: ”ڇا!!
ساجن ائين ڪري سگهين ٿو!! هتي ھميشه ڇوڪري ئي ڌرم ڇڏي شادي ڪندي آھي.“
”آشا ائين برابر ٿيندو آيو آھي.
پر پاڻ ائين ڪو نه ڪنداسين. مان ئي پنھنجي عقيدي مان هٿ ڪڍان ٿو.“
آشا نماڻائي مان عرض ڪيو هئس؛ ”منھنجو
چوڻ ڪندين؟“
”چئوُ آشا ـــ ڇا ٿي چوڻ
چاھين.“
”پنھنجو نالو نه مٽائجان، ساجن
نالو وڻندو اٿم، هونئن به ساجن مان عقيدي جي بوءِ ڪو نه ٿي اچي.“
”ٺيڪ آھي آشا، ساجن نالو ڪو نه
مٽائيندس.“
۽ پوءِ ــــ
هنن مندر ۾ ڦيرا پائي روپوشي ۾
رھڻ شروع ڪيو. لڪ ڇپ ۾ رھندي کين ڇهه مھينا کن گذري ويا. آخر ڪيترو وقت سماج کان
اوجهل رهن ها. سندن لاءِ ٻه صورتون ھيون محبت ۾ شھادت قبولن يا چوري ڇُپي ملڪ ڇڏي
ھليا وڃن. ايترا امير به ڪو نه ھئا، نڪي سندن ڪي تعلقات هئا، جو جلدي پرڏيھه اسھي
وڃن ها. مائٽ کين پنھنجو ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه ھئا. آخر هٿ پير ھڻڻ شروع ڪيائون ته ڪيئن
به ڪري ٻاھرئين ملڪ هليو وڃجي. ان لاءِ پاس پورٽ ضروري هئو. اصل ۾ چڻنگ اتان دُکي
جو ڪنھن اخباري ۽ ٽي ويي نيوز رپورٽر کي بريڪنگ نيوز ملي وئي. جيئن جو خبر بريڪ ٿي
پوءِ مٽن مائٽن سان گڏ جڳ به ويري بڻجي پين. اھڙي خبر، جهنگ کي باھ جيان پکڙجي
وئي. سوشل ميڊيا ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو. اھو چيو ٿي ويو ته ساجن محبت جي انڌ تي
مذھب ڇڏي ڏنو آھي. عقيدي پرستن جي جماعتن ۾ هلچل مچي وئي. ساجن جي سر جي قيمت لڳي
وئي. جيڪو کيس ماريندو جنت جي ٽڪيٽ حاصل ڪندو. ماڻھن ۾ تاءُ وڌي ويو. امن امان جو
مسئلو ٿي پيو. ساجن پرڏيھه وڃڻ جي لاءِ ڪاغذ پٽ تيار ڪرائڻ جي سلسلي ۾ جيئن آفيس
پھتو ته کيس ماڻھو وڪوڙي ويا. عقيدي پرستن کي کُڙڪ پئجي وئي سي به اچي پھتا. ساجن
ھڪڙي دڪان ۾ لڪي ويو. ڪن ماڻھن جي هٿن ۾ باھ جون چوچڙيون ھيون جيڪي ساجن کي ساڙڻ پيا
چاھين. ڪيترا ئي کيس ڪچيون گاريون ڏئي رھيا هئا. رياست وچ ۾ پئي. جيئن ئي ساجن کي
دڪان کان ٻاھر ڪڍي آيا ته مٿس لتن ۽ ڏنڊن جو وسڪارو ٿي ويو. ٻن همراھن ٻرندڙ باھ
جون چوچڙيون ساجن مٿان اڇلايون. سندس ڪپڙڻ کي باھ لڳي ته سرڪاري ڪارندا کيس ڇڏي ماڻھن
جي هجوم مٿان ڪڙڪي پيا. ڪنھن ان طرف ڌيان ڪو نه ڪيو ته ساجن باھ ۾ سڙي رھيو آھي.
باھ اھو ناھي ڏسندي، ڪير پاپي ڪير دروھي، ڪير سچو ڪير بي ڏوھي. باھ جي فطرت ساڙڻ
ئي آھي. سو ساجن کي ساڙي پئي. هڪ خداترس انسان پنھنجي دڪان مان وڏو ڪمبل کڻي اچي
ساجن جي مٿان وڌو، باھ دونھين ۾ تبديل ٿي وئي. پوءِ دونھون آھستي آھستي گم ٿي ويو.
ساجن کي جيئدان ملي ويو.
آشا جي مائٽن تي وڏو زور رياست
جو پيو. ڇوڪريءَ کي طلاق وٺرايو. ٻيءَ صورت اوھان جون عبادت گاھون محفوظ ڪو نه
رھنديون. پنچائت فيصلو ڪري آشا کي واپس ڪيو ۽ کيس گم ڪري ڇڏيو. رياست وري ساجن کي
کنڀي کڻي وئي. رياست مٿس ڏاڍ ڪيو ۽ کيس مجبور ڪيو ته پنھنجي مذھب ۾ موٽي اچي. پريس
ڪانفرنس ڪري معافي وٺي. پوءِ ساجن ائين ئي ڪيو هئو. ٻرنديءَ تي پاڻي پئجي ويو. هر ڪو
پنھنجي ڪرت ۾ لڳي ويو. سوشل ميڊيا ڪنھن نئين موضوع جي تلاش ۾ نڪري پئي. اخبارن ۽
نيوز اينڪرن ۾ ماٺار اچي وئي. آشا ۽ ساجن جو قصو، وقت جي ڌوڙ ۾ دٻجي ويو.
ساجن کان مائٽن لاتعلقي اختيار ڪري
ڇڏي ھئي. سو پنھنجو تَرُ ڇڏي دربدريءَ واري زندگي گذارڻ لڳو هو. هن راڳ جو سهارو
ورتو. محفلن ۾ شاديءَ جي تقريبن ۾ ڳائڻ لڳو هئو. سندس زندگي ائين پئي گذري. آشا کي
گم ڪري ڇڏيو ھئائون اھا پروڙ ڪا نه پئجي سگهي ڪيڏانھن وئي. زمين ڳِھي ويس، يا
آسمان کائي ويس. يا مارجي وئي.
ساجن شھر شھر ۽ ڳوٺن ۾ شادين
مرادين ۾ ڳائيندو ٿي وتو. روپ مٽائي ڇڏيو هئائين ڪنھن کي ياد به ڪو نه رھيو. ھي ساڳيو
ساجن آھي جنھن محبت ۾ مذھب جي قرباني ڏني ھئي. ھو ڳائڻ سان دل وندرائي پاڻ کي
مشغول رکندو هئو. آشا کي ياد ڪري پيو اندر ئي اندر ۾ ڪڙھندو هو. موسيقيءَ جا چينل
کيس عزت جي نگاھ سان ڏسندا ھئا. هن جا ڪيترا ئي ڪلام مشھور ٿي ويا هئا. پر هن ڪڏھن
به اھو گيت ڪو نه ڳاتو ھئو جيڪو آشا ۽ پاڻ گڏجي دوگاني جي صورت ۾ ڳائيندا ھئا. ٽي
وي چينلس تي ڳائڻ ڪري سٺو ناڻو به ڪمائي ورتو ھئائين. سندس خيال هئو ته هي ڏيھه ڇڏي
پرڏيھه ھليو وڃان.
اسپتال ۾ بيماريءَ جي بستري تي
کيس ياد پئي آيو ته ڪا محفل هئي جنهن ۾ هن درد ڀريو گيت ڳاتو هئو. گيت ڳائيندي
سندس اکين اڳيان انڌارو اچڻ لڳو هئو. انڌاري ۾ آشا جو چھرو نڪري نروار ٿيو ھو. ھي
اھو گيت هو جيڪو ساجن ۽ آشا گڏجي اسڪول جي زماني کان وٺي ڳائيندا ھئا. گيت شروع ڪرڻ
کانپوءِ کيس پروڙ ڪا نه پئي ھئي. اکيون کوليون هئائين ته اسپتال ۾ هئو. نرس ۽ ڊاڪٽر
کان پڇڻ جي ڪوشش ڪيائين ٿي ته مان هتي ڪيئن پهتو آهيان. دوا درمل ٿيڻ کانپوءِ ساجن
نو بنو ٿيڻ لڳو هو.
اڌ رات ٿي هئي:
اڌ رات کان وقت چڙھيل ھئو. عورت
ستن اٺن سالن جي ڇوڪري سان گڏ اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ اندر آئي ھئي. مريضن کي ڏسندي
سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي. ساجن جي مٿان اچي بيٺي. کيس غور سان ڏسڻ لڳي. ساجن جون
اکيون ٻوٽيل ھيون. بيڊ جي لوڏي تي اکيون کوليائين. عورت کي ڌيان سان ڏسڻ لڳو هو.
عورت اوڇنگار ڏئي ساجن جي سيني سان لڳي سڏڪندي رھي. ساجن کيس ڀاڪر ۾ ڪري ڇڏيو. رات
جي سانت کي سڏڪا چيرن ٿا. آشا هٿ، پير، ڳل، اکيون ساجن جون چمي ٿي. ساجن کائونس
سوال ڪري ٿو:
”آشا ھيترا سال تو ڪٿي گذاريا؟“
”ساجن، آشرم ۾، تو کي ٽي وي تي ڳائيندي
ٻڌندي هئس ته دل ٻه اڌ ٿي ويندي هئي. بس ويٺي روئندي هئس. مون آشرم ۾ ڀڄن ڳائڻ
شروع ڪيا هئا. ائين دل وندري پئي هوندي ھئي. اخبار جي ڪنڊ ۾ ننڍڙي خبر لڳل ھئي ته
راڳي ساجن ڳائڻ دوران بيھوش ٿي ويو. اخبار ۾ ان گيت جو مکڙو به لکيل هئو جيڪو پاڻ ٻئي
ڳائيندا ھئاسين. پوءِ ته بس تو سان ملڻ لاءِ من ڦٿڪڻ لڳو. ۽ هلي آيس.“
”اڇا!“
سندس ڀرسان ڇوڪرو بيٺو ھو. ساجن
ان طرف اشارو ڪندي؛ ”ھي ڪنھن جو ٻار آھي.“
”ساجن!!! هي ٻار ــــ ھي ٻار
پنھنجي محبت جي نشاني آھي.“
”ڇا ٿي چوين آشا؟“
”سچ ٿي چوان پنھنجو ٻچو، تنھنجو
منھنجو ٻچو.“
ساجن اتاولو ٿي، پٽ کي ڀاڪر ۾ ڀري
ڇڏي ھو. سندس ڳل، نرڙ تي شدت مان چميون ڏنائين. اکين مان لڙڪ وھي ڳلن تي ڪري پيس.
آشا جي طرف ڀنل اکين سان ڏٺو ھئائين.
”پر آشا...!! هن ٻار جو مذھب ڪھڙو
هوندو؟“
”ڪو به نه.....!!!“
(رزاق سھتو جي ۲۱ سيپٽمبر ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)
No comments:
Post a Comment