Thursday, October 31, 2024

گَهرُ ۽ گراموفون - منظور ڪوھيار - تبصرو

منظور ڪوھيار ۽ سندس نئون ڇپيل ڪھاڻي ڪتاب “گَهرُ ۽ گراموفون”

محمد علي پٺاڻ



اڄ ۱۳ آڪٽوبر ۲۰۲۴ع تي طئي ٿيل پروگرام تحت پنھنجي بيحد ئي پياري، محسن دوست ۽ سنڌ جي صف اول جي ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار منظور ڪوھيار صاحب سان سندس رھائشگاھ تي سعدي ٽائون ويس. تحفي ۾ ھن اول پنھنجي ڪھاڻين جو نئون ڇپيل ڪتاب “گهَرُ ۽ گراموفون” ڏنو ۽ مون به ساڳئي وقت کيس پنھنجو نئون ڇپيل ڪتاب “ھڪ سِٽَ ٻه سئو ڪھاڻيون” (انگريزي ۽ اردو ترجمي سان) سوکڙي ڪري ڏنو. پوءِ خوب ڪچھري ٿي. جنھن ۾ ڪيترائي موضوع ڳالهين ۾ آيا. سائينءَ جي يادداشت ڊجيٽل فوٽو گرافي جيان ھوندي آھي ۽ جڏهن به ڪنھن موضوع تي ڳالهائيندو آهي، ته شدت سان اھو احساس ستائيندو آ، ته اھو سڀڪجهه ڪاش، رڪارڊ ڪجي ھا. جو عالمن جي ڪچھرين جا گوھر محفوظ نه ڪيا ويندا آهن، ته وقت جي ھوائن ۾ ايڏي طاقت ھوندي آھي، ته اُھا کن پلڪ ۾ انهن کي ڪکن پنن وانگر اُڏاريون ھلي ويندي آهي. جيڪڏهن اُھي رڪارڊ ڪري، ڪاغذن تي لاھي ڪتابي صورتن ۾ محفوظ ڪجن، ته علم ادب جي جھان ۾ ڪيترائي سمنڊ شامل ٿي وڃن.

خير ڪچھريءَ دوران ٻه دفعا سائين چانھ کڻي آيو. جيڪي پي شام ڪري اُٿياسي. سائين مونکي ٻاھرين مئن روڊ تي چنگچيءَ تائين ڇڏڻ آيو.



چنگچيءَ کانسواءِ ٻن بسن جو سفر ڪري، وري چنگچيءَ ذريعي گهر پھچي منظور صاحب جو ڪتاب کولي اول مھاڳ پڙھيم. جيڪو پنھنجي ھر ڪتاب ۾ پاڻ ئي لکندو آهي ۽ اھي مان پنھنجي مزاج ۽ معمول جي ابتڙ پھريان انڪري پڙھندو آھيان، ته انهن ۾ علم، عقل ۽ فھم جي ڪيترين ئي ڪائناتن جا سيرَ ڪرائيندو آهي.

ھن ڪتاب جو مھاڳ، جنھن ۾ سائينءَ “سُٻنڌي ڪھاڻين” جي نئين دنيا ڏيکاري آهي. جنھن جي تيرِ پِتيرِ جي رنگن ڍنگن جي غير معمولي ڄاڻ ڏئي سنڌي افسانوي ادب جي تاريخ کي بنھين نئون ۽ نرالو باب فراھم ڪيو آهي ۽ سڄاڻ نقادن کي جُداري دڳ جو ڏس ڏئي، ان جي ماڻ ماپن جي تارازي ٺاھي ڏني آهي.

مھاڳ کان پوءِ ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي “گَهرُ ۽ گراموفون” پڙھڻ لاءِ ملي ٿي. جنھن جي پھرين پئراگراف ئي پاڻ ۾ انوال ڪري ٿي ۽ لفظ لفظ مان محسوس ڪرائي ٿي، ته جيڪا شئي پڙھجي رھي آھي، اُھا ڪنھن عام رواجي ذھن جي گهَڙيل ناهي، پر تخليق جي ڌرتيءَ مان ڪنھن صاف شفاف چشمي جيان ٻُنڀُ ڏئي ٻاھر آيل آهي. جيڪو جيئن جيئن وھندو پنھنجو پيچرو ٺاھيندو ٿو وڃي اکيون ان جي جادوئي سونھن سان قدم قدم ۾ ملائي خودبخود ڳنڍيون وڃن ٿيون اڳتي وڌنديون.

ھي بظاهر ته ھڪ گهر ۽ ان جي فرد جي ڪھاڻي آهي. پر ان ۾ زندگيءَ جي ڏکن سُکن جا رنگَ رلائي ليکڪ جنھن نموني پيش ڪئي آهي. ان جي ھڪ ھڪ سِٽَ، ھڪ ھڪ منظر، احساس ساھُ کڻندي محسوس ٿِئي ٿو.

گهر سان گراموفون جو لاڳاپو، پوءِ ان چوڌاري يادن جي مالها ٺاھي، پيءُ ماءُ جي ڪردارن وچ ۾ پنھنجو ڪردار کير ۾ کنڊُ وانگر گڏائي جھڙي مھارت سان منظور صاحب ھن ڪھاڻيءَ جي اُڻتِ ڪئي آهي، سا ڪھاڻيءَ کي، ٻوليءَ جي چٽساليءَ سان ۽ موضوع جي نڀاءَ واري منصفيءَ جي حوالي سان خودبخود ڪلاسڪ جي قطار ۾ وڃي بيھاري ٿي.

۽ درد، جيڪو بنيادي جوھر ھوندو آھي، ان جي ليکڪ سانوڻيءَ جي سنڌوءَ واري پَرِٽَ ڪئي آهي. جيڪا ٻوڙيندي تاريندي وڃي ھڪ اھڙي ڪناري رسائي ٿي، جو تصور ۽ حقيقت جي جي امتزاج سان وقت کي سوڙهو ڪري ھڪ ھنڌ بيھاري ڇڏي ٿو.

ڪتاب جي ٻي ڪھاڻي “پاڇولو” پڙھندي توڙي جو ان جي پھرين ڪھاڻيءَ سان ڪا لِنڪ جُڙيل نه آهي ۽ ليکڪ ان کي ٽريٽمينٽ به الڳ ڏني آهي ۽ مختلف ماحول جي منظرڪشيءَ سان ان جي پلاٽ جي عمارت سازي ڌار ڪري ڪئي آهي، پر مُک ڪردار جي پيءُ جي ڪردار کي ھڪ لڙھيءَ ۾ پوئي سيريز طور شامل ڪري اھڙيءَ طرح جوڙيو آهي، جو ان جي ننڍپڻ ۾ گذاري وڃڻ واري ڏک جي احساسن کي ھڪ ٻارَ نفسيات ۽ محسوسات سان ڌار ڌار چھرا ڏئي پڙھندڙ کي ڪيترو ڪجهه نئون ڏنو آهي.

ڪھاڻيءَ کي ليکڪ پاڙي پنڀي جي نقش نگاريءَ سان طوفان، وڏڦڙي جي وسي پوڻ ۽ وڻ جي ڏارَ سان پلويڙي جي ڪرڻ سبب صفحي جي ڇت جي شھتير جي ٽٽڻ ۽ اُھا ڪري پوڻ کان ويندي اوطاق جي ڪمري ۾ ننڍڙي ٻار واري مُک ڪردار ۽ ماءُ ۽ ڏاڏيءَ جي ڪردارن کي پيش ڪري ننڊ نه اچڻ ۽ ڪافي دير جاڳڻ بعد پيءُ جي پاڇولي کي حقيقت ۽ تصور سان جوڙي ان جي اچڻ سان ۽ ٿڌڙن ڪڍڻ جي ياد سان غير متوقع طور ملائي پُڄاڻيءَ رسايو آهي، اھو ڪھاڻيءَ جي معيار کي گهڻو مٿي کڻي ويندڙ ۽ ڪمال جو آهي. جنھن جا سڀ رنگ، ٻوليءَ جي حسناڪي ۽ ۽ نفاست ۽ نزاڪت کي داد ڏيڻ ۽ واکاڻ ڪرڻ کان رھي نه ٿو سگهجي.

منظور ڪوھيار صاحب ڪھاڻين يا ناولن ۾ ڪٿي به نه موضوعن جي ھڪ جھڙائي رکي آهي، نه پيشڪش جو انداز ساڳيو. ويندي انهن جي ٻولي، ڪردار نگاري، چوڻين ۽ پھاڪن جو استعمال، ڊائلاگ ڊليوري سموري ادبي سفر ۾ الڳ ٿلڳ رکي آهي. ڪتاب جي ٽين ڪھاڻي “ماما ماريس نه” به ھن جي اھڙي ئي تسلسل جو ڀرم رکندڙ آهي.

ڳوٺ جي پس منظر ۾ ٺيٺ ڳوٺاڻي ماحول جي منظر ڪشي ڪندي ۽ اڳين ڪھاڻين واري ٻارَ جي ڪردار کي چٽيندي ھن قمبر ويجهو ڳوٺ “ڪُنڍي خان بُليدي” جي آڳاٽي نڪ نقشي ۽ قمبر ۽ لاڙڪاڻي جي حڪيمن جي تاريخ کي “ڳوپ ڳنڍِ” ڏئي جيڪو قصو اڳيان آندو آهي، سو ھڪ گهر کان ويڙهي ۽ ٻئي ويڙهي جي انوکي ڪردار “مائي ٿَڌان” کي وڌائي ويو آهي. اھو فڪشن جو ھڪ نادر نمونو آهي. جيڪو ائين ئي باريڪ بينيءَ سان انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي دنيا ۾ پکڙجي، ته سنڌي ادب جي وڏي مثال جو درجو حاصل ڪري سگهي ٿو.

چوٿين ڪھاڻي “گَهرَ جو پِيرُ، چُلهه جو مارَنگُ” آهي. جيڪا ليکڪ قلم کي ڪيميرا بڻائي قلمبند ڪئي آهي. پھرين منظر کان پڙھندڙ ڪھاڻيڪار جي سوچ جي اک سان ڇڪجي ھلڻ لڳي ٿو ته، تيز تيز ٻرانگهون ڀريندو وڃي آخري جملي تي ساھي پَٽي ٿو. وچ تي ڪٿي به مونکي ائين محسوس ٿيو ته ھو پنھنجي چقمق جھڙي ڇڪ رکندڙ طاقتور فڪشن لکندڙن جو روپ ڌاري ساھَ پٽڻ جي مُھلت به نٿو ڏئي.

ڪھاڻي ڳوٺاڻي ماحول جي منظر نامي جو پس منظر رکندڙ. سياري جي چُلههِ. جنھن جي چوڌاري ھڪ غريب گهر جا فرد ويٺل. جن ۾ اُھو ٻار به شامل، جيڪو پھرين ٽن ڪھاڻين ۾ جدا جدا وارتائن سان پڙھي ۽ پَسي آيس. ھتي پلي مکڻ مليل ۽ چانورن جي سوٽُ ماني کائي اُھا ھينانوَ تي چڙھيل ۽ روز روز کائڻ واري بيزاري محسوس ڪرائي “سِياري” کائڻ جي سَڌ ڪري ٿو ۽ اُتان ڪھاڻيءَ جي اُڏام ٿئي ٿي ۽ پنھنجي پوتاميل ۾ سَڌَ، سادگي ۽ توھم پرست معاشري جي جهَلَڪ ته چِٽي پِٽي پسائي ٿي، پر ان وچ ۾ صرف ھڪ سِٽَ سان وڏيرڙي ٻارَ جي محسوسات کي ڳنڍي پاڻ ۾ روشن خياليءَ جو پرتوو به رکي ٿي. جنھن کي توڙي جو جھالت نه ٿي مڃي، مگر ليکڪ توھم پرستيءَ کي رد ڪري پنھنجو پيغام نشانبر ڪري ڏئي وڃي ٿو.

منظر نگاري، ڪردار نگاري، قصي، ٻوليءَ جي رچاءَ، گفتگوءَ کي حقيقت جو ويس پھرائي پڄاڻيءَ ۾ پڙھندڙ جي ذھن تي ھڪ نئين موضوع جي ديس گهمائڻ جو ڀرپور ۽ اڻوسرندڙ تاثر ڇڏي وڃي ٿي ۽ ان لاءِ بي ڌڙڪ اِھا راءِ اڳيان اچي ٿي ته، ھن جو شمار پڻ سنڌيءَ جي اعليٰ پايي جي ڪھاڻين ۾ يقينن ٿيندو ۽ پنھنجي تاريخ کي پاڻ دائميت بخشيندو.

ڳالهه ڪجي پنجين ڪھاڻي “اپسرا” جي، ته ھن ۾ پڻ منظور ڪوھيار صاحب ھڪ جداري موضوع سان مکاميلو ڪرايو آهي. جنھن ۾ ھن جي قلم لفظن ۾ حقيقت جي رنگ ڀرڻ، ڳوٺاڻي ماحول کي ھوبھو چِٽِڻَ ۽ غريب ۽ سادن ڪردارن جي سادي ۽ دل ۾ چُڀي وڃڻ واري انداز بيان کي جھڙي طرح پيش ڪيو آهي، اُھو سنڌي ڪھاڻيءَ کي پنھنجي اصلي ثقافت سان نِجُ پِڻو موٽائي ڏيندڙ آهي.

ڇھين ڪھاڻي “گهَرَ ڌڻي” توھم پرستيءَ کي مڪمل طور تي رد ڪندڙ آهي. جنھن لاءِ ڪھاڻيءَ جو مانڊاڻ منظور صاحب، ان جي بنيادي گهرجن کي نظر ۾ رکي تخليق ڪيو آهي. جيڪا پڙھندڙ لاءِ پاڻ ۾ بي انتھا دلچسپ قصو به سمايون ويٺي آهي ته، ھر ڪردار سان ان جي ضرورت آھر انصاف به ڪندڙ آهي. بيان جو تاثير ۽ ۽ سنڌي ۽ ھندي ٻوليءَ جو استعمال بيحد موھيندڙ آهي. لاڙڪاڻي جي لاھوري محلي جي تاريخ ۽ ورھاڱي جي لونءَ ڪانڊاريندڙ سانحي جي تڏھوڪي تصوير کي وڏي فنڪاريءَ سان گلڪاري ڪري پيش ڪرڻ مان ليکڪ جي ڪھاڻي پڻي تي دسترس جي ڀليءَ ڀت پروڙ پوي ٿي. پڄاڻي پڻ سون تي سُھاڳو محسوس ٿئي ٿي.

ڪھاڻيءَ جي، جنھن جڳهه کي مرڪزي نقطو بڻائي منظور ڪوھيار صاحب عمارت سازي ڪئي آهي، سا نه رڳو ھن جي آتم ڪٿا جي ھڪ باب کي پڙھندڙ اڳيان آڻي ٿي، پر ان جي حوالي سان ورهاڱي جي اُن اڻ لکيل تاريخ کي به ظاهر ڪري ٿي، جيڪا لاڙڪاڻي شھر جي لاھوري محلي جي تنھن وقت ھندو ڪميونٽيءَ سان تعلق رکي ٿي.

ڪھاڻيءَ اندر ۱۹۴۷ع جي ھڪ پراڻي ڊائريءَ جي قصي سان، قلم جي ڪمال سان جيڪو خوف ۽ ھِراس جو نقشو ليکڪ پينٽ ڪيو آهي، سو ته محسوس ٿيو ته، ليکڪ تڏھوڪين حالتن کي پنھنجي تصور جي اک بيھاري عام آڏو آندو آهي، پر ان ڊائريءَ سان لِنڪِ ڳنڍي ھن نيري فائل ۾ پيل ۱۹ جون ۱۹۴۳ع جي سپاسنامي جي تاريخ شامل ڪئي آهي، جنھن ۾ تڏهوڪن حال حيات شخصيتن ۽ “درٻار چيتن آنند سنسٿا” جو ذڪر ڪيو آهي، سو پڙهي ذھن ۾ ھڪ سوال ڪَرُ کنيو، ”ته ڇا اھو واقعي به ريئل ھُيو (جو جاءِ بابت ھن واتين ويڻين ٻُڌايو ھو، ته ڪھاڻيءَ ۾ ھوبھو آندل آهي)، يا منظور صاحب جو فڪشنائيز ڪيل ھو، جنھن ۾ ڪجهه قدر ھندي ٻوليءَ جو به استعمال ڪيل ھو؟”

تڏهن ان سئولو حل اھوئي سُجهيو، ته ڇو نه منظور صاحب کي فون ڪري پڇان.

۽ جڏهن ھن کان پڇيم، ته ٻڌايائين؛ ”اھو ان گهر جي مُھندارَ جو ھٿن اکرن جو مونکي ان جاءِ جي ڪٻٽ مان مليو هو. جيڪو مون سانڍي رکيو آهي. باقي ڊائريءَ جو پورشن منھنجو فڪشنائيز ڪيل آهي.”

ھن جي اھو ٻڌائڻ بعد سوچ ڪھاڻيءَ اندر ليکڪ جي تنھن وقت جي صوفياڻي مزاج واري تاريخي پيوندڪاريءَ ڏانھن کڻي وئي ۽ ان پاڙي جي تنھن وقت جي اميرَ جي وڏي دٻدٻي واري ڪردار (سپاسنامي جي بيان موجب) کي صرف چئن سالن گذرڻ بعد حالتن جي ڦيري سان واريءَ جو بت ظاهر ڪري ٿي. ھندو ڪميونٽي، جيڪا ھن جي ڏڍَ تي تڏهن لڏپلاڻ ڪرڻ نٿي چاهي، جڏهن ھن جو اھو جملو ٻُڌي ٿي، ته، “بيوس ٻارَ اُٺن به ڇڏيا” ته پوءِ اھا لڏڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي. ھتي ليکڪ ان صوفي مزاج ڏيھَ واسين تي به پنھنجي قلمَ جي ميارَ رکي آهي، ته اھڙي وقت ۾ اُهي ڇو ڪو نه منظم نموني سان پنھنجي ھم زبانن ۽ ھم وطنن جا ڀرجهلو بڻيا؟!

ڪتاب جي ستين ڪھاڻي “واٽر لو” به ڊفرنٽ موضوع تي لکيل آهي. پر “مان” يعني ضمير متڪلم جي اسٽائيل ۾ سڀني ڪھاڻين جي مک ڪردار جي تسلسل کي برقرار رکندي اسان جي ھن گهڻ پڙھيي ۽ خاص ڪري فڪشن کي وڌيڪ دلچسپيءَ سان پڙھندڙ ليکڪ ڪردار جي عمر جو ليکو چوکو ۽ ننڍپڻ کان تعليم پرائڻ جو حساب ڪتاب ذھن ۾ رکندي حيرتناڪ انداز ۾ ان جي تخليق ڪئي آهي.

فرسٽ ييئر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، لاڙڪاڻي ۾ ستر جي ڏھاڪي ۾ پڙھندڙ ھن ڪھاڻي جي ڪردار کي منظور صاحب تنھن زماني جي شھر جي يادن، سينيمائن، انهن ۾ لڳل فلمن سان جوڙي “واٽر لو” انگريزي فلم ڏسڻ واري ماحول ۾ وٺي وڃي ٿو. نيپولين بوناپارٽ جي “واٽر لو” جي جنگ مان ان جي شاندار عڪاسي ڪندي، گهمائي، ان جي واتان چيل پنھنجي ڪھاڻيءَ جي سندس تخيلاتي گهرج آھر ھن جملي کي قول جو درجو ڏئي، نمايان ڪري ٿو ته،”منھنجي حڪمت عملي اھا رھي آھي ته دشمن سان اڳتي وڌي مقابلو ڪجي. ھارَ ٿيندي يا جيت ٿيندي، اھو فيصلو قسمت ڪندي...!”

اھو مفھوم ڪھاڻيءَ جي پُڄاڻيءَ واري پوڙهي عورت جي ۽ ھر ماڻهوءَ جي حياتيءَ سان فيلسوفاڻي ٽُئِسِٽ ڏئي ملائي ڳُوڙھي مطالعي واري ماڻهوءَ کي ان جي سوچ جي معيار موجب آڇيو آهي، پر عام پڙهندڙ تائين به ان جي سمجهه موجب زندگيءَ يا جياپي جي جستجوءَ کي جھڙي تھڙي حال ۾ ھارَ يا جيت جي صورت ۾ جاري رکڻ واري پنھنجي يونيورسل پيغام رسائڻ ۾ پڻ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

اٺين ڪھاڻي “غلطي” جو پھريون پيراگراف منظور ڪوھيار صاحب ھن طرح تحریر ڪيو آهي ته،”چوندا آهن، ته ھر جوانيءَ اندر بھار جي موسم موجود ھوندي آھي. جنھن جو ٻاھرين موسم سان ڪو تعلق ناهي. پر پنھنجي جواني عجيب ھئي، جنھن ۾ نه اڃا گُل ٽڙيو، نه بلبل ٻوليو. فطرت ته عشق جو ٻج ھر دل ۾ ڇٽيندي آهي. پر جيستائين پيارَ جي پِيچَ نه ملي، تيستائين بُٺُ زمين ۾ عشق ڀلا ڪيئن انگورجي...؟”

نثر جي ھن انداز کي پاڻ ”شاعراڻو نثر” چوندا آھيون. جنھن جو ادب جي دنيا ۾ درجو اُتم سمجهيو ويندو آهي. منظور صاحب جي ھن نموني جو انداز بيان ۽ ان ۾ ٻوليءَ جي حُسن ڪاري سندس ھن ڪتاب ۾ ھيل تائين پڙھيل ڪھاڻين توڙي اڳ ۾ سمورين ڪھاڻين جي ڪتابن، ناولن، ڊرامن ۽ ڪالمن ۾ ھن کي ٻين ليکڪن جي وڏين قطارن مان الڳ مانَ ۽ مرتبي جي لائقيءَ جو مستحق قرار ڏئي ٿي.

حيرت جي ڳالهه آهي ته، يگاني سوچ وارو ھي ليکڪ ٻين ليکڪن جيان پنھنجي ھر لکڻيءَ تي، ان جي سرجڻ مھل پنجن ئي حواسن کي مرڪوز ڪندو آهي ۽ ڇھين حواس کان ڪڏهن ڪڏهن مدد طلبيندو آهي، پر ھي لفظن جي وھڪري ۾ ھر ھنڌ ڇھين حواس کي ساھ ۾ سانڍي ھلندو آهي.

ھيءَ ڪھاڻي پڙھندي ۽ ان جي گهٽين پيچرن مان گذرندي، ڄامشوري جي جوان جسمن جو ھُڳاءُ کڻي گهلندڙ ھوائن جي نَسَ نَسَ ۾ سُرھاڻ اوتيندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ستر جي زماني جو سير ڪندي، ھر منظر کي چٽو ڏسندي ۽ “مان” ڪردار سان گڏ گڏ ھلندي، نون نون ڪردارن سان ملندي، ،سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ اڇوتين ۽ انوکين تشبيھن مان لطف اندوز ٿيندي، جڏهن ان جي آخري سِٽَ تي پھچي ساھي پٽجي ٿي، ته ڪھاڻيءَ جو ڪاڪ محل اڏيندڙ جي استاديءَ جو احساس اکين جي جوت کي ۽ سوچن جي وسعتن کي نئين جلوي سان آشڪار ڪري وڃي ٿو.

نائين ڪھاڻي “ماءُ جي ھنجَ” ھڪ فوٽ بال جي رانديگر جي حياتيءَ کي فوڪس ڪري ٿي. جنھن جو ھيڏي ساري جڳ ۾ پيءُ مرڻ کان پوءِ واحد سھارو ماءُ آهي، جنھن جي پڻ زندگيءَ جي جهلڪ ڪھاڻيڪار منفرد انداز ۾ پينٽ ڪئي آهي. ڪھاڻيءَ ۾ فوٽ بال راند جي مڪمل ڄاڻ سان گڏ رانديگر جي عشق (جيڪو جنون جي چوٽيءَ کي رسيل آهي) کي قلم جي گھري ٽچ ڏنل آهي. جنھن سبب ڪھاڻي منظور ڪوھيار صاحب جھڙي قد بت واري ليکڪ (جيڪو پڻ پنھنجي زماني جو بھترين رانديگر رھيو آھي) جي سڃاڻ جو نئون حوالو ته بڻجي پئي آهي، پر پڙھندڙ کي به ان راند جي حوالي سان نئين ڄاڻ سان آراسته ڪندڙ آهي. ٻوليءَ، ڪردار نگاريءَ ۽ منظر نگاريءَ سان گڏ ڪھاڻي پڻي جي ڪسوٽيءَ تي به ڪھاڻي پوري لھندڙ ۽ اسان جي ادب ۾ نئين موضوع جو اضافو ڪندڙ آهي.

ڏھين ڪھاڻي “فقير ماڻهو” منظور ڪوھيار صاحب بنھين سادي اسلوب سان تحرير ڪئي آهي، پر ان سادگيءَ ۾ ھو ھڪ دور جو تمام گهڻو ۽ گھرو درد پڙھندڙ جي دل ۾ اوتڻ ۾ سڦل ويو آهي.

“فقير ماڻهو” جي موضوع، ڪردار نگاري توڙي ڪھاڻيءَ جي ٻين لوازمات سميت انسان پڻي جو ميسيج به ھن جنھن نوع ۾ ڪميونيڪيٽ ڪيو آهي، سو ستر جي ڏهاڪي جي ان شروعاتي دور جي ٻوليءَ جي حوالي سان رونما ٿيل سانحي جي مڪمل طور تي نندا ڪندڙ آهي. جيڪا ھن اندر جي اُجرائپ ۽ روشن خياليءَ واري سوچ کي نمايان ڪري حقيقي ترقي پسندانه فڪري لاڙي کي پڻ واضح ڪري ٿي.

ڪتاب ۾ يارھين ڪھاڻي “ھُما” جي نالي سان شامل ڪيل آهي. جيڪا ٻھراڙيءَ جو پيش منظر رکندڙ بيحد ئي شاندار ڪھاڻي آهي. جنھن جو مرڪزي نقطو ته ڳوٺ جي لڳ ھڪ جهنگ جي چُکِي آهي، جا “مان” ڪردار جو چاچو ڪيسُ لڙي ۽ کٽي پنھنجي پاسي ڪري ٿو. پوءِ. جهنگُ ساڙائي پوکيءق لائق بڻائڻ چاهي ٿو. پر ڳوٺ جو درويش صفت انسان ھن جي آڏو اِھو چئي رڪاوٽ بڻجي ٿو، ته ان ۾ ھُما پکي رھي ٿو. جيڪو ھن ڳوٺ جي ڪنھن نه ڪنھن فرد جي ڪلهي تي ويھندو، ته اُھو بادشاھ ٿيندو. ڳوٺ جي نوجوانن جي پڻ ھن کي حمايت حاصل آهي ۽ ان سبب مرڪزي ڪردار جو چاچو حيلا وسيلا ھلائي ھڪ مُلان سان درويش جو مناظرو ڪرائي ٿو.

ھي مناظرو منظور ڪوھيار صاحب ايڏي ته ڊفرنٽ ۽ دلچسپ انداز ۾ ڪھاڻيءَ جو اڻٽٽ حصو بڻايو آهي، جو ذھن تي ڇاپِي اکرن وانگر نقش ٿي وڃي ٿو. ان کان پوءِ ڪھاڻي ڪيئن مست درياهه جي وھڪري جيان پنھنجا گس گهيڙ ٺاھيندي پڙھندڙ کي ڪنھن سيرَ ۾ آيل ٻيڙيءَ سمان تاريندي ۽ اُڏاريندي پنھنجي منزل تي وٺي وڃي ٿي، سو ڪھاڻيءَ جي گهرج آھر فطري ته آهي ئي، پر دل اندر پنھنجي وڏي ۽ ويڪري جاءِ جوڙيندڙ پڻ آهي. ٽريٽمينٽ، گفتگو ۽ مقصد جي لحاظ کان به ڪھاڻي پنھنجي سڃاڻپ الڳ ۽ مٿڀري رکي ٿي.

ڪھاڻيءَ جو موضوع ڪنھن ھڪ سِٽَ يا لفظ ۾ ڪھاڻيڪار جي ذھن جو دروازو کوليندو آهي، جنھن کي تيليءَ جي مثال سان به رَلايو ويندو آهي، پوءِ جڏهن اُھو لفظن جي سھاري سان ڪاغذن تي ان جو شھر اڏيندو آهي يا تيليءَ مان ٿنڀُ بڻائيندو آهي، تڏهن ھن جي اندر جي رچناڪار جي رُوءِ پنھنجي چڱي موچاري جي پروڙ ڏيندي آهي. منظور ڪوھيار صاحب جي ڪتاب جي زينت بڻيل ٻارھين ڪھاڻي “ھا ادا، ائين...!” سِٽَ جي آئيڊيا مان نه، پر ھڪ لفظ جي مان جنم ورتو آهي.

۽ اھو لفظ، جيڪو تذليل جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي، ڇا ته ذھن ۾ ويھاري، ان کي ھڪ دور جي تاريخ سان ملائي پوءِ ھڪ ڳوٺ سان ان جو تعلق پيدا ڪري اَنا جي باھين جا ڀَڀَڙَ ٻاري ڇڏيا آهن، سي ھن جي ھڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾، سندس ڪھاڻيءَ جي فن واري سُچيتائپ ۽ ڏاھپ جا رڳو ڏسَ ئي نٿا ڏين، پر سينيما اسڪوپ پردي تي ان جو پرتوو به پسائن ٿا.

ھن جي ھڪ اھا خوبي به ھتي بيان ڪندو ھلان ته، ھن جي پنھنجي ھر ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪيل ڪردارن کي “ھلندو، ڦِرندو” ڏيکارڻ وارو ڏانءُ تمام گهڻو منفرد ۽ دل لڀائيندڙ آهي. جن ۾ ھر ھڪ کي ان جي حقيقي زندگيءَ سان واسطيداريءَ واري ٻولي به ھُو جداري تخليق ڪري ٿو. ان سان اھا ڳالهه به لاڳاپيل آهي، ته ھن جي داستان گوئي جو انداز به ھر ڪھاڻيءَ ۾ ضرورت پٽاندر تبديل ٿيل ھوندو آھي. جيڪو ھن ذڪر ڪيل ٻارھين ڪھاڻيءَ ۾ به ڪھاڻيڪار جي قلم جي رَندن مان انڊلٺ جي رنگن جيان ڪَرُ کڻي بيٺل آهي.

“پاڙي ناھِ پروڙ” ڪتاب جي تيرھين ڪھاڻي درد جو مَھِٽو ڪجهه سبيل ڏيندڙ آهي. جو ليکڪ موضوع جي چونڊ ئي اھڙي ڪئي آهي. ويتر ان ۾ پنھنجي تخليقي چِٽسالي ڪئي آهي، ته پڙھندي ساھ ۾ مونجهه ۽ اکين آڏو لڙڪن ڀرجڻ ڪري ڌنڌ ئِي ڌنڌ ڦٿڪائي ٿو وجهي. ھر ڪردار سان انصاف. زندگيءَ جي روان دوان ھُجڻ جي عڪسبندي. ماءُ جي پيڙا جو سمنڊ. جملن جو فطري جڙاءُ. ڪيترن سنڌي ٻوليءَ جي متروڪ يا لغت ۾ ڇپجڻ کان رھجي وڃڻ وارن لفظن کي تھ خانن مان ڪڍي خوبصورت انداز ۾ استعمال ڪرڻ. ڪھاڻيءَ جي ھر پاسي کي تسبيح جي مڻين وانگر پويُون بيٺا آهن. پڄاڻي به مختصر ڪھاڻيءَ جي گم ٿيل گس کي ڳولي ايندڙ آھي. ڪھاڻيءَ جو تاثر اڳين ڪھاڻين جيان ئي ذھن کي گهڻو ڪجهه نئون ڏئي ٿو وڃي. پر موضوع جي حساب سان احساسن کي ٻين کان الڳ نموني سان ۽ زبري لھس ڏيندڙ آهي.

“نماڻي شھزادي” ڪھاڻيءَ جو شمار ڪتاب ۾ چوڏھين نمبر تي آهي. جيڪا پڙھندي ڪوھيار صاحب جي قلم جي ان تيز ٽيمپو چئجي يا طوفاني رواني، ته ان پارَ جو پتو ته پوي ٿو، جيڪو ھونئن ته سندس ھر ڪھاڻيءَ ۾ پرکي ۽ پروڙي سگهجي ٿو. ھن جي ڪھاڻين جو اھو به ڪمال آهي، ته ھڪ دفعو جيڪو به ھن جي ان مخصوص لھجي واري گهيڙ ۾ گهڙي ٿو، ته ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تائين ھو کيس چئوکنڀو ٻڌيون، پنھنجي فني طاقت سان کنيون ھلي ٿو ۽ اينڊ جي غير روايتي تاثر تي وڃي ھٿ ڪڍيس ٿو ۽ پوءِ ئي ان کي ساھُ کڻڻ جو موقعو فراهم ٿئي ٿو.

ھيءَ ڪھاڻي ڏاڏيءَ جي ڪردار جي ريئل واقعي سان شروع ٿي، جڏهن موڙو کائي لوڪ ڪھاڻيءَ جي ڌرتيءَ تي پير ڌري ٿي، ته وھم گمان ۾ به نٿو اچي ته ليکڪ ان موضوع کي پنھنجي ڪھاڻيڪار واري ڇھين حِسَ کي اڳتي ڪري نئين زماني جي لوڪ ڪھاڻيءَ جو شيپُ ڏئي، پڙھندڙ جي سوچ کي ڄڻ ته ھڪ بيحد ئي انوکي ۽ نئين انداز جي سرچ لائيٽ عطا ڪري ٿو، جيڪا ڏاڏيءَ جي ڪردار جي پوڙھپ جي گهنجن سان نمايان ٿي من ۾ درد جي تمام گهڻي تِکي نشتر سان، پنھنجي موضوع جي مناسبت سان اونهو ٽُڪو ڏئي فڪشن جي تاريخ ۾ علحده جاءِ جوڙي وڃي ٿي.

ڪھاڻيءَ ۾، لوڪ ڪھاڻيءَ جي ويس ۾ موجوده زماني جي ٻوڏ جي پنھنجي ديس ۾ رونما ٿيل تباھين جو سِرو ڳنڍي انهن جي جي عڪاسي پڻ ليکڪ لونءَ ڪانڊاريندڙ منظرن سان ڪئي آهي. جنھن سان، ڪھاڻيءَ جي ان پاسي سان به ليکڪ نڀاءُ عاليشان آهي.

ڪتاب جي پندرھين ڪھاڻي “رواج” ۾ منظور ڪوھيار صاحب پيري مريديءَ جي نندا ڪندي نه رڳو اسان جي روشن خيال مذهب جي اھميت کي اجاڳر ڪيو آهي، پر آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ جي شان کي اعليٰ ڪري بيان ڪيو آهي. جنھن سان ڪھاڻيءَ جو مرتبو بيحد ئي وڏو ۽ گهڻي ۾ گهڻو مٿانھون نظر اچي ٿو.

“چنڊيڪا ديوي” سورھين ڪھاڻي آهي. جيڪا ليکڪ سنئين سِڌي به ڪري لکي آهي، ته ان کي سمجهو پڙھندڙ لاءِ مامَ ۾ يا لڪ ۾ ان جي مفھوم کي ويڙهي پڻ تخليق ڪيو آهي. “چنڊيڪا ديوي” ڪير آهي؟، ان راز کي معلوم ڪرڻ لاءِ ڪھاڻي ھڪ کان وڌيڪ دفعا ورائي ورائي پڙھڻ تي مجبور ڪري ٿي.

۽ جيڪو اُھا ورائي ورائي نٿو پڙهي، اھو ان ۾ ليکڪ جي رمز کي سمجهڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو ۽ ڪھاڻي ان جي دماغ کان مٿان بنا سمجهڻ جي ھوا جي جهوٽي وانگر گذري يا پکيءَ جيان ڀڙڪو ڏئي اک ڇنڀ ۾ اُڏامي وڃي ٿي.

موضوع جي لحاظ کان ھيءَ “مان” ڪردار جي سڀني اڳين ڪھاڻين جي تلسل ۾ نوڪريءَ جي پيرڊ کي ظاهر ڪري ٿي. جنھن ۾ ھن حقيقي واقعي يا وارتا کي ڪھاڻيءَ جا سڀ سينگار ڪرائي اھڙي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو ان جي جنسي بي راهه روي ۽ انساني انتقام جي اُگري ۽ خوفناڪ نفسيات جي آرَ پارَ ۽ آھنگَ کي زندگيءَ جي ھوبھو تصوير واري روپ ۾ وڏي معنيٰ سان ڪھاڻين جي تاريخ ۾ علحده ۽ مٿڀري مقام جو مستحق بڻائي ٿو.

انساني سوچ جا دڳ پيچرا پنھنجا آهن. جيئن ننڊ کان پوءِ خوابن جا. اتر ڏکڻ، جيڪو ھونئن ملائڻ مشڪل نه، پر ناممڪن آهي، سو ماڻهوءَ جي سوچ ۽ تصور جو ڪمپيوٽر ڪيئن ٿو ملائي، ان سوال جو جواب ڳولڻ ڪلون ڦيرائي ڇڏيندو آهي. چريائپ جي حدن ۾ ڌڪي وڃي اڇلائيندو آهي. ڪتاب جي سترھين ڪھاڻي “ڀائو، اوھان ڀليا آھيو..!” اھڙين ئي سوچن جي عڪاسي ڪندڙ آهي. جنھن ۾ تصورن ۽ حقيقتن جي زمين آسمان واري وِٿيءَ کي ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ آخر ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي ھڪ سِٽَ سان ان سُٽَ کي ڪوھيار صاحب پنھنجي قلم جي نوڪ سان سلجهائي، پڙھندڙ جي ذھن کي ٺڪاڻي تي آندو آهي.

ھيءَ ڪھاڻي، ڪيترين ئي ڪھاڻين جو مرڪب آهي ۽ ليکڪ انهن سڀني سان پنھنجي منفرد ۽ گهربل سوجهه ٻوجهه آھر نڀاءُ ڪري جديد ڪھاڻيءَ جي تقاضائن کي پورو ڪيو آهي. جنھن سان شاھ جي سِٽَ کي رلائي مفھوم جي منزل تي پڙھندڙ جي پيرن کي سولائيءَ سان پھچايو آهي.

ڪتاب جي ارڙهين ۽ آخري ڪھاڻي “مِسنگ جِنُ” آھي، جيڪا موضوع جي اُڻت توڙي ليکڪ بي انتھا ذھانت سان الائي ڪيترن ماڳن مڪانن تان گهمائي ڦيرائي، ڪھاڻيءَ ۾ ضرورت موجب ماحول جي عڪاسي ڪري ۽ ساڳي نموني جي پنھنجي اعليٰ درجي جي ڪردار نگاريءَ سان، آڳاٽي داستان گوئيءَ جي ٽچ ڏئي موجوده زماني جي ڏک کي تمثيلي طور شاندار نموني سان سموھي پيش ڪيو آهي.

ائين ھن ڪتاب ۾ شامل منظور ڪوھيار صاحب جي سمورين ڪھاڻين مان گذري جڏهن ڪتاب بند ڪري رکيو اٿم، ته ھ سِٽَ ۾ ان لاءِ اھا راءِ اندر مان ڪنڌ مٿي ڪري بيٺي آ، ته ھن اسان جي پڙھندڙ کي سنڌي ڪھاڻيءَ جو آب تاب موٽائي ڏنو آ. سو به سڄي مجموعي جي سڀني ڪھاڻين ۾. جن جي معيار جون ڪھاڻيون ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي ئي سالن ۾ پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۹ ۽ ۳۰ ۽ ۳۱ آڪٽوبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)



گھر ۽ گراموفون

سھيل مڪاني

منظور ڪوهيار جي ڪهاڻين جو مجموعو ”گھر ۽ گراموفون" پڙهيو۔ هميشه وانگر منظور ڪوهيار جو لکيل مهاڳ اڪيڊمڪ لڳو۔ جنهن سان پڙهندي ڄاڻ سان گڏ اهو اتساه مليو ته پاڻ به جيون سٻنڌي ڪهاڻيون لکي سگھئون ٿا، جي همت ڪيون ته۔۔۔

مجموعي ۾ ٽوٽل ۱۸ ڪهاڻيون آهن۔ هر ڪهاڻي جو بنياد سندس زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن واقعي تي ٻڌل آهي۔ ان حوالي سان هر ڪهاڻي ۾ ڪهاڻي پڻو ڀرپور انداز ۾ موجود آهي۔

هر ڪهاڻي ڪردارنگاري ۽ ٻولي جي لحاظ کان ڀلي آهي۔ ڪٿي به جهول يا اجائي ڊيگھ نظر نه ٿي اچي۔ مجموعي جون پهريون ٽي ڪهاڻيون "گھر ۽ گراموفون"، "پاڇولو" ۽ "او ماما نه ماريس!" ٻاراڻي اوسٿا جون احساساتي ڪهاڻيون آهن۔ ڇوڪراڻي وهي واريون ڪهاڻيون جن ۾" گھر جو پير چلھ جو مارنگ"، " اپسرا"، " گھر ڌڻي"، "واٽرلو" وهمن وسوسن ۽ حقيقت پسندي جو عجيب امتزاج آهن۔ خاص ڪري "واٽرلو" ڪهاڻي ۾ ٻن مختلف موضوعن کي ڪلائيميڪس ۾ ڳنڍي وڃڻ۔۔۔! بنھ هڪ نئون ڪامياب تجربو۔ اهڙي طرح ڪهاڻيون، ”غلطي“، "ماء جي هنج ۾"، "فقير ماڻهو"، "هما"، "ها ادا ائين!" سندس نوجواني جي دور سان تعلق رکن ٿيون جن ۾ طنز مزاح جي نشتر سان گڏوڳڏ تلخ حقيقتون به شامل آهن۔ ڪهاڻيون، "پاڙي ناه پروڙ"، "نماڻي شهزادي"، "رواج" سندس بالغ نظري واري عمر سان تعلق رکن ٿيون۔ جيڪي سماجي سچائي ۽درد کي درشائن ٿيون۔جڏهن ته "چنڊيڪا ديوي"، "ڀائو اوهان ڀليا آهيو!" ۽ "مسنگ جن" سندس پڪي پختي عمر واري دور جا واقعا آهن۔ جيڪي سياسي، سماجي ۽ نفسياتي صورت حال جي پيچيدگين بابت آهن۔ سمورن ڪهاڻين جي اسلوب جي ٽريٽمينٽ ڪهاڻي جي گھرج مطابق خوبصورت انداز ۾ ڏنل آهن۔ جيتري قدر ٻولي جو تعلق آهي ته منظور ڪوهيار جي ٻولي شاهوڪار ۽ بيان ۾ بي ساختگي آهي۔ مون کي سندس ٻولي ۾ ،شهر لاڙڪاڻي جي چهراڻ ۽ قنبر جي ٻھراڙي جي مٺاڻ محسوس ٿيندي آهي۔ اميد آهي ته هن مجموعي کانپوء گوڏا ڀڃي ويٺو ته اسان جي هٿن ۾ جيون سٻنڌي ناول به هوندو۔ ڇو جو ذاتي طور تي خبر آهي ته هو اونهاري ۾ پڙهڻ ۽ سياري ۾ لکڻ جو ڪم ڪندو آهي۔

 

(سھيل مڪانيءَ جي ۹ نومبر ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

No comments:

Post a Comment