Sunday, October 27, 2024

سبق ستون - حسين ڪپري

سبق ستون

(مختصر ڪهاڻي)

حسين ڪپري



ٻئي ڄڻا چناب ايڪسپريس مان اسٽيشن تي لٿا ۽ ٽيڪسي ڪري سڌو هيرامنڊي پهتا. اوپرا هئا تنهنڪري هڪدم سڃاپجي پيا.

”ڪٿان آيا آهيو، ڪير آهيو؟“ هر ڪنهن پي پڇيو.

هنن چيو ته حاجي صاحب جا مهمان آهيون. اهو جواب ٻڌي سڀني ڪن هنيا.

انهن مان جيڪو پڪي ڄمار وارو هو تنهن خاطري ڪرڻ لاءِ وري پڇيو؛ ”حاجي عبدالڪريم ٽنڊي آدم وارو؟“

”هائو.“


پوءِ ته سڀني دلن، ڀڙون ۽ ڪڃرن مهمانن تي هٿن جون ڇانئون ڪري ڇڏيون!

”آئو بادشاهو، آئو جي!“ چوندي سندن زبان نٿي ٿڪي.

هو کين سڌو حاجي صاحب وٽ وٺي آيا، جنهن کانئن پيرائتيون خبرون ورتيون.

هنن پنهنجو تعارف ڪرايو. سليمان صاحب ٽيڪسٽ بورڊ جو چيئرمين ۽ اسماعيل صاحب سيڪريٽري هو. درسي ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ لاهور مان ڪاغذ خريد ڪرڻ آيا هئا.

”سرڪاري ڪم پنهنجي جاءِ تي پر في الحال دل جي چوڻ تي هتي هليا آياسون!“ اسماعيل بي تڪلفي سان چيو.

”ڀلي ڪري، جي ڪري آيا. توهان لاءِ تمام گهڻي عزت آهي. استادن جو احترام ڪندا آهيون. اسڪول ۾ توهان جا لکيل ڪتاب پڙهي پنج درجا پاس ڪيا اٿئون!“ هن نوڙت سان چيو.

خوش خيريت عافيت ٿي وڃڻ کان پوءِ، سفر جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ٻئي ڄڻا ٿڌن ڪوسن پاڻين سان وهنجي فارغ ٿي ٻاهر آيا.

حاجي صاحب ورانڊي ۾ ڏاڍي بي چيني سان اچ وڃ ڪري رهيو هو. ذري ذري ٻانهن ۾ ٻڌل پراڻي واچ کي ٿي ڏٺائين يا هٿ ۾ جهليل موبائيل فون کي. سندس انداز ۾ بي صبري عيان هئي.

رات ڳپل نڪري وئي هئي، اڃا تائين انتظار نه ختم ٿيو هو.

”راڻي وارو ٽاڻو ٿي ويو آهي. هاڻي ڇا ٿيندو؟“ خالي ٿيل گلاس ۾ برف وجهندي اسماعيل پڇيو.

”دير ته برابر ٿي ويئي آهي پر ڏسون ٿا. تيسين تون پنهنجو گهوڙو جهل!“ سليمان وراڻيو.

سليمان صاحب جيتوڻيڪ عمر ۾ سينيئر آهي ۽ باس به آهي پر ٻنهي جي ياري پراڻي آهي، انهي ڪري هجت به جام اٿن.

اوچتو گيٽ تي هڪ ڪوسٽر اچي بيٺي.

”بچيان آگئين!“ حاجي صاحب جي وات مان بي اختيار نڪري ويو.

هنن ڏٺو ڪوسٽر مان لهي ڇوڪريون موتين جي قطار وانگر پي آيون. سڄو گهر پري خانو ٿي ويو هو! هڪ کان هڪ ”داڻو“ اچي لٿو هو!

”سائين هر ويرائٽي موجود آهي پنهنجي مرضي سان ايٽم (آئٽم) جي چونڊ ڪريو!“ حاجي صاحب فخر سان چيو.

پوءِ هن تعارف ڪرايو.

”هي فيصل آباد جي پروين اختر آهي، هي لاهور جي مهرالنسا ۽ هيءَ ملتان جي انارڪلي آهي. هي بڻائتي آهي سائين، سندس ناني جي عشق ۾ ناري جي هڪ نواب پنهنجي جاگير وڃائي، خودڪشي ڪري ڇڏي هئي!“

جوانڙِيءَ هنن ڏي نهاريو. سندس سنهڙن چپن جي مسڪراهٽ ۾ وزيرآباد جي خنجر جي ڪاٽ هئي!

آخر ۾ هن سندس پيرن ۾ باادب ويٺل ڊگهي وارن واري ڇوڪريءَ جو نالو ٻڌايو، ڪلثوم بانو.

”هي جهنگ سيال جي آهي سائين، هير جي ڳوٺ جي!“

ڇوڪريءَ نوڙي هنن کي لکنوي انداز ۾ سلام ڪيو؛ ”ست بسملا جي آيا نون.“

 اسماعيل جي دماغ ۾ هير وارو قصو تري آيو!

”هن لاءِ مان رانجهو ٿي دريا تري ٻي پار ويندس!“ هن جوش ۾ چيو.

”هنن دريائن جو ڪو به ڪنارو نه هوندو آهي ۽ هي تنهنجو پنجون پيگ آهي.“ سليمان جي انهي جملي کيس واپس زمين تي آڻي ڇڏيو.

صبح جو نشا لٿا ته احساس ٿيو، حاجي صاحب جي هڪڙي فون تي سهڻين جي پوري بس ڀرجي آئي هئي!

هو سندس شخصيت کان ڏاڍا متاثر ٿيا.

ٻئي ڏينهن مزو بدلائڻ لاءِ هنن کيس ”ٻيو مال“ ڏيکارڻ لاءِ چيو.

هو مسڪرائڻ لڳو. پوءِ اک ڀڃندي چيائين، ”اچي، پهرين هي اصلي سلاجيت وارا پان کائو.“

هو سندس رمز سمجهي ويا. اسماعيل هڪ ۽ سليمان ٻه پان کاڌا!

”واقعي هي جاءِ توهان جي حيثيت جي ناهي.“

ائين چئي هن دروازي وٽ بيٺل هڪ نوجوان کي هٿ جي اشاري سان سڏ ڪيو.

”اسان جي سنڌي مهمانن کي وي آءِ پي حُسن ڏيکارڻو آهي. ڇوڪرا، تون وڃي بيگم صاحبه وارن کي اطلاع ڪر، اسين اچون ٿا.“

”جي اڇا، استاد جي!“ هن فرمان برداريءَ سان ورندي ڏني ۽ تڪڙو روانو ٿي ويو.

ڪجهه دير کان پوءِ حاجي صاحب هنن کي اتي وٺي هليو. ويڪرو شاهي ٻِه-ماڙ بنگلو، خوبصورت لان، پريان ڪنڊ ۾ سرونٽ ڪوارٽر!

”هي ننڍي ڪاڪِي جي آهي!“ هن نئين ماڊل جي ڳاڙهي رنگ جي هڪ ڊگهي ڪار ڏي اشارو ڪندي چيو.

هو هنن کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري پاڻ اندر ويو ۽ ٻن اپسرائن کي وٺي آيو.

”هي موتي داڻا، منهنجو مطلب آهي ته ٻئي ڇوڪريون جاڙيون ڀينرون آهن!“ هن چيو.

هنن جانچي ڏٺو، واقعي ٻئي هوبهو هڪ جهڙيون (identical twins) هيون.

هن چيو؛ ”بس رڳو هڪ تر جو فرق آهي، اهو به مهمانن جي سهولت خاطر، سڃاڻپ ۾ آساني لاءِ ٺاهينديون آهن.“

تعارف ڪرائي هو کسڪي ويو.

ٽئين پيگ مان ڍڪ ڀريندي سليمان کي شائستگي جو خيال آيو. هن انگريزي ۾ ڪمهلي وقت تي اچڻ جي معافي ورتي. انگريزي ٻڌي هو ٽڙي پيون. کين به هلڪا سرور هئا. بس پوءِ هڪڙي ڀيڻ، روانيءَ سان فر فر انگريزي ڳالهائڻ لڳي ۽ ويئي ڳالهائيندي.

ٻيءَ ڀيڻ، پنهنجي هٿن سان نيزا ڇلي پئي کارايا. اسماعيل ويٺي رنگيءَ جا رنگ ڏٺا.

چند منٽن بعد هن محسوس ڪيو ته سليمان ڦڪو پئي ٿيو ڇو ته ٽيڪسٽ بورڊ جي چيئرمين هئڻ جي باوجود به هو اهڙي انگريزي نٿي ڳالهائي سگهيو. ڇوڪري مهمان جي خاموشيءَ کي نوٽ ڪيو. ڳالهه سمجهي ويئي، بنا لکا ڏيڻ جي، وري اردو ڳالهائڻ لڳي.

هونئن ته هنن لاهور قيام دوران شالامار باغ، شاهي قلعو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تاريخي جايون گهمڻ جو سوچيو هو پر هنن ڇوڪرين جي جاگرافي اهڙي ته دلڪش هئي جو سڀ پروگرام ڪينسل ڪري، انهن ۾ گم ٿي وڃڻ جو فيصلو ڪيو!

اسماعيل چيو؛ ”هڪ هفتي لاءِ اوهان جا مهمان آهيون.“

”اسان جي اکين تي. توهان جيترا ڏينهن چاهيو، هتي رهو!“ هنن شوخ نظرن سان نهاريندي جواب ڏنو.

ٿوري دير کان پوءِ، ايڪسڪيوز ڪري چينج ڪرڻ لاءِ اندر ويون.

سليمان جي منهن تي پريشانيءَ جا آثار هئا. هونئن ته وڏو شوقين ۽ خفتي مڙس آهي پر سرڪاري ڪمن جي گهٽ خبر پويس ٿي. تنهنڪري اهڙن معاملن ۾ اسماعيل کان صلاح وٺندو آهي.

”هفتو وڏو عرصو آهي پويان ڪيترا ڪم اڌورا رهيا پيا آهن، انهن جو ڇا ٿيندو؟“ هن پڇيو.

”ڪهڙا ڪم؟“

”پراڻي ڪورس ۾ رد بدل ڪرڻي آهي، نوان سبق لکرائڻا آهن!“ هن فڪرمنديءَ سان چيو.

”ڳڻتي نه ڪر سڀ ٺيڪ ٿي ويندو!“ اسماعيل کيس آٿت ڏني.

”ايترا ڏينهن هتي رهياسين ته جام خرچ ٿي ويندو!“ هن سوچيندي چيو.

”پرواهه نه ڪر! سڀ خرچ اهي سيٺ ڀريندا جن کان پاڻ ڪاغذ خريد ڪنداسين.“

 ”۽ ڊپارٽمينٽ؟“

 ”اتي ته پاڻ کي رڳو بل پيش ڪرڻا آهن.“

”هي بل ڪهڙي مد (head) ۾ ٺهندو؟“ هن حيرانيءَ سان پڇيو.

”تفريحي الائونس ۽ ٻيا ڪيترائي الائونس آهن. ڪاغذن جو پيٽ ڀرجي ويندو.“

”پر مون کي ڳڻتي آهي ته...“

”تو کي ڳڻتي آهي ته شاگردن جي ڪتابن جو ڇا ٿيندو؟“ اسماعيل، هن جو جملو پورو ڪندي چيو.

”کڏ ۾ پون شاگرد، منسٽر صاحب جي ڪميشن جو ڇا ٿيندو؟“

”جيترو پاڻ وڌيڪ خرچ ڪنداسين اهو سڄو سندس ڪميشن مان ڪٽبو!“

”هن جو ڪهڙو حق آهي ۽ هن کي ڪهڙي بک آهي؟“

”جمهوريت جي بحالي لاءِ سندس قربانيون ياد ڪر، جيڪي ڪارڪن پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙيندا هئا تن کي پيٽرول هي وٺي ڏيندو هو. ڪيترا سال شنوايون ڪاٽيون اٿس ۽ نيب جا ڪيس لوڙيا اٿس! ڪيتريون ملون ۽ ڪارخانه بند ٿيا هئا ويچاري جا.

جي هن کي ڪميشن گهٽ مليو ته منهنجي نوڪري چٽ ٿي ويندي. تو کي خبر آهي ته مون کي ايڪسٽينشن به منسٽر صاحب ئي وٺي ڏني آهي!“ هن چيو.

”ڇڏ انهيءَ موضوع کي، پوءِ ايڊجسٽ ڪري وٺنداسين، هينئر مزو خراب نه ڪر. کاءُ پيءُ! عيش ڪر، آئون پاڻهي ڪنڊا ڪڍندس.“

صبح جو ڇوڪرين جي اڌڙوٽ والده، فيروزه بيگم سان ملاقات ٿين.

هو واندا هئا، ساڻس تفصيلي ڪچهري لاءِ ويهي رهيا. ڳالهه ڇيڙڻ لاءِ سندس گهر، ڪارن ۽ قيمتي شين جي تعريف ڪرڻ لڳا.

هن چيو؛ ”بس حاجي عبدالڪريم جا احسان آهن.“

”ڪيئن؟“

”بس ڇڏيو انهيءَ ذڪر کي! گذريءَ کي ياد نه ڪبو آهي!“ هن بظاهر مصنوعي بيزاري سان چيو.

جيئن هنن جو اصرار وڌندو ويو تيئن هوءَ ريشمي اڳٺ جي ڳنڍ وانگر کلندي ويئي. نيٺ هن پيرائتي ڳالهه ٻڌائي.

”آئون پاڙي جي هڪڙي فلمي قسم جي ڇوري سان پسند جي شادي ڪرڻ لاءِ گهران نڪتي هئس. ڪجهه ڏينهن مزو وٺي هو هٿ ڪڍي ويو. ناڪام عشق جي چوٽ کائي هن ڌنڌي ۾ آيس.“

 ”حاجي صاحب سان توهان جي ملاقات ڪيئن ٿي؟“ سليمان پڇيو.

”پهرين ملاقات گل خان جي اڏي تي ٿي. آئون نئين آئي هئس، منهنجا ريٽ سڀني کان مٿي هئا. ڪسٽمر به اڪثر ڪري سندس قبيلي جا ڊرائيور ماڻهو هوندا هئا. هو پئسا ته سٺا ڏيندا هئا مگر سندن شوق جو شينهن پالڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو!

هڪ ڏينهن گراڪن کان ٿي واپس پي موٽيس. حاجي صاحب جي مون تي نظر پئجي وئي. شايد کيس منهنجي چال مان حقيقت جو اندازو ٿي ويو هو!

هن ويجهو اچي سنجيدگي سان چيو، تون خانصاحبن ڏي نه ويندي ڪر، هنن جي پِيچ ٻي واٽر تي آهي!

روزي ڏيڻ وارو رب آهي. جيڪو نصيب ۾ لکيل آهي سو ضرور ملندو.“

پرديس ۾ همدردي جا ٻه ٻول ٻڌي، اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هو مونکي پنهنجو لڳو.

”پوءِ ڇا ڪريان؟“ مون پڇيو.

”پهلوان علم دين جي ڊيري تي هل. اتي تو کي گهٽ ۾ گهٽ عورت ڪري ته وهائيندا!“ هن چيو.

مون ائين ئي ڪيو.

هڪ ڏينهن نيٺ دل جهلي هو مون وٽ آيو. انهيءَ ڪم سان جنهن لاءِ ٻيا مرد ايندا هئا.

مون چيو؛ ”پهرين هزار رپيا تري تي رک، پوءِ اچ!“

”ٺيڪ آهي.“

هن پئسا ڳڻي مون کي ڏنا ۽ اندر آيو.

”کيس خوش ڪندي ڪندي مون کي به مستي چڙهي ويئي!“ هو يادن جي وهڪري ۾ لڙهڻ لڳي.

”ليٽ پيٽ هئاسين. هو زير هو ۽ آئون زبر! منهنجي ڪمزور لمحن ۾سچي ڪرائڻ لاءِ چيائين، تون ٻين کان پنج سؤ وٺين ٿي ۽ مون کان هزار، سو ڇو؟“

مون مٿان ئي جواب ڏنو؛ ”هي روزي مٿي ويٺي آهيان. حاجي تو سان ڪوڙ ڪونهي، منهنجو ريٽ فڪس آهي، سڀني کان هڪ هزار!“

ڪجهه وقت کان پوءِ مون هن کي فري ڪري ڇڏيو.

هڪ ڏينهن حاجي صاحب تجويز ڏني؛ ”هاڻي ڇڏ هن اڏي وارن کي، پنهنجو بزنيس شروع ڪر.“

مون ائين ئي ڪيو.

”رڪشو پنهنجو آهي يا ڪِرائي جو؟“ ٻه ٽي مهينن بعد هن وري پڇيو.

”ڪِرائي جو،“ مون وراڻيو.

”جواني مسافر آ ڪيترا ڏينهن رهندي، پنهنجو رڪشو وٺي ڇڏ فيروزه!“ تسبيح ڦيرائيندي هن چيو.

”سندس ان مشوري منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي. ڪمائيءَ ۾ بچت وڌي ويئي. آهستي آهستي ترقي ڪندي ويس. پر ڌنڌي ۾ اصل برڪت شمع ۽ ستاره جي سامائجڻ کان پوءِ پئي.

مون انهن کي ڪانوينٽ ۾ پڙهايو. اڄ اهڙي ڪا وڏي محفل ناهي جتي کين گهرايو نٿو وڃي!

پَرُ سال جڏهن ٻنهي ڀيڻن داتا درٻار تي ڌمال هنئي ته سڄو لاهور پاڳل ٿي ويو. پئسو ڇوڪرين جي مٿي جي مير آهي!“ هن فخر سان چيو.

”هاڻي اسان کي نوڪري جي بک ڪونهي.“

ڪجهه لمحا خاموشي ٿي وئي. هوءَ پان-دان مان سوپاريون ڪڍي چٻڻ لڳي.

”اوهان جي حاجي صاحب سان ملاقات ڪيئن ٿي؟“ گهڙي کن رکي هن پڇيو.

اسماعيل کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي. ”اسان به شوق جا ماريل آهيون. جڏهن کان سرڪار ڳاڙهي بازار تي بندش وڌي ته رڪشا سروس شروع ٿي ويئي.

قاسم آباد، واڌو واهه ۽ ٻين جاين تي، هار سينگار ڪري، سدا سهاڳڻيون رڪشن تي سوار ٿي پئسي ۽ مزي جي تلاش ۾ سرگردان نظر اينديون آهن. اسان به ان سروس مان فيضياب ٿيندا آهيون.

حاجي صاحب جو نالو سڀ کان پهرين اتي ٻڌو. ساڻس ملڻ جو شوق ٿيو، نيٺ ڏوري اچي هتي لڌوسين. حقيقت اها آهي ته جهڙو ٻڌوسين تهڙو ڏٺوسين!“

استاد حاجي عبدالڪريم ٽنڊي آدم وارو ڪير سڏائي! ويڪري پيشاني، چاپئين سفيد ڏاڙهي، مٿي تي اڇي ٽوپي، هٿ ۾ تسبيح، قد جو ڊگهو، جسم ۾ سنهڙو، نوراني چهرو، ڄڻ ته پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب، ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جو ڪو وڏيرڪو ڪردار هجي!

هن وهيءَ ۾ اهڙي ملوڪ مهانڊي وارا ماڻهو ورلي ملندا. سچ پڇو ته هن جهڙي مڻيادار مڙس کي دلال سڏيندي هينئڙو مون لوڻ ٿو ٿئي!

”پاڻ ڪڏهن به شراب ۽ ٻي حرام شيءِ کي هٿ نه لڳايو ۽ ڌنڌو هميشہ اصول سان ڪيو!“ هن ’فرماش‘ ٻيڙي جو ڪش لڳائيندي چيو.

”سائين ڪهڙي به ’داڻي‘ تي هٿ رکو، انشاالله ٻن هفتن ۾ توهان جي پيرن ۾ هوندو.

ڄام رکيل خان کان وٺي، وڏيري الله داد تائين، ڪنهن کان به کڻي پڇي ڏسو.

ڪڏهن به ڪنهن سان ٺڳي دوکو نه ڪيو! پئسي جي خاطر ايمان نه ٻوڙيوسين. هميشہ جيڪا زبان ڪئي تنهن کي پاڙيوسين.

پنهنجو اصول آهي ته نٿ لٿل هوندي ته به اڳواٽ ٻڌائي ڇڏبو! اڄ ڪلهه جي شوقينن کي ته خبر ئي نٿي پوي پر خانصاحب فاضلاڻي ان معاملي ۾ وڏو خفتي هو. جي ڇوڪريءَ کي هوا به لڳل هوندي، تڏهن به ان کي پتو پئجي ويندو هو! هاءِ! هاڻ اهڙا قدردان ڪٿي!“ هن ٿڌي آھَ ڀريندي چيو.

هو ڪن ڏيئي کيس ٻڌي رهيا هئا.

”مرحوم وقت جو ڏاڍو پابند هو. اٺين بجي اسڪاچ جو پهريون پيگ، نائين بجي ٻيو ۽ هڪ بجي پنجون پيگ ختم!“

”پوءِ ڇا ٿيو؟“

”بس سائين آخر ته فنا آهي!“ هن ڏکاري آواز ۾ چيو.

”پڇاڙي واري ڏينهن ۾ لاڙ جي محبوبا هڏ ۾ ويهي رهي هئس جنهن سِر نِيس!“

”اهو ڪيئن؟“

”مڙسيءَ جا ڪک کائي کائي گڙدا ختم ٿي ويس! هيءُ جهان ڇڏڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ تائين، اهي نٿون ۽ بوليون پيو ڳڻيندو هو جن کي لاهڻ جي پويان سڄي زمينداري لٽائي ڇڏي هئائين!

شوق جو ملهه ناهي سائين. شوقين ته گهڻا ئي آهن پر سنڌي وڏيري جو جواب ناهي. اهڙا ڦڦڙ ڦاٽيا ماڻهو مون ڪٿي ڪو نه ڏٺا!“ هن ٻِيڙيءَ مان ٻِيڙي دکائيندي فيصله ڪن انداز ۾ چيو.

”مگر تون هتي ڪيئن پهتين؟“ سليمان پڇيو.

هڪ گهڙي خاموش ٿي ويو ڄڻ ته يادن جي جبل تي چڙهڻ جي تياري ڪندو هجي.

”شاهه گلاب جو ميلو لڳندو هو. ميلو ڇا هو، توهان ائين سمجهو ته خفتين جو سنڌ پنجاب دنگل لڳندو هو. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان دلال پنهنجون پنهنجون ٽوليون وٺي پهچندا هئا.

ذات شوقين امير لٿل هوندو هو.

مائي زيبو لاڙڪاڻي واريءَ کي فاضلاڻي صاحب سونو تاج انهي ميلي ۾ پارايو هو!

گلان کدڙو، پنگرئي شريف وارو به انهيءَ ميلي مان ئي چڙهيو هو.

آئون به ”مال“ وٺي انهيءَ ميلي ۾ ويو هئس. اتي ئي خيال آيم، جي ڌنڌو ڪرڻو آهي ته وڏي مارڪيٽ ۾ ڇو نه ڪجي. تنهنڪري لاهور هليو آيس. هي هيڊ ڪواٽر آهي، سائين.“

آهستي آهستي هو هتي جو ايترو اهم ماڻهو بڻجي ويو جو پاڙي ۾ ڪا ڇوڪري ڄمندي هئي ته ان جي عقيقي ۾ خاص طرح هن کي گهرايو ويندو هو.

هن بازار ۾ پٽ ڄمڻ جي ايتري خوشي ڪونه ملهائبي آهي جيتري ڌي جي!

ڳالهين ۾ اها به خبر پئي ته هتي جيڪي نيون ڇوڪريون اينديون آهن انهن جا نالا به هي رکندو آهي! اهڙي شفقت ڀريل روين سبب هن جو شمار هيرامنڊي جي فادر فگرس (father figures) ۾ ٿيندو آهي!

بازار حسن، جوانڙيون، کدڙا، اشرافن جي حويلين جا راز، سڀ ڪجهه سندس دل تي لکيو پيو آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ ته هي ان دنيا جو انسائيڪلوپيڊيا آهي!

”ڪير ٿو چوي اسان جي ماڻهن ۾ صلاحيت ناهي!“ سليمان معنيٰ خيز انداز ۾ چيو.

”اهڙن ئي ماڻهن لاءِ شاعر چئي ويو آهي، ذرا نم هو تو يه مٽي بڙي زرخيز هي ساقي!“

دل ته نٿي چيو اتان وڃڻ لاءِ پر ڪافي ڏينهن گذري ويا هئا. هنن کي اڃا ڪيترائي سرڪاري ڪم ڪرڻا هئا.

سامان ٿيلهن ۾ وجهي موڪلائڻ لڳا ته حاجي صاحب هٿ ادب جا ٻڌي چيو؛ ”هڪڙو عرض آهي.“

”ٻڌاءِ.“

”منهنجي نالي جو هڪ سبق لکي ڪتابن ۾ شامل ڪريو!“ هن نماڻائي سان چيو.

”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ سليمان صاحب حيرانيءَ سان پڇيو.

”توهين تعليم کاتي جا بي تاج بادشاهه آهيو. اسڪول جي ڪتابن ۾ ڇا هجي ۽ ڇا نه هجي اهو سڀ توهان جي وس ۾ آهي، سائين! جڏهن هيترن سارن انگريزن جي وفادارن، خانبهادرن، راءِ بهادرن ۽ سرن (sirs) تي سبق لکيل آهن ته مون تي ڇو نه هجي؟“ هن دليل ڏنو.

”مگر هنن جون خدمتون تمام وڏيون هيون!“ اسماعيل چيو.

”سائين هنن به اهي ئي خدمتون ڪيون هيون جيڪي آئون ڪريان پيو. بس فرق اهو آهي ته هنن اهو سڀ ڪجهه انگريزن لاءِ ڪيو ۽ مون اوهان پنهنجن لاءِ ڪيو.“

سندس ڳالهه ۾ وزن هو ۽ هن پنهنجي پر ۾ ٽيڪسٽ بورڊ جي آفيسرن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪا ڪسر ڪو نه ڇڏي هئي! تنهنڪري سندس خواهش جو احترام لازمي هو.

اتان واپس اچي سندس فرمائش تي هي سبق ستون لکي تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو درسي ڪتابن جي تعليم بالغان جي ڪورس جي نئين نصاب موجب سڌاريل ۽ وڌايل نئين ايڊيشن ۾ شامل ڪيو ويندو.

ليکڪ جا سڀ حق ۽ واسطا قائم رهندا. بس رڳو سرڪار جي منظوريءَ جو انتظار آهي!

 

(ڪتاب، ”سبق ستون“ تان کنيل)

No comments:

Post a Comment