Showing posts with label سبق ستون، مختصر ڪهاڻي، حسين ڪپري،. Show all posts
Showing posts with label سبق ستون، مختصر ڪهاڻي، حسين ڪپري،. Show all posts

Sunday, October 27, 2024

سبق ستون - حسين ڪپري

سبق ستون

(مختصر ڪهاڻي)

حسين ڪپري



ٻئي ڄڻا چناب ايڪسپريس مان اسٽيشن تي لٿا ۽ ٽيڪسي ڪري سڌو هيرامنڊي پهتا. اوپرا هئا تنهنڪري هڪدم سڃاپجي پيا.

”ڪٿان آيا آهيو، ڪير آهيو؟“ هر ڪنهن پي پڇيو.

هنن چيو ته حاجي صاحب جا مهمان آهيون. اهو جواب ٻڌي سڀني ڪن هنيا.

انهن مان جيڪو پڪي ڄمار وارو هو تنهن خاطري ڪرڻ لاءِ وري پڇيو؛ ”حاجي عبدالڪريم ٽنڊي آدم وارو؟“

”هائو.“