ڪارنھن
مختصر ڪھاڻي
رزاق سھتو
ڊنل آواز ۾ گُهٽيل رڙيون، چپ
چُپات جو سينو چيرن ٿيون. بچايو بچايو جي آواز ۾ اثر ناھي. سندس دانھون ديوران سان
ٽڪر کائي ساڻيون ٿي وڃن ٿيون. سڏن جو سلسلو سڏڪن سان جاري وات تي ھٿ ڪچي گار، ڳت
کان جَهل، سندس مٿي اوڍڻ جو رئو ڳچي ۾ پيو. آواز گگھو، ساھ جو گهٽجڻ اکين اڳيان انڌارو،
ماڻھو ماڻھپي مان نڪتل، زندگيءَ جو موت جي ھٿن لڇڻ، لٺ ۾ هٿ، پھريون ڌڪ چيلھه
وارو. ٻيو ڌڪ ھنڌائتو، پَٽ تي ڦَھه ٽيون ڌڪ، ڌڪ... ڌڪ... ڌڪ مٿان ڌڪ مائيءَ جي بت
تي لٺيون ڪارن ريشن جا نشان ڇڏن ٿيون. ھوءَ سير پيل ڍڳي جيان ڇڙھيون ھڻي ٿڌي ٿي وئي.
زندگي پير، پير ۾ ڏئي موڪلائي وئي. ھمراھ زور سان ٿُڪَ اڇلي، لٺ کي ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪري،
ڪوٺي ڏانھن جوھَ ڪئي. رات پنھنجي پيٽ ۾ ڇا ڇا ڳھي وڃي ٿي ۽ ڪيترائي ڳجهه سيني ۾
سبي ڇڏي ٿي.
ڳوٺ ۾ سانت، سانت ۾ ڀؤُ، ڀوَ ۾ لڱن
جو ڪانڊارجڻ. اڱڻ تي لاش، تارا، بي ڏوھي خون جا بي زبان گواھ، ٻه ٻار ننڍي عمر جا ڌيءَ
۽ پٽ عمر ۾ پنجن سالن جي اندر هڪ ئي کٽ تي سمھيل، جن جي اکين ڪجهه نه ڏٺو ۽ ڪنن ڪجهه
نه ٻڌو. ڀلا ھنن کي ڪھڙو الڪو. نڪي ڪجهه ڪري سگهن ٿا. ماءُ...! سندن نه رھي. جنھن
جي جهوليءَ ۾ مٺيون ننڊون ڪيائون. اھا ماءُ جنھن بيماريءَ ۾ اکين کي اوجاڳا ڏئي ٻچن
جي سار لڌي، اھا ماءُ جنھن جي پيرن ھيٺان جنت آھي. هو جو پيءُ ھينئر ڪوٺيءَ ۾ ويو
تنھن ھنيانءَ جي باھ ٻچن جي ماءُ جو خون ڪرڻ سان ٿڌي ڪئي. غيرت باھه جي بٺي آھي.
عورت ان جو ٻارڻ، مرد، مرد آھي عورت، عورت، عورت ڪا مرد جو مَٽُ ٿيندي. غيرت مرد
جو شان، تنھن وٽ مائيءَ ذات جو ڪھڙ مانُ، ڇا رڳو مرد غيرتمند آھي؟ ۽ عورت...!! ھا
عورت....!! به غيرت پالي ٿي جڏھن سندس مڙس ڪنھن عورت سان ٻکجي ٿو ته اندر مان اڌمو
کائي غيرت جو طوفان ھن جي وجود جي انگ انگ کي اوترو ڌوڏي ڇڏي ٿو. جيترو مرد زال کي
ٻين جي ٻانھن ۾ ڏسندو آھي. پوءِ مرد، عورت کي ڪارنھن جي الزام ۾ قتل ڪري ٿو ۽ عورت
غيرت پي وڃي ٿي.
ھيءَ جا ڪجھه گهڙيون اڳ جيئرو
جاڳندو انسان ھئي. زندگيءَ کيس نالو ڏنو فاطمه، سا ھينئر، لاش آھي. ھا لاش، ڪارنھن
جي الزام ۾ خون ٿيل لاش، رات جو وچ، ڳوٺاڻو ماحول، کُليا اڱڻ، ٿڌڙي ھوا. سڄو ڏينھن
ڳوٺاڻو ماڻھون ھر ۾ جُٽيل ڏاند جيان وھن، ۽ ھڏ ھڻن سي مِٺيءَ ننڊ جي ڀاڪر ۾، پاڙي
وارن کي به ٻاٻور ڪا نه پئي وچان رڳو ڀِتِ ھئي.
ھمراھ کي ڪو به پڇتاءُ، ڳڻتي ڪانھي،
ڀنڀرڪو ٿيو. ته اٿيو، منھن تي پاڻيءَ جي لپ، ڪپڙن سان اگهڻ، نفرت ڀري نگاھ زال جي
مڙھ تي، اکيون، ٻانھون، پير ٺھيل ناھن، پٽيل اکين مان بيوسي پئي جهلڪي، پَٽَ تي ٽڙيل
ٻانھون، ڪرونڊڙيون ڄنگهون، نڌڻڪائپ جو دليل، انسان، انسان نه رھيو ڦري لاش ٿي پيو ويڙھيل
وڪڙ مان نڪتل وارن جي چڳ، ھوا تي منھن تان ٿي موٽي، ڄڻ ته صبح ٿيڻ تي اٿارڻ جي
اجائي ڪوشش، پر ھيءَ جا اوندھه ۾ مئي تنھن کي سوجهري جي ڪھڙي ڪل، گهر کان ٻاھر نڪتو،
سڌو خانڻ جي اوطاق تي، ھُن پڌر ۾ لڳل نلڪي تان منھن کي پاڻيءَ جا ٻڪ پئي ھنيا.
”سلاماليڪم”
”وعاليڪم اسلام“
”ڪر خبر صبح سان اچڻو نه وڃڻو؟“
”ھا بس تو سان ڳالھائڻو اٿم.“
”چئه.“
”خون ڪيو اٿم.“
”يا الاھي خير..!!! صبح سان اَن
نه پاڻي وات ۾ ڪھڙيون ٿو خبرون ڪرين؟“
خاموشي
”................“
”ڪنھن کي ماريو ٿي؟“
” زال کي.“
” نه مڙيين ھُنن معصوم ٻارڙن جو
ڌيان ڪرين ھا.“
”ڇا ڪيان خانڻ مائي کي ڏٺم جو
اهڙن افعالن ۾، رھيو مون کان به ڪو نه ٿيو. هن جو پير ترڪيل ھو ادا؟“
خانڻ افسوس گاڏڙ جذباتي ٿيندي
چيو: ”نڀاڳا! سڀ تنھنجو وھم آھي. مائي کير جھڙي اڇي ھئي. متان ڀل ھجئي. ڌيڻپو تو ۾
ڪونھي. پنھنجي جيءَ ۾ جهاتي پاءِ تنھنجي اڇن ڪارن جي جڳ سان گڏ مونکي به خبر آھي.
زال مان جند ڇڏائڻ جو سٺو بھانو لڌئي. پرائي ڄائي نڌڻڪي ڪري ماريئه.“
ھمراھ گهر موٽيو ننڍڙا ٻار ماءُ
جي سيني تي سڏڪي رھيا ھئا. سندن سڏڪن ڀريل آوازن ۾ معصوميت ھئي.
”امان...!! امان...!!...امان....!!“
ماءُ کي سڏ ٿا ڪن.
گهر تي ماٺار جو پھرو ڳوٺ ۾
سانت. جنھن ۾ ٻارڙن جا ورلاپ، هي ورلاپ ماءُ به نٿي ٻڌي اھڙن احساسن جي ڇڪ ته
زندھه ماڻھوءَ کي ڇرڪائي ڇڏيندي آھي. مئل ماڻھو جو جيئرن سان ڪھڙو ناتو.
”امان...!! امان....!!“
ورندي نٿي ملي. ڪيئن ملي. ھوءَ
سماجي رشتن سان ڳانڍاپو ڇني چُڪي ھئي. ھي سڏن ۾ سڏ ته جيئرن لاءِ هوندا آھن. سچ چيو
اٿن ته ھي جيئرن جو جهان آھي..
ٻارڙا بس نٿا ڪن. سانوڻ، جو
سندن پيءُ به آھي ته ماءُ جو قاتل به. معصوم ٻارڙن کان ماءُ کسيندڙ ماڻھوءَ کي ڪھڙو
نالو ڏجي. جڏھن ماڻھو ماڻھپي مان نڪري ويندو آهي ته ھو انسانيت جي دائري مان تڙجي
ويندو آھي. ٻارن کي ڇڙٻون ڏيڻ لڳو.
”پري ٿيو... ھيءَ توھان جي ماءُ
ناھي رھي.“
کين ٻانھن کان کنڀي اندر ڪوٺيءَ
۾ ڇڏي ٿو اچي. پر هو ويھڻ جي وارن ئي نٿا. ايترا وڏا به ناھن ٻئي ڀاءُ ڀيڻ پنجن
سالن جي اندر آھن. سانوڻ جي اکين ۾ رت ڀرجي اچي ٿو. کين ڦٽو ڪري ٻاهر نڪري ٿو. ٻارن
جا آواز ۽ سڏڪا اڀري وري پنھنجو اثر وڃائي ڪمزور ٿي وڃن ٿا.
ڪنن ۾ سس پُس ماين ۾ چؤٻول، ڳالھه
هڪ کان ٻئي تائين پھچندي وئي، ننڍڙو ڳوٺ ـــ خبر گهر گهر ۾ رسندي وئي. ڳوٺ کان ٻاهر
ويندڙ ماڻھن ٻين ڳوٺن تائين خبر پھچائي. ھُن جو لاش ڪيتري وقت تائين زمين تي پيو
رھيو. جيسين پوليس اچي. ڪير به لاش جي ويجهو نه وڃي، ماين کي جهليو ويو، پوليس
پھتي، ڪارنھن جو ڪيس ٺھيو، لاش کٽ تي آيو. عورتن ۽ مردن جي اکين ۾ نفرت ڀريل،
آھستي آھستي ڳوٺ جي عورتن اچڻ شروع ڪيو. وات تي ڪپڙو، هڪ هٿ سان لاشي جي منھن تان
لٽو لاھي ڏسڻ. نه اچڻ واريون به آيون رڳو اهو ڏسڻ ته ڪارنھن جي الزام ۾ مئل ڪيئن ھوندي
آھي.
”ڌڪار....ڌڪار... ٿُو.... ٿُو....
مئي ماري مڙس جو ڀرم نه رکيائين.“
”ـــــــــــــ“
”ھن کي تڙ ڏيڻ، جنازي نماز پڙھڻ
حرام آھي. جنھن ڏوھ ۾ مئي آھي، جيئن آھي تيئن وڃي اڇليوس.“
مولوي فتوا ڏني. ملياڻي تڙ ڏيڻ
کان نابري واري، مائيءَ جي مائٽن جا منھن لھي پيا. انسان جي انسان کان بغاوت حقيقت
ڇا آھي؟ ڪنھن کي ڪابه خبر ناھي، ماڻھن جا وات بند، ڪوبه احتجاج ناھي. لفظن ۾ به احتجاج
ناھي. حق جي حامي ڪير ڀري، سچ جا اکر ڪير چوي. ڪَلَ هوندي به بي خبر. پوليس وچ ۾
پئي.
”ملان گند کي به مٽي ۾ پوربو
آھي. متان ڌپ ڪري.“
ملان وراڻي ڏني.
”ھا....!! پر ان کي صاف سٿرو
ناهي ڪبو، ڀلي ائين کڻي وڃي پوريوس. ھي به ته گند آھي.“
وقت پاڻ سان گڏ حالتن کي به
بدلائي ٿو. هڪ انسان کي ڪيترا نانءَ ٿو ڏئي. ھيءَ جا ھاڻ مئي پئي آھي. تنھن کي
جيئري فاطمه، زال، ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ، ٻيا به نانءَ رشته، مئي پڄاڻان ڪاري، ڪارنھن
جي الزام ۾ مئل لاش، مڙهه، خون، الائي ڪيترا مٿس نالا ڏنا ويا آھن. اصلي انسان جو ڌرتيءَ
تي رھڻ وارو ڪاڏي ويو. پوليس جي زوربار ۽ ماڻھن جي چئه چوان تي مُلي وڃي ملياڻيءَ
کي چيو، ھن منھن تي ڪپڙو ڪري ڪُدليو، مڙئي ڏنُ لاھي تڙ ڏنو. ۽ مٿان ھڪڙو اجرڪ اڇلايو.
ڪنھن ڳوٺ واري رسمن به مٿس پوتي، ڪو اجرڪ، ڪون وڌو. جنھن جو وجهڻ ھن موقعي تي ضروري
سمجهيو ويندو آھي. کٽ کڻڻ لاءِ ڪو به تيار ناھي. سڀ مرد ھڪ ٻئي جو منھن تڪن ٿا.
مائيءَ جو پيءُ ھن جھان ۾ ڪونھي. ماءُ جو ته منھن ئي ڪونه ڏٺو ھئائين. ٻه ڀائر ٻه ڀينر
اٿس. جيڪي کٽ کي گهر کان ٻاھر ڪڍن ٿا. ماڻھو پوليس جي چوڻ تي ھٿ وجهن ٿا. جنازي جي
نماز پڙھي پوري ٿي. جنازو کنيو ويو، نه درود، نه اشھد ڪلمو، نڪي قرآن بخشائڻ. وات
۾ مڱ پيل. مائي وڃي مٽيءَ حوالي ٿي. سانوڻ ڪجهه نه ڪيو. تڏو به وڃي فاطمه جي مائٽن
پنھنجي ڳوٺ ۾ وڌو.
سڄو ڳوٺ ھراس ۾ ورتل، عورتون ڄڻ
ته گونگيون، ٻوڙيون چپن ۾ چون: ”اھڙي ھئي ته ڪان.“
مردن کان لڪي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڳوٺ ۾
عورتون پاڻ ۾ ڳالھيون ڪن ته؛ ”ھن کي مڙس ڳالهه ڳالهه تان ماريندو هو. کيس چاھ به ڪون
ڏيندو ھو. ويچاري ٿُڪ بجي ۾ مڙس سان نڀاءُ ڪندي آئي، دل سان خدمت ڪندي آئي، سندس اٿي
ويٺي ڪندي، وقت کي ڌڪيندي ھئي. سڀني ڳوٺ وارن کي خبر ته مائي سورن ۾ آھي.“
سانوڻ پوليس ۾ بيان ڏنو ته
منھنجي زال جي چالِ چڱي نه ھئي. پڇڻ تي ته سندس ڪنھن سان لاڳاپا ھئا.
جواب؛ ”ڪو ئي ھڪ ھجي ته ٻڌايان!
منھنجي غير موجودگيءَ ۾ ماڻھن جي اچ وڃ جاري رھندي ھئي. واقعي واري رات جو، جيئن
ئي گهر ۾ دير سان آيس ڏٺم مائي ۽ ڪو مرد پاڻ ۾ رُڌل ھئا. گهر ۾ ايندو ڏسي ھمراھ
پيرن تي زور رکيو ۽ مائي به ڀڄڻ جي ڪئي پر پڪڙي وڌومانس. غيرت وچان ٻه لٽيون وھائي
ڪڍيم، ته مري وئي.“
سوال: تو ڀلا دانھون ڇو نه ڪيون،
اوڙي پاڙي وارا واھر ڪن ھا ته ھمراھ ھٿيڪو ٿئي ھا.“
جواب: ”رڙيون وري ڪيئن ڪيان.
مان ته غيرت جي وھندڙ درياھ ۾ لڙھي ويس. جيڪي سمجهه ۾ آيو سو ڪيم.“
سانوڻ جي ڏنل بيان تي مائي جي ڀاءُ
احتجاج ڪيو. صوبيدار ڪن ڪيو. ھن بيان ڏنو ته؛ ”سانوڻ جي گهر ٻيو ڪير به ڪو نه ھئو.
پر مان ھيس.“
صوبيدار سان ويٺل ڳوٺاڻا، تعجب
سان ٽوڪ واري کل کليا، صوبيدار: ”چڱو جيڪو بڪڻو اٿي بڪ.“
”سائين سانوڻ اسانجي ڀيڻ کي خرچ
پکو ڏيڻ سان گڏ اسانجو به گھر ۾ اچڻ وڃڻ بند ڪيو. ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.“
صوبيدار جي منھن ۾ گهنڊ پئجي
ويو؛ ”ڀلا ڪھڙي سبب سانوڻ ائين ڪيو؟“
”ھي اسانجي ڳوٺ جي فلاڻي مائيءَ
جي ڌيءَ تي اڪن ڇڪن آھي. ھوءَ جوان ۽ ڪنواري ڇوڪري آھي. سندس ماءُ پيءُ آھن لالچي،
گهڻو ئي ان ڏٽي تي کائي ويا اٿس ته توکي ڇوڪري پرڻائي ڏينداسين. پر پوءِ جند ڇڏائڻ
لاءِ ڇوڪريءَ جي پيءُ ماءُ بھانو بڻايو ته تون پرڻيل آھين. انھيءَ مائيءَ مان جند
آجي ڪر ته توکي سڱ ڏيون ۽ اسان پڻ ڀيڻ جي گهر کي برباد ٿيندو ڏسي.سانوڻ کي منع ڪئي
ته اسانجي ڳوٺ ۾ نه اچي. جنھن تي چڙي اسانجي ڀيڻ کي خرچ ڏيڻ بند ڪيائين پوءِ مان
يا ڪڏھن منھنجو ڀاءُ لڪي ڇپي ڀيڻ کي سانوڻ جي غير موجود گي ۾ خرچ ڏيڻ ايندا ھئاسين.“
ھن ويٺلن ڏانھن نھار ڪندي چيو؛ ”ھنن
سڀني ڳوٺاڻن کي ان معاملي جي خبر آھي.“
صوبيدار هڪ نگاھه ڳوٺاڻن تي وڌي
ڪير به ڪو نه ڪڇيو. ڪنڌ ھيٺ ڪيو ماٺ ۾ رھيا. مٿان وري سانوڻ ڳري ۽ دھمان واري لھجي
۾ ڳالھايو؛ ”سائين ھي الزام ٿا ھڻن. ڏسو ڪو به ڳوٺ وارو شاھدي ڏئي ٿو. ھي ڀلا
پنھنجي ڀيڻ کي ڏوھي چوندا. مڙئي عزت بچائڻ لئه ٿو چوي ته مان ھيس. جيئن ھنن جي گهر
تي ڪو آڱر نه کڻي. مائي جا لڇڻ چڱا ڪونه ھئا. ھي ته مائي جا ڀائر آھن. ڪيئن چوندا
ته اسانجي ڀيڻ ڪِني ھئي. لڄ ۽ شرم به ڪا شيءِ آھي. لوڪ جي ٿُڪن کان ٿا ڊڄن.“
سڀڪو پنھنجي پنھنجي منھن اندازو
ھڻڻ لڳو پر پوءِ به فيصلو سانوڻ جي حق ۾ پئي ڏنائون. ادا زال ذات جو ڪھڙو اعتبار،
فلاڻي ڪو نه فلاڻي سان، ٽيري مٽيري سان، عورتن کي الله ڀري. عورت کري، جڳ پلي.
جيترا وات اوتريون ڳالھيون. ڳوٺ جا رونشي ڪوڏيا ماڻھو، جوان مرد مزي، مزي سان ڳالھين
جو ورجاءُ ڪري جنسي مزا وٺڻ لڳا. شد مد سان ڪچھرين ۾ ذڪر پئي ٿيا. ھي سماج مردن جو
سماج، مردن جي معاشري ۾ عورت جي ڪھڙي عزت. جڏھن به چاھيائون ڪو اڻ گهڙيو الزام ڏئي
سندس وجود کي ھن ڌرتيءَ تان مٽائي ڇڏيائون. عورت پيرن جي جتي، کڙيءَ ۾ عقل، عورت
ذات مرد جي مقابل ڪڏھن نه ٿيندي. ته پوءِ سندس پيرن ھيٺان جنت ھجڻ جو پڪو دليل
مليل آھي. ان کان ڪيئن انڪار ڪجي. عورت جي بي عزتي معنى جنت وئي. ڪير احمق جنت وڃائيندو.
پر ھتي ڪيتريون ئي جنتون، دوزخ ۾ مٽجن پيون. مرد ۽ عورت ۾ فرق ڪهڙو. چاھتون ساڳيون.
جذبا ساڳيا. خواھشون ساڳيون. فرق ڇا جو صرف ئي صرف انگن جو. پر عورت کي مٿانھون
رکندي، سندس پيرن ھيٺان جنت رکي وئي آھي.
سانوڻ پوليس ۾ پئسو ھلايو. ڪيس
پنھنجي فائدي ۾ ڪيو. مائي جي ڀائرن لوڪ جي لڄ، حياءَ ۽ بدناميءَ کان ماٺ ڪئي. ھي
مردن جي معاشري جو اجگر هڪ ٻي عورت کي ڳھي ويو. ننڍڙن ٻارن سانوڻ جي ضمانت ۽ سندس
سار سنڀال جي بھاني، ٻي شادي جا دروازا کوليا. ڪورٽ ۾ ڪارنھن جي الزام ۾ مئل عورت
جي فائيل ۾ ڪاڳر سٿجڻ لڳا. اصل حقيقت ماڻھن جي سينن ۾ سبيل رھي. ڪوڙي جي منھن تي
موچڙو ڪير ھڻي؟ مائي جا ماري وئي، تنھن مٿان جو الزام لڳو سو وزندار هو. ڳوٺ ۾ ڳالھيون
چار ڏينھن. ھر ڪو پنھنجي پيٽ گذر لاءِ ڌنڌي ۾ لڳي ويو. ۽ پوءِ اھو ڏينھن به آيو. قاتل
ڪيس مان ڇٽو. سانوڻ پئسا پاڻيءَ جيان وھايا. ڪيس مان آجو ٿيڻ شرط ان ڇوڪريءَ سان
شادي رچائي جنھن ڪارڻ زال کي ماريائين. سڄي ڳوٺ وارن شاديءَ ۾ شرڪت ڪئي. دھل وڳا،
ناچ ٿيو. هڪ ٻچڙن جي ماءُ ”عورت“ ڪارنھن جي الزام ۾ مئي، تنھن جي جاءِ هڪ ٻي عورت
والاري.
(نوٽ: ھي ڪھاڻي نصاب ۾ شامل آھي. ان ڪري ڪيترائي شاگرد اڪثر ميسج ڪري پڇندا رھندا آھن ته ھيءَ ڪھاڻي ڪھڙي ڪتاب ۾ شامل آھي. ڪھاڻي اسان کي گهرجي. ڪھاڻي ڪارنھن..اڌ وھي ڪتاب ۾ شامل آھي جيڪو ۲۰۰۱ع ۾ ڇپيو ھئو. هتي ڪھاڻي شاگردن جي سھولت لاءِ رکجي ٿي. مھرباني.)
No comments:
Post a Comment