ڪارنھن
مختصر ڪھاڻي
رزاق سھتو
ڊنل آواز ۾ گُهٽيل رڙيون، چپ
چُپات جو سينو چيرن ٿيون. بچايو بچايو جي آواز ۾ اثر ناھي. سندس دانھون ديوران سان
ٽڪر کائي ساڻيون ٿي وڃن ٿيون. سڏن جو سلسلو سڏڪن سان جاري وات تي ھٿ ڪچي گار، ڳت
کان جَهل، سندس مٿي اوڍڻ جو رئو ڳچي ۾ پيو. آواز گگھو، ساھ جو گهٽجڻ اکين اڳيان انڌارو،
ماڻھو ماڻھپي مان نڪتل، زندگيءَ جو موت جي ھٿن لڇڻ، لٺ ۾ هٿ، پھريون ڌڪ چيلھه
وارو. ٻيو ڌڪ ھنڌائتو، پَٽ تي ڦَھه ٽيون ڌڪ، ڌڪ... ڌڪ... ڌڪ مٿان ڌڪ مائيءَ جي بت
تي لٺيون ڪارن ريشن جا نشان ڇڏن ٿيون. ھوءَ سير پيل ڍڳي جيان ڇڙھيون ھڻي ٿڌي ٿي وئي.
زندگي پير، پير ۾ ڏئي موڪلائي وئي. ھمراھ زور سان ٿُڪَ اڇلي، لٺ کي ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪري،
ڪوٺي ڏانھن جوھَ ڪئي. رات پنھنجي پيٽ ۾ ڇا ڇا ڳھي وڃي ٿي ۽ ڪيترائي ڳجهه سيني ۾
سبي ڇڏي ٿي.