ڊگهي ٻانگ
مختصر ڪھاڻي
رزاق سھتو
هو مسجدن ۾ ۽ ڪڪڙ رات جو مَنَھَ
تي يا گهر جي ڪنھن مٿاھين جاءِ تي بيھي ٻانگ ڏيندو آھي. ٻھراڙين ۾ گهٽ پڙھيل هجڻ ڪري،
جو بس پنج وقت نماز پڙھي، ڏاڙھي رکي، روزي نماز جو پابند هجي. تنھن کي ملان ۽ مؤذن
(ٻانگو) ملان سڏن. مؤذن جي ٻانگ ڏيڻ تي نمازي مسجد ۾ اچي مڙندا آھن. پر ڪڪڙ جي ٻانگ
ڏيڻ جو ڪھڙو ڪارج آھي سا خبر ڪانھي. ان بابت ويھي ويچاريو به اٿم پر ڪنھن به نتيجي
تي ناھيان پڳو. فقط اھو پروڙي سگهيو آھيان ته ٺيڪ هر ٽن ڪلاڪن (ھڪ پھر) کانپوءِ ڪڪڙ
ٻانگ ڏيندو آھي. ان وقت جو ڪاٿو سج لھڻ کانپوءِ ڪري سگهجي ٿو. ڳوٺاڻا گهٽ ڄاڻو وري
ٻنھي ٻانگن کي ملايو ڇڏن. يعني، ملان ۽ ڪڪڙ کي هڪ ئي لين ۾ بيھاريو ڇڏن.
اسان جي ڳوٺ ۾ مؤذن، ملان خيرو
هو. سڄو نالو ته خير محمد اٿس پر سڏينس ملان خيرو. خيرو، پنج وقت نماز جو پابند هر
وقت تسبيح ھٿ ۾ مسجد ۾ گهڻو وقت گهاريندڙ سومھڻيءَ جي نماز پڙھڻ کانپوءِ اچي گهر ۾
آرامي ٿئي. مؤذن ملان خيرو اڌ نالي وٺڻ تي چڙي به پوندو ھو. ماڻھن کي چئي:
”ڀوڪ بصر..! ڪيترا ڀيرا چيو اٿي
مانوَ ته منھنجو نالو خير محمد آھي استغفر الله توھان سمجھو به ڪو نه ٿا.“
مؤذن خيري جي هر ڳالھه تي
استغفر الله چوڻ عادت ھئي. پر مؤذن خيري جي ڪنھن به ڪا نه ٻڌي. ماڻھو پوءِ به ملان
خيرو ملان خيرو پيا سڏيندا ھئس.
مؤذن خيرو يا ٻانگو خيرو، ۽ مان
مسجدن ۾ نماز جي وقت اچي گڏبا ھئاسون. ٻانگو خيرو ملان کي ٻانگ ڏيڻي هوندي ھئي.
تنھنڪري سڀني نمازين کان اڳ ايندو ھو. اڪثر اھو ٿيندو ھو ته مان مذھبي جنوني، نماز
جو پابند، روزو به هڪ نه گسايوم، اسلام جي پنجن ئي رڪنن مان حج ۽ زڪوات کانسواءِ نڀائڻ
جي ڪوشش ۾ رڌل ھيس. اڪثر ملان ۽ مؤذن خيري کان پھريائين مسجد ۾ پڄندو ھيس. هو
منھنجي سامھون مسجد جي صحن ۾ وڏي در ڀرسان دڪيءَ تي بيھي ٻانگ چوندو هو. منھنجي به
نو جوانيءَ جي جوڀن جا ڏينھن، بت ۾ جانٺو ۽ ڀريل ڳٽن جون چوٽيون ڳاڙھيون، ٽڻن تي ڪانئچ،
پر ڏاڙھي ڪا نه رکي ھيم. ملان خيرو ڏاڍو ڀائيندو ھو. مُلن جي عادت آھي ته جڏھن ڪنھن
نوجوان کي نماز پڙھندي ڏسن ته خوش ٿين ۽ ان سان وڌيڪ پيار ڪن. اھي ڏٽا ڏين ته؛ ”پٽ
جوانيءَ جو سجدو پوڙھائپ جي ھزار ھا سجدن جي برابرآھي..“
اھو ٻڌي پوءِ مان به اچي نُکَ
سان نرڙ گسايان، سڀ نيڪ ۽ شريف سمجهن. ڪنھن به گهر ۾ وڃان ته چون؛ ”ھي ته نياڻين
جھڙو پٽ آھي. الله شل سڀن کي هن جھڙو نيڪ، صالح اولاد ڏئي.“
ملان جيڪو پش امام ھو سو اڪثر
مونکي ۽ مؤذن خيري کي ٻين نمازن سان گڏ عيد برات يا ٻين موقعن تي ختمو ڏيڻ لاءِ گڏ
وٺي ويندو ھو. باقي هلڪا ڦلڪا ختما اڪيلي سر پاڻ ڏئي. هڪ ٻن ختمن تي مؤذن خيرو اڪيلو
پابنديءَ سان ويندو ھو. خاص ڪري مھيني جي پھرين سومر تي مسجد جي ڀر ۾ جو گهر ھو ان
۾ ٻانگو خيرو اڪيلو ختمو ڏيڻ ويندو ھو.
مؤذن خيري سان ڏاڍي لڳندي ھئم.
پر ھڪ مونجهاري ۾ واچوڙي جيان وڪوڙيل ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ سوال ڪَرُ کنيو ذھن تي بيٺل
ھو. جنھن جي جواب ڳولھڻ ۾ رڌل رهندو ھيم، سو اھو ته ڪڏھن ڪڏھن مؤذن خيرو ٻانگ چوندي
چوندي جڏھن حَيَ عَلى الفَلاح، حَيَ عَلى الفَلاح، تي پھچندو ھو ته ڊيگهه کان ڪم وٺندي
ٻانگ ڊگهي ڪندو ھو. تنھن وقت ان ئي گهر طرف مھڙ هوندي ھئس. جيڪو گهر مسجد جي ڀر ۾
ھو ۽ مؤذن خيرو هر مھيني جي پھرين سومري تي اڪيلو ختمو ڏيڻ ويندو هو ۽ مان ان ڊگهي
ٻانگ جو مطلب سمجھي نه سگهيو ھيس. خوف کان مؤذن کان خيري کان پڇا به نٿي ڪئي. پر ڪا
به ڳالھه ذھن ۾ ويھي ۽ جيسين ان جي تَھه تائين نه پھچان تيسين اڻ تڻ وٺي ويندي
آھي. آخر ھڻي وڃي هنڌ ڪيم، پروڙي ورتم ته مؤذن خيرو حَيَ عَلى الفَلاح، کي ڊگهو ڇو
ٿو ڪري، ڳالھه اھا ھئي ته جڏھن هو آذان چوڻ لاءِ دڪيءَ تي بيھندو ھو ته ڪڏھن ڪڏھن ٺيڪ
ان وقت الله جي ٻانھي جيڪا ان گهر ۾ رھندي ھئي. جيڪو مسجد جي ڀر ۾ ھو. ڪنڊ پاسي
کان عورت نڪري مؤذن ڏانھن گهور ڪري ڏسندي ھئي. ۽ پوءِ ھو ٻانگ کي ڊگهو ڪندو ھو. ۽
حَيَ عَلى الفَلاح، چوڻ وقت مُھڙ ان عورت ڏانھن ھوندي ھئس. هڪ ڏينھن جڏھن ٻانگ
پوري ڪري هن دعا ٿي گهري ته ان عورت ھن ڏانھن ڏسندي مرڪيو ۽ رئي جو پلوُ چڪ ۾ ڪري
ادائون ڪرڻ لڳي. مؤذن خيرو پاڻ سنڀالي ڪو نه سگهيو دڪيءَ تان لھندي ٿاٻو کاڌائين ۽
مون ڏانھن گهور ڪري ڏٺائين. مان ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري مؤذن خيري کي محسوس ئي ڪو نه ڪرڻ ڏنم
ته مونکي کڙڪ پيل آھي. اھو سڄو لقاءُ ذھن تي نقش ٿي ويو.
مؤذن خيرو ۽ مان سومھڻيءَ جي
نماز پڙھڻ کانپوءِ ورد، ذڪر فڪر، گهڻي دير تائين ڪري مسجد جا دروازا بند ڪري ٻئي ٻاھر
نڪرندا ھئاسين. خيري جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ ھو. ڪڏھن ڪڏھن ختمي جي ماني کڻائي يا ڪنھن ڪم
سانگي ويندو هئس پر نگاھون زمين ۾ کتل رھنديون هيون. ڪنھن شيءِ جي ڏي وٺ ۾ رڳو ھٿن
کي ڏسندو ھيس ڏيندڙ ڪير آھي. منھن به ڪو نه ڏسي سگهندو ھيم. توڻي جو ڪيترا ئي ڀيرا
گهر ۾ وڃڻ ٿيو پر چڱي نموني مون گهر جي ڀاتين ۽ گهر کي جاچي به ڪو نه ڏٺو ھو.
مونکي محسوس ٿيندو ھو ته خيري جي زال ويجهو ويجهو پوندي ھئي. مٿي تي هٿ ڦيري چوندي
ھئي. ته؛ ”ڪيڏو نه شرميلو آھين، اکيون مٿي ئي ڪو نه ٿو ڪرين. تون ته ڇوڪرين کان وڌ
حياءَ وارو آھين.“ مان ويتر ويندو ھيس زمين ۾ گهڙندو.
سومھڻيءَ جي نماز پڙھي پوري ڪئيسون
۽ سڀڪو رھيل سنتون پڙھندو ھلندو ويو. جڏھن مؤذن خيرو ۽ مان بچياسين ته ھن کيسي ۾ ھٿ
ھنيو.
”اوھو ابا..!پٽ وڃ ته سھي.“ مون
کيس ڏٺو ۽ چيم؛ ”ڪاڏي وڃان.“
”منھنجي گهر ڏانھن وڃ، تسبيح
وساري آھيان.“
مؤذن خيري جي گهر ۾ داخل ٿيم، سڀ
ڀاتي اڱڻ ۾ نظر آيا. جهڪيل نظرن سان جائزو ورتم خيري جي زال مٿو ٻڌي سمھيل ۽ شايد
سندس وڏي ڌيءَ ھئي جا جواني جي ڀاڪر ۾ ڀريل مٿي سان رئو چنبڙيل، سا ماءُ جي ڄنگهن
کي زور ڏئي رھي ھئي. مان خيري جي زال جي کٽ ڀرسان بيھندي چيم؛ ”ماسي مولي صاحب گهر
۾ تسبيح وساري ويو آھي سا ڏيو..“
جوڻس چيو؛ ” ابا اھو به اڌ مغزي
آھي الائي ڪٿي رکي ويو ھوندو.“
هن ڌيءَ ڏانھن ڏٺو؛ ”اٿ ڌيءَ...!ڏس
منھنجو ته مٿو ٿو ڦري. تون ئي کڻي جاچ، ڪاٿي ڦٽي ڪري ويو آھي. هوءَ اٿي گهر جو اڱڻ
اورانگهيدي ڪمري ۾ داخل ٿي. مون سڄي گهر جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. سندس ٻيون ڌيئرُ
پرڀرو کٽن تي سمھيل ھُئيون. جاڳن پيون الائي ننڊ ۾ ھيون. ڪمري ۾ روشني ھئي. سندس وڏي
ڌيءَ ڪمري ۾ صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي. نه چاھيندي به ھن ڏانھن نظرون کڄي ويون. هوءَ پٺيري
بيٺل ھئي. پوءِ ڦيرو کائي مون ڏانھن نھار ڪيائين. ڪجھه گهڙيون تڪيائين ۽ رئو سيني
تي ٺاھيندي ڪمري جي جارن ۽ کٽن جي وھاڻن جي ھيٺان، ڏسڻ لڳي. منھنجي دل الائي ڇو
ويھندي وئي. اکيون ٻوٽيم ۽ ٻه ٽي آيتون دل ئي دل ۾ پڙھڻ شروع ڪيم، پر پوءِ به ان
جي نھار اندر ۾ ڀڃ ڊاھه پيدا ڪري ڇڏي. ايتري ۾ هن جو آواز آيو.
”امان ڪاٿي رکيل آھي.“
”ڇوري اتي ڌوڙ پئيس پئي ھوندس ٻيو
ڪاڏي ويندي. مئو پياس ڪاڏي گم ٿي وئي جو ڇوريءَ کان نٿي لڀي. ابا!!“
مان ڇرڪي چيم؛ ”جي.!!“
”وڃ ڳولھرائينس ابا منھنجو ته مٿو
ٿو ڦري، اٿڻ جي سگهه نٿي ساريان. هي ڇوريون به ننڊ پئجي ويو الائي ڇا نه ته ڀيڻ کي
ڳولھارائن ھا وڃ ابا!“
مون ھراسيل اکين سان چيم؛ ”ڇا....!!؟“
”ها ابا وڃ پنھنجو ٻچو آھين.“
منھنجو بدن ڏڪي رھيو هو. ڄنگهن
مان ست ئي ڇڏائي ويو. وک وک کڻي وڌيس. هوءَ ڪوٺيءَ ۾ تسبيح ڳولڻ ۾ رڌل ھئي. مونکي ڏسندي
ڇرڪي پئي.
”تون...!“
مون اکيون ھيٺ ڪري ڇڏيون چيم؛ ”تسبيح
لڌي.“
هن جواب نه ڏنو. هوءَ ٿورو جهڪيل
هجڻ ڪري رئو سين تان لھي ويو هئس. هن جواب ڪون ڏنو فقط اکيون کڻي ڏٺائين ائين ڀاسيو
ڄڻ سن ٿي وئي هئي. اکين مان جواني جا الا پئي نڪتس. سڌي ٿي بيٺي سيني جو اڀار رئي
سان ڍڪيائين. سندس اکين مان نڪرندڙ الا منھنجي جسم ۾ گرمي پيدا ڪري رھيا ھئا. هن
جا ڦرڪندڙ چپ ۽ چھري جي لالائي ٻڌائي پئي ت هوءَ ڪجهه مون کان گهرڻ چاھي ٿي. هن
جون اکيون، ڀريل بت تي ڇاتي مون کان ڏٺي نه ٿي. جند ڇڏائڻ لاءِ چيم؛ ”تسبيح لڌي؟“
ھوءَ ڇرڪيل ۽ لڄ ۾ ويھڙيل سيڙھيل
ھئي. پاڻ سنڀالي چيائين؛ ”تڪڙ ڇا جي لاتي ٿي ڪجهه ته گهڙيون بيهه! اَئون اسان جي
گهر ايندو ڇو ناھي ڪنا.“
پوءِ ھٿ وڌيا. تسبيح سندس ھٿن ۾
ھئي. سا ھٿن ۾ ڏيندي هٿ کي پڪڙي جهليائين ته منھنجي بت مان ساھُ ئي ڇڏائي ويو. هٿ ڇڏائي
تسبيح کڻي وٺي پويان پير ڪيم. خيري جي زال جي ڀرسان گذريم چيائين؛ ”ابا لڌي
تسبيح.“
ھلندي ئي جواب ڏنم؛ ”ھا لڌي.“ مسجد
تائين ڀڄندي پاڻ ڪو ن؛ سنڀالي سگهيس.
ان رات مسجد کان موٽي گهر اچي
ستم ته ننڊ نه آئي. ٻانگي خيري جي جوان ڌيءَ جو چھرو، سينو، وڌايل ھٿ، ھٿ جي پڪڙ،
نھارَ جذبن ۾ اٿل پٿل گرم ساھن جا سھڪا، ڏنڀي رھيا ها. ڇا ھن ھي سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي
ڪيو؟ تسبيح ته هن جي هٿ ۾ ھئي. تنھن مھل مون لاءِ مائي ۽ مؤذن وچ ۾ ھلندڙ چڪر سمجهڻ
۾ سولو ٿي پيو. ھي خيرو ڌيئرن جي شادي ڇو نه ٿو ڪرائي.؟ چار سامايل ڌيئر گهر ۾ ويٺيون
اٿس. نصيحتون وري ٻين کي ڪندو وتي ڌيئرون گهر ۾ نه ويھاريو جلدي پرڻائي ڇڏيو. پاڻ ڌيئرون
ان ڪري نٿو پرڻائي جو پاڻ جهڙو نيڪ ڪنھن کي سمجھي ئي ڪو نه ٿو. ۽ سندس نظر وڏ-گهراڻن،
زميندارن تي آھي. اھي کانئس وٺن ڪو نه ٿا. انھيءَ ۾ جوان ڇوڪرين جو ڏوھ ڪھڙو جو اڇا
وار ڪري ڇڏن. الائي ڇو سندس وڏيءَ ڌيءَ تي پيار ۽ رحم اچڻ شروع ٿيو ھو. اندر ۾ ڪي
جوان جذبا ڇرڪ ڀري جاڳي پيا ھيا جيڪي ملن کان دوزخ جون ڌمڪيون ٻڌي ڳنڍ ٺاھي ڪنھن ڪنڊ
۾ اڇلي ڇڏيا ھيم. سي جيءَ مان اڀرندڙ جذبن اڳيان ڪا به ڍال بڻجي نه سگهيا ۽ سڄي
رات سمھي نه سگهيم. پوءِ به ايمان کي پڪو ڪندي ٻاھر ٻاڦ نه ڪڍيم، صبح جي ٻانگ ٿي
ته مسجد ۾ تسبيح، ذڪر الله جو مان ۽ مؤذن خيرو ھياسين. جيڪو ھينئر منھنجي اڳيان ڌڪار
جوڳو ٿي پيو هو. چڙ ٿي آئي ته ٻانگ وقت مائيءَ ڏانھن ڇو ٿو تڪي. جڏھن ته پاڻ گهر ۾
بيجا سختي ڪري رھيو آھي. ۽ جوان ڌيئر ويھاريون ويٺو آھي.
مؤذن خيرو جو ھر ڪنھن جي گهر ۾
ايندو ويندو رھندو هو. سو ھاڻي منھنجي نظرن اڳيان شڪي بڻجي پيو. اڃا اندر ۾ ھڪڙي
ھر کر ھئي ته ھر مھيني جي پھرين سومر تي اڪيلو ختمو ڏيڻ ان مائي ڏانھن وڃي ٿو.
جنھن کي ٻانگ ڏيندي ڏسندو آھي. ۽ ٻانگ ڊگهي ڪري ڇڏيندو آھي. پڪو پھه ڪيم ته ڪھڙي به
بھاني سان ملان خيري سان گڏجي ان مائيءَ جي گهر وڃان. ذھن کي ڊوڙائيندو رھيس. ڪا رٿ
ئي نه پئي ٺھي آخر ان نتيجي تي پڳس ته جڏھن ملان خيرو سج لٿي جي نماز پڙھي مائي جي
گهي ختمي لاءِ وڃي ته پويان ڪجهه دير کانپوءِ مان ڪنھن بھاني سان اتي پھچان. اھا رٿ
رٿي سومر جو انتظار ڪرڻ لڳس.
آخر مھيني جو پھريون سومر جنھن
کي ماھ پھريون سومر سڏيندا آھن. اهو ڏينھن آيو. معمول جيان مؤذن خيرو نماز کان
واندو ٿيو. مان ويٺو ريھِس. ھن ڏٺو ۽ چيائين؛ ”ڇو ابا گهر ماني کائڻ ڪو نه ويندين ڇا؟“
چيم؛ ”بس سائين ھت ويھي نفل ٿو
پڙھان!“
”چڱو ڀلا مان وڃان ٿو.“
مون ڄاڻي واڻي سوال ڪيم؛ ”ڪيڏانھن
ٿا وڃو؟!“
چيائين؛ ”خبر اٿي ته هر ماھه
پھرين سومر تي ڪٿي ختمو ڏيڻ ويندو آھيان. هي مسجد جي پاڙي وارا ختمو ٿا ڪڍائن، اوڏانھن
ٿو وڃان.“
”پوءِ سائين مان به ھلان؟“
ان سوال کيس پريشان ڪيو. مون
سندس منھن تان نٽائڻ وارو تاثر پڙھي ۽ پرکي ورتو کيس وڌيڪ پريشان نه ڪيم چيومانس؛ ”ٺيڪ
آھي توھان وڃو.“
ھو مُنھنجو جواب ٻڌي تڪڙو تڪڙو
مسجد مان نڪري ويو.
ھاڻ پويان مان بيوس ٿي ويس ته ڪھڙي
وَٽ وٺي خيروءَ جي پويان وڃان. ڪنھن بھاني کانسواءِ وڃڻ مناسب نه ھو. تسبيح جا مڻيا
آڱر سان ڦيرائڻ لڳس ۽ مسجد جي صحن ۾ ھيڏي ھوڏي ڦرندو سوچيندو رھيسُ. بھانن جي ڳولا،
ذھن تي دٻاءُ پئجي ويو. ڪا ڳالھه سمجهه ۾ نه پئي آئي. وقت ويو پئي گذرندو. ايتري ۾
مسجد جي دروازي وٽان ڪنھن کي ايندو ڏٺم. هلڪي اوندھ جي ڪري سڃاڻي ڪو نه سگهيس. شوڪارو
نڪري ويو. ھن مھيني جو سومر به ويو ۽ مھينو اوسيئڙو ڪرڻو پوندو. مؤذن خيرو شايد موٽي
آيو. پر ايترو جلدي! جڏھن ھمراھ ويجهو ٿيو ته سڃاڻي ورتم سائينداد ھو. تنھن پري
کان پڇيو؛ ”ابا ڪو مسجد ۾ آھي يا تون پيو ڦرين. وڏا ملان ڪاٿي اٿي.“
چيم؛ ”توھان ويھو ته اجهو ٿو
ملان خيري کي وٺي اچان!“
تڙ تڪڙ ۾ مسجد کان نڪري ان گهر ڏانھن
روانو ٿيس، جت ملان خيرو ختمو ڏيڻ ويو ھو. گهر جو صدر دروازو کليل ھو. ھوريان
ھوريان اڳتي وڌيس. گهر جا ڪمرا روشن ھيا. ۽ اڱڻ ۾ ھلڪي روشني جيڪا ڪمرن جي درن ۽
درين مان اچي رھي ھئي. مان ڦڙتيءَ سان اوندھ جو سھارو وٺي گهر جي ڀتين جي اوٽ ۾
ملان خيري ۽ مائيءَ جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالھه ٻولھه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. ٻئي ھلڪو ڳالھائن
پيا. پريان مائي جا ننڍڙا ٻار الڳ الڳ کٽن تي سمھيل ھئا ۽ ھوءَ ملان کان الڳ ٻي کٽ
تي پر ڀرسان ويٺل ھئي. شايد ملان ماني کائي چڪو ھو. ھاڻي ڳالھين ۾ رڌل ھئا. ملان
خيري جو آواز؛ ”اڄ اسان جي لاءِ نصيبن جا دروازا کلندا يا نه...!!؟ “
مائي لڄ ۾ ويڙھجي وئي. ساڳيو
انداز جيڪو ٻانگ ويل ڪندي ھئي پوتيءَ سان اڌ منھن ڍڪيندي مشڪل سان ڏسي رھيو ھئس. پر
آواز ٻڌجي پيو. مائي چيس؛ ”الله جو خوف ڪر ملان.“
مؤذن مشڪيو ۽ چيائين؛ ”اڙي من...!
ان کي ته مسجد جا ڪک بڻجي پيا ريجهايون...!“
مائي چيو؛ ”پر ملان اڄ نه...!“
”ڇو ڌيجان سڄو مھينو انتظار ٿي ڪرائين
اٿ جلدي ڪر ڪو اچي نه وڃي.“
”ڪير ايندو ملان.“
”مڙسھن نه اچي وڃي.“
مائي دٻيل آواز ۾ چيس؛ ”هو ڪو نه
ايندو خبر به اٿي ماھه پھرين سومر تي مڙس پير بادشاھ جي درگاھه تي وڃي رات رھندو
آھي.“
”پر ڌيجان مٿان سومھڻيءَ جي
نماز جو وقت پيو ٿئي ٻانگ به ڏيڻي آھي. جلدي ڪر اٿُ!“
مائيءَ ماڻو ڪندي چيس؛ ”ڪاڏي اٿ،
اٿ، لاٿي اٿي اڄ ڇڏ الائي ڇو دل سست ٿي ٿئي. ڄڻ ڪو پاڻ کي ڏسي ويٺو.“
ملان مؤذن خيري عادت موجب
استغفر الله چوندي چيو؛ ”اجايا وھم نه ويھار....! اٿي گهڻي دير ٿي وئي آھي. ھونئن
به پاڻ لاءِ اھا ڪا نئين ڪرت ته ڪانھي.“
مائي چيو؛ ”نه مڙندين ملان... ملان
ضد تي چڙھي اصل نه لھي. چڱو مان ڪمري ۾ وڃان ٿي جڏھن ڪمري ۾ اوندھ ٿئي ته پوءِ
اچجانءِ!“
ملان شرارت وچان چيس؛ ”ڇو..!!!؟
ھُوءَ اٿي ۽ ملان کي جواب ڏيڻ
بنا ڪمري ۾ ھلي وئي. مون ڏٺو ته ڪوٺيءَ ۾ اوندھ ٿي ۽ ملان خيرو ٽڻن تائين ڪانچ لوڏيندو
۽ ڏاڙھيءَ تي ھٿ ڦيرائيندو ڪمري ڏانھن وڌي ويو.
(رزاق سھتو جي ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)
No comments:
Post a Comment