Showing posts with label ڊگهي ٻانگ، مختصر ڪھاڻي، رزاق سھتو،. Show all posts
Showing posts with label ڊگهي ٻانگ، مختصر ڪھاڻي، رزاق سھتو،. Show all posts

Wednesday, October 30, 2024

ڊگهي ٻانگ - رزاق سھتو

ڊگهي ٻانگ

مختصر ڪھاڻي

رزاق سھتو



هو مسجدن ۾ ۽ ڪڪڙ رات جو مَنَھَ تي يا گهر جي ڪنھن مٿاھين جاءِ تي بيھي ٻانگ ڏيندو آھي. ٻھراڙين ۾ گهٽ پڙھيل هجڻ ڪري، جو بس پنج وقت نماز پڙھي، ڏاڙھي رکي، روزي نماز جو پابند هجي. تنھن کي ملان ۽ مؤذن (ٻانگو) ملان سڏن. مؤذن جي ٻانگ ڏيڻ تي نمازي مسجد ۾ اچي مڙندا آھن. پر ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ جو ڪھڙو ڪارج آھي سا خبر ڪانھي. ان بابت ويھي ويچاريو به اٿم پر ڪنھن به نتيجي تي ناھيان پڳو. فقط اھو پروڙي سگهيو آھيان ته ٺيڪ هر ٽن ڪلاڪن (ھڪ پھر) کانپوءِ ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو آھي. ان وقت جو ڪاٿو سج لھڻ کانپوءِ ڪري سگهجي ٿو. ڳوٺاڻا گهٽ ڄاڻو وري ٻنھي ٻانگن کي ملايو ڇڏن. يعني، ملان ۽ ڪڪڙ کي هڪ ئي لين ۾ بيھاريو ڇڏن.