جيئرن جو دڙو
(اردو افسانو)
ڪھاڻيڪاره: سلميٰ جيلاني
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
امر جي
اک کلي ته سڄو بت پگھر ۾ ڇَلِ لڳو پيو ھيس. اھو ڪھڙو خواب ھيو، جيڪو ڪيترين راتين
کان لاڳيتو سندس پُٺِ ئي نه ٿو ڇڏي.
سانوري
نازڪڙي ڇوڪري، ڄڻ صنوبر جي ٽارڙي. جنھن جون ڪارايون ٿري عورتن وانگر سفيد ڪنگڻين
سان ڀريل ھجن. ڪڏھن کنڊرن مان نڪرندي ۽ پاڻيءَ سان ٽٻِ وڏي ۽ ويڪري تلاءَ ۾ ٽپو
ڏيندي. ھيءُ سندس پويان وڃي ۽ تلاءَ تائين پڄي ته تلاءُ ۽ ڇوڪري ٻئي غائب ٿي وڃن.
ھن جي دل ھڪڙي عجيب ڀَوَ ۾ وٺجي وڃي ۽ تڏھن سندس اک کلي وڃي.
اڄ به
اھڙي خواب مان جاڳيو ته سندس سنگتي ڏنو، پرڀو ۽ بچايو، سندس سيرانديءَ بيٺا سڏي
رھيا ھيس. اھي سموري جا سمورا، ڪنھن عرصي کان انھيءَ دڙي کي نگاھ ۾ رکيون ويٺا
ھيا. ڏني جو خيال ھيو ته ان جي ھيٺان ڪو وڏو خزانو پوريل آ ۽ جي ھيءُ ان جي تَھَ
تائين پڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته پوءِ پنءُ ٻارھن آھن. انھيءَ چڪر ۾ وڏي دڙي کان ٿورو
پرڀرو مھراڻ منجھان ايندڙ نرم چيڪي مٽيءَ جي مٿانھن ڍيرن تي خيما کوڙيو ويٺا ھيا ۽
ھٻڪار واري زمين جي کوٽائيءَ ۾ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيا ھيائون. ھن وقت به سندن ھٿن
۾ ڪوڏرون ۽ ڪلھن تي مٽيءَ کڻڻ وارا ڏَلھا ھيا.
ڏني
چيو؛ ”امر!... منھنجا ڀاءُ! تنھنجي ڪري اسان جھلجي وينداسين.... مون تو کي چيو ھيو
ته صبح ٿيڻ کان اڳي پنھنجو ڪم پورو ڪري ڇڏجانءِ! پر تون آن جو رڳو ستو پيو آن...“
امر، بڙ
بڙ ڪري اٿيو ۽ ساڻن وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳو. ڪيترن ڏھاڙن جي ھڻ وٺ کان پوءِ ھو
مٽيءَ جا دٻيل تَھَ ھٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ھيا، ليڪن ھيءُ ڇا..... ھيءُ ته پڪين
سرن ۽ گھڙيل پٿرن سان ٺھيل ڪو جھونو شھر لڀجي رھيو ھيو! ھيءُ ڏاڍا مايوس ڏيکارجي
رھيا ھيا. خزاني جي اميد، مرندي نظر اچي رھي ھين. تنھن ھوندي به ھو کوٽ کوٽان ۾
لڳا پيا ھيا. پگھرَ، سندن بتن مان، پاڻيءَ وانگي اُڙھيا پئي.
سج جو
پھريون ڪِرڻو، ڌرتيءَ سان ٽڪريو ۽ صدين کان مٽيءَ اندر دٻيل حوض، جيڪو ڪڏھن پاڻيءَ
سان ڀريل رھيو ھوندو، سو نروار ٿي اڳيان اچي ويو.... امر کان ڇرڪ نڪري ويو...
’ھيءُ ته بلڪل اھڙو ئي آھي، جھڙو خواب ۾ نظر ايندو آ..‘ ھن دل ۾ سوچيو پر ڪُڇِيو
ڪو نه.... ’جي نه ٻڌايومانِ ته کلون ڪندا.‘ ھو سوچي رھيو ھيو... ھو چار ئي بنجھوءَ
جي ڍير مان ٻاھر نڪري، تلاءَ جي ڪنڌيءَ تي اچي ٿڪ ڀڃڻ ويٺا.
اڳيان
جيڪو کنڊر ھيو، سو ڪلھوڪي کوٽائيءَ ۾ ھنن ڳولھي لڌو ھيو. تري جي مٿئون، پڪين سرن
جي رکڻ جو نمونو ۽ ڀتين جا آثار ٻڌائي رھيا ھيا ته ھيءُ ڪڏھن ٻه-ماڙ گھر رھيو
ھوندو. اھي آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ ۾ پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري رھيا ھيا. امر، سندن گروپ ۾
اڪيلو ڄڻو ئي ھيو، جنھن کي آڳاٽن آثارن جي ڄاڻ سڃاڻ ھئي ۽ پنھنجي سنگتين جي رھنمائي
کيس سونپيل ھئي. اھو چئي رھيو ھيو؛ ”اوھان سڀ پاڳل آھيو... ھتي ڪو خزانو ٻزانو ڪونھي.
اسان کي گھرجي ته آثار قديما وارن کي ھنن شين جي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيون.“
”نه...!“
ٿلھو متارو پرڀو، ڏاڍيان رڙيون ڪرڻ لڳو؛ ”نه ھاڻي نه.... ٿي سگھي ٿو ته سون
چانديءَ جون مورتيون ھتي پوريل ھجن.... اڃا وڌيڪ کوٽائي ڪيو... اسان کي سڄي رازداريءَ
سان ڪم اڪلائڻو پوندو. ھيءُ خزانو، ڪنھن ٻئي جي ھٿ نه لڳڻ گھرجي.“ ھن زور ڏيندي
چيو.
پرڀو،
اڃا ٻيو به الائي ڇا ڇا چئي رھيو ھيو، ليڪن امر جون نظرون، انھيءَ کنڊر جي مٿين
منزل جي دريءَ جھڙي ٻرگھل تي ٽڪيل ھيون.... ميرانجھڙي اونداھڙيءَ ۾ کيس ڪو ھيولا،
پاڻ ڏانھن سڏيندي محسوس ٿيو. کيس لڳو ڄڻ اھا ساڳي ڇوڪري، جھٽ سوا لاءِ پنھنجي جھلڪ
پَسايون، اوندھ ۾ گم ٿي وئي ھجي.. ھو ڪنھن جادو ٿيل وانگر پنھنجي جاءِ تان اٿيو ۽
انھيءَ گھر ڏانھن وکون کڻڻ لڳو...
پرڀو ۽
ڏنو، پنھنجي ڳالھين ۾ لڳا پيا ھيا. پر بچايي کيس ڏسي ورتو ھيو؛ ”امر! ڪاڏي ٿو
وڃين!... اڙي او..... ڪاڏي پيو ٿو وڃين ....!!“
-- --
مگر ھن
جون وکون پاڻمرادو، ڊٺل جاءِ ڏانھن کڄنديون پئي ويون ۽ ڪن ھيس ڄڻ ٻڌن ئي نه پيا...
ھن پنھنجي اندر جي آواز کي پئي ٻڌو، جيڪو وڇوڙي جو گيت آلاپي رھيو ھيو.
سنڌڙي ري مارگو اُڏي جاءِ ڌول.
(سنڌڙيءَ جي واٽن تي، اڏامندي وڃي ڌوڙ.)
ھو
انھيءَ کنڊر جي پوئين طرف جڏھن پھتو ته اڃا ٻيو منظر سندس اکين آڏو ھيو. سج چڙھي
آيو ھيو. گھٽيءَ ۾ ماڻھن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي ھئي. وڏي ٿلھي تي ويٺل مايون چرخا
سنڀاليو سُٽ ڪتڻ سان گڏ ڪو گيت پڻ جھونگاري رھيون ھيون. ٿلھي جا ٻه ڏاڪا لھي، ڌاڳي
منجھان ڪپڙو اڻڻ وارين جي ڪاپا کنيو، ڀڄ ڊڪ لڳي پئي ھئي. گھٽيءَ جي وَٽِ ۾ شوقين
نوجوانن جو ٽولو چوپڙ راند‘ ۾ رُڌل ھيو.
’ھيءُ
مان ڪاٿي اچي ويو آھيان...‘ ھيءُ اڃا انھيءَ حيرانيءَ ۾ سرگردان ھيو جو پويان ڪنھن
اچي ڪلھي تي ھٿ رکيس؛ ”ويداس! تون ھتي ڇا پيو ڪرين؟“
کانئس ڇرڪ
نڪري ويو ’ويداس... ھيءُ مون کي ڇا پيو سمجھي...‘ ھن دل ۾ سوچيو، ليڪن کيس پاڻ
اھڙي نموني سوچڻ تي عجيب محسوس ٿيو... کيس لڳو پئي، ڄڻ ھو انھيءَ ماحول ۽ انھن
ماڻھن منجھ بلڪل به اوپرو ناھي بلڪ سدا کان سندن ڄاڻو سڃاڻو آ. ساڻن ئي رھندو آيو
ھجي.. آڳاٽي طرز جون گوڏيون ۽ ڪلھن تي يوناني طرز جون چادرون اوڍيون اھو سانورو،
سنھڙو نوجوان کيس مرڪندڙ اکين سان ڏسي رھيو ھيو. سندس انداز ۾ تنبيہ ھئي.
نوجوان
وري ڳالھايو؛ ”تو مٽيءَ جا رانديڪا ٺاھي ڇڏيا ڇا... ميسوپوٽوميا ۾ تنھنجي ھٿن جي
ٺھيل ٿانون جي ھاڪ ھُلي وئي آ. ھن ڀيري ٿانون سان گڏ، مٽيءَ جون ڏاند گاڏيون ۽ ڍور
ڍڳا به ڪاھيون ويندس. مون سڄو وکر ٻيڙي ۾ چاڙھي ڇڏيو آ. صرف تنھنجي حصي جو سامان
رھي ٿو. ھا! ھڪڙي ٻي ڳالھ... جي ساڻ ھلڻو اٿئي ته جلد ٻڌاءِ! وڏو ٻيڙو وڃڻ لاءِ سنبريو
بيٺو آ.“
امر
ھاڪار ۾ فقط ڪنڌ ئي ڌوڻيو... سندس نظرون ته پنھنجي عڪس کي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ڏسي
رھيون ھيون... ھيءُ پاڻ به ان نوجوان وانگر گوڏ ٻڌل ھيو، ليڪن ان تي ڪلھن واري
چادر ڪا نه ھيس. ھن جي مٿي ۽ ڏاڙھيءَ جا گھنڊي وار سليقي سان ٺَپيل ھيا. پنھنجو
اھو نئون روپ کيس ڏاڍو وڻيو پئي.
سندس محويت
کي ٽوڙڻ لاءِ، نوجوان وري ڌيان ڇڪايس؛ ”ڇا پيو سوچين ڇورا!... ٻن ڏھاڙن ۾ سنبت ڪري
وٺ.. جيڪڏھن ھلڻو اٿئي.“
”ھا!
ھا!“ ھو ڪنھن اوپري ٻوليءَ ۾ چئي رھيو ھيو؛ ”ھائو! سوچي ٻڌايانءِ ٿو.“
آھستڙي
چوندي، ھو اتان ھلي پيو. واٽ تي سوچيندو پئي ويو؛ ’اھو ڦِٿل شڪل وارو امر ڪاڏي
ويو... مان ته مٽيءَ جا رانديڪا ٺاھيندو آھيان.. ھاڻي ته مون تئيءَ ۾ ٽامو ۽ قلعي
ملائي، ھڪڙي نئين شيءِ ٺاھڻ به سکي ورتي آ... ھا... ڇا پئي چيو استادَ! شايد.. ڪِنجھو..
ھا اھو ئي نالو پئي ورتائين... ڏاڍا سڪما ٿانءَ ٿو ٺاھي ھو... مگر مان ته اڃا ٻيا
ٺاھيندس.‘ اھو سوچيندو، ان گھر ڏانھن ھلي پيو، جنھن جي دريءَ ۾ اڪثر ري بيٺي ھوندي
آ... ريءَ جو خيال ايندي ئي، سندس دل ۾ آنڌ مانڌ ٿيڻ لڳي.
ري...
سنھڙي سيپڪڙي، ٽڦڻيءَ جھڙي... نالو ته سندس سمبارا ھيو پر ماءُ ري سڏيندي ھيس. اھا
دڙي جي اڪيلي ڇوڪري ڪا نه ھئي، جنھن جي رنگ روپ جي ڪشش، نوجوانن کي پنھنجو ديوانو
بڻائي ڇڏيندي ھجي. کانئس ٻيون به زور سھڻيون، کوڙ ڇوڪريون ھيون، مگر ھن جي ناچ ۾
ڪجھ اھڙو جادو ھيو جنھن کيس جلدي سڄي ڳوٺ ۾ مشھور ڪري ڇڏيو ھيو. ھيءَ به ھر ڏڻ وار
تي ائين نچندي ھئي، ڄڻ وڏي گھگھريا درياھ ۾ چاڙھ آيو ھجي... پوپٽ وانگي، ڪڏھن ھِن
ٽاريءَ تي، ڪڏھن ھُن ٽاريءَ تي ڦيراٽيون پئي ڏيندي ھئي... سموريون ڇوڪريون نچي
رھيون ھيون، ليڪن ري منجھن نرالي نظر پئي آئي. ليڪن نه اُرَھ اڳتي نڪتل، نه ڍاڪَ تي
ماسُ..
ماڻس،
ڏانھنس غور سان ڏسي چوڻ لڳي؛ ”او... ريءَ جا پيءُ! ٻڌين ٿو؟ اھا ڇوري پڪ اسان کي
ڪنھن جنجل ۾ وجھندي... اگر سندس ناچ جي ٻڻڪ نه پروھت کي پئي ته اھو کيس داسي بڻائي
ڇڏيندو.“
جندو،
ريءَ جي پيءُ سان، پنھنجي ڳڻتيءَ جي ٻاٻور ڪڍندي ھئي. ھو به پريشان نظر ايندو ھيو،
مگر دلداري ڏيڻ خاطر چوندو ھيس؛ ”سُھجان! تون ڳڻتي نه ڪر!.. ويداس سان ڳالھ ڪڍان
ٿو.. اھو سٺو ڇورو آھي... ڪم ڪار به ڪري ٿو.. سچ ٻڌايانءِ؛ مون کي پروھت جو ڀؤ
آھي.“ ھي ٻئي ڳڻتيءَ ۾ مٿو ٽيڪي گھري سوچ ۾ ٻڏي ويا.
چوڏھين
جي رات اچڻ واري ھئي. آسمان تي چنڊ، پوري چٽائيءَ سان چمڪيو پئي. ريءَ تي ڄڻ دؤرو
پئجي ويو. پنھنجي چادر سنڀاليندي، چُپِ چُپات ۾ ڀت وٽ وڃي پڳي. جندو، ٻنڀي تي جو
پنھنجي کٽ وجھائي ڇڏي ھئي. ڄاتائين پئي، سندس ڌيءَ چنڊ جي ديواني آ، ان کي ڏسندي
ئي پنھنجا حواس وڃائي ويھندي آ... نچي نچي، چري ٿي پوندي آ.. ھن گھر مان نڪرڻ جا
سمورا ڳٿا بند ڪري ڇڏيا ھيا، ليڪن پاڻيءَ جي وھڪري کي ڪير روڪي سگھيو آ...
ريءَ،
پنھنجو گاگھرو وٽي سوڙھو ڪيو ۽ مٽيءَ جي ڀتڙي اورانگھيون، گھگھريا درياھ ڏانھن
ڊوڙندي وئي. پپر جي وڏي وڻ جي اوٽ ۾ لڪي چنڊ کي تڪڻ لڳي. آھستي آھستي، سندس ھٿ پير
ناچ واري انداز ۾ کڄڻ لڳا. اھو نرت ڪلا جو انداز، ھن جو پنھنجو جوڙيل ھيو... اڄ
کان اڳي ڪو به ائين نه نچيو ھيو. سندس چيلھ ۽ ٻانھن جي لچڪ، بيد جي چَھَن کي به
لڄائي رھي ھئي. سندس بت تان، گاگھرو ڪري پيو ھيو. چنڊ جي چانڊوڪي، سندس چمڪندڙ
ڪاراڻ مائل نازڪ جسم سان ٽڪرجي، گھگھريا درياھ جي ڪپرن جي نرم واريءَ ۾ جذب ٿي رھي
ھئي. سندس ٻانھن ۾، عاج منجھان جڙيل چوڙا، کير وانگر چمڪيا پئي. وڻن جي اوٽ ۾ بيھي
کيس، ڪو تڪي رھيو ھيو... اھو ويداس ھيو... جيڪو ريءَ جي ناچ جي نرت منجھ گم ھيو..
سندس ڪلائن کي پنھنجي نگاھن ۾ ويڙھي، پنھنجي ڌيان ۾ سموھي رھيو.. اوچتو سندس مغز ۾
ھڪڙو ترورو جاڳيو؛ ’نئين ڌاتوءَ جي پاڻيءَ سان سانچي ۾ ڀريندس... مجسمو... ريءَ جو
مجسمو... ري، منھنجي پياري، تو کي امر ڪري ڇڏيندس... امر...‘ اھو لفظ ٿورو ٻڌل ته
لڳس پر کيس ياد نه ھيو... ھيءُ جوش وچئون ريءَ جي اڳيئون آيو، جيڪا ھاڻي ساڻي ٿي،
ڌرتيءَ تي ڪري پئي ھئي. سڄي بت تي، پگھر جون ريڳياڙيون، ڪاري ريشمي گل تي ماڪ ڦڙن
وانگر چمڪي رھيون ھيس.. ويداس، ويجھو ڪريل گاگھرو کڻي، سندس اگھاڙن انگن کي ڍڪيو.
ريءَ جون اکيون ٻوٽيل ھيون، ليڪن سندس چھري تي وکريل مرڪ چغلي ھڻي رھي ھئي ته...
ھن اچڻ واري کي چڱيءَ طرح سڃاتو پئي. مگر ريءَ کي سُڌِ نه ھئي ته پروھت جي سمھڻ
واري ڪوٺيءَ جي دري درياھ جي ھن ئي ڪناري ڏانھن کلندي آ ۽ ان وقت به ھن جون شاطر
نگاھون ھيڏي تاڙي رھيون ھيون ۽ اھو پنھنجي چپن تي ڄڀ ڦيري رھيو ھيو ۽ مغز ڪنھن
گھري منصوبا بنديءَ ۾ ڌُتِ ھيس.
پروھت،
اتر پار ڏانھون، ھتي آيل ھيو. قدآور ھيو ۽ رنگت ڪڻڪ-رنگي ھيس. راجا کي وڻي ويو جو
ھتي ترسي پيو. راجا پنھنجي ڀر ۾ سندس ڪرسي وجھرائي ۽ نالو پروھت رکيائينس. ھيءُ
جيئن چوي، راجا تيئن ڪري. ڪنھن کي به نه پئي وڻيو ته راجا، سپاھي ڀرتي ڪري. اڄ کان
اڳي، ھيءُ ڇڙواڳ گھمندا ھيا، وونئڻ ڪاھيندا ھيا ۽ ڦٽيون چونڊي، منجھانئس ڪپڙو
اڻندا ھيا. مٽيءَ مان ٿانءَ ۽ رانديڪڙا ٺاھيندا ھيا. جيڪي کڻي پري پري تائين،
ٻيڙيون ڀري وڪڻڻ ويندا ھيا. ليڪن جڏھن کان پروھت آيو، تڏھن کان ھي پاڻ کي باندي
سمجھڻ لڳا. ڇوڪريون، کيس ڏاڍيون پسند ھيون... اڳي راجا جي فقط ھڪڙي راڻي ھئي، ليڪن
ھاڻي ته جيڪا ڇوڪري چڱي لڳي، سا راجا جا راکا کنڀيون وڃن. اھا، ھڪڙي رات ساڻس
گذاريندي، پوءِ پروھت جي داسي بڻائي ويندي. اھا سندس خدمت چاڪري ڪندي، وري ڪجھ
ڏينھن ۾ ڪا نئين نويلي ڇوڪري سندس جاءِ اچي والاريندي.
ريءَ
کي نچندو ڏسي، پروھت کي خيال آيو، نچڻ واري داسي.... اھا ٻئي ته ڪنھن ڪم جي
ناھي... پر نچي، منھنجي دل وندرائيندي.. ھو مڪارپ کئون، چپن ئي چپن ۾ مرڪي رھي
ھيو.
ڏينھن
چڙھي آيو ھيو. ري، اڃا تائين انھيءَ کٽ جھڙي چوڪڙيءَ تي ستي پئي ھئي جيڪا سندس
پيءُ، اڇي ٿلھي ۽ نرم ڪپھ منجھان ڏوريون وٽي ٺاھي ھئي. کيس اھا چوڪڙي ڏاڍي پسند
ھئي. جڏھن مٿس سمھندي ھئي ته اٿڻ جو نالو ئي نه وٺندي ھئي. ھاڻ به ماڻس جو ڪڙڪو،
سندس ڪنن سان وڄي رھيو ھيو. ھي سڀ، ٻنين تي وڃڻا ھيا. ڦٽين جي چونڊي جا ڏھاڙا ھيا.
ماڻس جون رڙيون ھيون؛ ”او... ري.... ھاڻ اٿ کڻي... بگڙي ڍڳيءَ کي گاھ وجھي آ.“
ريءَ
اکيون مھٽيندي سوچيو... ’اھا امان به اھڙي ئي آ... پاڻ به ڍڳين ٻڪرين ۾ گھڙي وئي
آ، مون کي به اھڙو ئي بڻائڻ ٿي چاھي.. ادي کي ڇو نه ٿي چوي.. مون کي اھو ڪم وڻي ئي
نه ٿو.‘
”ھا!
ته پوءِ ڇا ڪندينءَ!“ ماڻس رڙ ڪئي.
”ھان!...“
ھوءَ ڇرڪي.. ’مون واتان ته اکر ڪو نه ڳالھايو.. اھو امان ڪيئن ٻڌي ورتو؟..‘ ھن جو
الھڙ ذھن، خالي ھيو.. پاسو ورائي، وري سمھڻ جي ڪوشش ڪيائين.. ڌڙ ڌڙ ڪندو ڪو اندر
گھڙي آيو. ’ادو ۽ ابو ته ٻنيءَ تي وڃي چڪا ھيا. پوءِ ھيءُ ڪير آ.‘ ھن دھلجي،
سوچيو...
ٻاھران،
ماڻس جو آواز اچڻ به، بند ٿي چڪو ھيو. ھن ليٽئي ليٽئي، کليل در مان اڱڻ ۾ ليئو
پاتو. اڳيان، راجا جا ماڻھو بيٺا ھيا... کين سوال پڇڻ جي نه اجازت ھئي ۽ نه وري
ڪُڇيا. بس تڪڙا ڪوٺيءَ ۾ اندر آيا ۽ کيس گھليندا، ساڻ وٺيو ويا... ريءَ، پوئتي
مُڙي ڏٺو، ماڻس مونن ۾ منھن پايو ويٺي ھئي. ھن جي سسي ۽ ڌڙ، کُرڙيون ھڻي رھيو ھيو.
ھوءَ آھستڙي آھستڙي رُني پئي.... ريءَ جي چھري تي، حيرانگي ۽ ڀؤ، ڄڻ ته چنبڙي پيا
ھيا... مغز ۾ اڻ ڳڻيا سوال پئي اٿيس ليڪن ڄڀ تي تالو لڳي ويو ھيس.
---
ھوءَ
اونداھي ڪوٺيءَ ۾، زمين تي اونڌي پئي ھئي.. مٽيءَ منجھ پوسل جي ھٻڪار ھئي. سمجھي
وئي ته ويجھي ڇڪ ۾ درياھ آ.... اچانڪ ڄڻ سندس سڀ حواس ڪم ڪرڻ لڳا ھيا.
اٿڻ جي
ڪوشش ڪيائين، پر پيرن ۾ پيل لوھي ڪڙن ۽ منجھس پيل مُڃَ جي ٿلھي رسي، کيس اتان چُرڻ
نه ڏنس. ڳلن تان ڳوڙھا، لارون ڪري، پوسراٽيل مٽيءَ منجھ چوھبا پئي ويا. تڏھن وڃي
ڪاٺ جي ڳؤري در، ڪڙڪاٽ ڪيو... ڪو منھن تي گھونگھٽ چاڙھي، اندر آيو ھيو.
ريءَ
سوچيو... راجا جي ڪا داسي آ، جيڪا کيس سينگارڻ لاءِ آئي آ، تڏھن ته کيس ھٿ ۾ ڪپڙي
سان ڍڪيل وڏو ٿالھ آ... ريءَ ليٽئي ليٽئي، ٽيڏين نظرن سان کيس ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي.
وري ھن پنھنجي ڇِليل ڪاراين ڏانھن ڏٺو. ان کان اڳي واريون داسيون ھڏين وارا چوڙا
لاھي، قيمتي ڌاتوءَ جا چوڙا پارائي ويون ھيس ۽ ٻڌائينديون ويون ھيس ته اڄوڪي رات
ھوءَ راجا جي محل ۾ نچندي... سندس دل ۾ اٻڙڪ پئي اٿيا.. ھوءَ ته فقط پنھنجي لاءِ
نچندي ھئي. جيئن مور، بود ۾ اچڻ کان پوءِ نچندو آ. ھيءَ به ائين نچندي ھئي... پوءِ
ڇو نچي، ڪنھن جي لاءِ.. ان ويل، گھونگھٽ واريءَ، ٿالھ ھن وٽ رکي، گھونگھٽ کوليو.
ھن ٽپ ڏنو.. اچڻ وارو، ويداس ھيو. ان چپن تي آڱر رکي کيس ماٺ رھڻ جو اشارو ڪيو.
-- --
ڏني،
پرڀوءَ ۽ بچايي کان لڪي، امر وڃي آثار قديمه جي کاتي وارن کي ھنن کنڊرن جي باري ۾
ٻڌايو ھيو.. لڳ ڀڳ پنجاھي کن ڪارڪن بيلچا ۽ ڪوڏرون کنيون پھتا. جن وڏي ڦڙتيءَ سان
مٽيءَ جا صدين کان پراڻا تھ لاھڻ شروع ڪيا. کوٽائي، پنھنجن آخري مرحلن ۾ ھئي...
ھڪڙي ڪارڪن جي ڪوڏر، ڪڙڪي سان ڪنھن شيءِ سان ٺا ٿي وئي. سپروائيزر کيس ھدايتون
ڏيندي چيو؛ ”ھلڪا اوزار کڻي اچو.. اتي ڪجھ آھي.. ڀڄي ڀُري نه پوي...“ اھو ڪو بوھرو
ھيو، جنھن منجھ ھيءُ بيٺا ھيا.
اڳيان
لٿل ٻرگھل جون ڀڳل سرون ڪا ڪھاڻي ٻڌائي رھيون ھيون. مٽيءَ جي تھ منجھان ڪنھن سنھڙي
سيپڪڙي ۽ ٽنڀ جھڙي عورت جو ڪِنجھي مان ٺھيل مجسمو لڌو ھيو، جيڪا ناچ جي انداز ۾ ھڪ
ھٿ چيلھ تي ته ٻيو ھٿ ھوا ۾ لوڏي رھي ھئي. سندس ٻانھون ٿر جي عورتن وانگيان چوڙن
سان ٽُٻِ ھيون ۽ لڱن تي لٽو ئي نه ھيس. امر، جيڪو ويجھو ئي بيٺو ھيو، تنھن کان
واتان نڪري ويو؛ ”سمبارا...“
سڀ
حيرانگيءَ مان، کيس تڪڻ لڳا.. مگر ھو ته ڪنھن ٻي دنيا ۾ گم ٿي ويو ھيو... ھو
انھيءَ ھنڌ کي ”موئن جو دڙو“ سڏي رھيا ھيا.
”موئن
جو دڙو..“ امر، پنھنجي منھن ڳالھايو؛ ”اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي... ان کان وڌ ڪو زندھ
ته ڪو نه ھوندو... ھيءُ ته ’جيئرن جو دڙو‘ آھي.“
سندس
چھرو، ٻھڪي ۽ ٽڙي رھيو ھيو. جڏھن ته سندس ٽئي سنگتي، کانئس ڏاڍا ناراض ھيا.. ھن
سوچيو پئي ڪا ڳالھ ناھي، کين جلدي پرچائي وٺندس...
انھين
ڏينھين، ميسوپوٽاميا جي کوٽائيءَ منجھان ڪنھن ٻيڙيءَ جا آثار مليا ھيا. جنھن منجھ
اھڙا ئي رانديڪا، مٽيءَ جا چٽيل ٿانءَ ۽ ڪنجھي جون مھرون مليون ھيون، جھڙيون مئن
جو دڙو... نه نه.. جيئرن جو دڙو مان مليون ھيو...
ڪھاڻي اڃا ختم ناھي ٿي... ھزارين سالن کان دٻٽ ٿيل مٽيءَ جي ٿُلھن تَھَن ھيٺئون، بيشمار ڪھاڻيون لڪيل ھونديون... ڪير ڄاڻي، ڪنھن جا ھٿ، ڪڏھن انھن تائين پڄي وڃن ۽ مان يا ٻيو ڪو پنھنجي پڙھندڙ تائين پڄائي وٺي...
(ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي نومبر ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل)
No comments:
Post a Comment