Showing posts with label جيئرن جو دڙو ، اردو، افسانو، سلميٰ جيلاني، انجنيئر عبدالوھاب سھتو،. Show all posts
Showing posts with label جيئرن جو دڙو ، اردو، افسانو، سلميٰ جيلاني، انجنيئر عبدالوھاب سھتو،. Show all posts

Thursday, October 31, 2024

جيئرن جو دڙو - سلميٰ جيلاني - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جيئرن جو دڙو

(اردو افسانو)

ڪھاڻيڪاره: سلميٰ جيلاني

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



امر جي اک کلي ته سڄو بت پگھر ۾ ڇَلِ لڳو پيو ھيس. اھو ڪھڙو خواب ھيو، جيڪو ڪيترين راتين کان لاڳيتو سندس پُٺِ ئي نه ٿو ڇڏي.

سانوري نازڪڙي ڇوڪري، ڄڻ صنوبر جي ٽارڙي. جنھن جون ڪارايون ٿري عورتن وانگر سفيد ڪنگڻين سان ڀريل ھجن. ڪڏھن کنڊرن مان نڪرندي ۽ پاڻيءَ سان ٽٻِ وڏي ۽ ويڪري تلاءَ ۾ ٽپو ڏيندي. ھيءُ سندس پويان وڃي ۽ تلاءَ تائين پڄي ته تلاءُ ۽ ڇوڪري ٻئي غائب ٿي وڃن. ھن جي دل ھڪڙي عجيب ڀَوَ ۾ وٺجي وڃي ۽ تڏھن سندس اک کلي وڃي.