آخري چال
(آمريڪي ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار: جوزف پيني برينن
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
”يوئر
آنر! مان اپيل ڪرڻ جي اجازت گھرڻ ٿو چاھيان.“ ڪيلٿ چيو.
جھٽ
سوا لاءِ عدالت جي ڪمري ۾ سانت ڇانئجي وئي. فقط ھڪڙي سنھي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. جنھن
کان پوءِ روبوٽ جج جواب ڏنو؛ ”درخواست منظور ڪئي ٿي وڃي.“
ڪيلٿ
سوچيو؛ ’ھڪڙو آزاد سرڪٽ، تحرڪ ۾ آيو آھي. اپيلون بنا ڪنھن وقفي وجھڻ جي جھٽ منظور
ٿي ٿيون وڃن. ھڪڙي ڇسي ڪوشش آ، جنھن جو ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري‘. ھو اٿي بيٺو ۽ ادب
منجھئون نِوڙندي چيائين؛ ”اوھان جو ڀاڳ اڃا اتم ٿئي يوئر آنر!“
اڄڪلھ
اھي تھذيب وارا لفظ ۽ احترام سان نِوڙڻ، فقط ھڪڙي رسم واري حيثيت ٿا رکن، جنھن تي
ٻيا وڪيل ورلي ئي عمل ڪندا ھيا. ليڪن ڪيلٿ گھڻن ئي معاملن ۾ ماضي پرست ھيو. ھو
روايتن جو امين ھيو ۽ انھن کي پسند ڪندو ھيو.
اھا،
ان ڏھاڙي جي پڇاڙڪي پيشي ھئي. جيئن ئي ڪيلٿ دروازي ڏانھن وڌيو، ڪورٽ جو منشي، جيڪو
ننڍي قد جو جانٺو جوان ھيو، سو ميز تي جھڪيو ۽ روبوٽ جج جو بٽڻ بند ڪيائين.
ڪيلٿ،
پنھنجي آفيس ۾ پھتو ته گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو. ھوريان ھوريان پنھنجي وڪالت وارو گائون
لاھڻ شروع ڪيائين. ھو ڊگھو، سنھڙو ۽ گول ڪلھن وارو ڪراڙو شخص ھيو ۽ نرالي انداز ۾
ڳالھ جو منڍ ڪڍندو ھيو. ڄڻ ڪو فيصلو ڪري نه سگھندو ھجي. بھرحال، جيئن ئي ھو
ڳالھائڻ ۾ شروع ٿيندو، تيئن ئي پھريون تصور ڪافور ٿي ويندس. سندس تقرير زوردار ۽
اثرائتن لفظن جي چونڊ تي ٻڌل ھوندي ھئي ۽ ذھن جي نرالي نفاست کي ظاھر ڪندي ھئي. ھو
پنھنجي پيشي واري زندگيءَ جي اوج تي لڳ ڀڳ شڪست ڏيڻ جي ناقابل سمجھيو ويندو ھيو ۽
اڄ به پنھنجي پيشي ۾ مڙني کان ڏاڍن وڪيلن منجھان ھڪ ھيو. ھن احتياط سان پنھنجو
گائون ويڙھيو، پوءِ پشمي وارن واري وگ لاٿائين ۽ ٻئي، پنھنجي الماريءَ جي مٿئين
خاني ۾ رکيائين. ھو اڃا به پنھنجي خيالن ۾ ٻڏل ھيو.
مسئلو
ھيءُ ھيو ته ھيءُ پنھنجي مؤڪل ھينري ووڊس کي ڀانئيندو ئي نه ھيو. جيڪو ٿلھو ۽
وزنائتو ماڻھو ھيو. سڄي ٻڌڻيءَ دوران، سندس پگھر پيو لاڳيتو وھندو ھيو ۽ ھو رڙيون
ڪري انصاف جي گھُرَ ڪندو ھيو. ھو پنھنجي سزا جي معافيءَ جو طلبگار ھيو ۽ ان ڳالھ
تي زور ھيس ته ڪيلٿ کي ڪنھن به صورت ۾ فيصلي جي خلاف اپيل ۾ وڃڻ گھرجي. ھن کي اھا
ڳالھ سمجھ ۾ ئي نه پئي آئي ته جج آڏو نِوڙڻ واري مھذب عادت وانگر، اپيل به محض
ھڪڙي رسم آ.
ووڊس
پنھنجي زال کي ماري وڌو ھيو. جنھنڪري ڪيلٿ جو خيال ھيو ته ھي پاڳل آ... ڇو جو جن
ماڻھن جو چَيتو جاءِ تي ھوندو آ، سي خون نه ڪندا آھن.
ڪيلٿ
اھا ڳالھ چڱيءَ طرح سمجھي پئي ته اپيل تي ٻيءَ ڪورٽ جو جج به اھڙيءَ طرح ثبوتن ۽
دليلن جي جاچ ڪندو. وري جيڪڏھن ووڊس آخري ڪوشش لاءِ زور ڀريو ته سپريم ڪورٽ جو جج
به ائين ئي ڪندو. سمورا ساڳيءَ طرح سوچيندا آھن. ھر مقدمي جي لاءِ اپيل ۾ وڃڻ جي
گنجائش ضرور ھوندي آ ۽ اپيليٽ ڪورٽ ڏني به ويندي آ، مگر ان جو مقصد ٽيڪنيڪل خرابين
يا غلط پروگرامنگ کي تحفظ پھچائڻ کان سواءِ ڪجھ نه ھوندو آ.
ڪيلٿ
آھَ ڀري. کيس اڃا به اھي ڏھاڙا ٿورا ٿورا ياد آھن. جڏھن ھيءُ ڪم، کيس اطمينان بخش
لڳندو ھيو. اھا، ان کان اڳ جي ڳالھ آ. جڏھن رياست، انساني فيصلن ۾ اچڻ وارين خامين
۽ غلطين کي ڏسندي، انساني ججن کي ھٽائي، روبوٽ جج مقرر ڪري ڇڏيا ھيا ته جيئن ماڻھن
کي اڇو اجرو انصاف پِڙ پئجي سگھي ۽ عدليه جو وقار پڻ برقرار ھجي. جديد روبوٽ جج،
جذبات جا تابعدار نه ھيا. اھي قانوني ورن وڪڙن واري ڪنڊيدار جھنگ ۾ آسانيءَ سان
اڳتي وڌندا ھيا. ڪيلٿ، انھن نون ججن کان سدائين نفرت محسوس پئي ڪئي.
---
ڪيلٿ،
جھٽ رکي آفيس منجھئون نڪتو ۽ ھوريان مگر وقار واري وک کڻندي، ورانڊي مان لنگھي ھال
جي ھيٺان جھونن پٿرن جي ڏاڪڻ ڏانھن وڌيو، جيڪا چاوڙيءَ ڏانھن پئي وئي. سندس نرڙ تي
پريشانيءَ کئون سَرَ پيل ھيا. ھو ووڊس سان ٿيل ڳالھ ٻولھ تي غور ڪري رھيو ھيو ۽
معاملي کي چڱيءَ طرح سمجھي ويو ھيو. بلڪ منڍئون ھيءُ بلڪل نااميد ھيو. اھو مقدمو
کڻڻ وقت به سندس ذھن ھڪ ھنڌ نه ھيو. ھن ڪيترا ئي ڀيرا سوچيو ته مقدمو نه کڻان.
جڏھن
ھو پٿرائين ڊگھي ڏاڪڻ ذريعي ھيٺ لٿو ته ائين لڳو ڄڻ پوري عمارت اندر ڪو به ساھدار
ڪونھي. پوءِ وڃي پري چاوڙيءَ جي ٻنڀي تي نيري وردي پاتل وارڊن اڪيلو ويٺل نظر آيس.
اھو به ڇرڪ ڀري سڌو ٿيو، ليڪن جڏھن ھن ملاقاتيءَ کي سڃاتائين، تڏھن وڃي ساھ ۾ ساھ
پيس. ڪيلٿ، ڪنڌ لوڏيو ۽ جيستائين وڃي وارڊن چاوڙيءَ جو ڳرو در کوليو، تيستائين بي
تعلق بڻيو بيھي انتظار ڪرڻ لڳو. پوءِ ٻئي گڏجي چانئٺ ٽپيا ۽ دروازو پويان بند ٿي
ويو. ورانڊي منجھ دريون ڪو نه ھيون. اھو لڪيل فرشي بتين سان روشن ٿيل ھيو. ووڊس
واري ڪوٺڙي ورانڊي جي پڇاڙيءَ ۾ ھئي. وارڊن ھڪڙي ٻي چاٻي ڳولي، قلف ۾ وڌي ۽ جيئن
ئي دروازو کليو ته ھو ڪيلٿ کي رستو ڏيڻ خاطر پاسي تي ٿي بيٺو.
ڪوٺڙي،
صفا ننڍڙي ھئي. ڪيترن ئي سالن کان منجھس ڪا تبديلي ئي نه آئي ھئي. منجھس فرنيچر جي
نالي تي فقط ميز ۽ ڪاٺيءَ جي بينچ رکيل ھئي. چاوڙين جي خاتمي کان اڳ، ڪو به اھڙيون
ڪوٺڙيون برداشت نه ڪندو ھيو. جيئن ته ھيءَ ھڪ عارضي حراست ۾ رکڻ واري جاءِ ھئي،
جتي جوابدار کي مقدمي جي ٻڌڻيءَ کان جھٽ دير اڳ ۽ جھٽ گھڙي پوءِ وقت ٽپائڻو ھوندو
ھيو. جتئون کيس صحت مرڪز موڪلبو ھيو يا اتان ڇُٽي ويندو ھيو. ووڊس کي به توقع نه
ھئي ته ڪو کيس ڪنھن آرامده مرڪز تي حراست ۾ رکيو ويندو، جتي ھو تيستائين رھندو،
جيستائين سندس اپيل تي غور نه ٿو ڪيو وڃي.
جيئن
ئي ڪيلٿ ڪوٺڙيءَ ۾ گھڙيو، تيئن ئي ووڊس بينچ تان ٽپو ڏئي اٿيو. ھو ٿلھو ۽ گنجو
ھيو، جيڪو ھر وقت گھٻراھٽ جو شڪار نظر ايندو ھيو. عام طور اھڙي قسم جا ماڻھو ڪنھن
زماني ۾ بينڪ ۾ ڪلارڪ يا سرڪاري آفيسر طور ڪم ڪندا ھيا. پوءِ جڏھن سندن جاءِ تي
روبوٽ اچي ويا ته ھنن پاڻ کي بيروزگارن جي لسٽ ۾ ئي ڏٺو. اتي اھي مرد ۽ عورتون
ھيا، جيڪي ڪو به ڪم ڪو نه ڪندا ھيا ۽ نه وري ڪو کين ڪم ڪرڻو ئي ھيو. ليڪن ھڪڙي پاڻ-ڀري
رياست، وڏي جگر گردي سان، سدائين سندن ڪفالت جي ذميوار ھئي. کين اھڙي عيش ۽ آرام
واري زندگي مليل ھئي، جيڪا نيٺ بوريت کي ڄڻيندي آ ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته اھي ماڻھو چريا
به ٿي ويندا ھيا. ائين ٿو لڳي ته ھينري ووڊس سان به ائين ئي ٿيو ھيو. جيئن جيئن
وقت وھندو ويو، کيس سڀ ڪجھ ملندو رھيو، جيڪو ھو گھرندو ھيو. روبوٽي نوڪرن واري
ست-ماڙ حويلي، سندس ذاتي استعمال لاءِ ٽي ڪارون، موسم سان موافقت رکندڙ ٻه سوئيمنگ
پول، ننڊ جي جبلن جي ھڪڙي فلم ۽ اھڙي نموني جا ھزارين رانديڪا..... انھن مڙني
عياشين جي ھوندي به ھينري ووڊس جا وار وقت کان اڳ اڇا ٿي ويا ھيا. سندس بت، سدائين
پگھر ۾ ڇَلِ لڳو پيو ھوندو ھيو ۽ ھو پنھنجي مخالف سان اکيون اکين ۾ وجھي ڳالھائي
نه سگھندو ھيو. ھڪ ڏھاڙي، جڏھن موسم ڏاڍي وڻندڙ ھئي، ھو پنھنجي زال کان اڳي جاڳيو
۽ اٿڻ سان سندس ڳچي مروڙي ڇڏيائين.
---
ووڊس،
ڪيلٿ جي ويجھو ھليو آيو ۽ ساڻس ڳالھيون ڪرڻ بيٺو؛ ”مسٽر ڪيلٿ! مون سمجھيو پئي ته
اوھان ھتي ڪو نه ايندئو. اپيل جي اجازت ملندي ئي، ھنن مون کي واڙي ڇڏيو آ ۽ ھتي
منھنجي مغز ۾ اٿندڙ وسوسن کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ناھي.... ھي سڀ مون کي چريو ڪري
ڇڏيندا.“
ڪيلٿ،
چُپڙي ڪري کيس ڏسندو رھيو. ووڊس جي وڏن دوڏن کي ڏسي، کيس خيال آيو ته ھيءُ ته
ميزڪل نالي ڊرگ استعمال ٿو ڪري، جنھن الڪوحل تي پابندي پوڻ کان پوءِ، ان جي جاءِ
والاري آ.
ھن
ٻنھي ھٿن سان، ڪيلٿ جي ڪلھن کي ڀڪوڙ ڏيندي چيو؛ ”مون کي ٻڌاءِ! منھنجي سزا معاف
ٿيڻ جا امڪان ڪيترا آھن؟ اھا به خبر ھجئي ته مان سچ سچ ٻڌڻ ٿو چاھيان.“
ڪيلٿ،
بيزاريءَ مئون کيس ڏٺو. ھن ڏکئي وقت ۾ به، ووڊس جو رويو بڇڙو ھيو. جھٽ رکي، ھن
جھيڻي لھجي ۾ ورندي ڏنس؛ ”مسٽر ووڊس! تنھنجي ڇٽي وڃڻ جا امڪانَ، نه ھئڻ جي برابر
آھن. اپيل، ھڪڙي رسمي ڪارروائي آ، جنھن سان جھٽ سوا جي وٿي ملي ويندي آ.. مگر،
نتيجو مٽبو ناھي. اپيليٽ جج به اڄوڪي فيصلي جي ئي توثيق ڪندا.“
ووڊس،
دوڏا ڦوٽاري، حيرت منجھان کيس ڏٺو. سندس مٿي منجھئون پگھر ٽمي، چپن تائين اچي پڳو
ھيو، جتي اڳي ئي پگھر-ڦڙا ٽمڪيا پئي. ”اھو نه ٿو ٿي سگھي مسٽر ڪيلٿ! مھرباني ڪري
ڪجھ ڪر! انھن مشينن کي شڪست ڏيڻ جو ڪو نه ڪو طريقو ھوندو. تون ذھين ماڻھو آھين ۽
تو روبوٽڪ علم جو مطالعو پڻ ڪيو آھي.. رب جي واسطي ڪجھ ڪر!“
ڪيلٿ
ڄاتو پئي ته پاڻ سندس مدد نه ڪري سگھندو. ھيءُ ووڊس جي پڪڙ منجھئون جان آجي ڪرڻ
واسطي ھڪڙي وک پوئتي ھٽيو ۽ چيائين؛ ”تو پنھنجي زال کي ماري ڇڏيو آ. تو کي لڳي ٿو
ته ان کان پوءِ به ھوءَ تنھنجو ساڳيو مقام قائم رکندي؟“ ھن گھڙي کن ترسي، پنھنجي
مؤڪل کي ڏٺو. وري چوڻ لڳو؛ ”منھنجي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته تون ايترو ھل بکيڙو ڇو ٿو
پيو ڪرين؟ جڏھن مون وڪالت شروع ڪئي ھئي، تڏھن اھڙي جرم جي سزا، موت ئي ھيو.“
ووڊس، ھورڙيان
ٿي ڪري، پوئتي ھٽيو ۽ ڪاٺيءَ جي بينچ تي ويھي رھيو. پوءِ مايوسيءَ وچان چوڻ لڳو؛ ”مرڻ
ئي بھتر آ. مون ڏٺو آ ته ليوڪوٽاميءَ (چريائپ جي علاج جي سرجري) کان پوءِ ماڻھو
صفا بدلجي ٿو وڃي. ھو پنھنجي سڃاڻپ ئي وڃائي ويھندو آ. پر تو کي ڇا جي ڳڻتي آ.
سرجري ته ھو منھنجي ڪندا.“
ڪيلٿ،
دل ئي دل ۾ آھ ڀري. اھڙين حالتن ۾ ھو پاڻ به ڊرگز جي ٻاڙ محسوس ڪندو ھيو؛ ”مسٽر
ووڊس!“ ھن تحمل سان سرٻاٽ ڪيس؛ ”تو کي پھرين سٽ ته اھا ڳالھ مڃڻ گھرجي ته تنھنجي
سرجري ٿيندي. ڇو جو تو پنھنجي زال کي ماري وڌو آ ۽ تون قانوني طور تي پاڳل آھين.
اھو فيصلو اڄ ٻڌايو ويو ۽....“
ووڊس
اٿي بيٺو ۽ ڪيلٿ کي ٻانھن کان جھليائين؛ ”ليڪن اسان ته اپيل پيا ڪيون مسٽر ڪيلٿ!
مان پراميد آھيان.“
”ڪورٽ
آف اپيل ھن ھفتي جي پڇاڙيءَ ۾ ويھندي. بس سرجري ھفتي جي پڇاڙيءَ تائين پوئتي ٿي
وڃي.“ ڪيلٿ، توريل تڪيل لفظن ۾ چيس.
”ليڪن
مسٽر ڪيلٿ!“ ووڊس تکي عورتاڻي لھجي ۾ چيس؛ ”اوھان اپيليٽ جج کي قائل ڪري سگھو ٿا
ته منھنجي سرجريءَ جو حڪم جاري نه ڪري. اھا پھرين عدالت جي جج جي راءِ آ، اپيليٽ
ڪورٽ جي جج جي راءِ الڳ قسم جي به ٿي سگھي ٿي. ائين ٿي سگھي ٿو؟“ ھن غير يقيني
لھجي ۾ چيو.
”نه!“
ڪيلٿ، ھلڪي لھجي ۾ ورندي ڏنس؛ ”مسٽر ووڊس! ڳالھ کي سمجھ. سوال روبوٽڪ پروگرامنگ جو
آھي. انھن سڀني مشينن جي، ساڳئي نموني سان پروگرامنگ ٿيل آ... ان ۾ فرق نه ٿو ٿي
سگھي.... روبوٽ جج، غير جانبدار لاگنگ جي ذريعي سان حل ڪڍندا آھن. جيڪڏھن مفروضن
يا لفظن ۾ ثبوت ھڪ جھڙو آ ته نتيجو ساڳيو نڪرندو. بھرحال، اسان وٽ نيون حقيقتون
ناھن. جنھن جو مطلب آ ته نتيجو، پھرين وارو پڪو آ.“
”جيڪڏھن
ٻي ڪورٽ به اپيل رد ڪري ڇڏي ته ڇا اسان سپريم ڪورٽ وڃي سگھون ٿا؟“ ووڊس پڇيس.
”اھو
تنھنجو آئيني حق آ.“ ڪيلٿ چيو ۽ اوچتو ئي اوچتو پاڻ کي يقين نه اچڻ واري حد تائين
ٿڪل ھاريل محسوس ڪرڻ لڳو. ھن ڄاتو پئي ته ووڊس، صورتحال کي سمجھي نه ٿو. ھو ڪورٽ
آف اپيل ۾ شڪايت ضرور داخل ڪرائيندو. وري سپريم ڪورٽ ۾، ۽ وري ھو شڪايت ڪندو ته
اڃا ڪا ٻي عدالت ڪانھي جتي مقدمي کي اڃا غور ڪرڻ لاءِ موڪلي سگھجي. ليڪن سندس مڙني
ڪوششن جي باوجود نتيجي تي ڪو اثر نه پوندو. نيٺ جڏھن سموري ڪارروائي ٿي ويندي ته
ووڊس کي ليوڪوٽاميءَ منجھان گذرڻو پوندو.
---
جھوني
طرز جي ھيٺين عدالت جي برعڪس، اپيليٽ ڪورٽ به ضرورت واري اصول جي تابع ھئي. ڪيلٿ ۽
سندس مؤڪل کان سواءِ، ھال ۾ ٻه ماڻھو ھيا. ھڪڙو ڪورٽ جو ڪلارڪ ۽ ھڪڙو ننڊ جون
اوٻاسيون ڏيندڙ سپاھي، جنھن وٽ گيس جو پسٽول ھيو. اھو دروازي تي پھرو ڏئي رھيو
ھيو.
ھال
اندر، وڪيل ۽ سندس مؤڪل جي لاءِ، آرامده ڪرسيون ھيون ۽ ھڪڙي ڪاري پيتي يعني ’جج‘،
ڀت ۾ ھنيو ويو ھيو. ڪلارڪ، پنھنجي اڀي پٺيءَ واري ڪرسيءَ تان ڌيان ئي ھٽائي ڇڏيو
ھيو. ميز جي چؤڦير، ڦري آيو ۽ صفائيءَ سان جج جي آڏو مقدمي جي ڪاغذي ٽيپ کولي
رکيائين. پوءِ، ان پڇيس؛ ”ڇا ڪارروائي، شروع ڪجي؟“
ڪيلٿ
جي ڪنڌ لوڏڻ تي ڪلارڪ، جج جي ڪنٽرول پينل جي ھيٺان، سوراخ منجھ، ڪاغذي ٽيپ ڀرڻ
شروع ڪئي. روبوٽ جج، نوي سيڪنڊن ۾، ڪيس جو فائيل پڙھي ورتو ۽ پنھنجي پوئين ساٿي جج
جي فيصلي تي غور پڻ ڪيو. ڪنٽرول پينل جي پويان، ڪنھن شيءِ آھستڙي ٽڙڪ ڪيو ۽ جج
پڇيو؛ ”مسٽر ڪيلٿ! ڇا اوھان وٽ ڪي نوان ثبوت يا نيون حقيقتون آھن؟“
ڪييلٿ،
اٿي بيٺو ۽ ادب سان چيائين؛ ”نه! يوئر آنر! ڪا به نئين حقيقت يا ثبوت نه آھي.“
جج کي
جواب، نھڪر ۾ ڏنو ويو ته ان اعلان ڪيو؛ ”پھرين عدالت جي فيصلي کي، برقرار رکيو ٿو
وڃي.“
مقدمو،
پورو ٿيو. شڪايت تي، ڪارروائيءَ ۾، ٽن منٽن کان ٿورو سجيھ وقت لڳو ھيو.
ڪيلٿ
ٿڪل لھجي ۾ چيو؛ ”يوئر آنر! مان اڳتي اپيل ڪرڻ جي اجازت چاھيان ٿو!“
جھٽ
گھڙيءَ جي وقفي کان پوءِ جج ورنايو؛ ”درخواست منظور ڪجي ٿي.“
ٻاھر
نڪري، ووڊس ناراضگيءَ مان چيس؛ ”اوھان مون کي بي ڏوھي ثابت ڪرڻ لاءِ، ڪا ڪوشش ئي
نه ڪئي. ھڪڙو لفظ به واتان نه ڪڍيو. جيڪڏھن اوھان ڪجھ ڳالھائيندئو نه ته پوءِ
مقدمو ڪيئن کٽنداسين؟“
”مسٽر
ووڊس!منھنجو مقصد، ان کي کٽڻ نه ھيو.“ ڪيلٿ چيس.
کيس دل
جي اٿاھ گھراين سان افسوس پئي ٿيو ته پاڻ ووڊس جو دفاع ڪرڻ تي راضي ڇو ٿيو. ھيءُ
سدائين روبوٽ ججن کي ناپسنديدگيءَ سان ڏسندو ھيو. مگر ھن مؤڪل جي ھن فعل کيس ونگي
وڌو ھيو. ھيءُ شخص نه فقط قاتل ھيو، پر ھڪڙو بيوقوف پڻ ھيو.
ڪيلٿ
آھ ڀري ۽ چيائين؛ ”مسٽر ووڊس، اوھان پاڻ کي ڏوھي سمجھو ڇو نه ٿا؟ اپيل ته ٺلھي
رسمي ڪارروائي آھي. جج، مقدمي جي فائيل جو جائزو وٺندا، ٻيو ڪجھ نه..... مان ڪلاڪ کن
جي ڊگھي تقرير ڪري سگھان ٿو ۽ عدالت کي نرميءَ جي درخواست ڪري سگھان ٿو، ليڪن اھو
وقت جو زيان آ. اسان ھتي انھن ماڻھن سان ڪو نه ٿا ڳالھايون پيا، جن کي جذباتيت جي
ذريعي سان قائل ڪري سگھبو آ. اسان جو ڪم، روبوٽ سان پيو آ.“
”سپريم
ڪورٽ اڃا موجود آ.“ ووڊس، گھرو ساھ کڻندي چيو.
---
اڏاوت
جي فن جي لحاظ کان سپريم ڪورٽ، اپيليٽ ڪورٽ سان گھڻي مشابھت رکندڙ ھئي. ليڪن طريقي
ڪار جي حساب سان بنيادي طور تي مختلف ھئي. اپيليٽ ڪورٽ جي جج، ڏاڍو خاموشيءَ ۽
انتھائي سنجيدگيءَ سان فائيلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ھئي. جڏھن ته سپريم ڪورٽ جي جج، انھن
کي وڏي واڪ پڙھڻ شروع ڪيو. انھيءَ دوران، ڪيلٿ کي ڪنھن به نئين نُڪتي جو واڌارو
ڪرڻ جو اختيار ھيو، جنھن سان مؤڪل کي فائدو پھچندو ھجي، مگر ڪيلٿ جي لاءِ اھو
سمورو عمل، منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين، نااميديءَ جو مظھر ھيو. تنھنڪري چپڙي ڪري،
ويٺو رھيو.
ووڊس،
ڪرسيءَ تي ويھي بيچينيءَ منجھان پاسا ورائيندي، روبوٽ جج جي ڪنسول يونٽ مان پنھنجي
ڏوھ جا ثبوت ٻڌي رھيو ھيو، جيڪي ڪنھن جابلو نئن جي وھڪري وانگر وھندا پئي آيا.
عدالت جو سيڪريٽري، کلمک مزاج جو نوجوان ھيو. جنھن جديد فيشن جو رنگين چشمو، نڪ تي
ٽيڪي رکيو ھيو. اھو ڪرسيءَ تي ويٺي، ماتحتيءَ واري اقرار ۾ ھر ھر ڪنڌ لوڏي رھيو
ھيو. جنھن مان لڳو پئي ته ڪنھن به لمحي چشمو ڪري، وڃي جج جي پيرن ۾ پوندو.
ڪيلٿ،
اکيون پوري، پنھنجي ڪرسيءَ جي پٺ سان ٽيڪ ڏني ھئي. اچانڪ کيس ووڊس جي پاڙيسرڻ مسز
اين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. جنھن جو بيان، شاھد طور ورتو ويو ھيو. اھا چئي رھي ھئي؛
”يوئر آنر! مان سچ ڳالھائيندس. سچ کان علاوه ڪجھ نه ڳالھائيندس.“
ڪيلٿ،
ھڪدم سڌو ٿي ويٺو. سندس لاشعور، روبوٽ جج کي ٿيڙُ ڏيڻ لاءِ، ھڪڙي واھ ڪڍي ورتي
ھئي. جنھن تي عدالت يا قانون، ڪو به اعتراض نه پئي ڪري سگھيو.
شاھد
جي آواز جي ھڪ-ڪري پڙلاءَ ۾، ھو ان تي غور ڪندو رھيو ۽ ھوريان ھوريان، پوري ڳالھ
چٽي ڏينھن وانگر مٿس وائکي ٿي وئي... اھو سمجھندي ته ھيءُ خيال ڪم ڪري سگھي ٿو، ھن
ووڊس ڏانھن ڏٺو، ليڪن ساڻس اکيون اکين ۾ ملائي نه سگھيو.
ايندڙ
گھڙين ۾ ڪيلٿ، ثبوت جي تشريح ڪرڻ واري پنھنجي حق کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. ووڊس،
پھرين ته مونجھاري ۾ اچي ويو. پوءِ پارو چڙھي ويس ۽ نيٺ باقاعدي مايوس ٿي ويو. ڪيلٿ،
کيس رنجايو ھيو.
ھاڻ
پڇا ڳاڇا جي مواد جو مطالعو ختم ٿي چڪو ھيو. روبوٽ چيف جسٽس، پھرين عدالت ۽ اپيليٽ
ڪورٽ وارا سوال ورجايا؛ ”مسٽر ڪيلٿ! ڇا اوھان وٽ نيون حقيقتون آھن؟“
ڪيلٿ،
ڌيرج سان اٿي بيھي جواب ڏنو؛ ”يوئر آنر! ڪا به نئين حقيقت ۽ ثبوت ناھي.“
اھو
چئي ھڪدم ويھي رھيو. ووڊس، پاڳل ٿيڻ وارو ھيو. جج، جيئن ڪيلٿ کي توقع ھئي، جھٽ
گھڙيءَ لاءِ ھٻڪيو ۽ پوءِ اعلان ڪيائين؛ ”ھيءَ عدالت.... پھرين عدالت جي فيصلي ۽
اپيليٽ ڪورٽ جي حڪم کي برقرار رکي ٿي.“
ڪيلٿ،
پنھنجي نڙيءَ ۾ ھڪ ڦندو ڦاسندي محسوس ڪيو. ھو ٻيھر اٿيو ۽ چيائين؛ ”يوئر آنر! مان
اپيل ڪرڻ جي اجازت ٿو چاھيان.“
سيڪريٽريءَ،
حيرانگيءَ منجھان ھن ڏانھن ڏٺو ۽ ڳالھائڻ لاءِ وات کوليائين. ايتري تائين جو
سپاھيءَ به ٿوري دلچسپي ظاھر ڪئي. ھن ڪڏھن ڪنھن وڪيل کي اھڙي بيوقوفيءَ واري ڳالھ
ڪندي ڪو نه ڏٺو ھيو...
تنھن
تي جج، درخواست تي ايڏي احتياط سان ڪارروائي شروع ڪئي، جھڙيءَ طرح ھن پھرين
درخواست تي ڪئي ھئي. آخر ۾ چيائين؛ ”درخواست، رد ٿي ڪئي وڃي.“
ڪيلٿ
اڃا تائين بيٺو ھيو. تنھن پڇيو؛ ”يوئر آنر ڪھڙي بڻياد تي؟“
ھو لفظ
لفظ ڪري، سوال ورجائي سگھيو پئي. جيڪو مقرر ٿيل قانون سان مطابقت رکي پيو.
”ھڪ
دفعو جڏھن سپريم ڪورٽ جو فيصلو جاري ٿيندو آھي ته پوءِ اپيل ڪرڻ جي ڪا جاءِ نه
رھندي آ. ڇو جو سپريم ڪورٽ کان مٿي بااختيار ڪا به عدالت ناھي. درخواست، اجايي
آھي. اپيل جي طريقي ڪار کي جاري رکڻ ممڪن ناھي. ان کان پوءِ اپيل کي خارج ڪيو
ويندو آھي.“ جج روبوٽ، تفصيل سان جواب ڏنو.
اھو پڪ
سان مڙني روبوٽن ۾ وڌل پروگرام جو حصو ھيو، ليڪن ڪيلٿ خطرو کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سندس خيال ھيو ته ھيءُ روبوٽ جيڪو سپريم ڪورٽ جي لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آھي، ٻئي
درجي جي وچولن ججن کان اڃا وڏي پيماني تي پروگرام ٿيل ھوندو. ڪيلٿ دعا گھري ته
ھوند اھو پروگرام، قانون جي پوري تاريخ جو احاطو به ڪندڙ ھجي.
ھن
احتجاج ڪندي چيو؛ ”ماءِ لارڊ! سپريم ڪورٽ کان مٿانھين عدالت به آھي. مان خدا وٽ
اپيل ڪرڻ جو ارادو ٿو رکان.“
”مسٽر
ڪيلٿ!“ عدالت جي ڪلارڪ جي واتئون بي اختيار نڪري ويو. جڏھن ته سپاھيءَ کان ٽھڪ
نڪري ويو.
”مسٽر
ڪيلٿ! مون وٽ ايڏي ڊيٽا ناھي جو اوھان جي دليل کي سمجھي سگھان.“ جج چيو.
”يوئر
آنر! ڇا اوھان خدا جي تصور کان واقف ناھيو؟“ ڪيلٿ پڇيو. کيس پگھر لھڻ شروع ٿي ويا
ھيا. ۽ سوچيائين پئي؛ ’اھو ممڪن ئي ناھي ته ھن مشين کي خدا جي باري ۾ ڪا ڄاڻ نه
ھجي.‘
”ھائو!
اھو ته مڙني کان عام، اصطلاح آھي.“ روبوٽ جج چيو.
”ڇا
اوھان کي ڄاڻ آھي ته اوھان جون عزت مآب عدالتون، خدا کي مڙني کان مٿانھون مڃين
ٿيون؟“ اھا ايتري ٺوس ڳالھ نه ھئي. ڪيلٿ، پاڻ کي اعتراض سان مھاڏو ڏيڻ لاءِ تيار
ڪرڻ لڳو.
کيس
گھڻو انتظار ڪرڻو نه پيو.
”مسٽر
ڪيلٿ! مڙني قانوني معاملن ۾ سپريم ڪورٽ ئي اعليٰ ھوندي آھي.“
”جڏھن
ڪا عدالت، حتانڪ سپريم ڪورٽ به جڏھن ڪنھن شاھد کي گھرائيندي آھي ته شاھد لاءِ
لازمي ھوندو آھي ته بزرگ ۽ برتر خدا جو نالو وٺي حلف کڻي. ان کان پوءِ رياست، خدا
کي فيصلي کان مٿانھون رکندي آ، يوئر آنر! ٻي صورت ۾ سپريم ڪورٽ يا جج جو نالو وٺي
حلف ورتو وڃي ھا.“
ڪيلٿ،
پنھنجي دليل جي حقيقت پسندانه پاسي کان چڱيءَ طرح واقف ھيو. ان تي ھڪڙو انساني جج،
گھڻو اڳي کيس توھين عدالت لاءِ جوابدار ٺاھي چڪو ھجي ھا. ليڪن روبوٽڪ جج، مختلف
طريقي سان جوڙيا ويا ھيا. اھي صحيح دليلن ۽ کل ڏياريندڙ دليلن ۾ تيستائين فرق نه
ڪري سگھندا ھيا، جيستائين دليل منطقي نه رھن ۽ سندن بڻايل پروگرامن جي خلاف نه
ھجن.
ڪيلٿ،
ھڪڙو ڊگھو ساھ کنيو ۽ چيائين؛ ”مان ھڪڙي تجويز پيش ڪيان ٿو ته ڪيس خدا ڏي، سپريم
جج جي طور تي موڪليو وڃي. جنھن کي رياست، مڃيو ويٺي آ.“
اھو
چئي، ھيءُ خاموش ٿي ويو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو.
جج،
بجليءَ سان ھلندڙ مشين جي مشڪل سان محسوس ٿيندڙ کڙڪن جي وچ ۾ پڇيو؛ ”مسٽر
ڪيلٿ....! جيڪڏھن مان اوھان جي درخواست تي عمل ڪيان ٿو...... ته پوءِ اوھان اپيل
ڪرڻ جي تجويز ڪيئن رکندئو؟“
اھو ئي
اھو سوال ھيو، جنھن کان ڪيلٿ وڌ ۾ وڌ ڊُڳو پئي. ھن غور ڪيو، پوءِ چوڻ لڳو؛ ”جيئن
ته ھر ماڻھوءَ کي مئي کان پوءِ پنھنجي رب اڳيان پيش ٿيڻو آھي.“ ھن کِلَ جي اڻ جھل
خواھش کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڳالھ جاري رکيائين؛ ”تنھن ڪري مان سزا کي ملتوي ڪرڻ
لاءِ چوندس. جيستائين منھنجو مؤڪل مقرر ٿيل حياتي جيئي پيو ٿو، تيستائين ٻڌڻي روڪي
وڃي. موت کان پوءِ ھن اپيل جي ٻڌڻي ٻيھر ڪئي وڃي ۽ جيڪڏھن فيصلو نافذ رھي ٿو ته
کيس سزا ڏني وڃي.“
ھن
ڀيري، ھن ساھ روڪيو ھيو. سندس خيال ھيو ته ھڪڙو روبوٽ به اھو سڀڪجھ برداشت ڪري نه
سگھندو.
”ڇا؟
اوھان اھڙي فيصلي جو ڪو مثال پيش ڪري سگھو ٿا؟ جج پڇيو.
ھو پاڻ
به پنھنجي بي انت ذخيري کي اٿلائي پٿلائي اھڙي مقدمي جي ڳولا ۾ ھيو. ھاڻ اھو ان
ڳالھ تي منحصر ھيو ته کيس ڪھڙيءَ طرح پروگرام ڪيو ويو آھي.
”وچين
زماني ۾ خدا تعاليٰ کان فيصلا ڪرائڻ عام ھيا.“ (۱) ڪيلٿ ورنديءَ ۾ چيو.
ڪمري
جي اندر ھڪڙي منٽ تائين گھري سانت ڇانيل رھي. پوءِ جج چيو؛ ”اھو سچ آ، مسٽر ڪيلٿ،
ليڪن انھن مقدمن ۾ مدعا عليہ جي ڏوھ جو تعين سندس جسماني آزمائش يا ڪنھن ٻئي ذريعي
جھڙوڪ ڪڻو وجھي يا ڳوٽ اڇلي ڪيو ويندو ھيو ۽ اميد ڪئي ويندي ھئي ته خدا حق جو ساٿ
ڏيندو. مدعا عليه جي قدرتي موت جي انتظار ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.“
ڪيلٿ،
بنا ڪنھن ھٻڪ جي، انتھائي توريل تڪيل لفظ استعمال ڪندي چيو؛ ”ان صورت ۾، يوئر آنر!
مان تجويز کي تبديل ڪندس ۽ ڳوٽ اڇلي، نظر ثانيءَ جي گھر ڪندس.“
ھن
ووڊس ڏانھن ڏٺو، جنھن جا لڳو پئي ته اھو ٻڌي ڄڻ ھٿ پير ٺري ويا ھجن.
لڳ ڀڳ
ھڪڙي منٽ جي ايذائيندڙ وقفي پڄاڻان، روبوٽ جج چيو؛ ”مان اوھان جي درخواست تي عمل
ڪرڻ لاءِ مجبور آھيان ڪيلٿ! اوھان جيڪي سبب بيان ڪيا آھن، تن جي روشنيءَ ۾ ھڪڙي
نئين عدالت مقرر ڪجي ٿي.“
---
بنا
ڪنھن شڪ جي، اھو ھڪڙي اسٽيريو ورشن جو اثر ھيو جو، ان زماني ۾ به صحافي، عجيب غريب
واقعن جي تاڙ ڪندا ھيا ۽ وڏي انگ ۾ اتي اچي ڪٺا ٿيا ھيا.
جيتوڻيڪ
ڪيلٿ پاڻ ان مقدمي ۾ حصو نه ورتو، ليڪن ان کي پنھنجي اسٽيريو وائيزر تي دلچسپيءَ
ڏٺائين. بدقسمتيءَ سان سڀ ڪجھ جلديءَ ۾ ختم ٿي ويو. بھرحال جيڪو ڪجھ پيش ڪيو ويو،
سو ڏاڍو متاثر ڪندڙ ھيو. روايت مطابق ھڏيءَ مان ٺھيل ڳوٽ استعمال ڪئي وئي ھئي ۽
ظلم جي چوٽي اھا ھئي جو ھڪڙو روبوٽ، ووڊس جي مقابلي ۾ بيھاريو ويو ھيو. ان دوران،
ڪيلٿ کي اھو ڄاڻي خوشي ٿي ته جيتوڻيڪ اھو عمل اڃا جاري آھي، مگر ارباب اختيار،
قانون ۾ نئين ترميم آڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. ليڪن ان سان ڪو به فرق نه پئي پيو.
ووڊس کي ھڪڙو واڌو موقعو مليو ھيو ۽ ڪيلٿ جج کان اپيل منظور ڪرائي اھو ثابت ڪيو
ھيو ته ھڪ لچڪدار انساني ذھن جي ڀيٽ ۾، روبوٽ ھاڻي تائين به ڪمزور آ.
جيتوڻيڪ
ووڊس، روبوٽ کان ھارائي ويو ھيو ۽ کيس ترت ليوڪوٽاميءَ لاءِ طبعي مرڪز موڪليو ويو
ھيو. مگر ان عمل، ڪيلٿ جي کٽڻ واري دل خوش ڪندڙ احساس کي گھٽايو نه ھيو. حقيقت ۾
ڏسجي ته جيڪڏھن اھو ان جي برعڪس ٿئي ھا ته پوءِ ھو خدا جي عزت ۽ رحمت کان بلڪل
محروم ٿي وڃي ھا.
حاشيا:
(۱) (وچين زماني جي يورپ ۾، جسماني آزمائش (ٽرائيل آف
آرڊيل) جي ذريعي، مقدمي جو فيصلو ڪرڻ، ھڪڙو عام عدالتي عمل ھيو. جنھن ۾ ملزم کي،
پنھنجي بي گناھي ثابت ڪرڻ لاءِ، ڪنھن نه ڪنھن آزمائش مان گذرڻو پوندو ھيو. جيڪڏھن
ملزم بچي ويندو ھيو ته کيس بي ڏوھي سمجھبو ھيو. ٻي صورت ۾ کيس ڏوھي ئي سمجھيو
ويندو ھيو. ۽ ان عمل کي خدا جو انصاف سمجھيو ويندو ھيو. اھڙين آزمائشن جا گھڻيئي
نمونا ھيا. جيئن ٽانڊن تي ھلڻ، گرم تيل جي ڊرم ۾ ويھڻ، ھٿ پير ٻڌي ٿڌي پاڻيءَ منجھ
وجھڻ وغيره. ان جو ھڪڙو ٻيو نمونو وري ڪڻو ڪڍي يا ڳوٽَ اڇلي، فيصلو ڪرڻ به ھوندو
ھيو.)
(جاويد بسام جي اردو ترجمي تان کنيل)
(ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي آڪٽوبر ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل)
No comments:
Post a Comment