Showing posts with label آخري چال، آمريڪي ڪھاڻي، جوزف پيني برينن، انجنيئر عبدالوھاب سھتو،. Show all posts
Showing posts with label آخري چال، آمريڪي ڪھاڻي، جوزف پيني برينن، انجنيئر عبدالوھاب سھتو،. Show all posts

Thursday, October 3, 2024

آخري چال - جوزف پيني برينن - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

آخري چال

(آمريڪي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: جوزف پيني برينن

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



”يوئر آنر! مان اپيل ڪرڻ جي اجازت گھرڻ ٿو چاھيان.“ ڪيلٿ چيو.

جھٽ سوا لاءِ عدالت جي ڪمري ۾ سانت ڇانئجي وئي. فقط ھڪڙي سنھي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. جنھن کان پوءِ روبوٽ جج جواب ڏنو؛ ”درخواست منظور ڪئي ٿي وڃي.“

ڪيلٿ سوچيو؛ ’ھڪڙو آزاد سرڪٽ، تحرڪ ۾ آيو آھي. اپيلون بنا ڪنھن وقفي وجھڻ جي جھٽ منظور ٿي ٿيون وڃن. ھڪڙي ڇسي ڪوشش آ، جنھن جو ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري‘. ھو اٿي بيٺو ۽ ادب منجھئون نِوڙندي چيائين؛ ”اوھان جو ڀاڳ اڃا اتم ٿئي يوئر آنر!“