الزام تراشي
(ننڍڙي ڪھاڻي)
منظور ڪوھيار
اڄ ڪکو خان جي طبيعت ۾ ڄڻ ھيجاني ڪيفيت ھجي. ويٺي ويٺي عجيب سڌ ڪيائين،” دل چوي ٿي ته ڪنهن تي الزام ڌرجي!“
”ڇو؟“ پڇيومانس.
چوڻ لڳو؛ ”اڳلي جھان ۾ ٿيان نه ٿيان،
پر ھن جھان ۾سرخرو ٿيڻ ٿو چاھيان.“
”خوامخواھ جي الزام تراشي ته
توکي وڏي بدنامي ڏيندي!“
”اڄڪلھ شھرت ۽ بدنامي ۾ تر
جيترو به فرق ناھي رھيو !“
”خير، تون ڪنهن تي ۽ ڪهڙي قسم
جي الزام تراشي ڪرڻ چاھين ٿو؟“
”ڪنهن به بيوس ۽ لاچار تي چوري
جو الزام مڙهي ڪري!“
”پر تو وٽ ته ھڙ ۾ ھريڙان، گوڏ
۾ پتاشا، اندر اڳڙيون، ٻاھر ٺاشا ماشا... ٻيو ته نالو ئي ڪکو خان ٿي ته ڪير پت ڪندو؟“
مون کان کل نڪري وئي.
ڪکو خان ٿوري جھٽ سوچڻ کان پوءِ
چوڻ لڳو؛ ”گستاخي جو الزام ته آرام سان ھڻي سگھجي ٿو!“
”ھروڀرو ٻي ڪنهن تي ڪيئن الزام
ھڻي سگھندي؟“
”آسان آھي ته: واٽ ويندي ملزم
بد شد ڳالھائي، منهنجي عزت تار تار ۽ وقار
کي داغدار ڪيو آھي!“
”تو وٽ نه عزت نه شرافت، نه
مروت نه صداقت، نه لڄ نه ليھ. ميان ڪکو خان الزام تراشي ڪرڻ سؤلي آھي، ثابت ڪرڻ ڏکي
آھي. تنهن ڪري ان ڳالھ تان لھي وڃ!“
”اھو وقت گذري ويو، جڏهن الزام
کي ثابت ڪرڻو پوندو ھيو. ھاڻي ماڻهن جي دلچسپي صرف الزام تراشي ۾ آھي، نه ڪي
ثابتيءَ ۾...“
”ان اجائي الزام تراشي جو
نتيجو؟“
”ملزم کي سخت سزا ملندي!“
”جڏهن ڪورٽ سڳوري ۾ الزام ئي
ثابت نه ٿيندو ته ملزم کي سزا ڪير ڏيندو؟“
”بذات خود مان!“
”توکي اھو اختيار ڪنهن ڏنو
آھي؟“
”اختيار پنهنجن ھٿن ۾ آھي، هي ڏس!“
ھن ور مان پسٽل ڪڍي ڏيکاريندي چيو.
(منظور ڪوھيار جي ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)
No comments:
Post a Comment