هوا جهوٽي جيان آ هوءَ!
(ننڍڙي ڪھاڻي)
احسان لغاري
"اڄ لفٽ نه ڏيندا ڇا؟"
هڪڙو سُندر آواز ڪنين پيو، ڪنڌ ڦيرائي
ڏسان ته هڪ سهڻي صورت سامهون بيٺي آهي.
"معاف ڪجو، مون اوهان کي ڪونه
سڃاتو!؟"
هن ماسڪ کي هيٺ ڪيو ته بي
اختيار رڙ نڪري ويم: "اڙي نڀاڳي تون، اچ تون پويان ويهه. آئون ڊرائيور سان گڏ
ويهان ٿو." تڪڙو رڪشا مان لهي پيس.
"مان ته توهان کي شريف ماڻهو
سمجهندي هيس، ان ڪري سلام ڪيم، توهان مونکي نڀاڳي ڇو چيو." هن وراڻيو.
"اڙي منهنجي ماءُ، تون رڪشا
۾ ته ويهه."
۽ هوءَ بنا حجاب جي رڪشا ۾ ويٺي،
آئون ڊرائيور سان گڏ ويٺس. رڪشا پنهنجي منزل طرف هلڻ لڳو.
منهنجو منهن اڳتي هو، جو هن
پويان سڏ ڪري پڇيو.
"ٻڌو، هي ڇا جا ڪارٽن
آهن؟" هن پڇيو.
"هي ڪتاب آهن، ڪنهن
لائبريري کي ڏيڻ لاءِ!"
"حيدرآباد مان کڻي پيا
اچو!" هن پڇيو.
"جي جي".
"هيڏي تڪليف ڪهڙي خوشي
۾."
"بس ڪجهه ماڻهن لاءِ تڪليف
ڪرڻي پوندي آهي." مون چيو.
"تون ٻڌا، ڪيڏانهن نڪتي
آهين ڪراچي، ڪو کڻي نه وڃئي."
"ڪنهن ۾ همت آهي، جو کڻندو،
توهان کنيو جو ٻيو ڪير کڻندو، هاڻي ته اسان ڊي ايس پي آهيون، ڪير کڻندو!" هن
چيو.
"اڙي مُئي تون ڊي ايس پي ٿي
وئين، واه يار.؟"
"توهانجي دعا سان، توهان
جو لائبريري کڻي هلندا هئا، پاس ته ٿيان ها نه."
"يار...... توکي مولا وڌائي،
وڌيڪ ڪاميابيون عطا ڪري، منهنجي مٺائي؟.!" مون چيو.
"مٺائي کارائبي توهان کي،
توهان پنهنجو نالو ته ٻڌايو."
"ڇڏ بابا، وري نه دڙڪا
ملن، ڊڄون ٿا." مون وراڻيو.
"اها ته خبر اٿم، ڊڄڻا ته
آهيو، نه ته هيڏي خوبصورت ڇوڪري توهان سان بائيڪ تي گڏ ڪيترائي ڏينهن ويٺي، تعارف
به نه ڪرايوَ، نه پڇيوَ."
"اڙي ڏائڻ، تو جو پهرئين ڏينهن
ئي دٻ پٽي، جڏهن ٻڌايم پئي ته هي لائبريريءَ سان گڏ منهنجي آفيس آهي، ڪو ڪم ڪار
هجي ته، ايترو ئي چيم تو چيو ته گهڻو فري ٿيڻ جي ضرورت ناهي. کڻي ماٺ ڪيم."
مون چيو.
"توهان تميز سان نٿا ڳالهائي
سگهو، مان ڪيڏو تميز سان ٿي مخاطب ٿيان."
"اڙي، ڇڏ تميز کي، ٻڌائي ڪاڏي
ٿي وڃين."
"سيڪريٽريٽ."
ڀائي پهلي سنڌ سيڪريٽريٽ چلنا،
پهر هم يوني جائينگي. رڪشا واري کي چيم.
ڪنڌ ڦيري پوئتي هن کي ڏٺم. سچ
ته هوءَ نه رڳو اپسرا پئي لڳي، پر هن جي اکين ۾ هڪ عجيب رونق ڏسڻ ۾ پئي آئي.
وقت ڪيڏو تڪڙو گذري ٿو وڃي، اڄ
کان اڍائي ٽي سال اڳ جڏهن پنهنجن ننڍڙن کي ماڊل اسڪول لاهي واپس گهر ڏانهن پئي
وريس ته هيءَ ڪوٽڙي جي سوزڪين واري پاسي بيٺل هئي. کيس ڏسندي ئي مشڪري ۾ وات مان
بي اختيار نڪري ويو ته هل ته کنيو هلان. نڀاڳي
آواز ٻڌي ورتو الائي ڇا، هڪدم کڻي هٿ ڏنائين، بائيڪ روڪڻ لاءِ. ساهه سُڪي ويو ته پٽ
اڄ تنهنجو خير ڪونهي.
"ڪيڏانهن ويندا
توهان."
"گهر... گه.... ر"
مون ڊڄي ڊڄي چيو.
"اهو نٿي پڇان، ڪهڙي پاسي
ويندا."
"گدو چوڪ، گ..... دو
چ..... و... ڪ"
"بس پوءِ مون کي اسٽيڊيم وٽ
لاهجو، آئون دائودپوٽا لائبريري وينديس."
۽ هوءَ بائيڪ تي چڙهي ويٺي،
آئون بت بنجي اڳتي وڌي ويٺس. ساهه سڄو مُٺ ۾ ته الائي ڪهڙي بلا آهي. اڌ رستو ٻنهي
خاموشي سان گذاريو، شهباز بلڊنگ واري اوور برج وٽ پهچي کيس مخاطب ٿي چيم: "جي
غلط نه سمجهو ته اوهان کي لائبريري وٽ لاهيندو وڃان."
"نه نه برو سمجهان ها ته گڏ
نه ويهان ها." هن چيو.
سوچيم؛ ڳالهه ته صحيح ٿي ڪري،
مطلب فل لفٽ ڏيڻ جي چڪر ۾ آهي. گاڏي واڌو واهه تي هلندي رهي. کيس چيم: "توهان
ڇا جي تياري پيا ڪريو."
"گاڏي هلايو، گهڻو فري ٿيڻ
جي ضرورت ناهي." هن وراڻيو.
خاموشي طاري ٿي وئي. تان جو گاڏي
اچي لائبريري جي گيٽ جي پاسي ۾ روڪيم.
هڪ دفعو ٻيهر همت ڪندي چيم:
"هي لائبريري جي ڀر ۾ منهنجي آفيس آهي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ڪو ڪم ڪار هجي
ته"
ڳالهه ڪٽيندي چيائين: "چيم
نه، گهڻو فري ٿيڻ جي ضرورت ناهي." هن چيو.
آئون وري خاموش.
ائين ڏهه پندرهن ڀيرا مختلف ڏينهن
تي هن کي ساڳي جاءِ تي ڏٺم، خاموشيءَ سان بائيڪ ٿورو اڳيان بيهاريندو هوس ۽ هوءَ
خاموشيءَ سان اچي چڙهندي هئي. خاموشيءَ سان لهي ويندي هئي. وري ڳالهائڻ جي همت نه
مون ڪئي نه هن ڪئي.
ڪجهه وقت کانپوءِ ماڊل اسڪول
وارن بس سروس شروع ڪئي. ٻار بس تي وڃڻ لڳا ته منهنجو ماڊل اسڪول وڃڻ به بند ٿي
ويو. قصو اتي ئي ختم ٿي ويو هو. اڄ سندس ملڻ ۽ حجت ڪرڻ وري حيران ڪندڙ هو.
"ڪيڏانهن گم ٿي ويا، ڪبوتر
چوڪ سامهون آهي." هن چيو.
"اڙي ها توکي پئي سوچيم، ٻڌ،
اڄ هڪ ڳالهه ٻڌا، تون منهنجي بائيڪ تي ويهڻ جي همت ڪيئن ڪئي، هڪ غير مرد سان ۽
ائين بي حجاب ٿي."
وڏو ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين:
"ماڻهوءَ جي لڇڻن جي خبر پئجي ويندي آهي، مون توهان کي ڪافي دفعا نوٽ ڪيو، ٻه
ٽي دفعا توهان مون ڏانهن مرڪي ڏٺو هو، مان به پوءِ توهان کي نوٽ ڪري ڏسندي هئس. ان
ڏينهن جو توهان وارو جملو ٻڌم ته بس ائين دل ٻڌي، ويهي رهيس." هن وراڻيو.
رڪشا موڙ ڪٽي اچي ڪبوتر چوڪ تي
بريڪ ڏني. لهڻ کان اڳ چيائين: "نالو ته ڪونه ٻڌايو توهان."
"احسان لغاري، احسان!"
"نمبر ٻڌايو."
"اهو وري ڪڏهن، جي ملڻ ٿيو
ته." مون وراڻيو.
هوءَ رڪشا مان لٿي. ٿينڪس ڪندي،
وڌندي هلي وئي، سيڪيورٽي روم طرف. مون رڪشا واري کي هلڻ جو اشارو ڪيو.
ڪڏهن ڪڏهن زندگي اهڙا موڙ اڻيندي
آهي، جن تي گهڻي غور فڪر جي ضرورت ناهي هوندي. بس وقت گذريو ۽ ڳالهه وسري، انسان
کي ائين به هلڻ گهرجي. ضروري ناهي ته تعارف هجي، نمبر هجي، رابطو هجي، ضروري ناهي
ته ڪو رشتو رکجي يا ان کي اڳتي وڌائجي.
پر اصل ڳالهه اها آهي ته اها
بردباري جيڪا مون هن ڇوڪريءَ ۾ ڏٺي، اهڙي تمام گهٽ ڇوڪرين ۾ هوندي. شايد نه هجي.
پر سچ ته ائين بولڊ ٿيڻ ۽ هجڻ جي ضرورت آهي. زندگي هوا جي جهوٽي وانگر به محسوس ڪرڻ
گهرجي، جيڪو ڪجهه سيڪنڊن ۾ ايندو آهي ۽ ختم ٿي ويندو آهي.
(احسان لغاري جي ۲۰ سيپٽمبر ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)
قرب پيارا سائين🙏
ReplyDelete