بگيءَ واري جو ڀاءُ
مختصر ريخته ڪھاڻي
ڪھاڻيڪار: سعادت
حسن منٽو
سنڌيڪار: انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
سيد
غلام مرتضيٰ جيلاني، منھنجو سنگتي آھي. مون وٽ اڻيھي ايندو آھي. پَھَرَن جا پَھَرَ
ويٺو ھوندو آھي. چڱو خاصو پڙھيل ڳڙھيل آھي. کانئس ھڪ ڏھاڙي پڇيم؛ ”شاھ جي! اوھان
پنھنجي حياتيءَ جو ڪو دلچسپ واقعو ته ٻڌايو!“
شاھ جيءَ
ھڪڙو وڏو ٽھڪ ڏنو؛ ”منٽو صاحب! منھنجي حياتي دلچسپ واقعن سان ڀري پئي آھي. ڪھڙو
واقعو تو کي ٻڌائي ڪھڙو ٻڌايان؟!“
مون
چيس؛ ”جيڪو اوھان جي ذھن تي تري آيو ھجي، سو ئي ٻڌايو.“
شاھ جي
مرڪيو؛ ”اوھان مون کي وڏو پرھيزگار ماڻھو سمجھندا ھوندئو! اوھان کي خبر ئي ناھي ته
ڏھن ورھين تائين ڏينھن رات شراب پيتو اٿم ۽ وڏيون رنگ رليون ڪيون اٿم. ھاڻ جيئن ته
دل کڄي وئي آھي، تنھن ڪري مون اھي شغل ئي ڇڏي ڏنا آھن.“
پڇيومانس؛
” اوھان ڪاٿي، شادي ته نه ڪري ڇڏي آھي؟“
”منھنجا
سائين! مان پنجن ورھين کان لاھور ۾ آھيان. جيڪڏھن مون شادي ڪئي ھجي ھا ته اوھان کي
ان جي سڻس پئجي چڪي ھجي ھا!“
”ته
پوءِ ڇا اوھان اڃا تائين ڇڙا ڇانڊ آھيو؟!“
”جي!
منھنجا سائين!“
”وڏي
عجب جي ڳالھ آھي!“
شاھ جيءَ
ھڪڙي آھ ڀري؛ ”ھلو! اوھان کي ھڪڙو داستان ٿو ٻڌايان. اوھان اھو لکي، پنھنجا پئسڙا
کرا ڪجو!“
مون کي
پئسا کرا ڪرڻا ته ھيا، پوءِ به چيومانس؛ ”نه شاھ جي! اوھان پنھنجو داستان ٻڌايو!
ڏسئون ته ان مان افسانو نڪري به ٿو يا نه! ھونئن مان اوھان سان واعدو ٿو ڪيان ته
جيڪڏھن مون اوھان جي داستان کي افساني جي سانچي ۾ ماپائي ورتو ته جيڪو مون کي
معاوضو ملندو، سو سڄي جو سڄو اوھان جو ھوندو.“
شاھ جي
کِليو؛ ”ڇڏ يار! مان پنھنجي گھاريل زندگيءَ جي ٽڪرن جي قيمت وٺڻ نه ٿو چاھيان.
اوھان افسانا نگار ماڻھو، عجيب ذھن جا ھوندا آھيو. داستان ٻڌ! باقي وڃي تون ڄاڻ!
مون کي معاوضي وغيرھ جي ڪا گھرج ئي ناھي.“
شاھ جيءَ
جي لھجي مان نروار ھيو ته مون واري ڳالھ کيس نه وڻي آ. تنھن ڪري مون به ساڻس ان
موضوع کي وڌيڪ ڇيڙڻ چڱو نه سمجھيو ۽ چيومانس؛
”اوھان
پنھنجو داستان ٻڌائڻ شروع ڪيو!“
شاھ جي،
مون واري سگريٽ-ڪيس مان، سگريٽ ڪڍي دُکايو. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، جو مون کيس چئن
پنجن سالن جي عرصي ۾ ڪڏھن به سگريٽ ڇڪيندي نه ڏٺو ھيو. پنھنجيءَ حيرت جو اظھار
ڪندي چيومانس؛
”شاھ
جي! اوھان سگريٽ به ڇڪيندا آھيو؟“
شاھ جيءَ
جي چپن تي، جن ۾ سگريٽ ڦاٿل ھيو، عجيب قسم جي مرڪ اڀري آئي.
”منٽو
صاحب! اوھان پنھنجي پوري حياتيءَ ۾ ايترا سگريٽ نه پيتا ھوندا، جيترا مان ڇڪي چڪو
آھيان. اڄ اوھان اھڙي ڳالھ سوري، جو منھنجا ھٿ، پاڻمرادو وڃي سگريٽ ڪيس تي کُتا.
وسڪي آھي اوھان وٽ؟“
مون
چيس؛ ”جي! ھائو! آھي!“
”ته
پوءِ آڻِ، ھڪڙو پٽيالا پيگُ! مان ڏھن سالن جو رکيل روزو ڀڃندس. تو اڄ اھڙيون
ڳالھيون ڪيون آھن، جو منھنجو سڄو جسم، ماضيءَ ۾ ھليو ويو آھي.“
مون
پنھنجي الماڙيءَ مان وسڪيءَ جي رکيل دُنگي ڪڍي آيس ۽ شاھ جيءَ کي ھڪڙو پٽيالا پيگ
ٺاھي پيش ڪيم. ھن گلاس جو ڍُڪُ ئي ھڪ ڪيو. ٻانھوٽي سان چپ اگھي، مون ڏانھن وريو؛
”ھا!
ته ھاڻي ٻڌ ڪھاڻي! پر ھيءَ دُنگڙي ھتان گم ڪر!“
مون
وسڪيءَ واري دُنگي کنئي ۽ اندر وڃي، الماريءَ ۾ رکي آيس. موٽي اچي ڏسان ته شاھ جي
ٻيو سگريٽ پيو دُکائي. مان به ڪرسي کڻي اچي ڀر ۾ ويٺومانس. مرڪيائين. ليڪن سندس
مرڪ، ٿوري زخميل ھئي. ساڳيءَ زخمي مرڪ سان ٻڌائڻ شروع ڪيائين.
”جيڪو
واقعو مان ھاڻ ٻڌائڻ وارو آھيان، سو اڄ کان لڳ ڀڳ ڏھ سال اڳي جو آھي. اسان جي
دوستن جي چنڊال چوڪڙي، گھڻو تڻو چڱن چوکن ۽ وڏن مالدار ھندوئن تي مشتمل ھئي. ڏاڍا
ڀلا ماڻھو ھيا. ڏھاڙي پيئڻ پيارڻ جو شغلڙو به ھوندو ھيو. ان چوڪڙيءَ ۾، مون کي ڇڏي
باقي ٻين دوستن کي، شراب کان علاوھ ڇورين جي ٻاڙ لڳندي ھئي. اھي ڪنھن نه ڪنھن طرح،
پنھنجي ٻاڙ پوري ڪندا ھيا. مون کي به چوندا ھيا ته اچ! مگر مان نھڪر ڪندو ھيس.
جيڪا منھنجي مرضيءَ جي خلاف به ھئي. ڇو جو منھنجي دل به چُون چُون ڪندي ھئي ته
ڪنھن جوانڙيءَ کي پاسڙو ڏيان.“
مون شاھ
جيءَ کي چيو؛ ”اوھان شادي ڇو نه ڪري ڇڏي؟“
شاھ جيءَ
جواب ڏنو؛ ”مون، سچ پڇين ته، ڪڏھن ان بابت سوچيو به ڪو نه.“
”ڇو؟“
”ڪڏھن
خيال ئي نه ٿيو.“
”ٺيڪ
آ! اوھان پنھنجو داستان اڳتي ٻڌايو.“
شاھ جيءَ،
سگريٽ جو ٽوٽو، ايش ٽري ۾ دٻائيندي چيو؛
”پيارا
منٽو! مون وڏي ڪوشش ڪئي ته مان پنھنجي سنگتين سان شراب پيئڻ کان سواءِ ڪنھن ٻئي
شغل ۾ نه ڦاسان. ليڪن انھن نڀاڳن نيٺ ھڪڙي ڏھاڙي مون کي به ڀاڙي ڪري وڌو ۽ اھو
فيصلو ٿيو ته ڪنھن ڀڙوي جي معرفت، سھڻي شڪل واري ڇوري گھرائجي. اسان چار دوست،
فليٽ کان ٻاھر نڪتاسين ته ھڪڙو بگيءَ وارو، جيڪو منھنجو ڄاڻو سڃاڻو ھيو، مون کي
ڏسي سڏڻ لڳو؛
’شاھ جي!
او شاھ جي! اچو! اچو!‘
اسان
چار ئي سنگتي سندس بگيءَ ۾ چڙھياسين. ان وقت تائين مان پوريءَ طرح قائل ٿي چڪو ھيس
ته شراب سان گڏ ڇوري، ھجڻ گھرجي. تنھنڪري مون پنھنجي سڄي شرافت، ويڙھي سيڙھي کڻي
کيسي ۾ وڌي ۽ کيس ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيم؛ ڪنھن ڇوريءَ جو بندوبست ڪر! جڏھن اھو ٻڌائين ته
ھو به ھڪو ٻڪو ٿي ويو. يقين ئي نه پئي آيس ته مان به اھڙي واھيات ڳالھ چئي ٿو
سگھان. ليڪن جڏھن مون کيس وري ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو ته سچ پچ ھڪڙي ڇوريءَ جي ڏاڍي تانگھ
آھي ته ھن وڏي ادب وچئون چيو؛
’شاھ
جي! توھان جيڪو حڪم ڪيو! بندو حاضر آ. اھڙي جاندار ڇوري وٺي ايندس جو ياعمر ياد
رکندئو!‘
بگيءَ
وارو ھليو ويو ۽ اسان موٽ کائي، پنھنجي فليٽ تي پھچي وياسين. شام جو وقت ھيو، جڏھن
ھو اھا کيپ کٽڻ لاءِ ويو ھيو. اسان دير تائين سندس اوسيئڙو ڪندا رھياسين. ڀانت
ڀانت جا وسوسا دل ۾ آيا پئي. اھا ڇوڪري، ڪھڙي قسم جي ھوندي؟ ڪٿي ڪا بازاري عورت ته
نڪري پوندي؟ اسان جڏھن الڪو پلي ويٺاسين ته تاس راند کيڏڻ شروع ڪئيسين. رات جا
ٻارھن وڄي ويا. نراس ٿي ٻاھر نڪتاسين. ڏسون ته بگيءَ وارو، گھوڙي کي ڇمڪيون
وھائيندو، اچي ٿو پيو. پوئين ھودي ۾ ھڪڙي برقعي پاتل مائي ويٺل ھجيس. منھنجي دل
ڌڙڪڻ لڳي. بگيءَ واري مون کي چيو؛
’شاھ
جي! جيڪو مال مان وٺڻ ويو ھيس، سو ته ڏيساور ھليو ويو آھي. ھاڻ ھيءُ ٻيو مال، وڏن
جُھدن کان پوءِ ڳولھي ڦولھي ھٿ ڪري آيو آھيان.‘
مون
کيس پنج رپيا ڏنا. پوءِ اسان چار ئي دوست سوچڻ ويٺاسين ته ھن برقعي واري مائيءَ کي
ڪاٿي کڻي ھلون! پنھنجي فليٽ ۾ وٺي وڃڻ به ٺيڪ نه ھيو. ماڻھو ڳالھيون ٺاھين ھا!
ڳالھ جو ڳالھيئڙو ٿي پوي ھا. اجايو سجايو ھڪڙي ڦشري ٿي پوي ھا. تنھنڪري اسان فيصلو
ڪيو ته پنھنجي دوست رحمان وٽ ٿا وڃون. رات جو ھڪ بجي ڌاري، اسان برقعي واريءَ
مائيءَ سميت، وڃي رحمان وٽ پھتاسين. گھڻي دير تائين ڪڙو کڙڪائڻ کان پوءِ مس دروازو
کوليائين. ڪمبل ويڙھيل ھيس، شايد تپ به ھيس. سڄي ماجرا، سرٻاٽ ۾ ٻڌائيمانس. ھن به
سرٻاٽ ۾ ئي چيو؛
’شاھ
جي! اوھان کي ڇا ٿي ويو آھي؟ منھنجو گھر حاضر آ، ليڪن اوھان کي خبر ڪانھي ته ھن
مھيني جي ويھين تاريخ تي منھنجي شادي ٿيڻ واري آھي. منھنجو سالو به اندر آھي. ان
جي موجودگيءَ ۾، اھو جھان جيڪو اوھان ٻڌايو ٿا، ڪيئن ٿي سگھندو.‘
جھٽ
سوا ته مون کي به سمجھ ۾ ڪجھ نه آيو ته ڇا چوانس. ليڪن گھڙيءَ سوا کان پوءِ مون
کيس دڙڪا ڏنا.
’يار!
تون ته ٺپ بيوقوف ماڻھو آھين! پنھنجي سالي کي چلتو ڪرينس! اسان ايڏو پري کان تو وٽ
آيا آھيون. تو ۾ ايترو به ليمڪ نه بچيو آھي. ويھين تاريخ تي تنھنجي شادي آھي. ٺيڪ
آھي. ليڪن اڄ ته منھنجي شادي آھي. ھيءَ منھنجي ڪنوار برقعو پايون بگيءَ ۾ ويٺي
آھي. تو کي پنھنجي دوستن جو ٿورو ته خيال ٿيڻ گھرجي.‘
رحمان
کي منھنجي حال تي ٿورو ترس پيو. جنھنڪري پنھنجي سالي کي اٿاريائين ۽ کيس پنھنجي
بخار لاءِ ڪا ضروري دوا آڻڻ جي بھاني سان ٻاھر موڪلي ڇڏيائين. شھر جا، ويجھي وارن
ڪيمسٽن جا ھٽ، سموري جا سمورا بند پيا ھيا. ليڪن ھن پنھنجي سالي کي چيو؛
’شھر
جا دڪان جاچ، جتان به تو کي ھيءَ دوا ملي، وٺي اچ!‘
ڇوڪرو، چئيوان قسم جو ھيو. نسخو وٺي، اکيون مھٽيندو، ھليو ويو. انھيءَ غريب کي بگي به شايد نظر نه آئي، جنھن ۾ برقعو پاتل مائي ويٺي ھئي. مون سوچيو ته ميڙ ٺيڪ نه ٿيندو. خبر ناھي مون وارا يار الائي ڪھڙيون حرڪتون ويھي ڪن، تنھنڪري مون کين ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان مڃرايو ته اھي ساڳي بگيءَ ۾ واپس موٽي وڃن. پنج رپيا بگيءَ واري کي ٻيا به ڏنم، مگر ھن جڏھن برقعي واري سواري لاٿي ته چيائين؛
’حضور!
ھن جي في ته ڏيندا وڃجو!‘
پڇيومانس؛
’ڪيتري آ؟‘
’پنجويھ
رپيا!‘
مون
کيسي مان نوٽ ڪڍيا ۽ ڳڻي پنجين پنجين جا پنج نوٽ کيس ڏنم ۽ برقعو پاتل مائيءَ کي
پنھنجي دوست جي گھر ۾ وٺي آيس.
رحمان
کي بخار ھيو، سو ڌار ڪمري ۾ وڃي سمھي پيو. مان گھڻي دير تائين ان برقعي پاتل
مائيءَ سان ڳالھائيندو رھيس. ھن ڪا به ورندي نه ڏني. نه ئي برقعي مان ٻوٿ ٻاھر
ڪڍيائين. مان تنگ ٿي پيس. لوڏا ڏنامانس. ٿڙ جو ٿڙ. نيٺ زوريءَ سندس برقعو لاٿم.
منھنجي حيرت جي حد ئي نه رھي. جڏھن ڏٺم ته ھوءَ عورت ئي نه ھئي! کدڙو ھيو. انتھائي
ڪِني قسم جو. مون کي وڏي چڙ وٺي وئي. پڇيومانس؛
’ھيءَ
ڪھڙي بدمعاشي آھي؟!‘
ان
کدڙي، جنھن جي چھري تي رني نير جا، نيرڙا نيرڙا لينگھا ڄميل ھيا، انتھائي زالاڻي
ڍنگ سان ورندي ڏني؛
’مان
بگيءَ واري جو ڀاءُ آھيان.‘“
شاھ
جيءَ ان کان پوءِ مون کي ٻڌايو؛
”منٽو
صاحب! انھيءَ ڏينھن کان وٺي، منھنجي ان جھان تان دل ئي ڀڄي پئي آ.“
(ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي سيپٽمبر ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل)
(سمبارا ميگزين ۲۰۲۴ع، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ ڇپيل)
No comments:
Post a Comment