Friday, August 23, 2024

فلائنگ ٽرين - منظور ڪوھيار

فلائنگ ٽرين

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



ٻه ھفتا به نه گذريا، ته شام جو ڪکو خان گھر جي در تي بيٺو ھيو. سمجھي ويس ته شايد شير شاھ ڪراچي ۾ ٺهندڙ فلائنگ ڪار متعلق ڪا خبر ٻڌائيندو. پر ھن حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن ٻڌايائين ته: آڪاش منڊل ۾ ڪهڪشان اينڊرو ميڊا جي سرسبز ۽ امير ترين گرھ تان، فلائنگ ڪار وسيلي پنجويھ لک ستٽيھ ھزار نوري سال جو مفاصلو طئي ڪري پرھ ڦٽيءَ جو پهتو آهي.


کلي چيومانس؛ ”اھو ته ائين آھي، جو هڪ ھمراھ شهر مان دوستن کان اهو چئي ڳوٺ وڃڻ لاءِ موڪلايو ته: دعا ڪيو ته ڳوٺ مان جلد شادي ٿي وڃي!... ھفتي کن کان پوءِ شھر موٽيو ته دوستن پڇيس ته: خبر ڪر! خير سان شادي ٿي وئي؟... وراڻيائين ته: ھا! ڀڄي به وئي!“

ڪکو خان ڇينڀيندي چيو؛ ”قومي معاملن ۾ غير سنجيدگيءَ جو مظاھرو نه ڪندو ڪر. اهو پڇ ته مذاڪرات ڪامياب ٿيا يا نه؟“

”چڱو! اھو ٻڌاءِ ته ڇا ٿيو؟“

”مذاڪرات ۾ مون کين سڌو چيو ته: اوھان کان ان شرط تي قرض وٺبو، ته وقت کان اڳ موٽائي ڏبو! انهن چيو ته: قرض ڏيڻ وارا شرط رکندا آھن. پر توھان ته ڀلا ماڻهو ٿا ڏيکارجو!“

”پوءِ؟“

”پوءِ ته هنن دير ئي نه ڪئي، M.O.U (مفاھمت جي ياداشت) تي صحيح ڪرڻ ۾. چيائون ته جيترو وڻيو سون، چاندي، ھيرا جواھر يا خلائي ڪرنسي کڻو! پر کڻي ڇا تي ويندءُ، فلائنگ ڪار جي ڊگي ۾؟...مون کين ٻڌايو ته: پاڻ مڱيرن جي مٺ تي نه امداد وٺئون، نه قرض. سؤ بوگين واري فلائنگ ٽرين ڪاھي اچبي!.. هنن هڪدم وراڻيو ته: اسان جون اکيون ٿڌيون!!...“

”پوءِ؟“

”پوءِ وڌيڪ وقت وڃائڻ جي ضرورت نه ھئي. ان ڪري انهيءَ ٽائر (پير) تي موٽي آيم!“

”پر سؤ بوگين واري فلائنگ ٽرين ٺاھيندو ڪير؟“ عادت مطابق پڇڻ کان پوءِ نه مڙيم.

وڏي اعتماد سان وراڻيائين؛ ”لاھور جا لوھر ٺاھيندا، ٻيو ڪير!“

 

(منظور ڪوھيار جي ۲۳ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

No comments:

Post a Comment