فلائنگ ڪار ۽ ڪکوخان
(ننڍڙي ڪھاڻي)
منظور ڪوھيار
گھر جي ڪال بيل وڳي. نڪري ڏٺم
ته ڪکو خان بيٺو ھيو. ٻک ھڻي پڇيومانس؛ ”سڀاڳا! ايترا ڏينهن ڪاٿي گم هئين..؟ مان
سمجھيو ته مري کپي ويو آ!“
”مرن منهنجا اڳيان پويان دشمن.
بس ڪنهن قومي مفاد واري ڪم ۾ رڌل ھيس!“ وراڻيائين.
کيس وٺي اوطاق ۾ ويھاري پڇيم؛ ”تون
۽ قومي مفاد!... ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي؟“
”وڏي سرڪار جي ھڪ اھم اداري
گھرايو ھيو!“
”خير ۾؟“
”ٻڌايائون ته ۲۰۳۰ع ۾ دنيا جا
ملڪ قرض ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا. ان ڪري انهن خلا ۾ SOS جو پيغام موڪليو آھي. ايس او ايس سمجھي ٿو نه؟“
”ايتري ته خبر آھي ته جڏهن ڪو
بحري جھاز ٻڏندو آھي ته مدد لاءِ اهو سگنل ريڊيائي لھرن ذريعي ڏبو آھي!“
”اھُو ته اندازو ھوندئي ته
پنهنجي معيشيت جو جھاز به ٻڏي رھيو آھي.“
”پوءِ ايس او ايس جي ڪنهن موٽ ڏني؟“
”ان جي جواب ۾ کوڙ سگنل آيا، پر
ڪو ڊي ڪوڊ (ڀاڃ) ڪري ئي نه پئي سگھيو. نيٺ منهنجي باري ۾ خبر پين ته اھو ئي
افلاطون ڪم ڪري سگھي ٿو.“
”پوءِ؟“
”مون کي وٺي ويا. سگنل ٻڌڻ شرط
ئي ٻڌايومانِ ته؛... آڪاش منڊل ۾ اسان جي نزديڪ ترين ڪهڪشان’اينڊرو ميڊا‘ جي هڪ سج
جي چؤڌاري ڦرندڙ گره تان آيل آهن. جيڪو ھتان کان پنجويھ لک ستٽيھ هزار جي نوري
سالن جي مفاصلي تي واقع آهي. اھي چون ٿا ته اسان توهان جي ھر طرح مدد ڪنداسين. صرف
اوهان جي پھچڻ جي دير آھي!“
”ايڏن نوري سالن جو مفاصلو ڪيئن
طئي ٿيندو؟“
”سؤلي ڳالھ آھي، فلائنگ ڪار
تي!“
”اھڙي قسم جي فلائنگ ڪار ڪٿي ٺھندي؟“
”شيرشاھ ڪراچي ۾...“
”ڇڏ يار مذاق نه ڪر!“
”مذاق ناھي، پاڻ وٽ اھڙا جڳاڙي
مستري ويٺا آهن. جن کي دنيا جا سائنسدان به نه پڄن!... ڪار تي ڪم ھلي پيو. باقي رڳو
پر لڳندس.“
”اھڙا پر ڪٿان حاصل ڪندئو؟“
”جيڪو ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو!...دنيا
جا ڪٻاڙي پر کنيون بيٺا آھن.“
”ناڻو مليو اَٿوَ؟“
”ملي ويندو. لکين ماڻهن انهيءَ ڪارِخير
۾ نالو لکرايو آھي.“
”وڏي ڳالھ آھي!“
”ان ڳالھ کان وڏي ڳالھ ته اھا
آھي ته تنهنجو نالو به شامل آھي!“
”منهنجو نالو ڪنهن شامل ڪرايو
آھي؟“
”مان ڪرايو آھي!“
”مون وٽ پئسا ڪاڏنهن آيا!“
”بس، تون پنجويھ هزار ڏئي ڇڏ!“
”ايترا ته ڪونهن!“
”پوءِ جيترا سري سگھني!“
مون کيس پنج ھزار ڏنا، وٺي نڪري
ويو. پر ڪکو خان مون کي ڏندين آڱريون ڏئي ويو...
(منظور ڪوھيار جي ۱۴ آگسٽ تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)
No comments:
Post a Comment