ھمسفر
ننڍڙي ڪهاڻي
سيف نياز
هو منهنجي ڀرسان پيل خالي سيٽ
تي اچي ويٺو هو. تمام ڀلو ماڻھو هو. صاف سٿرو ۽ سهڻو سيبتو، هن سان ڪچھري ڪندي
خوشبوءِ جو احساس پئي ٿيو، سمجھ ۾ نه ٿي آيو ته اھا خوشبوءِ سندس ڳالھين جي هئي يا
هن جي پنهنجي....!!!
ڳالھين کي ايتري ته سهڻي نموني
پيش ٿي ڪيائين ڄڻ ڪي حسين رنگين گل...!
ايڏو مطمئن ماڻھو اڳ ۾ مون ڪو نه
ڏٺو هو، ائين پئي لڳو ته هو ڪنهن ڏک ۽ صدمي کان واقف نه ھو. هن جي ظاهر ۽ باطن ۾
فقط خوشي هئي!
منهنجي اوجاڳيل وجود کي ھن جي ڳالهين
فرحت بخشي ڇڏي، مان مسلسل سفر ۽ اوجاڳن ۾ رهيو هوس....
اها ٿڪاوٽ ۽ تڪليف هن سان ڪچھري
ڪندي ختم ٿي وئي....مون هن سان هڪ سيلفي ورتي ۽ موبائل کيسي ۾ رکي سيٽ کي ٽيڪ ڏنم
ته ننڊ وٺي وئي!!!
ڪنهن جي اٿارڻ تي ڇرڪ ڀري جاڳي
پيس... ڏٺم ته منشي ھو. چيائين: ”ڪراچي شھر اچي ويو، سڀ لهي ويا سائين!“
مان اٿي مٿان بيگ لاهڻ لڳس ته منشي
پڇيو: ”سائين سڄي سفر ۾ اوهان ڪنهن سان
پئي ڳالهايو؟“
کيس ڏسندي چيم: ”هن سان جيڪو
منهنجي ڀرسان ويٺل هو، فرشتن جهڙو ماڻھو!!“
منشي عجيب نظرن سان ڏٺو ۽ چيو: ”اوهانجي
ڀرسان ته ڪير به ڪو نه هو، اها سيٽ يڪو خالي هئي!!!“
حيران ٿيندي چيم: ”اهو وري ڪيئين....
هي ڏس ان جي تصوير...!“
کيسي مان موبائل ڪڍي تصوير ڏٺم
ته حيران رهجي ويس.... تصوير ۾ فقط مان هيس... منهنجي ڀرسان واري سيٽ خالي
هئي...!!!
(سيف نياز جي ۲۹ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)
No comments:
Post a Comment