Thursday, August 1, 2024

ھڪڙي چاٻي - گلزار - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھڪڙي چاٻي

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



اڄ صبح کان وٺي، ٽيون دفعو ائين ٿيو ھيو جو پرس مان ڪجھ ڪڍندي، سندس پوئين گهر جي چاٻي ھٿ ۾ چڙهي پئي آئي..... سڌير جي گهر جي.

سڌير کي ڇڏئي، سال ٿيڻ وارو ھيس، يا ٿي ويو ھيس. ليڪن اڃا تائين به پرس جي کٽ کوٽ ڪندي، اگر اھا چاٻي سندس ھٿ کي لڳندي آ ته سندس دل چوندي آھي ته ٽيڪسيءَ جو رخ، اوڏانھن ڦيرائي ڇڏي. چئي ڇڏي ٽيڪسيءَ واري کي ته؛ ”ايڏانھن نه، ھيڏانھن ھل! مون ھاڻي ھاڻي، مڙس مٽي ڇڏيو آھي.“



ٿورو ان ئي نموني، مڙس مٽيو ھيو، ھِنَ. بلڪل ائين ئي، ھلندي کائيندي... جيئن ڪو ٽيڪسي مٽائي وٺي.

پورو سال گذري ويو آ، ليڪن کيس اھو احساس ئي نه ٿيو آ ته ڪو ھوءَ سڌير کي ڇڏي به چڪي آھي. ٽي ڪي ساڻس ججهو پيار ڪندو آھي. وڏو زندھ دل ماڻهو آھي. ڏھاڙي ڪا نه ڪا شرارت سُجهندي آھي کيس. ڪو نه ڪو نئون سرپرائيز ڏيندو اٿس.... اچانڪ ھڪڙي شام جو نئين ڪار وٺي آيو؛ ”ھل! تو کي ڊرائيونگ سيکاريون. ڊرائيور مان رکندس ڪو نه ۽ تون ٽيڪسين ۾ گهمندي وتين، اھو مون کي پسند ناھي. اڄ کان گاڏي پنھنجي پنھنجي....“

ليڪن ھوءَ اڄ به ٽيڪسيءَ ۾ سفر ڪندي آھي. گاڏي، جڏھن به ھلايائين، ڪٿي نه ڪٿي ھڻي آئي. کانئس سنڀالجي ئي نه ٿي سگهجي. ھن پرڻي کان ڪجھ ڏھاڙا اڳي ئي ته چيو ھيو ته مون کي سمنڊ ڏاڍو ڀلو لڳندو آھي. بس بنگلو وٺي ڇڏيائين، سمنڊ جي ڪناري سان. گاڏيءَ ۾ ويھاري چيائينس؛ ”سيما! ھل تو کي ھڪڙو سرپرائيز ٿا ڏيون.“

بنگلو ڏيکاري چيائينس؛ ”ھيءُ تنھنجو ويڊنگ گفٽ آھي.“

ٽي ڪي، ڌرتي ٽڪڻ ئي نه ٿو ڏئي، ھن جي يادگيرين جي پيرن ھيٺئون.

وري سڌير! سڌير، پيرن جي ھيٺان واري ڌرتي لڏڻ به نه ڏيندو ھيس. ڊسيپلين! ڊيڊيڪيشن!

صبح اٿڻ سان ئي پھريون ڪم ھيو گرم پاڻيءَ ۾ لوڻ وجهي گَرڙا ڪيو! نڙيءَ ۽ آواز جي صفائي، پھرين ايڪسرسائيز ھئي.... وقت تي ٿيٽر پھچو. پنھنجا مڪالما، پنھنجي ھٿن سان لکو. ياد ڪيو. بور ٿيڻ جي حد تائين مشق ڪرائيندو ھيو. اسٽيج جي موومينٽ، ساھ کڻڻ ۽ ساھ واپس ڇڏڻ جي حد تائين فڪس ٿي ويندي ھئي. اداڪار ۽ اداڪارائون، فرنيچر جا ٽڪرڙا محسوس ٿيڻ لڳندا ھيا. ليڪن ڪنھن کي مجال آ جو سڌير جي اڳيان ڪو ’اف‘ به ڪڍي. ميٿڊ ايڪٽنگ جو، مڙني کي سمجهائي ڇڏيندو. تنھن جي باوجود، شوءَ جي وقت، سندس اڻ تڻ ڏسڻ وٽان ھوندي ھئي. تماشائين کي، اڀ-پيرو بيھڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو ھيو.

ليڪن ھيءَ بور ٿي وئي ھئي، سندس ٿيٽر مان. لڳندو ھيس ڄڻ ڪنھن ھيڊ ماستر سان پرڻي ھجي. .. گهر نه ھيو، ڄڻ ڪلاس روم ھيو.

ھڪ ڏينھن، ھن ائين ئي چئي ڇڏيو.... ”مان وار ڪٽرائي ڇڏيان! ننڍا ڪرائي ڇڏيان... ھي ڏس!“ ھن وار ورائي، ڪلھن وٽ پڪڙي ٻڌايس.

سڌير مرڪي، وڏي آرام سان چيو ھيس؛ ”ته ’عدالت جاري ھي‘ ۾ ليلا بيناري جو ڇا ٿيندو ۽ ’آڌي اڌوري‘ ۾ ساوتريءَ جو ڇا ٿيندو.“

ھيءَ چڙي وئي ھيس.. ”ھر وقت پنھنجي ڊرامن جا ڪردار ئي ڏسندو آھين مون ۾. ڪڏھن مون کي به ڏٺو اٿئي؟!“

سڌير ڪا مذاق ڪيس، پر ھن نه مڃيس... ”مان ڄاڻان ٿي، جيڪڏھن تو کي ٿيٽر ۽ مون منجهئون چونڊ ڪرڻي پئجي وئي ته تون پھرين ٿيٽر کي چونڊيندين. منھنجي جاءِ تي ٻي ھجي، اھو مون کي پسند ناھي.“

سڌير، عادت سارو مرڪيو. ھن جي کاڏيءَ تي ھٿ رکي چيائينس؛ ”سيما جان! اھو ئي سوال جيڪڏھن مان پنھنجي پاڻ کان ڪيان نه ته پوءِ به پھرين ٿيٽر چونڊيندس، پھرين ٿيٽر..... پوءِ تون.... پوءِ مان!“

ھوءَ ڪجھ چئي نه سگهي، پر کيس مُٺيان ضرور لڳي.

سڌير جي خلوص ۽ سچائيءَ تي کيس ڪڏھن به شڪ نه ٿيو ھيو. ليڪن ڪڏھن ڪڏھن سندس ڳالھين تي شڪ ٿي ويندو ھيس. ڪاٿي اھي به مڪالما ته ناھن..... سندس انداز ئي اھڙو ھيو. گهر ۾ ڪڏھن لاھو چاڙھو محسوس ئي نه ٿيو. اسٽيج تي اھڙا اھڙا لاھا چاڙھا پيدا ڪرڻ وارو ماڻھو، گهر ۾ ايڏو بور ڇو آھي؟ ايڏو بي سوادو! ٿيٽر!... ۽ ٿيٽر... ۽ بس!

ھڪڙي دفعي سڌير ٻار جي تمنا، ظاھر ڪئي ھيس... ۽ ھن نٽائي ڇڏيو ھيس.... ”مون کي ڍُڪو ٿيڻ کان ڀؤ ٿو ٿئي.“

”ته پوءِ مان ٿو ڍُڪو ٿيان.“ تنھن وقت سڌير، کلي ٽاري ڇڏيو ھيس. ليڪن اھا ھڪ ڏينھن پوءِ جي ڳالھ آھي. شايد ان ئي ڏينھن جي آھي، جنھن ڏينھن سڌير وارن ڪٽرائڻ جو ذڪر ڪيو ھيس. سڌير پنھنجا ڪاڳر پٽ، پينگهي ۾ رکي چئي رھيو ھيس؛ ”تنھنجي مشڪل، خبر اٿئي ڇا آھي؟ تون بلانگنگ (belonging) کان ڊڄين ٿي. پيرن ۾ ڏاوڻ وجهڻ کان لھرائين ٿي. سڄي زندگيءَ لاءِ، ڪا به ڪمٽمينٽ (commitment) ڪرڻ نه ٿي چاھين. شفٽ ڪرڻ جي گنجائش، سدائين پاڻ وٽ رکڻ ٿي چاھين ته جيئن ڪنھن به طرف پاسو بدلائي وٺين. جڏھن مون سان ملي ھئينءَ ته ھڪڙي پينٽنگ واري اسڪول ۾ ويندي ھئينءَ. پوءِ پنڊت گري پرشاد کان راڳ سکڻ ويندي ھئينءَ. ھاڻي تان-پوري کي پئي پئي زنگ وٺي ويو آھي ليڪن..“

اوچتو سندس پويان اچي بيھي رھيو؛ ”اھو ڇا پئي ڪرين؟“

ھوءَ آئيني آڏو ويھي آءِ برو پينسل سان، پنھنجي وات مٿئون مُڇون ٺاھي رھي ھئي. مرڪي چيائينس؛ ”مڇون ھڻي ٿي ڏسان ته ڪيئن ٿي لڳان. چڱو! مان جي مرد ھجان ھان ته؟....“

ساڳئي سھپ ۽ ڇنڊ ڇاڻ واري لھجي ۾ سڌير چيو ھيس؛ ”تنھنجي مشڪل شايد اھا ئي آھي.“ ۽ پينگهي کي لوڏو ڏيندو ھليو ويو.

”وڏو ڊرامي باز! ھونھ!“

گهڻو ڦٿڙي سٿڙي، ھن سوچيو ھيو... ”چڱو! سدائين ڀلا صحيح جواب ڏيڻ ئي ضروري آھي ڇا؟ يا ھر ڳالھ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ؟ مون ڪي تجربا ڪري ته مڇون ڪو نه ٺاھيون ھيون. ماڻهو مذاق جو جواب مذاق سان به ڏئي سگهي ٿو. اھڙي ڪھڙي خرابي آھي، جو ماڻھو رڳو بائيبل لڳو گهمندو وتي.“

ان ڏھاڙي تي سڌير کي صدمو ڏيڻ جي وڏي تمنا ھيس. گهڻي دير تائين، آئيني آڏو ويٺي رھي.... ۽ جيستائين فون جي گهنٽيءَ ڪن مان پڪڙي اٿاريس نه، تيستائين ھوءَ اٿي نه. ”ھيلو!...؟“

ڪو رانگ نمبر ھيو.... ”جيءُ! مان سوشيلا ته ناھيان. ٿورڙو گهٽ آھيان. شيلا! ھلندي؟“

اڳيان واري ڪا اگهاڙي گار وھائي ڪڍيس. ھن به ٽھڪ ڏئي فون رکي. ھيانءَ تي پيل سڄو تور ئي ھلڪو ٿي ويس. پاڙي جو مُنڊُو، پنھنجو ڪدوءَ-رڳڙڻو وٺڻ آيس. پڇيائينس؛ ” ڪدوءَ-رڳڙڻو ڇا ھوندو آھي؟“

”جيءُ! ڪدوءَ کي رڳڙڻ وارو.“

”ڇا ڪندين!؟“

”ڪدو، رڳڙڻو اٿم.“

جهٽ سوا لاءِ دل ۾ آيس ته ساڳي اگهاڙي گار ان مُنڊُوءَ جي ٻوٿ تي گهروڙي ڪڍي. مُنڊُو ويو ته ھلندي ھلندي، سمورا ڪپڙا لاھيندي، ڪمري ۾ اڇليندي، نپٽ نانگي ٿي، وھنجڻ خاني ۾ گهڙي وئي.

ان ڏھاڙي، ٿيٽر ۾ سڌير کان دڙڪا مليا ھيس... اسڪرپٽ جي فائيل مان ٽي صفحا گم ھيا. ”ڪاڏي ويا؟“

”خبر ناھي!“

”خبر ناھي، مطلب؟“

”خبر ناھي مطلب.... خبر ناھي!“

اچانڪ، بال وانگر سڌير جو ڪڙڪو ٿيو. ڇت سان ٺا ٿي، ڌو ھن جي ٻوٿ تي ٺڪاءُ ٿي ويو. ”ته پوءِ ڪنھن کي خبر ھئڻ گهرجي؟ تو کي يا مون کي؟“ وڏي ڪاوڙ منجهئون ھن پنھنجو اسڪرپٽ ھن جي ھٿن ۾ ٽُنبيندي چيو ھيس؛ ”ھيءُ گهر ناھي، ٿيٽر آھي. گهر، بنا سيڌي پاڌي جي ھلي ويندو آھي. ٿيٽر، بنا اسڪرپٽ جي نه ھلندو آھي....“

ڄاڻي واڻي ھوءَ ٿيٽر تان ئي، سڌو فلم ڏسڻ ھلي وئي ھئي. اڪيلي! پھرين سوچيو ھيائين ته ٿيٽر تان رخسانه کي وٺيو وڃي. ليڪن اھا وڏين ڇوڪرين وانگر ورتاءُ ڪندي ھئي ۽ وڏي چمچي آھي سڌير جي! فاروق کي چوڻ پئي چاھيائين. ليڪن ان کي سڌير، پروڊڪشن جي ڪنھن ڪم سان موڪلي ڇڏيو ھيو. اڪيلي ئي ھلي وئي..... آخري شو ۾.

موٽي اچي، سڌير سان جاڳندي ۾ نه پئي ملڻ چاھيائين. سٺو ٿيو جو ٻنھي وٽ، پنھنجي پنھنجي چاٻي ھئي فليٽ جي. موٽي ته اڳيان ميز تي چائنيز کاڌن جا پيڪيٽ پيا ھيا. لڳي ٿو سڌير به ڪجھ نه کاڌو آھي. اندر ٽيوب ٻري پئي. غلام عليءَ جو غزل ٻڌڻ ۾ پئي آيو. کيس ڄاڻ ھئي ته سڌير ٻڌندي ٻڌندي، سمھي پيو ھوندو. کاڌو کڻي، فرج ۾ رکيائين. فائيل کڻي شيلف ۾ رکيائين. ٽيپ رڪارڊر بند ڪيائين ۽ بتي وسائي، بالڪونيءَ ۾ وڃي ليٽي پئي. ٿڌي ٿڌي فرش تي.... سمنڊ، پري ھيو مگر ان جو شور ھيستائين ٻڌڻ ۾ ايندو ھيو....

ڪچن جي نل کي ٽپ ٽپ، ٽپ ٽپ ڪندي ٻه مھينا کن ٿي چڪا ھيا. سڌير به ڪيترا ئي ڀيرا چئي چڪو ھيو، ھوءَ به ڪيترا گهمرا چئي چڪي ھئي. ليڪن پلمبر کي ڪنھن نه چيو ھيو. ھن جو خيال ھيو ته اھي ٿوريون گهڻيون بنيادي خوبيون ھر مڙس جي اندر ھئڻ ضروري آھن. ڪوڪو ٺوڪڻ، فيوز ھڻڻ، بلب لڳائڻ، دوا جي شيشي کولڻ، ڪارڪ اڏائڻ.... جيئن مڙس اھا اميد رکندو آھي ته سندس زال کي ماني پچائڻ يا بٽڻ ٽاڪڻ ايندو ئي ھوندو، سيما کي به اھا اميد ھئي ته سڌير ڪنھن ڏينھن شام جو اچي، اھو نل ٺيڪ ڪري ڇڏيندو.

ھڪڙي شام جو ھن ڪوشش ڪئي ۽ ڪچن ۾ ٻوڏ ڪري ڇڏيائين. واشر ھيو ئي نه. سڌير ڪوشش ڪئي، ته ڪنھن طريقي سان ڪپڙي جي پٽي ويڙھي ڪم ڪڍي وٺي. سيما ھٿ ونڊائڻ لاءِ آيس ۽ وھي وئي نديءَ ۾، ڪپڙن سميت وھنجي وئي. ھٿ ڇڏائجي ته پاڻيءَ جي تُنِ وڃي ڇت کڻي. شور ڌار، مونجهارو ڌار. انھيءَ بارش جي ڦوھار ۾ سڌير جو، ڪاليج جي زماني جو دوست ٽي ڪي گهر آيو ھيو... ڏاڍو بي تڪلف، زبان جو کليل ۽ پورو پلمبر! اھو به سڄو ڀِڄِي ويو، ليڪن ٻن منٽن ۾ نل ٺيڪ ڪري ڇڏيائين.... سڌير، کيس مانيءَ تي سڏائي، وساري ويٺو ھيو ۽ سيما اوچتي اچڻ تي وائڙي ٿي وئي.

ٽي ڪي ڏاڍو بي تڪلف ماڻهو ھيو. چيائين؛ ”سيما! پريشان نه ٿي! پنجابين وانگر مڪ سان بصر ڀڃي کارائيندينءَ ته به مزو اچي ويندو.“

سڌير چيو؛ ”ٻئي ئي گهرائڻا پوندا! گهر ۾ نه پنجابي آھي، نه بصر...“

اھو مسئلو به ٽي ڪي حل ڪري ڇڏيو. چڱو ڀلو بورچي به ھيو. ڪلاڪ کن ۾ ڪجھ نه ڪجھ پچائي تيار ڪيائين.... سيما پڇيس؛ ”۽ ٻيو ڇا ٿو اچي توھان کي؟“

”بس ڳائڻ نه ايندو آھي. وڄائڻ سڀ ڪجھ ايندو آھي.“

سڌير جي لٽن ۾ ٽي ڪي، سڌير جو ٻيو ورشن (Version) لڳي رھيو ھيو. ٿورو ٿورو، کل مذاق سان ڏٽيل! کيس ياد نه ھيو ته ان کان اڳي ڪڏھن ايڏو کلي ھجي، ان گهر ۾. ھن سڌير کي چيو ھيو؛ ”وڏو بي تڪلف دوست آھي، تنھنجو. ھن کان اڳي ته ڪڏھن، ڪنھن کي تو سان مذاق ڪندي نه ڏٺو آھي. ٿيٽر ۾ ته سمورا سب آرڊينيٽ وانگر behave ٿا ڪن.“

سڌير، ڪتاب مان ٻوٿ ڪڍي ڏٺس ته ھن ڦھڪائي ڏنس...”مان به!“ ۽ پاسو ورائي ڇڏيائين. ٽي ڪي سڌير جا لٽا موٽائي ڏيڻ آيو ته گهر اچڻ جي دعوت ڏنائين... سڌير، گهڻو مصروف ھيو، پنھنجي پروڊڪشن ۾! ”آڌي اڌوري“ جي تياري ھلي رھي ھئي. ان چئي ڇڏيو ھيس؛ ”تون ھلي وڃجانءِ! مان ٿيٽر مان سڌو اتي پھچي ويندس.“

سڌير جي پڄڻ کان پھرين، ٽي ڪي سان شيمپيئن تي ”چيئرز“ چئي چڪي ھئي. ٽي ڪي ان ڏھاڙي به ڏاڍو کلايو ھيو، کيس. ٽي ڪي مذاق ڪيس... ”سڌير پنھنجي زال جو خيال ڪر! نه ته ڪنھن ڏينھن ڀڄي ويندئي....“

”مون کي ساڻ کڻي ته پوءِ جتي مرضي چويس ڀڄي ھلي!“

ٻنھي مذاق ڪئي ھئي ۽ ٻئي سچا نڪتا. ”آڌي اڌوري“ جي ريڊنگ دوران ۾ ٿيٽر ڇڏي ڏنو، ھن... وري ساڳيو ئي جهيڙو مڙني آڏو.... سڌير ڊرامي جي سٽ پڙھي رھيو ھيو:

”۽ اڳيان آيو جڳ موھن، وڏا واسطا، زبان ۾ مٺاڻ، ٽپ ٽاپ رھڻ واري عادت، خرچ ڪرڻ ۾ درياھ دل.... ۽ تو سوچيو، مھندر جي جاءِ تي جڳ موھن ھجي ھا، ڪيڏو نه ڀلو ٿئي ھا. حالانڪ ائين آھي ته مھندر جي جاءِ تي ٻيو ڪو ھجي ھا ته تون اھو ئي سمجهين ھا ته تو غلط ماڻهوءَ سان شادي ڪئي آھي. ڇو جو تو وٽ جيئڻ جو مطلب وڃي رھيو آھي؛ گهڻو ڪجھ حاصل ڪرڻ، گهڻو ڪجھ ريڙهي رکڻ، گهڻو ڪجھ پاڻ سان ويڙهي جيئڻ...!“

اڳيان ھن جا مڪالما ھيا. سڌير ٻه ڀيرا ڪيو ڪري کيس ڌڪيو ھيو. ”ليڪن خبر ناھي الائي ڇو منھنجو ڌيان ٽي ڪي تي اٽڪيو بيٺو ھيو. مون کي لڳو پئي ته سڌير جڳ موھن جي نه ٽي ڪي جي ڳالھ ڪري، مون کي طعنا ڏئي رھيو ھيو.“ ليڪن اھي سٽون ته اسڪرپٽ ۾ موجود ڪو نه ھيون. موھن راڪيش جو اھو ڊرامو، ھوءَ اڳي به پڙھي چڪي ھئي. ٽي ڪي سان ملڻ کان به اڳي.

جيئن جيئن ريھرسلون وڌنديون ويون، ھن جي ٽائيمنگس (Timings) ٽٽندي وئي... سڌير ھڪ ڏينھن سڀني جي آڏو ڦاٽي پيو... ھن به اڳيان کُتو جواب ڏنس.

”مڙني جي اڳيان مون تي گَرندو نه ڪر! مان تنھنجي رڳو آرٽسٽ نه، پر زال به آھيان.“

”زال ھوندينءَ، گهر ۾. ھتي، جيئن سڀ آھن، تيئن تون آن!“

مان نه ٿي رھي سگهان ھتي مڙني وانگر، گونگي گانءِ ٿي. مڙئي ائين ٿا ڏسني پيا ڄڻ ڊائريڪٽر نه ھجين ڪو اوتار پيدا ٿيو ھجين.“

سڌير، ان جملي تي، حيرت مان ڏٺو ھيو کيس.

۽ ھن فائيل ٺڙاڪ سان اڇلي ڦٽو ڪيو ھيو؛ ”مون کي ناھي ڪرڻو، ھيءُ ڊرامو.. مان تنھنجي ٿيٽر مان بور ٿي وئي آھيان...“

سڌير جو آواز، جهيڻو ٿي ويو؛ ”گهر ۾ آھين ته تو کي گهر ٿو بور ڪري. ٿيٽر ۾ آھين ته تو کي ٿيٽر ٿو بور ڪري.... تون سدائين اتي رھڻ چاھيندي آھين، جتي نه ھوندي آھين. جتي آھين، تتي ڪڏھن به مطمئن ناھين.... ٻيو ته تو کي پاڻ کي ئي خبر ناھي ته تون ڪاٿي آھين. ڪاٿي رھڻ ٿي چاھين.....“

مٿئون حيرت جي ڳالھ اھا ٿي جو، بجاءِ ھن جي، وچئون سڌير ٿيٽر ڇڏي، ٻاھر نڪري ويو.

پوءِ ھفتن تائين سندن وچ ۾ ڪا ڳالھ ٻولھ نه ٿي. گهٽ ۾ گهٽ، ٿيٽر بابت ته صفا نه ٿي... پھرين پھرين ته ھوءَ ٽي ڪي کي فون ڪري وٺندي ھئي. پوءِ ٽي ڪي فونون ڪرڻ لڳس... اھو گهران وٺي به ويندو ھيس.. خبر ناھي ڪڏھن کان ۽ ڪھڙيءَ طرح، ھي ٻئي انھن ملاقاتن کي سڌير کان لڪائيندا ھيا. ھن کي ڄاڻ ھئي ته سڌير شڪي مزاج ماڻھو ناھي، ليڪن جيڪڏھن ٽي ڪي جي ڀاڪر ۾ کيس ڏسي وٺندو ته ڇا ڪندو؟ کيس ٽي ڪي جي فليٽ مان نڪرندي ڏسي وٺي ته ڇا پڇندس به ڪو نه؟ پڇيائين ته کيس خراب لڳندو. ”مون تي شڪ ٿو ڪرين؟“ نه پڇيائينس ته اڃا خراب لڳندس. ”ايترو مون کان لاتعلق آھين.“

ٽي ڪي کيس چيلھ وٽان پڪڙيو بيٺو ھيو، جڏھن چاٻي ھڻي دروازو ڌڪي، ٻئي ڄڻا پنھنجي فليٽ اندر داخل ٿيا ھيا. سڌير، نڪ-سامھون بيٺو ھين. ٻئي ھڪا ٻڪا ٿي ويا... سڌير جي چھري تي ھو ڪجھ به پڙھي نه سگهيا... ٽي ڪي ڏاڍو نارمل رھڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ”ڇا ٿو ڪرين اڄڪلھ؟ ڪنھن ڊرامي ۾ مصروف آھين؟“

”ھڪڙي پرسنل ڊرامي ۾ ڦاٿل آھيان.“

”مطلب؟“

”مطلب ھيءُ آھي ته.... ويھي رھ سيما....“

ھوءَ گهٻرائجي وئي. سڌير ورائي پنھنجي لائين دھرائي؛ ”ڊرامو ڪنھن ٻئي جو آھي. مان ھروڀرو وچ ۾ اچي ويو آھيان.“

”مطلب؟“

”مطلب ھيءُ آھي ته.... اسان وٽ ھڪڙو مسٽر مڪرجي آھي....“

”ڪير مڪرجي؟“ ھن پڇيس.

”ھڪڙو آھي.. تو کي شايد ياد ناھي. خبر ناھي، ھن ۾ ڪا ياد رکڻ جھڙي ڳالھ آھي به يا نه. ليڪن اڪثر ھو پنھنجي سھڻي زال جي ڪري ياد رھجي ويندو آھي، ماڻھن کي. ھوءَ سھڻي به آھي، ذھين به آھي. ۽ ٿيو ائين آھي جو ڪو سندس عشق ۾ اڙجي ويو آھي، يا ائين سمجھ ته ھوءَ ڪنھن جي عشق ۾ اڙجي وئي آھي.“

ٽي ڪي ۽ سيما جون اُڇاتريون نگاھون مليون ۽ جدا ٿي ويون. سڌير ڄڻ، ڊرامو سمجهائيندو ھجي.

”وري عشق نڀاڳو اھڙي شيءِ آھي، جيڪو چڱن ڀلن جي پيرن ھيٺان زمين کسڪائي وٺندو آھي. لڳي ٿو عشق ۽ عشق ئي، زندگيءَ جي حاصلات آھي. باقي ٻيا فن، آرٽ ۽ ٽيلينٽ ته سينگاري رکڻ جون شيون آھن. آھن ته آھن، ناھن ته ڇا ٿي پيو؟“

وري ساڳيو بائيبل.... تجزيو.... ھن ڳالھ ڪٽيس.... ”پر مڪرجيءَ جو ڪھڙو مسئلو آھي؟“

”ان جو مسئلو اھو آھي ته ٻڻڪ پئجي وئي اٿس. ۽ اھو ڄاڻڻ ٿو گهري ته ھو ڇا ڪري؟ چپ ويٺو ھجي؟ ٿيڻ ڏئي، جيڪو ٿئي پيو ٿو؟ يا زال کي ڇڏي ڏئي؟ گهرئون ڪڍي ڇڏيس؟ ڇا ڪري؟“

ھوريان ھوريان سڌير جو آواز گهوگهرجڻ لڳو ھيو. ٽي ڪي ۽ سيما، ٻنھي سمجهيو پئي ته سڌير ڇا پيو چوي. ڊرامي جي ھڪڙي ڪردار، اٿي نڪري وڃڻ ئي مناسب سمجهيو. ليڪن سڌير، ٿڌي مگر اڍنگي لھجي ۾ ويھاري ڇڏيو کيس؛ ”ويھي رھ ٽي ڪي! تون به ڪو ٻارڙو ناھين. تون سمجهين پيو ٿو، جيڪو مان چوان ٿو پيو.“ سڌير چيو ھيس.... ”ڏس! قانوني طور تي ڪير به مڙس ناھي ھوندو. قانوني طور تي ڪا به زال ناھي ھوندي. اسان اجايو سجايو انھن رشتن تي قانون جا ٺپا پيا ھڻندا آھيون. انھن ٺپن سان راشن ڪارڊ ته ٺھي سگهن ٿا، رشتا نه.“

سڌير جي آواز ۾ پھريون دفعو ھن ڪاوڙ ۽ ڳوڙهن جو ڳانڍاپو ڏٺو ھيو. ھو گهوگهريل نڙيءَ سان چئي رھيو ھيو... ”اڄ تائين ڪو ڪنھن ايندڙ کان نه لنوائي سگهيو آ ۽ نه وري ڪنھن ويندڙ کي سُڪَ ڪري سگهيو آھي. ٻيو ته مان پنھنجي ڇاتيءَ ۾ اھو ڪينسر وجهي، نه ٿو گهمي سگهان. جيڪڏھن اوھان ٻئي فلرٽ نه پيا ڪيو، ھڪ ٻئي کي دوکو نه پيا ڏيو، سچ پچ ۾ ھڪ ٻئي کي چاھيو ٿا ته ھٿ پڪڙيو ۽ نڪري وڃو ھن گهر مان! ٽري وڃو!“

سڌير جا ڳوڙها ڳڙي پيا ھيا. ھن جي دل گهريو پئي ته اٿي، کيس پڪڙي وٺي، ٻک وجهيس، مگر عين ان وقت ٽيليفون جي گهنٽي وڳي ھئي ۽ سڌير ڪاوڙ منجهئون ان کي لت وھائي ڪڍي ھئي. فرش تي ڪريل رسيور مان ڪو ئي ھيلو ھيلو جا ميڪٽ ڪري رھيو ھيو. سڌير ٻاھر وارو دروازو کولي، بيھي رھيو. سندس آواز ڏوگهرجي ويو ھيو؛ ”مان.... مان اوھان ٻنھي جو فيصلو ٻڌڻ ٿو چاھيان.... ھاڻي جو ھاڻي.... ھن وقت.“

----

ٽي ڪي سان پرڻي کان پوءِ ستت ئي ھن وار ڪٽرائي ڇڏيا ھيا. دراصل ھن ”ليلا بيناري“ ۽ ”ساوتري“ جا ورا ڪٽيا ھيا. ھن، ٿيٽر کي وسارڻ پئي چاھيو، مگر سڌير کي وساري نه سگهي. ٽي ڪي کيس ”ڪوچين“ وٺي ويو، جتي سندس فشنگ ٽرالر ھلندا ھيا. اٺ اٺ، ڏھ ڏھ ڏينھن سمنڊ ۾ رھڻ، بلڪل ئي نئون تجربو ھيو. ٽي ڪي مذاق ڪندو ھيس؛ ”سمنڊ ۾ رھي، تون اڃا به سلوڻي ٿي پئي آھين.“

جنھن ڏھاڙي سندس اکين ۾ ترندڙ ڳوڙها ڏٺا ھيائين، ڀر ۾ ويھي رھيو ھيس. چھرو، ٻڪ ۾ جهليندي چيو ھيائينس... ”انھن ڳوڙهن ۾ سڌير جو چھرو نظر ٿو اچي. ھان نه؟“

”ھا!“ ھن ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ھيو.

”سيما ڪو جهيڙو جهٽو ٿي پوي، ڪا ٺِڙ ڦِٺڙ ٿي پوي ته ڪيڏو نه سھنجو ٿي پوندو آھي، رشتو ٽوڙڻ ۽ وساري ڇڏڻ ڪنھن کي. ليڪن سڌير پنھنجي پڪڙ کي ائين ڍرو ڪري، اسان کي سدا لاءِ ٻڌي ڇڏيو آھي. ... انھيءَ سڄي ماجرا جو مجرم، مان ئي آھيان. ليڪن اھو جرم ته مون کان اوس ٿيڻو ئي ھيو. تون جتي به ملين ھا، جڏھن به ملين ھا، مان اھو ئي ڪيان ھا.“

ٽي ڪي جي محبت ۾ ڪو مَيرُ نه ھيو.

ڪوچين کان موٽيا ته ھڪڙو ٻيو واقعو ٿي پيو. صبح صبح جو جيئن ئي اٿي ته گرڙن جو آواز ڪنن تي پيس. ھنڌ تان ٽپ ڏئي اٿي ۽ وھنجڻ خاني ۾ پھچي وئي. ٽي ڪي گرڙا ڪري رھيو ھيو....

”اھو ڇا پيو ڪرين؟“

”گرڙا! نڙيءَ ۾ ٿوري خارس ٿي پئي آھي.“

لوڻ مليل گرم پاڻي، ھن واش بيسن ۾ نائي ڇڏيو؛ ”ڪا ضرورت ناھي گرڙن جي. ھل! مان دوا گهرائي ٿي ڏيانءِ.“

ٿڏي تي پنھنجي ڊاڪٽر کي فون ڪيائين. ٽي ڪي ڪن جي ويجهو، بيھي کنگهندو رھيس ۽ ورچائيندو رھيس.

ڊاڪٽر صاحب، ستت نه پھتو. شايد ڪاٿي مصروف ھوندو. ٽي ڪي آفيس ھليو ويو. شام ڌاري ھوءَ ڊاڪٽر صاحب جي ڊسپينسريءَ تي ھلي وئي. ڊاڪٽر صاحب کيس ڏسي چيو.... ”مان ويو ھيس ڀائي! ڏسي آيو آھيان سڌير کي. ساڳي پراڻي ٽونڪر اٿس ڪلين (Tonsils) جي.“

ھوءَ سُن ٿي وئي. صبح، ڊاڪٽر کي اھو ٻڌائڻ ئي وساري ويٺي ھئي ته ھاڻي ھوءَ انھيءَ گهر ۾ ناھي ۽ لڳو پئي ته سڌير به ساڻس اھا ڳالھ نه چوري آھي.

”منھنجو ته خيال آھي ته ڪلين جو آپريشن ڪرائي ڇڏيوس. منھنجي ته مڃيائين ڪو نه.. چيائين پئي؛ سيما کان پڇي ٻڌائيندس. تون ٿورو ھوڏ ٻڌندينئس ته مڃي ويندو.“

سڌير مور نه مڃيندو، ھيءَ ڄاڻندي ھئي. اھو ائين پيو جِهڄندو رھندو، ليڪن پنھنجي ڪلين جو ڪجھ نه ڪندو. آپريشن ته موراڳو نه! ان معاملي ۾ ھو ڏاڍو ڊڄڻو آھي. کيس ياد آھي ته ڪلين تي گلسرين لڳائڻ سان ھن ڪيڏو  نه مانڌاڻ مچايو ھيو. سندس ڇاتيءَ تي چڙھي، ٻنھي ٻانھن کي ٽنگن ۾ ڦاسائي، ھن ڌمڪي ڏني ھيس... ”آرام سان گلسرين ھڻاءِ، ور نه ته پوري شيشي ڪاڪڙي ۾ نائينديسانءِ!.... کول!... وت کول.....“

ٽيڪسي، سندس بنگلي تي اچي بيٺي. ٽيڪسيءَ کي پئس ڏيڻ لاءِ ھن پرس ۾ ھٿ وڌو ته وري ساڳي چاٻي! وري ھٿ ۾ کڄي آئي! دربان، ٽيڪسيءَ جو دروازو کوليو ۽ اطلاع ڏنائينس ته؛ ”صاحب جي ڪوچين مان فون آئي ھئي. اڄ ھو نه ايندو، رات جو وري فون ڪندو.“

پئسا ڳڻيندي ڳڻيندي، ھوءَ رڪجي وئي. ڪو خيال آيس.... دربان کي چيائين... ”مان ٿوري جهٽ ۾ اچان ٿي.“ ۽ ٽيڪسي سڌير جي گهر ڏانھن موٽرايائين.

اچانڪ گهڻا ئي ڀو، مغز ۾ موٽي آيس. سڌير ڇا سمجهندو؟ ڪيئن ملندو، ساڻس؟ اڄ ئي ھن ٻڌو ھيو ته سڌير جي طبيعت ٺيڪ ناھي. انھيءَ ھڪڙي سال ۾ يا سال کان وڌيڪ عرصي ۾ ھڪ ڀيرو ئي ڏٺو ھيو، ھن سڌير کي. جڏھن مارڪيٽ ۾ ھوءَ ٽيڪسيءَ مان لٿي ھئي ۽ سڌير ساڳي ٽيڪسي وٺڻ لاءِ اڳيان وڌيو ھيو. ھن وٽ سؤ جو نوٽ ھيو. ٽيڪسي ڊرائيور ڪجھ چوڻ چاھيو پئي ته سڌير کيس دڙڪو ڏئي چپ ڪرائي ڇڏيو ۽ ھن کي چيائين... ”تون وڃ! مان ڏئي ڇڏيندومانس.“ ۽ ٽيڪسي ڪرايون نڪتو ھليو ويو. ان کان پوءِ اڄ وري ٽيڪسي سڌير جي گهر وٽ اچي بيٺي.

ھوءَ لفٽ ذريعي مٿي وئي ۽ جهٽ گهڙي دروازي جي اڳيان چپ چاپ بيٺي رھي. ھڪڙو ڀيرو دروازي سان ڪن لائي ٻڌائين به. ليڪن ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو.... شايد سڌير، گهر ۾ نه ھيو.

پاڙي جو دروازو کليو ۽ مُنڊُو؛ ”نمستي! ميم صاحب!“ چوندو، تڪڙو تڪڙو ڏاڪڻين تان ھيٺ لھي ويو.

لفٽ، ائين ئي بيٺي ھئي.

وڏي ھمت کان ڪم وٺندي، ھن دروازي ۾ چاٻي ڦيرائي، دروازو کوليو ۽ اندر وڃي بيھي رھي. سموريون شيون ائين جو ائين ئي پيون ھيون. پر ٿورو اڃا وڌيڪ وکريل. ھوءَ زمين تي ڪريل ڪشن کڻي ئي رھي ھئي ته سڌير جي ڪمري مان ڪنھن جي کلڻ جو آواز آيو. ڪنھن ڇوڪريءَ جو ھيو. ”وڃي لڳراءِ نه! دوا لڳراءِ ڪلين تي! ڏس! چڱيان لڳرائجانءِ نه ته.....“

ان کان پوءِ سڌير جي کنگهڻ جو آواز..... ۽ ڇوڪريءَ جي کلڻ جو!

سيما تڪڙ ۾ مڙي ۽ پنھنجي پويان دروازو بند ڪندي لفٽ ۾ گهڙي وئي.... لفٽ، ھيٺ ھلڻ لڳي، پوءِ ھن کي خيال آيو ته گهر جي چاٻي ته اتي دروازي ۾ لڳل ئي رھجي وئي.... رھجي وئي نيٺ...... چڱو ٿيو، ھاڻي پرس مان ڪا شيءِ ڳوليندي، سندس ھٿ کي نه لڳندي.

 

(ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي آگسٽ ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment