حج اڪبر
(ريختہ ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار: منشي پريم
چند
سنڌيڪار: انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
منشي
صابر حسين جي ڪمائي ٿوري ۽ خرچو وڏو ھيو. پنھنجي ٻچڙي لاءِ، آيا رکڻ ڳؤري پئي لڳس.
ليڪن ھڪ ته ٻارڙي جي صحت جي ڳڻتي ۽ ٻيو پنھنجي برادريءَ کان گهٽ ٿي رھڻ واري خواريءَ،
اھو خرچ برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌس. ٻار به آيا سان ريڌل ھيو. سڄو ڏينھن ان جي
ڳچيءَ جو ھار لڳو پيو ھيو. انھيءَ سبب جي ڪري، آيا اڃا به اھم ٿي پئي ھئي. مگر
شايد مڙني کان وڏو سبب اھو ھيو ته حضور شرميءَ وچئون آيا کي جواب ڏيڻ جي ھمت نه
پئي ساري سگهيو. ڪراڙي وٽن، ٽن سالن کان بيٺل ھئي. انھيءَ ئي سندس اڪيلڙي پٽ کي
پاليو تاتيو ھيو. پنھنجو ڪم، دل سان ڪندي ھئي. کيس ڪڍڻ لاءِ ڪو بھانو نه پئي مليو.
وري ھروڀرو جو ڪنھن تي چُٽو لائڻ به صابر جھڙي بردبار ماڻھوءَ لاءِ ممڪن نه ھيو. مگر
شاڪره جي انھيءَ معاملي ۾ مڙس سان اڻبڻت ھئي. کيس شڪ ھيو ته آيا اسان کي ڦريون ٿي
وڃي. جڏھن آيا بازار مان موٽي ته ھيءَ ٻنڀي تي لڪي بيٺي ھجي ته ڏسان؛ اٽو لڪائي ته
نه ٿي رکي. ڪاٺيون لڪائي ته نه ٿي رکي. سندس آندل شيءِ کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پئي جاچيندي.
پڇندي. ورجائي ورجائي پئي پڇندي ھيترڙو ڇو؟ گهڻو اگھ اٿس؟ ڇا ايڏو مھانگُ ٿي ويو
آھي! آيا ڪڏھن ته انھن بدگمانين جي ورندي، مٺڙي ٻوليءَ ۾ ڏيندي پر جڏھن بيگم گهڻو
تکي پوندس ته ھيءَ به ڪڙڪو ڪري ورندي ڏيندس. صفائيءَ لاءِ شاھديون پيش ڪندس. رد
ڏيڻ ۽ دليل بازيءَ ۾ پھر لڳي ويندا. لڳ ڀڳ اھا ويڌن، ڏھاڙي ھوندي ھئي. ۽ ڏھاڙي اھو
ڊرامو، آيا جي ٿورن ڳوڙھن ڳاڙڻ کان پوءِ وڃي پڄاڻي ڪندو ھيو. آيا جو، ايڏيون
سختيون سھي، رھيو پيو ھجڻ، شاڪره جي شڪن کي ويتر پاڻي ڏيندو ھيو. کيس ڪڏھن يقين نه
ٿيندو ھيو ته ھيءَ ڪراڙي، محض ٻارڙي جي قرب ۾ ڪِري پئي آھي. آيا کي اھڙي نرم دل جي،
ھرگز نه سمجهندي ھئي.
(۲)
اتفاق
سان ھڪ ڏھاڙي آيا کي بازار مان موٽندي، جهٽ سوا دير ٿي وئي. اتي ٻن ڪونجڙن جي وچ ۾
وڏو مناظرو پئي ھليو. سندن گفتي جي جڙت، سندن جذبات اڀارڻ جو ڏانءُ، سندن ٺٺول جو ڍنگ،
سندن چٽيون شاھديون ۽ آسان ٽوٽڪا، سندن چٿر ۽ ان جو جواب، سڀئي پنھنجو مٽ پاڻ ھيا.
زھر جا ٻه درياھ ھيا. يا ٻه ڀڀڙ ھيا، جيڪي ٻنھي پاسئون ڀڙڪي پاڻ ۾ ٻکيا پئي. ڇا ته
گفتي ۾ رواني ھين. ڄڻ گهاگهر منجھ ساگر ڀريل ھجين. سندن اظھار جي جوشَ، ھڪ کي ڇڏي ٻئي
جون ڳالھيون ٻڌڻ جي اجازت ئي نه پئي ڏني. سندن لفاظيءَ جھڙي رنگيني، تخيل جھڙي
نوعيت، اسلوب جھڙي جدت، مضمون جھڙي آمد، تشبيھن جھڙي بيھڪ، ۽ فڪر جھڙي اڏام تي
اھڙو ڪھڙو شاعر ھيو جيڪو ريس نه ڪندو ھجي. گڻ اھو ھين، جو ان مباحثي ۾ ڪؤڙاڻ يا دل
ڏکائڻ جو ڪو گمان ئي نه ھيو. ٻئي بلبليون، پنھنجن پنھنجن ترانن ۾ گم ھيون. سندن پختگي،
سندن سھپ ۽ سندن دل جو اطمينان، حيرت انگيز ھيو. سندن دل جي ٿانءَ اندر، ان کان
گهڻو ڪجھ وڌيڪ چوڻ جي ۽ ان کان به اڃا گهڻو ڪجھ ٻڌڻ جي، گنجائش معلوم پئي ٿي. مطلب
ته اھو نِجُ دماغي ۽ ذھني مناظرو ھيو، پنھنجي پنھنجي ڪمال جي اظھار لاءِ. ھڪ نِجُ زور
آزمائي ھئي، پنھنجي پنھنجي ڪرتب ۽ فن جو جوھر ڏيکارڻ لاءِ.
رونشي-ڪوڏين
جو ڊنب ھيو. اھي ڳجها ڪنايہ ۽ اشارا، جنھن تي نرلڄائيءَ کي به لڄ ٿئي، اھي اگهاڙا گفتا
جن کئون ڍونڍ به پري ڀڄي، ھزارن رنگين مزاج ماڻھن جي لاءِ محض، دل وندرائڻ جو
سامان ھيو.
آيا
به بيھجي وئي ته ڏسان ته ماجرا ڪھڙي آ؟ پر تماشو ايڏو دل کي وڻندڙ ھيو جو وقت جو
ته ھرگز احساس ئي نه ٿيس. اچانڪ نو گهنٽا وڄڻ جو آواز ڪن تي پيس ته جادو ٽٽس. ڀڄندي،
گهر پھتي.
شاڪره به ڀري بيٺي ھئي. آيا کي ڏسندي ئي تيور
ڦيريندي پڇيائينس؛ ”بازار ۾ وڃائجي وئي ھئينءَ ڇا؟“
آيا
پاڻ کي ڏوھاري سمجهندي، ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيو؛ ”سائڻ! ھڪڙي ڄاڻ سڃاڻ واري ماما ملي وئي،
تنھن سان ڳالھين ۾ لڳي ويس.“
شاڪره
جو ان ورنديءَ تي ويتر بگل ڦري ويو؛ ”ھتي آفيس وڃڻ ۾ پئي ٿي دير ٿئي ۽ تو کي گهمڻ
ڦرڻ جي لڳي آھي.“
مگر
آيا ان وقت، سھپ ۾ ئي ڀلو سمجھيو. ٻارڙي کي ھنج تي کڻڻ لاءِ ھلي وئي. پر شاڪره ڇڙٻ
ڏيندي چيس؛ ”ڇڏ ان کي! تو کان بغير ساھ نه ٿو نڪريس.“
آيا،
ان حڪم تي عمل، ضروري نه سمجيو. بيگم صاحبه جي ڪاوڙ کي ڍرو ڪرڻ جي لاءِ، ان کان
وڌيڪ ٻي ڪا تدبير ذھن ۾ نه آيس. ھن، نصير کي اشاري سان، پاڻ ڏانھن سڏيو. اھو ٻئي کنڀڙون
کوليون، ٿيڙڙا کائيندو ھن ڏانھن اچڻ لڳو. آيا کيس ھنج ۾ کڻي ورتو ۽ ٻنڀي ڏانھن ھلڻ
لڳي. ليڪن شاڪره باز واري جهپڙ ڏئي، نصيرُ سندس ھنج مان کسيندي چيس؛ ”تنھنجو اھو
مڪر، گهڻن ڏھاڙن کان پئي ٿي ڏسان. اھي رونشا وڃي ٻين کي ڏيکار! ھتي دل ڀرجي وئي
آھي.“
آيا،
نصير تي پئي ساھ صدقو ويندي ھئي ۽ سمجهندي ھئي ته شاڪره ان ڳالھ کان بي خبر ناھي. سندس
سوچ مطابق، سندس ۽ شاڪره جي وچ ۾ اھو اھڙو پڪو تعلق ھيو جنھن کي ھلڪا سلڪا ڌڪ ٽوڙي
نه پئي سگهيا. اھو ئي سبب ھيو جو، شاڪره جي سُھمن تي به کيس پڪ نه ٿيندي ھئي ته
ھوءَ ڪا واقعي کيس ڪم تان ڪڍي ڇڏيندي. پر شاڪره اھي ڳالھيون اھڙو ته ڪؤڙو منھن ڪري
چيون ۽ خاص طور تي نصير کانئس ائين کسي ورتائين جو آيا پاڻُ جهلي نه سگهي.
چيائينس؛ ”سائڻ مون کان ڪو ايڏو وڏو ڏوھ ته ڪو نه ٿيو آھي. گهڻو گهڻو ته به ڪو چوٿاڙ
ڪلاڪ جو دير ٿي ھوندي. تنھن تي تون ايترو پئي ڏاٻين. چٽو پِٽو ڇو نه ٿي چئي ڏين ته
ٻيو در وڃي ڏس! الله خلقيو آھي ته رزق به اھو ڏيندو. پورھيي جو ڪو ڪال ٿورو ئي پيو
آھي.“
شاڪره؛
”ته پوءِ ھتي تنھنجي ڪير ٿو ڪاڻ ڪڍي پيو. تو جھڙيون نوڪرياڻيون، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾
پيون ٿيون ٺيھان کائين.“
آيا؛
”ھا ته پوءِ الله اوھان کي سلامت رکي! نوڪرياڻيون ۽ دايون گهڻي ئي ملندَوَ. جيڪا
خطا ٿي آھي سا معاف ڪجو. مان وڃان ٿي.“
شاڪره؛
”ٻاھران اوطاق تان پنھنجي پگهار جو حساب چڪتو ڪرائيندي وڃجانءِ!“
آيا؛
”منھنجي طرفئون نصير ميان کي مٺائي کارائجانءِ!“
ايتري
۾ صابر حسين به ٻاھرئون اچي ويو. پڇيائين؛ ”ڇا آھي؟“
آيا؛
”ڪجھ ناھي! سائڻ جواب ڏئي ڇڏيو آ. گهر پئي وڃان.“
صابر
حسين خانگي جهيڙن جهٽن کان ائين ڪترائيندو آھي، جيئن پيرن اگهاڙو ماڻھو، ڪنڊن تي
ھلڻ کان لھرائي. کيس سڄو ڏينھن، ھڪ ھنڌ، ھڪ پير تي بيھڻ ته پسند ھوندو آھي پر ڪنڊن
تي پير رکڻ جي ھمت نه ٿيندي اٿس. ڀروون مٿي ڇڪيندي پڇيائينس؛ ”ڳالھ ڇا ٿي آھي؟“
شاڪره؛
”ڪا به نه! پنھنجي طبيعت آ. دل نه ٿي چوي، نه ٿا رکئونس! ڪنھن جي ھٿ وڪاڻل ته
ناھيون.“
صابر؛
”تو کي ويٺي ويٺي ڪا نه ڪا کچڻي پئي سُجهندي آھي.“
شاڪره؛
”ھائو مون کي ته ان ڳالھ جو جنون آھي. ڇا ڪيان، عادتون جو اھڙيون آھن. تو کي وڻئي
ٿي ته وٺي وڃي ڳچيءَ ۾ ٻڌ! مون وٽ رکڻ جي ضروت ڪانھيس!“
آيا،
گهرئون نڪتي ته سندس نيڻ ٽميا پئي. دل، نصير لاءِ تڙپيس پئي ته ھڪڙو ڀيرو ٻارڙي کي
ھنج تي کڻي پيار ڪريان. پر اھا حسرت اندر ۾ کنيو، کيس گهرئون نڪرڻو پيو.
(۳)
نصير،
آيا جي پٺيان پٺيان ٻنڀي تائين آيو. ليڪن آيا جڏھن دروازو ٻاھران ٻيڪڙي ڇڏيو ته ڊُھي
ھڻي زمين تي ليٽي پيو ۽ ”انا! انا!“ چئي روئڻ لڳو.
شاڪره
آتاريس، پيار ڪيائينس، ھنج ۾ کڻڻ جي ڪيائينس، مٺائيءَ جي لالچ ڏنائينس، ميلو
گهمائڻ جو واعدو ڪيائينس. جڏھن انھن سان به ڪم نه ٿيو ته باندر، سپاھيءَ، ھائوءَ ۽
ھوا جي ڌمڪي ڏنائينس. پر نصير تي ٽڪي جو به اثر نه ٿيو. ايستائين جو شاڪره کي چڙ
اچي وئي. ٻار کي اتي ئي ڇڏي، گهر اچي، ڪم ڪار کي لڳي وئي. نصير جو منھن ۽ ڳٽا،
ڳاڙها ٿي ويا، اکيون سڄي ويس. آخر اتي ئي زمين تي سڏڪا ڀريندي ڀريندي سمھي پيو.
شاڪره
سمجهيو پئي ته ٻار آ، جهٽ سوا روئي رڙي، ماٺ ٿي ويندو. پر نصير، جاڳڻ سان ئي انا انا
جون ڪھاتون شروع ڪري ڏنيون. ٽين بجي ڌاري، صابر آفيس مان آيو ۽ ٻار جي حالت ڏسي،
زال کي ڳاڙهن تارن سان ڏسندي، ٻار کي کڻي
پرچائڻ ويٺو. آخر جڏھن نصير کي يقين ويھجي ويو ته آيا مٺائي وٺڻ وئي آھي ته کيس تسليٰ
ٿي. مگر شام ٿيندي ئي وري رڙيون ھجنس؛ ”انا، مٺائي وٺي آئي؟“
اھڙيءَ
طرح ٻه ٽي ڏھاڙا لنگهي ويا. نصير کي انا جي ڪھات ۽ روئڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ئي نه
ھيو. اھو بي ضرر ڪتو، جيڪو گهڙي به کانئس پري نه ٿيندو ھيو. اھا بي زبان ٻلي، جنھن
کي طاق تي ويٺل ڏسي، خوشيءَ ۾ نه ماپندو ھيو. اھو نه اڏامندڙ جھاز، جنھن تي ھو ساھ
ڇڏيندو ھيو. سمورا سندس اکين ۾ ڪري پيا ھيا. ھيءُ انھن ڏانھن اک کڻي به نه ڏسندو
ھيو. انا جھڙي جيئري جاڳندي پيار ڪندڙ، ھنج ۾ کڻي گهمائڻ واري، ٿڦڪيون ڏئي سمھارڻ
واري، ڳائي ڳائي خوش ڪرڻ واريءَ شيءِ جي جاءِ اھي بي ساھيون ۽ بي زبانيون شيون ڀري
نه ٿي سگهيون. اڪثر سوچيندي سوچيندي ڇرڪي پوندو ھو ۽ انا انا ڪري سڏڻ لڳندو. ڪڏھن
ٻنڀي تي ويندو ۽ انا انا چئي سڏيندو ۽ ھٿن سان اشارا ڪندو، ڄڻ کيس سڏيندو ھجي. انا
واري خالي ڪوٺڙيءَ ۾ وڃي، ڪلاڪن تائين ويٺو ھوندو. کيس اميد ٿيندي ھئي ته انا ھتي ايندي
ھوندي.
انھيءَ
ڪوٺڙيءَ جو دروازو بند ڏسندو ته وڃي ڪڙو کڙڪائيندو ته شايد انا اندر لڪي ويٺي آھي.
ٻاھريون دروازو کلندي، ٻڌندو ته انا انا چئي ڀڄندو ويندو. سمجهندو ته انا اچي وئي
آھي. سندس ماسيرو جسم ڳري ويو ھيو. گلاب جھڙا ڳل، سڪي ويس. ماءُ پيءُ، ٻئي ويچارا،
سندس موھيندڙ مرڪ ڏسڻ لاءِ سڪندا رھجي ويا ھيا. جيڪڏھن گهڻو ڪتڪتايون ڪرڻ ۽ کينچل
ڪرڻ سان کلندو به ھيو ته لڳندو ھيو دل سان نه بلڪ دل رکڻ لاءِ پيو کلي. ھاڻي نه
کيس کير جو ڌيان ھيو، نه مصريءَ جو. نه ميوي سان دل، نه مٺن بسڪوٽن سان چاھ. نه
وري سڄر جليبين جو شوق. انھن ۾ مزو ھيو، جڏھن انا پنھنجي ھٿن سان کارائيندي ھئي.
ھاڻ منجهن مزو نه ھيو. ٻن سالن جو اسرندڙ سھڻو ٻوٽو، مرجهائجي ويو ھيو. اھو ڇوڪرو،
جنھن کي ھنج ۾ کڻندي ئي نرميءَ، گرميءَ ۽ زبان جو احساس ٿيندو ھيو، سو ھاڻي ھڏن جو
پتلو وڃي بچيو ھيو. شاڪره ٻچڙي جي اھا حالت ڏسي ڏسي، اندرئون اندر پِڄرندي ۽
پنھنجي بيوقوفيءَ تي پڇتائيندي رھندي ھئي. صابر حسين، جيڪو طبيعت ۾ اڪيلائي پسند
ھيو، سو ھاڻي نصير کي ھنجئون ھيٺ نه لاھيندو ھيو. کيس ڏھاڙي ھوا خوريءَ لاءِ وٺي
ويندو ھيو. ڀانت ڀانت جا نوان رانديڪا آڻيندو ھيو. پر مرجهايل ٻوٽو، ڪنھن به طرح
اسريو نه پئي. آيا، سندس دنيا جو سج ھئي. ان جي قدرتي گرميءَ ۽ روشنيءَ کان محروم
ٿي، ساواڻ وارو بھار ڪيئن ڏيکاري؟ آيا کان بغير، کيس چؤڦير ٻاٽ اوندھ نظر ايندي
ھئي. ٻي آيا، ٽئين ڏينھن تي ئي رکجي وئي ھئي. پر نصير، ان جي شڪل ڏسندي ئي ٻوٿ
لڪائيندو ھيو. ڄڻ اھا ڪو ديو يا ڀوت ھجي.
وجود
جي دنيا ۾ آيا کي نه ڏسي، ھاڻ نصير گهڻو تڻو خيال جي دنيا ۾ رھندو ھيو. اتي کيس
پنھنجي انا گهمندي ڦرندي نظر ايندي ھئي. سندس اھا ئي ھنج ھئي. اھو ئي پيار ھيو.
اھي ئي پيارا پيارا ڳيچ. اھي ئي مزيدار مٺايون. اھو ئي سھڻو سنسار ۽ اھو ئي دلڪش
ڏينھن راتيون. اڪيلي ويٺي، انا سان ڳالھيون ڪندو. ”انا! ڪتو ڀونڪي! انا ڳئون کير
ڏي. انا گهوڙو ڊوڙي.“ صبح ٿيندي ئي لوٽو کنيو، آيا جي ڪوٺڙيءَ ۾ ويندو ۽ چوندو؛
”انا! پاڻي پي!“ کير جو گلاس کنيو، ان ڪوٺڙيءَ رکي ايندو ۽ چوندو؛ ”انا! کير پي!“ پنھنجي
کٽ تي وھاڻو رکي، چادر سان ڍڪي ڇڏيندو ۽ چوندو؛ ”انا! سمھي!“ شاڪره، ماني کائڻ
ويھندي ته پليٽون کڻي کڻي انا جي ڪوٺڙيءَ ڏانھن ويندو ۽ چوندو؛ ”انا ماني کائي!“
انا ھاڻي سندس لاءِ ھڪڙي آسماني مخلوق ھئي، جنھن جي موٽڻ جي کيس ھرگز اميد نه ھئي.
اھا فقط، گذريل خوشين جو يادگار ھئي، جنھن جي ياد ئي ھن جو سڀ ڪجھ ھئي. نصير جي
لھجي ۾ آھستي آھستي ٻارائپ واري چنچلائپ ۽ وٺ سٺ جي جاءِ تي اڄ حسرت ناڪ ته سڀان ھڪ
مايوس ڪندڙ خوشي نظر اچڻ لڳي. اھڙيءَ طرح ٽي ھفتا لنگهي ويا. مينھن جي مند ھئي.
رکي رکي ٻُٽ ته رکي رکي ھوا جا جهونڪا. ليس تپ جو زور ھيو. نصير جي ھيڻائپ، انھن
موسمي ڦيرن گهيرين جي سٽ نه سھي سگهي. شاڪره کيس احتياطي طور فلالين جي قميص
پارائي ڇڏيندي ھئي. پاڻيءَ جي ويجهو وڃڻ نه ڏيندي ھئي. پيرين اگهاڙو، ھڪ وک نه
ڇڏيندي ھيس. مگر گهِمَ جو اثر ٿي ئي ويس. نصير کنگھ ۾ وٺجي ويو.
(۴)
صبح
جو وقت ھيو. نصير کٽ تي اکيون ٻوٽيو پيو ھيو. ڊاڪٽرن جي علاجن، افاقو ئي نه پئي
ڪيو. شاڪره، کٽ تي ويھي، سندس ڇاتيءَ تي تيل جي مالش ڪري رھي ھئي ۽ صابر حسين، غم
جي تصوير بڻيل ٻار کي، ڏک ڀرين نگاھن سان ڏسي رھيو ھيو. ھيڏانھن ھيءُ، شاڪره سان
گهٽ ئي ڳالهائيندو ھيو. کيس، ساڻس ھڪڙي قسم جي نفرت ٿي وئي ھيس. ھيءُ، نصير جي
بيماريءَ جو سڄو الزام مٿس مڙهيندو ھيو. اھا، سندس نظرن ۾ ڪم ظرف، جاھل مزاج ۽ بي
حس مائي ھئي.
شاڪره
ڊڄندي ڊڄندي چيس؛ ”اڄ، وڏي حڪيم کي سڏائين ھا! شايد ان جي ئي ستي ڦڪيءَ سان افاقو
ٿئيس.“
صابر
حسين، ڪارن ڪڪرن ڏانھن ڏسندي ترش لھجي ۾ چيس؛ ”وڏو حڪيم نه، پر لقمان حڪيم به اچي
ته ھن کي افاقو نه ٿيندس.“
شاڪره؛
”پوءِ ھاڻي ڪنھن جي به ستي نه لڳندس؟“
صابر؛
”بس! ھن جي ھڪڙي ئي ستي ڦڪي آھي، جيڪا ھاڻ اڻ لڀ آھي.“
شاڪره؛
”تنھنجي مغز ۾ ته اھو ئي ويڳ ويٺل آھي. ڇا عباسي اچي ڪو امرت پياريندس؟“
صابر؛
”ھائو! ڀلي تو لاءِ اھو زھر ئي ھجي، ليڪن ٻار لاءِ اھو امرت ھوندو.“
شاڪره؛
”مان نه ٿي سمجهان ته الله جي مرضيءَ ۾ کيس ڪو ايڏو دائو دخل حاصل آھي.“
صابر؛
”جيڪڏھن نه ٿي سمجهين ۽ ھاڻ به نه سمجهيو اٿئي ته ويٺي روءُ! ٻار تان ھٿ ڌوئڻا
پوندءِ!“
شاڪره؛
”ھاڻي ماٺ به ڪر! ڪھڙا شخن پيو ڄڀئون ڄڻين! جيڪڏھن اھڙيون سڙيون سڪيون ٻڌائڻيون
اٿئي ته پوءِ ھتئون ٽر!“
صابر؛
”ھائو! مان ته وڃان ٿو. مگر ياد رکجانءِ؛ اھو خون تنھنجي ڳچيءَ ۾ ھوندو. جيڪڏھن
ٻار کي وري توانو ڏسڻ ٿي چاھين ته انھيءَ عباسيءَ وٽ وڃ! کيس منٿ ميڙ ڪر! ايلاز ڪرينس!
تنھنجي ٻچي جو جيئدان، سندس رحم تي منحصر آھي.“
شاڪره
ورندي ئي نه ڏني. سندس اکين مان آب جاري ھيو.
صابر
حسين پڇيس؛ ”ڇا مرضي اٿئي! وڃانس! وڃي ڳوليانس؟“
شاڪره؛
”تون ڇو ويندينس! مان پاڻ وينديمانس!“
صابر؛
”نه! معافي ڏي! مون کي تو تي ڪو اعتبار ناھي. خبر ناھي تنھنجي واتان الائي ڇا نڪري
وڃي، جو ھوءَ اچڻ به چاھيندي ھجي ته نه اچي.“
شاڪره
مڙس ڏانھن ملامتي نظرن سان ڏسندي چيو؛ ”ھا! ٻيو ڇا. مون کي پنھنجي ٻچڙي جي
بيماريءَ جي ڳڻتي ٿورو ئي آھي. مون شرم وچئون تو کي چيو نه پئي، ليڪن دل ۾ وري وري
خيال پئي آيا ۽ جيڪڏھن آيا جي گهر جي خبر ھجي ھا ته ڪڏھوڪو کيس پرچائي به وٺي اچان
ھا. ھوءَ مون سان ڀلي ڪيترو به ڪاوڙيل ھجي پر نصير سان دل ھيس. مان اڄ ئي وٽس
ويندس. سندس پيرن کي نيڻن جي نير سان تر ڪري ڇڏيندس ۽ جھڙي نموني به راضي ٿيندي،
کيس راضي ڪري وٺي ايندس.“
شاڪره
ڏاڍو پاڻ، آپي ۾ رکندي اھي ڳالھيون ڪيون. مگر ڀريل نيڻ ھاڻ رڪجي نه سگهيس. صابر،
زال ڏانھن ھمدرديءَ وارن نيڻن سان نھاريو ۽ شرمسار ٿيندي چيائينس؛ ”مان تنھنجو
وڃڻ، مناسب نه ٿو سمجهان. مان، پاڻ ئي ٿو وڃانس.“
(۵)
عباسي
دنيا ۾ اڪيلي ھئي. ڪنھن زماني ۾ ته گلاب جو ڄڻ سائو چھچ درخت ھئي. مگر ھلندي
ھلندي، خزان سڀئي پن ڇاڻي ڇڏيس. ھير گنبذ جي ھوائن، درخت کي ئي اجاڙي ڇڏيو. ۽ ھاڻي
ھيءَ سڪل ٽارڙي، ڀريل تريل درخت جو باقي يادگار ھيو. مگر نصير جي ملڻ سان، ھن سڪل
ٽاريءَ ۾ ساھ پئجي ويو ھيو. منجهس، ساوا گؤنچ ڦٽي پيا ھيا. اھا زندگي، جيڪا اڃا
تائين ٺوٺ ۽ اجاڙ ھئي، تنھن ۾ وري رنگ ۽ بوءِ جا آثار پيدا ٿيڻ لڳا ھيا. اونداھي
بيابان ۾ رُليل واٽھڙوءَ کي شمع جو ترورو نظر اچڻ لڳو ھيو. ھاڻ سندس حياتيءَ جي
نھر، پھاڙن سان نه پئي ٽڪري پر اھا ھڪڙي چمن کي پاڻي پياريندي ھئي. ھاڻ ھن جي
حياتي، اجائي نه ھئي. ان ۾ معنوي رنگ پيدا ٿي ويو ھيو.
عباسي،
نصير جي اٻوجهائپ وارين ڳالهين تان گهور پئي ويندي ھئي. مگر ھوءَ پنھنجي پيار کي،
شاڪره کان لڪائيندي ھئي. ان لاءِ ته ماءُ جي دل ۾ ساڙ نه پئدا ٿئي. ھوءَ نصير
لاءِ، لڪائي مٺايون آڻيندي ھئي ۽ کيس کارائي خوش ٿيندي ھئي. ھوءَ ڏھاڙي کيس ٻه ٻه،
ٽي ٽي ڀيرا ابٽڻ مليندي ھئي ته ٻچڙو ساڳائي وجهي. ھوءَ کيس ٻين آڏو ڪا به شيءِ نه
کارائيندي ھئي ته ٻچڙي کي ڪا نظر نه لڳي وڃي. سدائين ٻين سان ٻار جي گهٽ-کائڪ ھئڻ
جا رينگٽ ڪندي ھئي. ٻار لاءِ، بد نظر کان بچڻ لاءِ تعويذ ۽ سڳا آڻيندي رھندي ھئي.
اھا سندس نجي مادرانه محبت ھئي، جنھن ۾ پنھنجي روحاني لذت کان سواءِ ٻي ڪا غرض نه
ھيس.
ھن
گهر مان نڪرندي، اڄ عباسيءَ جي اھا حالت ھئي جيئن ٿئيٽر ۾ کيل ھلندي بجلي ھلي وڃي.
سندس اکين آڏو ساڳي صورت ڪُڏي پئي. ڪنن ۾ ساڳيون پياريون پياريون ڳالھيون ٻُريون
پئي. کيس پنھنجو گهر، کائڻ تي پئي آيو. انھيءَ ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ساھ پئي ٻوساٽيس.
رات،
جيئن تيئن ڪري، گذري. صبح جو ھوءَ گهر ۾ ٻھاري ڏئي رھي ھئي. اوچتو تازي حلوي جو
ھوڪو ٻڌي، پاڻمرادو ٻاھر نڪري آئي. وري ياد آيس. اڄ حلوو ڪير کائيندو؟ اڄ ھنج ۾
ويھي ڪير ٽھڪار ڏيندو؟ اھو، خوشيءَ جو راڳ ٻڌڻ لاءِ، جيڪو حلوو کائڻ وقت نصير جي
اکين، چپڙن بلڪ لڱ لڱ مان ٻُرندو ھيو، عباسيءَ جو روح تڙپي پيو. ھيءَ بيقراريءَ جي
عالم ۾ گهرئون نڪتي ته وڃي نصير کي ڏسي اچان. پر واٽ تان موٽي آئي.
نصير،
عباسيءَ جي مغز مان، جهٽ سوا لاءِ به نه پئي نڪتو. ھوءَ سُتي به ڇرڪ ڀريندي ھئي. سمجهندي
ھئي؛ نصير لٺ جو گهوڙو ٺاھي، مٿس چڙھيو پيو اچي. پاڙي وارين وٽ ويندي ته ڳالھ نصير
جي وات تي ھوندس. نصير سندس روح ۽ رڳ رڳ ۾ ويٺو ھيو. شاڪره جي بي رخيءَ ۽ بد
سلوڪيءَ جي ڏک لاءِ، سندس دل ۾ جاءِ ئي نه ھئي.
ھوءَ
ڏھاڙي ارادو ڪندي ھئي ته اڄ نصير کي ڏسڻ ويندس. سندس لاءِ بازار مان رانديڪا ۽
مٺايون وٺي ايندي. گهرئون نڪرندي. ليڪن ڪڏھن اڌ واٽ تان موٽندي، ڪڏھن ٻه چار وکن
کان وڌيڪ چُري نه سگهندي. ”ڪھڙو منھن کڻي وڃان؟ جيڪو محبت کي دوکو سمجهي، تنھن کي
ڪھڙو منھن ڏيکاريان.“ ڪڏھن سوچيندي؛ ”ڪٿي نصير مون کي سڃاڻي ئي نه ته. ٻارن جي
محبت تي ڪھڙو اعتبار؟ نئين آيا سان دل سرچي وئي ھجيس ته.“ اھو خيال، سندس پيرن ۾ زنجيرن
پوڻ جو ڪم ڪري ويندو ھيو.
ائين
ڪندي ٻه ھفتا گذري ويا. عباسيءَ جي دل، ھر وقت بيزار رھڻ لڳي، ڄڻ کيس ڊگهو سفر ڪرڻو
ھجي. گهر جا ٽپڙ ٽاڙي، جو جتي سو تتي پيو ھوندو. نه ڳڀي جي ڳڻتي، نه ڪپڙي جي ڪاڻ.
جسماني ضرورتون به، دل جو خلاءُ ڀرڻ ۾ لڳل ھيس. عباسيءَ جي حالت، ان وقت پاليل پکيءَ
جھڙي ٿي پئي ھئي، جيڪو پڃري مان نڪري، وري ڪنھن لڪڻ جي جاءِ جي تاڙ ۾ ھجي. کيس
پنھنجي پر ۾ پاڻ کي وندرائڻ لاءِ، ھڪڙو بھانو ملي ويو. سفر لاءِ تيار ٿي وئي.
(۶)
اڀ
۾ ڪارو ڪارونڀار ڇانيل ھيو ۽ سنھون سنھون مينھن وٺو پئي. دھليءَ جي ٽيشڻ تي، ڀلي
پار وڃڻ وارن جا ھشام لڳا پيا ھيا. ڪي گاڏين ۾ ويٺا ھيا، ڪي پنھنجي گهر ڀاتين کان
موڪلائي رھيا ھيا. چؤطرف، ڄڻ ھڪڙو ڪھرام متل ھيو. دنيا، اتي به وڃڻ وارن کي
جهوليءَ مان جهليون بيٺي ھئي. ڪو زال کي پيو پارت ڪري؛ ”ساريون لُبي وڃن ته کڏ
واري ٻنيءَ ۾ مٽر پوکرائجانءِ ۽ باغ جي ڀرسان ڪڻڪ.“ ڪو پنھنجي نوجوان پٽ کي
سمجهائي رھيو ھيو؛ ”مقاطعيدارن تي باقي ڍل جي اُڳاڙيءَ ۾ ويرم نه وجهجانءِ ۽ ٻه
روپيا سَوَ تي سود جا ضرور ڪٽي وٺجانِ.“ ھڪڙو جهونو واپاري، پنھنجي موديءَ کي چئي
رھيو ھيو؛ ”مال اچڻ ۾ دير ھجي ته پاڻ ھليو وڃجانءِ ۽ ھلندڙ شيون وٺجانءِ. ور نه ته
پئسو ڦاسي ويندو.“ مگر اُڙيون ٿُڙيون اھڙيون شڪليون به نظر آيون پئي جن تي مذھبي عقيدت
جو جلوو ھيو. انھن يا ماٺ ۾ پئي اڀ تڪيو، يا تسبيح ۾ گم ھيا.
عباسي
به گاڏيءَ ۾ ويھي سوچي رھي ھئي؛ ”انھن الله جي ٻانھن کي اڃا به دنيا جي ڳڻتي نه ٿي
ڇڏي. ساڳيو وٺڻ ويچڻ جون ڳالھيون. نصير ھن وقت ھتي ھجي ھا ته ڏاڍو روئي ھا. منھنجي
ھنجئون ته مُور نه لھي ھا. موٽي اچان ته کيس ڏسڻ ضرور ويندس. يا الله! ھاڻ ڪيئن به
ڪري، رڳو گاڏي چُري. گرميءَ کان ته ساھ نڪتو ٿو وڃي. ايڏو ڪارونڀار ڇانيل ھيو، پر
وسڻ جو نالو ئي نه پئي ورتائين. خبر ناھي ته ھي ريل وارا دير ڇو ڪيون بيٺا آھن؟ رڳو
اجايو سجايو ھيڏانھن جو ھوڏي پيا ٿا ڊوڙندا وتن ۽ اھو نه اٿن ته جهٽ پٽ ۾ گاڏي
ھلائي وجهن ته ڪو مسافرن کي ساھ ۾ ساھ پوي.“ اوچتو ھن صابر حسين کي سائيڪل ساڻ ڪيو،
پليٽ فارم تي ايندو ڏٺو. سندس ٻوٿ لٿل ھيو ۽ ڪپڙا پسيل ھيس. گاڏن ۾ واجهائڻ لڳو. عباسي،
فقط اھو ڏيکارڻ لاءِ ته مان به حج ڪرڻ پئي وڃان، گاڏي مان ھيٺ لھي آئي. صابر حسين،
کيس ڏسندي ئي، ڀڄندو وٽس آيو ۽ چيائينس؛ ”ڇو عباسي! تون به حج تي پئي وڃين ڇا؟“
عباسيءَ
پڏندي، ڀورڙي ٿي چيس؛ ”ھائو! ھتي ويھي ڇا ڪيان؟ زندگيءَ جو ٺام ٺڪاڻو آھي ڪو نه.
خبر ناھي ته ڪڏھن ٿيون اکيون ٻوٽجن. رب کي منھن ڏيکارڻ لاءِ به وکر ته ھجڻ گهرجي.
نصير ٻچڙو ته ٺيڪ آھي نه؟“
صابر؛
”ھاڻ تون وڃين پئي. نصير جو حال پڇي ڇا ڪندينءَ. ان لاءِ دعائون ڪندي رھجانءِ!“
عباسيءَ
جو سينو وڄڻ لڳو. گهٻرائجي پڇيائينس؛ ”دشمن مرنس! منھنجي ٻچڙي جي طبيعت ته چڱي آھي
نه؟“
صابر؛
”ان جي طبيعت ته ان ڏينھن کان بگڙجي وئي آھي، جنھن ڏينھن تون اتان نڪتي آھين. ڪو
ٻن ھفتن تائين ڏينھن رات انا انا جو راڳُ، رڳن ۾ ھيس. ھاڻ ھفتو ٿيو آھي جو ليس تپ
اچي وڪوڙيو اٿس. سڀ ستيون ڦڪيون ڪري، ھارائي بيٺو آھيان. ٽڪي جو افاقو نه ٿو ٿئيس.
مون ارادو ڪيو ھيو ته تو وٽ ھلي اچي، تو کي منٿ ايلاز ڪري، موٽائي وٺي ھلان. ڇا
خبر، تو کي ڏسي سندس طبيعت سڌري وڃي. ليڪن تنھنجي گهر پھتس ته خبر پئي ته تون حج
ڪرڻ پئي وڃين. ھاڻ ڪھڙي منھن سان ھلڻ لاءِ چوانءِ! تو سان ڪھڙو ڀلو ھليا ھياسين جو
ھُجَ ڪيان ۽ ٻيو ته ڀلي ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ جو به خيال ٿو اچي. وڃ! ھن جو الله حافظ آ.
حياتي ھوندس ته چڙهي پوندو. ور نه ته رب جي ڳالهين ۾ ڪير ڇا ٿو ڪري سگهي؟“
عباسيءَ
جي آکين آڏو، اوندھ ڇانئجي وئي. اڳيان سڀ شيون، ترنديون پئي نظر آيس. عجيب
اُداسيءَ جو واسو ٿي ويس. دليئون دعا نڪتس؛ ”الله! منھنجي جان صدقي، منھنجي نصير
جو وار به ونگو ٿيڻ نه ڏجانءِ!“ ان ڪيفيت ۾ نڙي ڏوگهرجي ويس. ”مان ڪھڙي نه پٿر دل
آھيان. پيارو ٻچڙو روئي روئي ڪنڊا ٿي ويو ۽ مان کيس ڏسڻ به نه ويس. شاڪره ڀلي
بدمزاج ھجي، ڀلي بدزبان ھجي پر نصير منھنجو ڇا بگاڙيو ھيو؟ مون، ماءُ جو بدلو،
نصير کان ورتو. اي الله! منھنجا ڏوھ گناھ بخش! پيارو نصير، مون لاءِ ھُڙڪي پيو. (ان
خيال سان عباسيءَ جو ھيانءُ پُريٽجڻ لڳو ۽ اکين مان ڳوڙھا به ڳڙي پيس) مون کي ڪھڙي
خبر ته ان جي مون سان ايڏي دل آھي. ور نه ته شاڪره جا پادر پئي جهليان ھا پر
گهرئون ٻاھر وک نه وجهان ھا. آھ! خبر ناھي ويچاري جي ڪھڙي حالت آ؟“ ڀوائتي انداز ۾
پڇيائينس؛ ”کير ته پيئي ٿو نه؟!“
صابر؛
”تون کير پيئڻ جي ٿي ڳالھ ڪرين. ھن ٻن ڏينھن کان اکيون ڪو نه پٽيون آھن.“
عباسي؛
”يا منھنجا الله! اڙي او قلي، قلي پٽ! اچي ھيءُ مون وارو سامان ته گاڏيءَ تان لاھ!
ھاڻ مون کي حج ٻج ناھي ڪرڻو. ھائو پٽ! جلدي ڪر! اڙي ڏس ڪو ٽانگو ھجي ته نجو ڪرائي
ڏجانءِ!“
ٽانگو،
روانو ٿي ويو. اڳيان واٽ تي کوڙ ٻگهيون بيٺون ھيون. گهوڙو آھستي آھستي ھليو پئي.
عباسيءَ رکي رکي وٽ پئي کاڌا ۽ ٽانگي واري کي پئي چيائين؛ ”پٽ! جلدي ڪر! مان تو کي
ڀاڙو وڌائي ڏيندس!“ واٽ تي مسافرن جي رش ڏسي، سندس دل پئي چيو ته جيڪر گهوڙي کي پر
لڳل ھجن. ليڪن صابر حسين جو گهر ويجهو آيو ته عباسيءَ جي ڇاتي زور سان اڇلون کائڻ
لڳي. ورجائي ورجائي دل مان اھا دعا پئي نڪتس؛ ”خدا ڪري! سڀ ڪجھ خير عافيت سان
ھجي.“
ٽانگو،
صابر حسين جي گهٽيءَ منجھ گهڙيو ته اچانڪ عباسيءَ کي روئڻ جو پڙلاءُ ڪنين پيو.
سندس آنڊا وات ۾ اچي ويا. مٿو، ڦرڻ لڳس. درياھ ۾ لڙھندي پئي وڃان. دل چيو ٽانگي
مان ٽپو ڏيان. مگر جهٽ کان پوءِ خبر پيس ته ھڪڙي مائيءَ، پيڪن کان پئي موڪلايو ته
وري دلجاءِ ٿيس.
آخر،
صابر حسين جو گهر اچي ويو. عباسيءَ ڊڄندي ڊڄندي، دروازي ڏانھن ائين تڪيو، جيئن ڪو
گهرئون ڀڳل يتيم ٻار، شام ڌاري اڃيو بکيو گهر موٽي اچي ۽ دروازي ڏانھن ھيسيل اکين
سان ڏسي ته ڪير ويٺو ته ناھي. دروازي تي چُوڪٽ ئي نه ھيو. بورچي ويٺو حقو پي رھيو
ھيو. عباسيءَ کي ٿورو ساھ ۾ ساھ پيو. گهر ۾ گهڙي ته ڏٺائين نئين آيا ويٺي گوشت
رڌي. ھيانءُ سڌير ٿيس. شاڪره جي ڪمري ۾ وئي ته ان جي دل، اونھاري جي منجهند واري
اس وانگر پئي ٽچڪي. شاڪره، نصير کي ھنج ۾ کنيو، دروازي ڏانھن جُوھ وجهيو ويٺي ھئي.
ڏک ۽ نراسائيءَ جي جيئري جاڳندي تصوير.
عباسيءَ،
شاڪره کان ڪجھ به نه پڇيو. نصير کي سندس ھنج مان کڻي ورتائين ۽ ان جي ٻوٿ ڏانھن
آلين اکين سان ڏسندي چيائين؛ ”ٻچڙا! نصير! اکڙيون ته کول!“
نصير
اکيون کوليون. جهٽ سوا ته آيا کي، ماٺ ڪري ڏسندو رھيو. پوءِ اوچتو آيا جي ڳچيءَ ۾ ڳراٽڙي
وجهي چوڻ لڳو؛ ”انا اچي! انا اچي!“ نصير جو پيلو ۽ مرجهايل چھرو ٻھڪي پيو، ڄڻ
وسامندڙ ڏيئي ۾ تيل پئجي ويو. ائين لڳو ڄڻ ھو ٿورو وڌي ويو ھجي.
ھڪڙو
ھفتو گذري ويو. صبح جي ويل ھئي. نصير اڱڻ ۾ کيڏيو پئي. صابر حسين اچي کيس ھنج تي
کنيو ۽ پيار ڪندي چيائينس؛ ”تنھنجي انا کي مار ڏئي ڀڄايونس؟“
نصير،
چٻ ڪڍندي چيس؛ ”نه! روئندي!“
عباسيءَ
چيس؛ ”ڇو ٻچڙا! مون کي ته تو ڀلي پار به وڃڻ ڪو نه ڏنو. منھنجي حج جو ثواب ڪير
ڏيندو؟“
صابر
حسين مرڪي چيس؛ ”تو کي ان کان الائي ڪيترو وڌيڪ ثواب ملي ويو. ان حج جو نالو آ؛ حج
اڪبر.“
(ماھوار ھمسري حيدرآباد آنلائين جي جولاءِ ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل)
No comments:
Post a Comment