Sunday, June 2, 2024

ڪيداريءَ ماءُ - ڪالڪي ڪرشنا مورتي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪيداريءَ ماءُ

(تامل ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: ڪالڪي ڪرشنا مورتي

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ٿلھ:

ھاڻوڪن ڏينھن ۾ جڏھن مون اخبارن منجھ ”امامي اپالم“ (ماسيءَ جا پاپڙ) جا اشتھار ڏٺا ته دنگ رھجي ويس. ڇو جو مون کي ڀاگيرتي ماسي ياد اچي وئي ھئي. جڏھن مون کي سندس دادلي پٽ ۽ پنھنجي گھاٽي دوست ڪيداريءَ جي بي وقتي موت جو خيال دل تي تري آيو ته منھنجي سڄي سرير ۾ بيچينيءَ جو دورو پئجي ويو. ڪير سوچي به سگھيو پئي ڇا ته ڪيداريءَ جو انجام، اھو ٿيندو!؟!؟ جڏھن، اھڙا ڪي واقعا دل تي تري ايندا آھن ته انسانيت تان ئي اسان جو ايمان لُڏي ويندو آھي ۽ تقدير جي جبر تي يقين پڪو ٿيڻ لڳندو آھي.



جڏھن ڪيداري، روڳي ٿيو ته چينائيءَ جو ڪھڙو مشھور ڊاڪٽر ھيو، جنھن کيس نه ڏٺو ھيو! ليڪن، ڪير به ڪيداريءَ جو مرض ڳولي نه سگھيو. مڙئي، ھر قسم جي روڳن ۽ انھن جي پيچيدگين جو بيان ڪندا رھيا ۽ دوا درمل به ڪندا رھيا، ليڪن ڪيداريءَ کي بچائي ڪو نه سگھيا. ھو مري ويو. پنھنجي سمورن سنگتين ۽ مِٽن مائٽن کي حيرت ۾ ٽنگيون ڇڏي ويو. .. جنھن جي ڪري ڊاڪٽرن تائين، مڙني جي بدنامي ٿي. ”ڪٿان جي ڊاڪٽري آ؟! ڪھڙا ان جا اصول!؟ ۽ ڪھڙا ڊاڪٽر!؟! سڀ بڪواس آھن!!“ مڙني جي زبان تي اھو ئي ھيو.

مان اھي ڳالھيون ان ڪري پيو لکان جو ھر ماڻھوءَ کي اھا سُڌِ ملي وڃي ته ڪيداريءَ جي معاملي ۾ نه ئي ڪنھن ڊاڪٽر جي ڪا غلطي ھئي ۽ نه ئي ميڊيسن جا اصول غلط ھيا. سندس تن-روڳ جو تعلق من-روڳ سان ھيو... ۽ سندس من-روڳ، انھن مڙني روڳن جو نتيجو ھيو، جن ۾ اسان جو معاشرو وڪوڙيل آھي. اھا ڳالھ ڊاڪٽرن جي سمجھ ۾ ڪٿان ايندي؟! سندس پياري امڙ ۽ سندس نوجوان ونيءَ تائين، ڪنھن کي به ان راز جي سُڌِ نه ھئي. سندس ڇتڙن جو يار، يعني سندس دل گھريو سنگتي، يعني مان ئي اڪيلو ماڻھو آھيان، جيڪو ان راز کان واقف ھيس. ڪيداريءَ جي موت وقت، مان ايڏو ته ڏکارو ۽ ٽٽل ھيس جو اھا ڳالھ ڪرڻ يا لکڻ، منھنجي وس ۾ ئي نه ھئي.

جي ھا! سندس ڪھاڻي، انتھائي ھيانءُ ساڙيندڙ آھي.... اسان منجھان ڪيترا ماڻھو، ڊراما ان ڪري ڏسڻ ويندا آھن ته جيئن ڏکارن جذبن کي محسوس ڪري سگھن.... پر حقيقي حياتيءَ ۾ اسان جون اکيون اھڙن دکدائڪ واقعن جو مشاھدو ماڻڻ ۾ ناڪام ئي رھنديون آھن، جيڪي اسان جي اکين اڳيئون ايندا رھندا آھن. بھتر ٿيندو ته اھڙا ماڻھو، ڪيداريءَ جي ڪھاڻي، پڙھن ئي نه.

(۱)

ڪيداريءَ جي يادگيري ۾، سندس پيءُ جي ڪا به تصوير سانڍيل نه ھئي. ڪيداري اڃا ٽن سالن جو ھيو جو سندس پيءُ پنھنجو گھر ۽ شھر ڇڏي، ھليو ويو ھيو. ھڪڙي من موھڻيءَ ڊراما آرٽسٽ جي ڄار ۾ ڦاسي، سندس پيءُ پنھنجي نوجوان وني ۽ ٽن سالن جو پٽ، نڌڻڪا ۽ بي سھارا ڇڏي، ڀڄي ويو ھيو. ھڪڙي ڊگھي عرصي تائين اسان کي سندس باري ۾ ڪو به پتو کرو نه ھيو. جڏھن ڪيداريءَ جي پرڻي جون ڳالھيون چُريون ته اھي سموريون ڳالھيون ڪيداريءَ-ماءُ واتئون معلوم ٿيون.

ماسي ڀاگيرتيءَ جڏھن ڪيداريءَ کي چيو ته؛ ’وڃ! ان ڇوڪريءَ کي ڏسي آءُ، جنھن سان تنھنجو پرڻو ٿيڻ وارو آھي!‘ تنھن تي ھن چيس؛ ”اگر تو ڳولي آ ۽ مون لاءِ پسند ڪئي اٿئي ته پوءِ ٺيڪ ئي آ. جيڪڏھن تون چوندينءَ ته مان رنڙ سان به پرڻبس.“

ٽوڪيومانس؛ ”ٻيو ڇا کپئي ماسي! ھن ڪلجڳ ۾ تو کي ٻيو ڪو اھڙو ماڻھو ڪو نه ملندو. ھاڻ تون ئي فيصلو نبير!“

ڀاگيرتيءَ امڙ، ھڪ نه ٻڌي. چي؛ ”جڏھن ڪيداري، ڇوڪريءَ کي نظر مان ڪڍندو ۽ چوندو ته اھا ڇوڪري کيس پسند آ، مان تڏھن ئي پرڻي جي تٿ ٻڌندس.“

ان کان پوءِ، پاڻ سڀ ڪجھ ٻڌايائين، جنھن ۾ ڪيداريءَ جي پيءُ جي ڪھاڻي به ھئي....

”اسان وٽ اھڙا پرڻا پيا ڏھاڙي ٿين، جن ۾ ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جي منسا پڇي ئي نه ويندي آ. جنھن جي نتيجي ۾ سندن حياتيءَ ۾ به ڀانت ڀانت جون پريشانيون ڪَرُ کڻنديون رھنديون آھن. جڏھن ھن جي پيءُ، اسان کي ڇڏيو ته سڄي پاڙي وِڏون ڪڍيون. ان وقت ڪاوڙ سببئون منھنجو ساھ به منجھي منجھي پئي ويو. چاليھارو ڏينھن تائين ته ھنڌ تان ئي اٿي نه سگھيس. بعد ۾ جڏھن اٿيس ۽ حالتن تي غور ڪيم ته اندازو ٿيم ته ان ۾ ھن جو ڪو قصور ئي ڪو نه ھيو. منھنجو خيال آھي ته ھن مون سان پرڻو ڪرڻ ئي نه پئي چاھيو. منھنجو اھو به خيال آھي ته ھن دل جو اوڳر به ڪڍيو ھيو. ۽ مون کي پڪ آھي ته کيس مون سان پرڻي تي مجبور ڪيو ويو ھيو. اسان ٻنھي، جيئن تيئن ڪري چار پنج سال گڏ ڪڍيا. ڏند ڪُرٽي ڪّرٽي..... پوءِ اھا ناٽڪڻ آئي ۽ ھيءُ به ڪڍ ھليو ويس.“

جڏھن ھوءَ پاڻمرادُو ايترو ٻڌائي چڪي ته مون ٿورو پاڻ سنڀالي، ٻيا به ڪجھ سوال پڇيس. جن سان اڃا وڌيڪ ڳالھيون کلي پيون. مون کي لڳي ٿو ته ڪيداريءَ جو پيءُ سندرا راما آئر، ھڪڙو سھڻو ۽ ڳڀرو شخص ھيو، ۽ ڳائيندو به سريلو ھيو. تن ڏينھين، ھو ترومنگلم جي پوسٽ آفيس ۾ ڪلارڪ طور ملازم ھيو. رنگامني نالي واري ھڪڙي ڊراما اداڪاره، وسنديءَ ۾ پنھنجا ڊراما، اسٽيج ڪري رھي ھئي. ھڪڙي ڏھاڙي خبر ڇپي ته ڊرامي ۾ ايان (ھڪڙو داستانوي راجا) جو پارٽ، جنھن اداڪار کي نڀائڻو ھيو، سو بيمار ٿي پيو آھي. جنھنڪري ان ڏينھن تي اھو ڊرامو، پيش نه ڪري سگھبو. ڪيداريءَ-پيءُ کي کيلَ ڏسڻ جو جنون ھيو. ڊرامو، ورائي ورائي ڏسڻ جي ڪري، کيس اھو زباني ياد ٿي چڪو ھيو. ٻيو ته ھيءُ ان جي مڙني گانن کي الٽو ڪري به ڳائي سگھيو پئي. تنھنڪري، وٽن وڃي چيائين؛ ”مان راجا جو پارٽ ادا ڪندس.“ ڊرامي جا ڪي راڳ، کين ڳائي به ٻڌايائين. رنگامني، راضي ٿي وئي. ڊرامو پيش ٿيو. پنھنجي اداڪاريءَ سان، ڪيداريءَ-پيءُ، مڙني کي حيران ڪري ڇڏيو. ماسي به ڏاڍو ٽَڏِي پئي. اھا ڊراما ڪمپني، جيترو وقت ترومنگلم ۾ رھي، ڪيداريءَ-پيءُ ڪمپنيءَ سان ئي رھيو. شھر ۾ افواھ ھيا ته ھن نوڪريءَ کئون استعفا ڏئي ڇڏي آھي. ماڻھن ته اھو به چيو پئي ته ڊرامي واريءَ، کيس پنھنجي واسينگ زلفن سان ونگي، پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو آ، ٻيو ته اھا کيس پاڻ سان وٺيو ويندي... ليڪن ڀاگيرتي ماسيءَ، انھن مڙني ڳالھين کي مڃڻ کان مورئون انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ ھڪ ڏينھن، اھا ڊراما ڪمپني، ڪُوچ ڪري وئي. ٻئي ڏھاڙي تي سندرا راما آئر به گم ٿي ويو. بعد ۾ اھا خبر پئي ته ڊراما ڪمپني، سري لنڪا ھلي وئي آھي ۽ ھيءُ به پٺيان وڃي پھتو اٿن.

ان کان پوءِ جي ڪا خبر ڪا نه پئي. ائين پيو لڳي ته اھا ڊراما ڪمپني سري لنڪا، برما، سنگاپور ۽ پينانگ وغيره جا دورا ڪندي رھي. سالن پڄاڻان، اھا چينائيءَ به آئي ھئي، ليڪن تيستائين ڀاگيرتي ماسي، سندس باري ۾ سوچڻ صفا ڇڏي ڏنو ھيو. سندس مڙني چاھتن جو مرڪز، ھاڻ ڪيداري ئي ھيو.

جڏھن ڀاگيرتي ماسيءَ جي پيءُ ٻڌو ته کيس ڇڏي ڏنو اٿن ته ھو ترومنگلم آيو ۽ کيس ساڻُ ڪري، ڳوٺ وٺي ويو. سندس ڪمائيءَ جا وسيلا محدود ھيا. ٻيو ته ڀاگيرتيءَ کان علاوه کيس ٻيو اولاد ڪو نه ھيو. پنھنجي ڳوٺ ۾ وڌيڪ پنج ڇھ سال رھيا. پوءِ ڪيداريءَ جي پڙھائيءَ جي خيال کئون، تريچوراپليءَ لڏي اچي رھيا.

(۲)

اھي سڀ ڄڻ ڪلھوڪيون ڳالھيون ھجن. تن ڏينھين، منھنجا پيءُ ماءُ، تريچوراپليءَ جي متروبوتم اسٽور ۾ رھندا ھيا. مان پھرئين درجي ۾ پڙھندو ھيس. اسٽور ۾ اسان جي گھر جي آمھون سامھون واري گھر کي چڱي وقت کان تالو لڳل ھوندو ھيو. وري ھڪڙي ڏھاڙي خبر پئي ته اتي ڪير اچڻ وارو آھي ۽ مان سندن اچڻ جو تجسس سان اوسيئڙو ڪندو رھيس. ھڪڙو نانو، ھڪڙي ناني، ھڪڙي ماسي ۽ ھڪڙي ڇوڪري جي صورت ۾ اھي ماڻھو تين جي پراڻين پيتين، ڳوٿرن ۽ ٻئي سامان سميت اچي سھڙيا. مون کي اھا ڳالھ خاص طور تي ياد آھي؛ سونو ڪڙو پاتل، ويڙھيل چوٽيءَ واري مٿي تي ٽوپي پاتل ان ڇوڪري کي ڏسي، حيرت وچئون منھنجي واڇ گودو ٿي وئي ھئي.

اھو ڇوڪرو، ڪيداري ھيو. جڏھن ساڻس پھريون ڀيرو ڳالھ ٻولھ ٿي ته ھو مون کي وڻي ويو. ڳوٺاڻو ھئڻ جي ڪري، ھن ڳالھ ڳالھ تي حيرت ظاھر پئي ڪئي. پائيپ مان نڪرندڙ پاڻيءَ کي ڏسي، ٽھڪ ڏئي کلندو ھيو. صبح ٽاڻي، ھو ٿايامونا سواميءَ تيرو منجنم جي لاءِ پاڻي آڻيندڙ ھاٿيءَ کي ائين اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏسندو ھيو، جو لڳندو ھيو اجھو سندس دوڏا پاکن مان نڪري، اچي ٻاھر ڪريا. ھو ھر ڳالھ تي، بنا بريڪ سوال پڇندو ھيو ۽ انھن جا جواب به بي تُڪا ڏيندو ھيو.

انھن ڪيداريءَ کي، منھنجي ئي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني، ۽ ڪلاس به ان ۾، جنھن ۾ مان پڙھندو ھيس. ائين، اسان ٻئي پڪا يار ٿي وياسين. مان اوھان کي سچ سچ ٻڌايان ته مان پڙھائيءَ ۾ وچٿري درجي جو ھيس ليڪن راند روند ۽ واتوڙائپ ۾ سدائين پھريون نمبر رھندو ھيس. ان جي ڀيٽ ۾، ڪيداري پڙھائيءَ ۾ مڙني کان اڳتي ھيو، ۽ ٻين ڳالھين ۾ صفا وچٿري درجي جو ھيو.... ھر اسڪول ۾ داٻو رکندڙ ڇوڪرن جو ھڪڙو ٽولو ضرور ھوندو آھي، جيڪي پڙھاڪو ڇوڪرن تي چٿرون ۽ ٺٺوليون پيا ٺاھيندا آھن ۽ کين پيا پريشان ڪندا آھن. ليڪن اسان جي اسڪول ۾، منھنجي ڀَوَ تتان، ڪيداريءَ کي تنگ ڪرڻ لاءِ ڪو به اڳيان نه آيو.

تيروچيءَ ۾ اچڻ کان لڳ ڀڳ ٽن سالن پڄاڻان، ڪيداريءَ جو نانو گذاري ويو. وٽس جيڪو ڏوڪڙ پئسو ھيو، جنھن سان ھن جي اسڪول جو خرچو پکو ٿيندو ھيو، تيستائين سو به سمورو کپي چڪو ھيو. ڳوٺ واري ٻني ٻاري تان جيڪو اناج ملندو ھين، سو سندن پيٽ قُوتَ ۾ ئي مس پورو ھيو. ھاڻي باقي رھيو وڃي گھر جي ڪرايي ۽ ٻين خرچ پکن جو مسئلو، سو حل ڪرڻ لاءِ، ماسيءَ ۽ نانيءَ پاپڙ ٺاھي وڪڻڻ شروع ڪيا ھيا.

ڪڏھن ڪڏھن ائين به ٿيندو آھي جو صفا اوپرن ماڻھن ڏانھن اسان جي دل ڇڪجي ويندي آھي. خبر ناھيم ته اھو شايد ان لاءِ ھوندو آھي جو پھرين ملاقات، تمام وڏو اثر وجھندي آھي.... ليڪن ٿيو ائين جو ڀاگيرتي ماسيءَ ۾ اھڙي پنھنجائپ محسوس ٿيڻ لڳم، جھڙي پنھنجي سڳي ماءُ لاءِ به نه ڪندو ھيم. اسان جا پاڙيسري کيس ’مُٺي‘ ڪوٺيندا ھيا، يعني اڀاڳڻ، جنھن کي مڙس ڇڏي ويو ھجي. انھن ڳالھين، منھنجي دل ۾، سندس عزت اڃا وڌائي ڇڏي ھئي. مان پنھنجي سنگتين ساٿين کي، ڀاگيرتي ماسيءَ جا پاپڙ وٺڻ لاءِ، پارت ڪندو ھيس ۽ ائين سندس وِڪريءَ ۾، ماسيءَ جي مدد ڪندو ھيس.

ٿوري عرصي پڄاڻان، ناني به مري وئي.

ماءُ پٽ، ساڳئي گھر ۾ رھندا ھيا. ڪيداري، پنھنجي امڙ جو ھر چيو مڃيندو ھيو ۽ سندس سموريون ڪلفتون دور ڪندو ھيو. پوري چينائي راڄڌانيءَ ۾، ھر درجي ۾ پھريون نمبر ايندو رھيو. سندس ڪاميابيءَ تي ھڪ ڀيري مان ته ايڏو خوش ٿيو ھيس جو، ان سال امتحان ۾ پنھنجي فيل ٿيڻ جي شرمساري ئي وسري وئي ھيم.

(۳)

جيئن ئي ڪيداريءَ ڪاليج ۾ داخلا ورتي، پرڻي لائق ڇوڪرين جي مائرن، ماڻس کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. سندس جاءِ تي ڪا ٻي ھجي ھا ته سوچي ھا؛ ھاڻ پاپڙن ويلڻ جي مصيبت مان آجائي ملندي. ۽ اھو سوچي ڪنھن ڇوڪريءَ سان سندس پرڻو ڪري ڇڏيو ھجائين ھا... ليڪن زندگيءَ جي سختين، ڀاگيرتي ماسيءَ کي جيڪي سبق سيکاريا ھيا، تن سان ھوءَ ڏاھي ٿي وئي ھئي. ان ڪري پير کوڙي چيائين؛ جيستائين ڪيداري بي اي نه ٿو ڪري، تيستائين سندس پرڻي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.

تنھن ڪري، ڪيداريءَ جي بي اي ڪندي ئي، ھوءَ سندس پرڻي جي ڳَڻَ ڳُوتَ ڪرڻ لڳي.

 

ڇا اوھان مني پورم جي زميندار کي ڪو نه ٿا سڃاڻو! تن ڏينھين، ھو اسٽوڊنٽس ڪلب جو منتظم ھيو. سو به تاڙيو ويٺو ھيو ته ڪيداري سدائين پھريون نمبر ٿو کڻي، گھڻيئي تمغا به حاصل ڪيا اٿائين، شڪل شبيھ جي لحاظ کان به کيس وڻندو ھيو ۽ قد ڪاٺ جي لحاظ کان به.... تنھنڪري، ان ماڻھن آڏو پنھنجي منسا ظاھر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ پنھنجي ڌيءُ جو ھٿ، ڪيداريءَ جي ھٿ ۾ ڏيڻ جو پئي چيائين. جڏھن ڪيدرايءَ کان سندس راءِ پڇي وئي ته ان جواب ڏنو؛ اھو فيصلو امڙ ئي ڪندي. ڀاگيرتي ماسي به ھِرکجي پئي ته اھڙو ڀلو سَڱُ پيو ملي، ليڪن سندس نظر پنھنجي نشانَ تي ئي کُتل ھئي. ٻي ڪا مائي ھجي ھا ته پنج ڏھ ھزار روپيا روڪ وٺڻ جو مطالبو ڪري ويھي ھا. ليڪن ڀاگيرتي ماسيءَ وڏي نڪ جي پڪائيءَ سان چين؛ ”روڪڙ پئسي جي ڪو کَپُ ڪونھي. اوھان بس پرڻو ڪري ڏيو ۽ جيڪو ڏيڀُ ڏيوڻ يا ڏاجو-پِڙو ڏيڻ چاھيو ٿا، سو پنھنجي مرضيءَ سارو ڏجوس... ليڪن ايترو ڪيو جو منھنجي پٽ کي ولايت موڪليوس ۽ آءِ سي ايس ٿيڻ ۾ مدد ڪيوس.“

مون کي سُڌِ ھئي ته ماسيءَ جي مغز ۾، آءِ سي ايس جي خيال جو مانڌاڻ متل آھي. ڇو جو ھڪ دفعي مون کان، ان بابت سمورا تفصيل پڇي چڪي ھئي. سڄو پاڙو حيران ھيو. ڪن ته ائين چئي به ٽوڪون ڪيس؛ ”مائيءَ جي مڳي ته ڏسو! ھڪڙو پٽڙو اٿس، تنھن کي به ست سمنڊئون پار پئي موڪلي!“

زميندار نرسمھا آئر، پڪن عقيدن وارو شخص ھيو. ان ڪري پھرين ته ٿورو گھٻرائجي ويو. ليڪن بعد ۾ ڪن اھم شاسترين ۽ عالمن سان صلاح مشورا ڪري، ان ڳالھ جي پڪ ڪيائين. سمنڊئون پار سفر تي وڃڻ وارن لاءِ، شاسترين به گناھ جي توڙ جا رستا ڪڍي ٻڌايس، تڏھن مسين وڃي ان مِٽِيءَ تي راضي ٿيو... ليڪن منھنجو خيال آھي ته سندس راضي ٿيڻ جو اصل سبب ھيءُ ھيو؛ ”ڇا مون ۾ ايتري به ذھني سگھ ناھي، جيتري ھڪ عورت وٽ آھي!“

ڳالھيون پڪيون ٿيڻ کان پوءِ، ماسيءَ ڪيداريءَ کي چيو ته؛ ”وڃ! ۽ انھيءَ ڇوڪريءَ کي ڏسي آءُ، جنھن سان تنھنجو پرڻو ٿيڻو آ.“ مان به ساڻس گڏ ويس. ان کي ڏسي مون کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ته ڪيداريءَ جو پنھنجي ماءُ تي ڀروسو ڪرڻ ڪيترو نه درست ھيو. ڇوڪري، طوطيءَ وانگر پَرين پُڇَين، ڏاڍي سھڻي ھئي. ڇا ته حسين جوانڙي ھئي. سندس عمر به تيرھن چوڏھن ورھيہ کن جي ھوندي.

ھاڻ ويھي قصا ڪُٽڻ مان ڇا ورندو! ٿورن لفظن ۾ اھو آ ته وڏي ٺاٺ باٺ سان پرڻو ٿيو. ورندي سال، ڪيداري انگلينڊ روانو ٿي ويو. کيس جھاز تي چاڙھڻ لاءِ مان ئي بمبئيءَ تائين ويس.

مني پورم جي ماڻھن گھڻو ئي گھريو ته ڀاگيرتي ماسي موٽي اچي ۽ ساڻن اچي رھي. ليڪن ماسيءَ ھمت نه ھاري. سندس ھڪڙي ماسي يا پڦي ھئي جيڪا ٻه ٻار ڇڏي مري وئي ھئي، ماسيءَ انھن ٻارن کي ڳوٺئون گھرائي ورتو. ھڪڙو جدارو گھر ڪرايي تي وٺي، کين پالڻ پوسڻ لڳي. ليڪن پنھنجي پٽ جي گھر ۽ آڪھ جي عزت آبروءَ جو اونو ڪندي، ھن ھاڻ پاپڙ ٺاھي وڪڻڻ، بلڪل ڇڏي ڏنا ھيا.

(۴)

ڪيداريءَ کي ولايت وئي، اڃا ست اٺ مھينا مس گذريا ھوندا جو ھڪڙي ڏھاڙي مني پورم جي واليءَ جي گھرئون ھڪڙو ماڻھو مون کي وٺڻ آيو. مان اتي پھتس ته نرسمھا آئر، مون کي ھڪڙو خط ڏنو ۽ چيائين؛ ”پڙھ!“ اھو خط، رنگون کان ڪنھن سندرا راما آئر نالي موڪليو ھيو. خط ۾ ان ڳالھ تي خوشيءَ جو اظھار ٿيل ھيو ته اوھان پنھنجي ڌيءَ جو پرڻو، راقم جي پٽ سان ڪيو آھي. خط ۾ اھو به لکيل ھيو ته تريچيءَ مان ڪو ماڻھو رنگون آيو ھيو، جنھن کان سمورا حال احوال مليا ھيا. ٻيو اھو عرض ڪيل ھيو ته جيڪڏھن ٿورا پئسڙا موڪلي سگھو ته مھرباني ٿيندي، جو مان پنھنجي وطن موٽڻ ۽ مڙني سان ملڻ ٿو چاھيان.

نرسمھا آئر، مون کان پڇيو؛ ”تنھنجو ڇا خيال آ شنڪر! اھو سڀ ڪجھ سچ ٿي سگھي ٿو؟“

”لڳي ته سچ ئي ٿو. وري به مان ھي کڻي وڃي ماسيءَ کان ٿو پڇان!“ اھو چئي، مون خط پاڻ وٽ رکيو ۽ ماسيءَ سان ملڻ لاءِ، موڪلائي ھليو آيس.

ماسيءَ کي خط ڏيکاريم. منھنجو اھو انديشو ته خط ڏسي ھوءَ روئي پوندي ۽ وڏو بغاغو ڪندي، وھم ئي ثابت ٿيو. ڇا ھيءَ اھا ساڳي عورت نه ھئي، جنھن سيني تي جنڊ رکي، پنھنجي اڪيلي پٽ کي ولايت موڪليو ھيو؟ خط پڙھڻ پڄاڻان چيائين؛ ”ھا! ھيءُ ھٿ-اکر سندس آھن!“ پوءِ ھوءَ ماٺِ ٿي وئي. وري جھٽ سوا سوچ ويچار ڪندي رھي. ھڪ اڌ دفعو، آھ به ڀريائين. سندس اکين مان ڳوڙھن جو ٽيپو به نه ڳَڙيو.

چيومانس؛ ”ماسي! نرسمھا آئر چوي ٿو ته ھو کيس پئسا موڪلي ڇڏيندو.“

ماسي ٽپ ڏئي اٿي ۽ اندران وڃي پيتيءَ مان ڪرنسيءَ جا ڪجھ نوٽ کڻي آئي. اچي منھنجي ھٿ تي رکيائين. سندس ڪٺي ڪيل ڪل روڪڙ، اسي روپيا ھئي.

”شنڪر! ھيءُ اھي پئسا آھن، جيڪي مون پاپڙن مان ڪمايا ھيا. اھي سمورا، منھنجي نالي سان ئي کيس موڪلي ڇڏ! ھتان جو اتو پتو به موڪلجانس ۽ لکجانس ته سڌو ھتي ئي اچي.“ ماسيءَ چيو.

ماسيءَ جو آواز ڏوگھريل لڳي رھيو ھيو. جڏھن ته منھنجي اکين جا تنر، پاڻيءَ سان ڀرجي ويا ھيا.

جڏھن جڏھن به اھي واقعا ساريندو آھيان ته اڄ به منھنجي دل جو دھڪو وڌي ويندو آھي ۽ ھٿ ڏڪڻ لڳندا آھن.

ڏھن ڏينھن اندر، مني آرڊر واپس موٽي آيو. جنھن ايڊريس تي اسان مني آرڊر موڪليو ھيو، اتئون جواب آيو ھيو. ڪنھن لکيو ھيو ته مني آرڊر ملڻ کان اڳ ئي سندرا راما آئر وفات ڪري ويو ھيو ۽ سندس ڪفن دفن انھن رسمن مطابق ڪيو ويو ھيو، جيڪو لاوارث لاشن جي لاءِ ڪبو آھي.

ڀاگيرتي ماسيءَ ھڪ اھڙي مڙس لاءِ سوڳ ڪيو، جنھن جي شڪل ھن پنھنجي اکين سان پوين ارڙھن سالن کان ڏٺي ئي نه ھئي. ڏھين ڏھاڙي تي برھمڻ بيوھن لاءِ مخصوص ڪيل رسمون ادا ڪيون ويون، ۽ سندس مٿي جا وار، ڪوڙائي ڦٽا ڪيا ويا.

ماسيءَ اسان کي سختيءَ سان جھليو ھيو ته؛ ان سلسلي ۾ ڪيداريءَ کي ڪجھ به نه لکجو. جڏھن وطن موٽي اچي ته پوءِ کيس ٻڌائي سگھو ٿا.

(۵)

جيئن آسرو ھيو، تيئن آءِ سي ايس ۾ به ڪيداريءَ، ڪاميابي ماڻي. اسان کيس سندس پيءُ جي موت بابت اطلاع جا تفصيل اھڙي نموني لکي موڪليا جو کيس صدمو نه ٿئي. ٻيو ته خط، بمبئيءَ واري سرنامي تي موڪليوسينس، جتي ھو پھچڻ وارو ھيو. پوءِ اسان کي خبر پئي ته خط کيس مليو ئي نه. ڇو جو جھاز مان لھندي شرط، سڌو سنئون گھر پھچڻ واري ٽرين پڪڙي ھيائين.

پنھنجي موٽڻ جو ٽيليگرام، ھو مون کي موڪلي چڪو ھيو. تنھن ڪري مان گھر جي دروازي تي سندس اوسيئڙي ۾ ويٺو ھيس. ھن اچي منھنجي ڳچيءَ ۾ ٻانھن ورائي وڌي ۽ مون کي ڀڪوڙ ڏنائين. پوءِ اٻھرائپ سان گھليندو، گھر ۾ گھڙيو. مان نه ٿو سمجھان ته ورانڊي ۾ ويٺل ماسيءَ کي، ھن ڏٺو ھيو به الائي نه! يا ھو کيس سڃاڻي نه سگھيو. ليڪن ’امان! امان!‘ جون رڙيون ڪندو اڳتي وڌندو ويو.

مون پھريون ڀيرو ماسيءَ جي اکين مان ڳوڙھا ٽِمندي ڏٺا. مون چيس؛ ”اڙي ڪيداري! ڇا ٿيو اٿئي؟ امان ته ھتي ويٺي آ! تون ڪاٿي ٿو ڳولينس پيو.“

ڪيداري موٽي آيو. ڀاگيرتي ماسيءَ کي چِتائي ورجائي ڏٺائين، جيڪا اڇي ساڙھي پايون منجھس پنھنجو روڏو مٿو، لڪايون ويٺي ھئي.

”اي امان!“ زور سان رڙ ڪري اتي ئي ويھي رھيو... ھن پنھنجو ٻوٿ، ٻنھي چنبن ۾ لڪايو ھيو.

ڪيداريءَ کي شديد بخار چڙھي ويو ھيو. تروچراپليءَ جو ڪو ڊاڪٽر ڪو نه ڇڏيائون جنھن ڪيداريءَ کي نه تپاسيو ھيو. ڪا دوا دارون نه ھئي، جيڪا کيس ڏيڻ کان رھجي وئي ھجي. .. ليڪن افاقو ٺپ نه ٿيو. سندس من ۾ به اھڙي ئي چوچڙي لڳي ھئي، جھڙي سندس تن ۾ لڳي ھئي. سندس ذھن، ھڪ ئي خيال تي اٽڪيو بيٺو ھيو ۽ اھا ئي ڳالھ کيس ياد ھئي. مان جڏھن به ساڻس اڪيلائپ ۾ ھجان ته شروع ٿي وڃي؛ ”شنڪر! ھيءُ ڪھڙا شاستر آھن؟ اھي شاستر، جيڪي اھڙي مڙس جي موت تي کين مٿو ڪوڙائڻ لاءِ چون ٿا، جنھن کين لاوارث ڪري ڦٽو ڪيو ھجي ۽ ارڙھن سالن تائين واپس ئي نه آيو ھجي!.. ھل! اھڙن شاسترن کي، ھلي باھ ۾ اڇليون!“ ھو، اھا ئي رٽ لايون بيٺو ھيو.

”ڏس شنڪر! منھنجي امڙ وڏي سياڻي آھي. اھا ڄٽپائپ واري اھڙي ڪڌي رسم کي مڃڻ لاءِ مور تيار نه ھوندي... ليڪن فقط منھنجي ڪري ئي ھن ائين ڪيو آھي. ڇا منھنجي شادي، وڏي خاندان مان نه ٿي آھي؟! اھڙي خاندان مان جيڪو پراڻين ڪڌين رسمن کي چچڙ وانگر چنبڙيو پيو آھي. انھن جي ملامت ۽ مذمت کئون، امڙ اھو سڀڪجھ ڪرڻ تي راضي ٿي ھوندي.“

ھڪڙي ڏھاڙي، ٻه ڏھاڙيءَ وارا مزور، پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا اچي لانگھائو ٿيا. منجھانئن ھڪڙي چيو پئي؛ ”اڄ مان جڏھن گھرئون نڪتس ته واٽ تي مٿو ڪوڙيل برھمڻي مُٺي منھن پئي ھئي، جنھنجي ڪري اسان کي ڏھاڙي نه لڳي آ.“ سندن اھو ڀُڻڪو، ڪيداريءَ جي ڪن تي به پيو.

”شنڪر! ٻڌئي! ماڻھو چوندا ھيا ته منھنجي امڙ جو منھن ڏسي دل جا سڀ دک درد دور ٿيندا ھيا. ھاڻ کيس ڏسڻ، ڇا نڀاڳ جي نشاني آھي؟“ ھن روئندي، مون کان پڇيو.

مون کيس سڪون پھچائڻ لاءِ ڏاڍيون تسلي ڏيڻ واريون ڳالھيون ٻڌايون. ليڪن ان موضوع کان سندس ڌيان مُور نه ھٽيو.

”منھنجي ڳالھ ٻڌ شنڪر! بس، مون نوڪري جام ڪري ڇڏي! ۽ ھيءُ خرافتون به گھڻيون ئي سَٺم. جي مان ٺيڪ ٿي ويس ته بس ھڪڙو ڪم ضرور ڪندس! مان انقلاب آڻيندس ۽ بيوھ ٿيڻ وارين برھمڻ عورتن جي مٿي ڪوڙائڻ واري ڪڌي رسم کي ختم ڪرائڻ جي مھم ھلائيندس. برادريءَ منجھ ساڻن اھو امتيازي سلوڪ ھاڻ اسان وڌيڪ سَٺو نه ٿو ٿئي.“ ھن چيو.

شايد موت ۽ حيات جي مالڪ جي خود اھا مرضي نه ھئي ته ھڪڙو اھڙو ماڻھو، جنھن جو تعلق آءِ سي ايس جي حلقي سان ھجي، ان قسم جي حرڪتن ۾ ملوث ٿي وڃي. ڪيداري ٺيڪ نه ٿيو ۽ پنھنجي موٽي اچڻ جي ايڪويھين ڏھاڙي تي مري ويو....

ھن ھيانءُ ٽوڙ داستان ۾ صرف ھڪ ڳالھ اڃا ٻڌائڻي آ. ڪيداريءَ جي سھري، مون کي چيو ته ڪيداريءَ جو ھڪڙو فوٽو کيس آڻي ڏيان. مون وٽ ھڪ ئي فوٽو ھيو، جنھن ۾ ڪيداري ۽ مان گڏ بيٺا ھياسين. مون ان مان ڪيداريءَ جي تصوير ڪٽي، ان کي فريم ڪرايم ۽ کڻي سندس گھر ويم. اتفاق چئجي ته ڪيداريءَ جي بيوھ به اک تي چڙھي وئي. مٿس نظر پوندي، منھنجي بُتَ ۾ سيئاندو پئجي ويو ۽ وار ڪانڊارجي ويا. اوھان کي ياد آھي ته مون کيس طوطي سڏيو ھيو؟ ماڻھن ان مِٺوئڙيءَ جو به مٿو ڪوڙي ڇڏيو ھيو ۽ سندس مٿو ڍڪيل ھيو.

 

(سنڌي روپ: انگريزيءَ مان ارجمند آراءِ جي ڪيل اردو ترجمي تان.)

(ماھوار ھمسري حيدرآباد آنلائين جي جون ۲۰۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment