سائيڊ افيڪٽ
مختصر ڪهاڻي
خالد آزاد
ڪوسٽر ۾ چڙھندي ئي مون دريءَ
واري سيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو؛ ٻنهي پاسي ٻه ٻه سيٽون هيون، جن تي اڪثر
ماڻهو ويٺل نظر آيا. مون بيگ ڪُلهي تان لاٿو ۽ چشمو وارن ۾ اٽڪائي ڇڏيو! پريان ٻه
سيٽون ڇڏي، ٽين سيٽ تي هڪ اڌڙوٽ عورت، ٻنهي سيٽن جي وچ تي ويٺي هئي، شايد اها هڪ
ئي جاءِ خالي وڃي بچي هئي سڄي ڪوسٽر ۾! آئون وڃي سندس ڀر ۾ بيٺس:
“ايڪسڪيوز مي....” شائستگيءَ
سان چيم.
“ييس”: هُن مون ڏانهن ڏسندي وراڻيو.
“ايڪچئلي آءِ نيڊ ونڊو”: چيم.
هُن مون کي هڪ لمحي لاءِ هيٺ
کان مٿي ڏٺو ۽ گوڏا سِيٽ کان ٻاهر ڪڍندي، پُراعتماد لهجي ۾، پنجابيءَ ۾ چيائين: “تے بیھ جا نا.. ”
مون کي ٿورو عجيب لڳو، پر
روائتي طور ‘ٿينڪ يو’ چوندو، سندس گوڏن کي پنهنجي گوڏن سان رهڙيندو، آئون وڃي
دريءَ واري سيٽ تي ويٺس! بيگ کي هيٺ پيرن وٽ، سيٽ هيٺيان رکي ڇڏيم. موبائيل کيسي
مان ڪڍي واٽس ايپ چيڪ ڪرڻ لڳس!
هي منهنجو اسڪردوءَ جو پهريون
سفر هو. آئون ٻن ڏينهن جي ٿڪائيندڙ ادبي فيسٽيول ۾ روايتي سيشن وٺڻ ۽ خالي خبرون ڪرڻ
کانپوءِ ٿڪي ٽُٽي هڪ ‘ٽرپ’ تي نڪتو هئس، جنهن ۾ ڪوسٽر عملي سميت، مختلف علائقن مان
گهمڻ لاءِ آيل، ڪل 24 ماڻهو هئا! هي ‘ٽرپ’ منهنجي دوست عليءَ جي ڪمپني ارينج ڪيو
هو، جيڪو پڻ ڪوسٽر ۾ گڏ هو ۽ سندس ڪم مختلف جاين تي ‘ٽوئر گائيڊنس’ هو!
مون اک ٽيٽ ڪري ڀر ۾ ويٺل اڌڙوٽ
عورت جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو! ننڍا ننڍا مردن جهڙا وار، عمر لڳ ڀڳ چاليهه کان
پنجيتاليهه سال، گول وڏيون اکيون، چهري تي ويندڙ جوانيءَ جو جهُريون ظاهر، بغير ميڪ
اپ جي، پر پُرڪشش چهرو! پڙهيل لکيل ۽ ڪنهن ’اِليٽ فيمليءَ‘ جي پئي لڳي! مسلسل
موبائيل ۾ مصروف هئي؛ سندس آڱريون ’واٽس ايپ‘ تي ميسيج جو جواب ڏيڻ لاءِ جنگي گهوڙن
جيان ڊوڙنديون پئي ويون؛ سندس چهري تي ڪاوڙ ۽ بي يقينيءَ جا آثار واضح هئا! سندس
موبائيل مسلسل وائبريٽ ڪري رهي هئي؛ ڪو کيس لاڳاتار ڪالون ڪري رهيو هو؛ نيٺ هن فون
اٽينڊ ڪئي ۽ بنا دير چيائين:
“آء سيڊ ڊونٽ ڪال مي، يو فڪنگ
ايس هول! فڪ يو، فڪ يو، فڪ يو....!“
جيتوڻيڪ ڪوسٽر ۾ سمورا مسافر
پنهنجي پنهنجي ڪچهريءَ ۾ مصروف هئا ۽ ’انگريزي گارين‘ جي هن دلفريبيءَ مان محظوظ
نه ٿي سگهيا، پر آئون ڇاڪاڻ ته سندس ڀر ۾ ويٺو هئس، تنهنڪري مون کان بي اختيار کِل
نڪري وئي؛ هُن ڏسي ورتو؛ فون تي ‘هولڊ آن’ چئي مون سان مخاطب ٿي:
“او مسٽر! دِس از نن آف يوئر
بزنيس، انڊراسٽينڊ.... ؟”
“او ييس، آء ايم سوري” شرمندو ٿي
چيم “دس از ريئلي نن آف ماء بزنيس....”
“ايس هول....” خونخوار نظرن سان
مون ڏانهن ڏسي چيائين ۽ فون تي ٻيهر الائي ڪنهن کي انگريزيءَ ۾ گاريون ڏيڻ لڳي
وئي. مون وڌيڪ گاريون کائڻ بجاءِ بيگ مان ’هئنڊ فري‘ ڪڍيو ۽ ڪنن ۾ لڳائي، موبائيل
تي صنم ماروي ٻڌڻ لڳي ويس. گاڏي هلندي رهي، گاڏيءَ ۾ ويٺل لڳ ڀڳ سڀيئي مسافر پنهنجن
پنهنجن دوستن ۽ ساٿين سان گڏ ’ٽهڪن ۽ تاڙن‘ ۾ مصروف هئا، سواءِ اسان ٻنهيءَ جي!
هوءَ موبائيل تي مصروف ۽ آئون آڪيلو ۽ ڪنن ۾ هئنڊ فري! هُن سان ويجهو ٿيڻ جي
منهنجي پهرين ڪوشش بُري طرح ناڪام ٿي چڪي هئي ۽ آئون مفت ۾ گاريون کائي ماٺ ڪري
ويهي رهيو هئس!
’ٽرپ‘ جي پهرين پوائنٽ ‘گريٽ ٻُڌا’
اچي وئي. اسان سڀ ڪوسٽر تان لهي مهاتما گوتم ٻڌ جي مجسمي کي ڏسڻ لاءِ مٿي ٽڪريءَ
تي چڙهي وياسين، فوٽوگرافي ڪئي سين، چانھه پيتي سين، وڊيوز ٺاهياسين ۽ ان وچ ۾ علي
مون کي هڪڙو سگريٽ به ٺاهي ڏنو! ‘گريٽ ٻڌا‘ جي ديدار کانپوءِ اسان جي ٻي منزل
‘لوور ڪچورا‘ ۽ ’شنگريلا ريزارٽ’ هئي. هن ڀيري ڪوسٽر ۾ مون اڳ ئي پنهنجي جاءِ وٺي ڇڏي
۽ هُوءَ بعد ۾ اچي سِيٽ تي ويٺي! هن موبائيل ’پاور آف‘ ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري شايد
کيس هاڻي فون تي تنگ ڪرڻ وارو ڪو به نه هو.
هُن مون ڏانهن ڏٺو ۽ اوچتو
مخاطب ٿي: ”آءِ ايم سوری، دراصل میں ڈسٹرب تھی،
بلکہ ہوں .... بائے دی وے، آء ایم این آرکیٹیکٹ ڈاکٹر شگفتہ بٹ، اینڈ ہو آر یو؟؛
هن هڪ ئي جملي ۾ پنهنجا سمورا
سوال پُڇي ورتا ۽ جواب به ڏيئي ڇڏيا.
“ٿينڪ يو، دس از ڊاڪٽر اصفر
احمد، فرام حيدرآباد، سنڌ”
“يو ميڊيڪل ڊاڪٽر؟ ” تڪڙ ۾ پڇائين.
“نو نو، آء ايم پي ايڇ ڊي ان
لنگئيسٽڪس اينڊ لٽريچر.”
“اوه، ٿينڪ گاڊ” هن چيو:” آء ڊونٽ
لائيڪ ميڊيڪل بُل شٽ ڊاڪٽرس، دي آر بُچرس.... ايس هول.... ”
سندس تيز ترار جهڙا جُملا ٻڌي،
آئون هڪڙي خوشگوار پريشانيءَ ۾ به مبتلا ٿي ويس ته هڪ پُرڪشش عورت واتان ڪچيون
گاريون ٻڌڻ جو تجربو ئي ڪجهه ٻيو هوندو!
”بٽ ريممبر!“ اوچتو هو مون سان
مخاطب ٿي: ”نو نيڊ ٽو بي فري .... نو پرسنل ڪئسچنس....“
”سيم ٽو يُو....“ مون کي به مشڪري
سُجهي آئي، چيم: ”آفٽر آل اي ونڊرفل ٽرپ از اسٽارٽيڊ وِٿ يوئر گُڊ سيلف“
”هين ......!!!“ هُن مون ڏانهن
پهرين حيرت مان ڏٺو ۽ پوءِ کلندي چيائين؛ ”اچها جي .....“
گاڏي هلندي رهي، جبلن، جهنگن،
ماٿرين، وادين وچان ۽ آئون دريءَ مان فوٽو ڪڍندو رهيس، وڊيوز ٺاهيندو رهيس. ان وچ
۾ هُن شايد پنهنجو موبائيل کوليو، جو کيس وري فونون اچڻ لڳيون هيون ۽ سندس چهري جا
رنگ اڏامڻ لڳا ها. هن فون بزي ڪندي واٽس ايپ تي ريپلائي ڏيڻ شروع ڪيا ته واٽس ايپ
تي ئي ڪالون اچڻ لڳيون، نيٺ هن ڪال اٽينڊ ڪئي ۽ وات تي هٿ ڏيئي سُڙٻاٽن ۾ چيائين:
”دیکھو،
پاگل کسی اور کو جا کر بناو اور ہوٹل کے روم میں ہی کتے کی طرح پڑے رہو، ایس
ہول۔۔۔! میں یہ لاہور سے تمہیں یہاں اسکردو، سیلفیاں اور ٹک ٹوک وڈیوز بنانے کے لیے
نہیں لے کر آئی تھی..... آء نیڈ يو.... آءِ نیڈ ٹو بی رلیکسڈ.... بٹ تمہیں تو بچیاں
چاہئیں ٹک ٹوک والی..... اب جاو اپنی گاف مراؤ، یہاں اسکردو میں بہت مل جائیں گے تمهاری
مارنے والے!“
ھن فون بند ڪري ڇڏي، ڪاوڙ ۾ لال
پِيلي ٿي وئي! مونکي سڄو ماجرو سمجهه ۾ اچڻ لڳو؛ مون کي ياد آيو ته صبح جڏهن ڪوسٽر
ٽرپ تي رواني پئي ٿي ته ڪو نوجوان، عليءَ کي ڪنهن ٻيءَ هوٽل جي ڪمري مان ڪال ڪري
رهيو هو، ته ڪوسٽر کي ڪجهه دير لاءِ روڪيو وڃي، پر بهرحال ڪوسٽر نڪري وئي ۽ هو
شايد هوٽل جي ڪمري تي ئي رهجي ويو! ڊاڪٽر شگفته جي فون تي بار بار ڳالهين مان
معلوم ٿيو ته هي اهو ئي نوجوان هو، جنهن کي ڊاڪٽر شگفته لاهور مان پاڻ سان گڏ وٺي
آئي هئي!
ھن فون کي پاور آف ڪرڻ کان پوءِ
هڪڙو ٿڌو ساهه ڀريو، پاڻيءَ جي بوتل کولي ٻه ڍڪ نڙيءَ ۾ اوتيائين ۽ مٿو سيٽ سان لڳائي
ڇڏيائين! ڀڻڪندي چيائين: “اميچوئر نال عشق تے آپ نال
دوکھا۔۔۔”
مون ڏانهنس ڏٺو، سندس اکيون بند
هيون. مٿو سيٽ سان لڳل هئس، بند اکين سان ڳالهايائين:
“ڈاکٹر،
تمہیں کسی چوتیے سے کبھی عشق ہوا ہے؟”
آئون ڇرڪجي پيس، سواليه انداز
سان پڇيم: “سوري.....!”
هو بي اختيار کلڻ لڳي، چيائين: ”بہن چوت آجکل کے ہائبرڈ لڑکے، انسٹاگرام کے فلٹر کی طرح
رنگ بدلتے ہیں سالے، گِرگٹ!”
آئون اڃا کيس جواب ڏيڻ لاءِ
سوچي ئي رهيو هئس ته، ’شنگريلا ريزارٽ‘ اچي ويو. اسان ڪوسٽر مان لهي ريزارٽ ۾ داخل
ٿياسين، ’لوور ڪچورا ڍنڍ‘ تي ٻيڙين ۾ چڙهياسين، فوٽوگرافي ۽ وڊيوگرافي ڪئيسين،
چانھه پيتيسين ۽ ڪُنڊ وٺي آئون ۽ علي سگريٽ جا سُوٽا هڻڻ لڳاسين ته ڊاڪٽر شگفته
پويان اچي پڪڙي ورتو!
کلندي چيائين: ”اچھا جی، کلے کلے سگریٹاں تے پهوکاں..” موڊ ڪافي سٺو پئي لڳس! علي مون ڏانهن ڏٺو، چيومانس: “بھائی ایک اور بنا....!”
سگريٽ جي سُرور کيس ’ڊائون‘ ڪري
ڇڏيو، هُوءَ ڪاٺ جي بئنچ تي آهلجي پئي! بوتل جو ڍَڪ کولي سڄو پاڻي هڪ ساھيءَ ۾ پي
وئي. آئون سندس ڀر ۾ ويهي رهيس. علي ٽرپ جي ٻين ساٿين کي گائيڊ ڪرڻ لڳو. هُوءَ هاڻي
ڪافي ’ايزي فيل‘ ٿي رهي هئي. چيائين:
“ڈاکٹر
یہ دوائی تم مجھے صبحہ دیتے تو میں اُس بہن چوت کو اتنی گالیاں ہی نہیں دیتی!”
مون کان ٽهڪ ڇڏائجي ويو! چيم:”گالیاں تو وہ بیچارہ اب بھی کھا رہا ہے..!“
هو به ٽهڪ ڏيڻ لڳي: “کیا کروں ڈاکٹر! جس سے محبت زیادہ ہوتی ہے نا، اس کو گالیاں
بھی بہت پڑتی ہیں....“
اوچتو ’چلو جي چلو‘ ٿيڻ لڳي ۽
اسان به ٻين سان گڏ ’شنگريلا ريزارٽ‘ کان پوءِ پهرين ’اپر ڪچورا ڍنڍ‘ ۽ آخر جو ‘سُڪ
ويلي’ پهتاسين. ’سُڪ ويلي‘ اسان جي ٽرپ جي آخري پوائنٽ هئي، ڇا ته حسين ۽ دلفريب
جاءِ هئي، ڄڻ ته زمين تي جنت جي ٽڪري ۾ اچي ويا هئاسين! پهاڙن مان لهندڙ پاڻيءَ جو
نديءَ ۾ تبديل ٿي وڃڻ، ان ئي نديءَ مان ناياب نسل جون مڇيون پڪڙي، فراءِ ڪرڻ، پهاڙن
تي ڄميل سفيد برف کي پاسا هڻندي ٿڌي هوا جڏهن جسم مان سيسڙاٽ پئي ڪڍايا ته اُهي
سگريٽ جا ئي ڊگها ڊگها ڪش هئا، جن جسم ۾ هلڪي حرارت پئي پيدا ڪئي.
مانجهاندي جو اهتمام ٽرپ وارن
پاران هو، ان ڪري مانيءَ کان اڳ مون، عليءَ کي اک ڀڳي ۽ اسان ٻين کان ٿورو پرڀرو
ميز ۽ ڪرسيون لڳرائي وڃي ويٺاسين ۽ سگريٽ جا ڊگها ڊگها ڪش هڻڻ لڳاسين ته ڊاڪٽر
شگفته ڳوليندي ڳوليندي اچي پهتي. علي سگريٽ پي، ٻين دوستن کي گائيڊ ڪرڻ لاءِ هليو
ويو ۽ آئون ۽ ڊاڪٽر شگفته، چنار جي وڻ هيٺيان ويهي سگريٽ پيئڻ لڳاسين:
“یو
نو ڈاکٹر....“ شگفته چيو: “یہ ہمارا دؤر نہیں ہے.... ہمارا دور گذر گیا.... ساتھ
اپنے بے ساختہ محبتیں، ان گنت چاہتیں، بلا مفاد اپنائیت، دلی خلوص، اور بے تحاشا پیار
بھی لے گیا..” هن هڪڙو ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيائين: “يہ سنیپ چیٹ، انسٹاگرام اور ٹک ٹوک کا دؤر ہے۔۔۔ ہائبرڈ محبتوں
کا دؤر۔۔۔ سنیپ چیٹ کے فلٹرس کے پیچھے چھپے ہوئے کاغذی تعلقات کا دؤر.... انسٹاگرام
جیسے گرگٹ کی طرح رنگ بدلتے لوگوں کا دؤر..... ” هن جي
چهري تي وري ڪاوڙ ۽ چِڙ نمايان ڏسڻ ۾ پئي آئي! مون هڪڙو سگريٽ دکايو ۽ کيس ڏيندي
چيم:
“کیری
آن، آء ايم ٹو یو....“
هوءَ ڳالهائڻ لڳي:
”سنیپ
چیٹ پر Avatar لگائے ہوئے ان
ہائبرڈ لڑکوں کو کیا پتہ کہ خط میں لکھے گئے انتظار کی کیفیت کیا ہوتی ہے! ان دنوں
سورج کیوں گھنٹوں تک نہیں غروب ہوتاا! ان کو کیا پتہ کہ خط کے جواب آنے والا دن کیسا
ہوتا ہے۔۔۔ اس دن کیوں ہوائوں میں موتیے کی خوشبو کی مقدار بڑھ جاتی ہے۔۔۔ یہ بہن
چوت فیک آءِ ڈی کی پیداوار آجکل کےلونڈے، اب تو پورا میسیج بھی نہیں پڑہتے، اموجی
بھیج دیتے ہیں۔۔۔ رونے کا..... ہنسنے کا.....کھانے کا۔۔۔ پینے کا۔۔۔ ان کو کیا پتہ
کے محبتوں میں ہار کر بھی جیت کیسے ہوتی ہے۔۔۔”
“دراصل
شگفتہ ہم خوشنصیب بھی ہیں، پتہ ہے؟“ چيومانس
“وہ
کیسے؟” وراڻيائين.
“فطرت
نے ہمیں دو نسلوں کے ادوار دیکھنے کا موقع دیا ہوا ہے۔۔۔ خطوط لکھنے والی نسل، جو
ہم ہیں اور یہ ہائبرڈ لونڈے سوشل میڈیا کی پیداوار ۔۔۔ جو ہم دیکھ رہے ہیں۔۔”
“ٹھیک
کہا تم نے ڈاکٹر۔۔۔” هن چيو
ان وچ ۾ مون هڪڙو ٻيو سگريٽ
دکائي کيس ڏنو. هن مون ڏانهن شاطراڻين نظرن سان ڏٺو ۽ چيائين:
”ايس
ہول! میں نے پہلے ہی کہا تھا کہ فری ہونے کی ضرورت نہیں ہے“.
مون به ٺهه پهه وراڻيو: ”فری کون ہو رہا ہے، میں تو سگریٹ بنا کر دے رہا ہوں”
هوءَ کلي پئي ۽ سگريٽ جا وڏا وڏا
سُوٽا هڻڻ لڳي! چيائين:
“ڈاکٹر
تمہیں پتہ ہے کہ یہ سوشل میڈیا، پوسٹ ماڈرنزم کا پاخانہ ہے! سوشل میڈیا یورپ اور
امریکی معاشرے کے لئے تھا اور یہ بہن چوت ہمارے جیسے چوتیہ معاشرے جو ابھی تک قبل
مسیح کی تاریکیوں میں ڈوبے ہوئے ہیں، جو ترقی پسند بھی نہ ہو سکے، ان کو کارپوریٹ
سیکٹر نے یہ موبائل ہاتھ میں دے کر پوسٹ ماڈرنزم کے دوزخ میں دھکیل دیا....جیسے
آدم کو مریخ کی جنت سے نکال کر ‘ارتھ’ کی دوزخ میں پھینک دیا گیا تھا ..”
سندس ڳالهيون ٻڌي منهنجا ٺڪاءَ
نڪري ويا! هوءَ بنا بريڪ ڳالهائيندي رهي!
“ڈو
یو نو ڈاکٹر، کہ اب محبتیں نہیں ہوتیں! اب رلیشن شپ ہوتے ہیں، ۱۵ دن کے لیے، ایک
ماہ کے لیے، زیادہ سے زیادہ تین مہینے کے لیے.. کیا دور آ گیا ہے بہن چوت،.... یہ
دور ‘وائیف سئیچنگ’ اور ‘لونگ رلیشن شپٍ’ کے اصطلاحات کا دور ہے!”
هوءَ خوفناڪ ڳالهيون ڪرڻ لڳي!
تيستائين وري علي رنگ ۾ ڀنگ وجهڻ لڳو ۽ “پيڪ اپ، ٽائيم اپ” ڪرڻ لڳو ته مون ڊاڪٽر
شگفته کي چيو:
“لیٹس
گو، ہمیں چلنا ہوگا!”
“ارے
یار، بہن چوت سارے ٹرپ کا مزہ تو اب آ رہا تھا۔۔۔” مسلسل
سگريٽن هن کي ساڻو ڪري ورتو هو. هاڻي سندس گرجدار آواز ماٺيڻو ٿيندو، ڪنهن پهاڙي
جهرڻي جي سمفني ٿي پيو هو!
“چلو
جی چلو” هوءَ اٿي ۽ اسان ڳالهيون ڪندا اچي ڪوسٽر ۾ پنهنجن
پنهنجن سيٽن تي ويٺاسين!
ڪوسٽر ۾ ويٺل پرجوش ۽ پر تجسس
گروپ هاڻي ٿڪجي ٽُٽي، ساڻو ٿي ڪوسٽر جي سيٽن تي آهلجڻ لڳو. ميلي جي موٽ ٿي رهي
هئي، سڀ ٿڪل هئاسين! هوءَ موبائيل کولي چيڪ ڪرڻ لڳي ته ڌڙا ڌڙ ميسيجن جا نوٽيفڪيشن
اچڻ لڳس ۽ پوءِ ڌڙا ڌڙ ڪالون! هن ڪالن کي اگنور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪري نه سگهي،
نيٺ فون اٽينڊ ڪندي چيائين:
”کیا
ہے...... گو ٹو دی ہیل! آءِ ہیو این ادھر آپشن!”
هن لفظ ‘آپشن’ تي زور ڏيندي مون
ڏانهن ڏٺو ۽ اک ڀڳائين! گڏوگڏ فون به ڪٽي ڇڏيائين!
وراڻيم: ”ال دو آء ايم ناٹ این آپشن بٹ آپ کہہ رہی ہیں تو سوچتے ہیں..”
هو ٽهڪ ڏيڻ لڳي ۽ چيائين: ”اگر خدانخواستہ آپ کے دل میں لڈو پھوٹ رہے ہیں تو برائے مہربانی
ان کو پھوٹنے سے روک لیں.”
اسان ٻنهي هڪڙو ڀرپور ٽهڪ ڏنو.
پهريون ڀيرو ڪوسٽر ۾ ويٺل، ٿڪل ٽٽل، ننڊاکڙين اکين سان مسافرن اسان ڏانهن ڏٺو.
بيحد شرمندگي ٿي ۽ اسان ماٺ ڪري ويهي رهياسين!
گاڏي هلندي رهي، ماڻهو ننڊ ڪندا
رهيا، ڪي کونگهرا هڻندا رهيا، ڪي وڊيوز ٺاهيندا رهيا ته ڪي وري موبائيل تي مصروف لڳا
پيا هئا! اوچتو مون الائي ڇو کانئس پُڇي ورتو:
“آپ
کا اسٹے ہوٹل ‘مرینہ ان’ میں ہے نہ؟”
“کیوں
ڈاکٹر صاحب، رات کو اپنے ہوٹل میں اسٹے دینے کا پروگرام ہے کیا؟”
کلندي چيم: “نہیں نہیں وہ جو لڈو پھوٹ رہے تھے، میں نے ان کو فی
الحال پھوٹنے سے روک دیا ہے۔”
اسان ٻيهر هڪڙو وڏو ٽهڪ ڏنو ۽
هن ڀيري جن اسان کي نه به ڏٺو هو، سي به اُٺ پکيءَ وانگر مُنڍيون ڪڍي ڏسڻ لڳا! هاڻي
وڌيڪ ڪا گنجائش نه هئي، ان ڪري اسان ماٺ ڪري ويهي رهياسين! شگفته واٽس ايپ تي
ميسيج ڪرڻ لڳي ۽ مان دريءَ مان وڊيوز ٺاهڻ لڳس!
گاڏي هاڻي شهر کي ويجهو پهچڻ
واري هئي! سمورا مسافر پنهنجون پنهنجون شيون سنڀالڻ لڳا! مون به پنهنجو بيگ،
موبائيل، هئنڊ فري ۽ سگريٽ سنڀاليا! ڀر ۾ ڏٺم؛ ڊاڪٽر شگفته مسلسل واٽس ايپ تي
ميسيج ڪري رهي هئي، وچ وچ ۾ کيس ڪال پئي آئي ته هن ’بزي‘ پئي ڪئي، پر نيٺ اٽينڊ ڪندي
چيائين!
“یار
تم مجھے کبھی سمجھ نہیں پائو گے۔۔۔پتہ ہے! تمہیں مجھ سے کوئی محبت شحبت نہیں ہے، یہ
سب تمھارا ڈرامہ ہے، خیر آج رات تو میں نہیں آنے والی! تم جائو، وڈیوز بنائو،
بدچودیاں کرو ۔۔۔۔”
منهنجو تجسس وڌڻ لڳو، آئون ڪن ڏيئي
سندس فون تي ڳالهيون ٻڌڻ لڳس. مون محسوس ڪيو ته هُو ڊاڪٽر شگفته کي منٿون ڪري رهيو
هو، پر هو مڃڻ لاءِ تيار نه هئي! مون ايندڙ حالتن لاءِ پنهنجو ذهن ٺاهڻ شروع ڪيو
ته اوچتو الائي ڇا ٿيس، تيز ترار جهڙو لهجو ڌيمو ٿيندو ويس، نيٺ چيائينس:
“ایک
شرط پر آ سکتی ہوں! تم سارا وقت اپنا موبائیل بند رکھو گے، سارا ٹائم مجھے دو گے، نشے
میں غرق ہو کر رات بھر اُلٹے نہیں سو جائو گے۔۔۔”
شايد سندس شرط مڃجي ويا! سندس
مُک تي هڪڙي ڦڪي مرڪ تري آئي! هڪڙو ڊگهو ٿڌو ساهه ڀريائين! مون ڏانهن ڏٺائين ۽
چيائين:
“ڈاکٹر
تم اور میں پوسٹ ماڈرنزم کے ‘سائیڈ افیکٹ’ ہیں۔۔۔ فائدے کے بجائے نقصان دیتے ہیں۔۔۔!”
هڪ ڀيرو ٻيهر اسان ٻنهي وڏو ٽهڪ
ڏنو ۽ هن واري سمورن مسافرن پڻ اسان سان گڏ وڏو ٽهڪ ڏنو! تيستائين رستي ۾ هوٽل
مرينه ان اچي وئي هئي، منهنجي هوٽل اڃا اڳيان هئي! ڊاڪٽر شگفته لهڻ جي ڪئي، ويٺي
ويٺي ساڄي ٻانهن وڌائي مون کي ڀاڪر پاتائين ۽ چيائين:
“ڈاکٹر،
تھینک یو فار یوئرگڈ ٹائیم اینڈ ییس۔۔۔۔ تھینک فار یوئر سگريٹ۔۔۔”
مون کيس ويلڪم چيو ۽ هوءَ گاڏيءَ
تان هيٺ لهي وئي، هوٽل ڏانهن وڃڻ لڳي! مون ڪوسٽر جي دريءَ مان ڏٺو ته هڪڙو پنجويهه
ستاويهه سالا خوبصورت نوجوان، ٽي شرٽ ۽ ٽائوزر ۾ هوٽل ٻاهران سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هو ۽
شايد اُهو ئي جيڪو ڊاڪٽر شگفته جو انتظار ڪري رهيو هو. منهنجي واتان بي اختيار نڪري
ويو:
“فک
یو، فک یو ۔۔۔۔ایس ہول!”
(ماھوار ھمسري حيدرآباد آنلائين جي مئي ۲۰۲۴ع واري شماري ڇپيل)
No comments:
Post a Comment