Showing posts with label سائيڊ افيڪٽ، مختصر ڪهاڻي، خالد آزاد،. Show all posts
Showing posts with label سائيڊ افيڪٽ، مختصر ڪهاڻي، خالد آزاد،. Show all posts

Tuesday, May 14, 2024

سائيڊ افيڪٽ - خالد آزاد

سائيڊ افيڪٽ

مختصر ڪهاڻي

خالد آزاد



ڪوسٽر ۾ چڙھندي ئي مون دريءَ واري سيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو؛ ٻنهي پاسي ٻه ٻه سيٽون هيون، جن تي اڪثر ماڻهو ويٺل نظر آيا. مون بيگ ڪُلهي تان لاٿو ۽ چشمو وارن ۾ اٽڪائي ڇڏيو! پريان ٻه سيٽون ڇڏي، ٽين سيٽ تي هڪ اڌڙوٽ عورت، ٻنهي سيٽن جي وچ تي ويٺي هئي، شايد اها هڪ ئي جاءِ خالي وڃي بچي هئي سڄي ڪوسٽر ۾! آئون وڃي سندس ڀر ۾ بيٺس:

“ايڪسڪيوز مي....” شائستگيءَ سان چيم.

“ييس”: هُن مون ڏانهن ڏسندي وراڻيو.

“ايڪچئلي آءِ نيڊ ونڊو”: چيم.