مقامي، غيرمقامي ۽ ريڊ انڊين
ننڍڙي ڪھاڻي
منظور ڪوھيار
چانھ چڪي پيئڻ کان پوءِ به ڪکو
خان اڄ خاموش ويٺو هيو، ته کانئس هڪ سيريس سوال پڇيم؛ ”اڄڪلھ ڪراچيءَ ۾ مقامي ۽
غيرمقاميءَ جو اصطلاح هلي رهيو آهي، ان جو مطلب ڇا آهي؟“
سنجيدگيءَ سان وراڻيائين ته: ”هر
اهو ماڻهو غير مقامي آهي، جيڪو هندوستان مان نه آيل هجي!“
”ان جو مطلب ته لياريءَ جا بلوچ
غير مقامي آهن؟“
”بالڪل! اهي ڪهڙا دهلي يا دکن
کان آيا ھيا!“
”ملير جا جوکيه، ڪلمتي، گبول جن
جا چؤکنڊي ۾ ابا، ڏاڏا، پڙ ڏاڏا ۽ تڙ ڏاڏا پوريل آهن، اهي به غير مقامي آهن؟“
”اهي ڪهڙا مها راشٽر مان آيا
هيا!“
”ميمڻ ڳوٺ جا سنڌي ميمڻ به غير
مقامي آهن؟“
”اهي ڪهڙا ڪاٺياواڙ مان آيا
ھيا!“
”اهي سنڌي هندو، جن جا صدين جا ٺهيل
مڙهيون، مندر ۽ اسٿان موجود آهن، اهي به غير مقامي آهن؟“
”اهي ڪهڙا محمد بن قاسم جي لشڪر
سان گڏ آيا هيا!“
”ڀلا تون اسان ڪهڙي کاتي ۾
آهيون، جيڪي ڪراچي جي اوسي پاسي (اتر، ڏکڻ، اولھ، اوڀر) کان آيل آهيون؟“
”اسان ريڊ انڊين آهيون!“ ڪکو
خان نهايت سنجيدگيءَ سان وراڻيو.
(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ پوسٽ تان ۷ مئي ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
Post a Comment