Wednesday, May 1, 2024

ڇا ڏاڏي، ڇا ڏھ-پئسي - گلزار - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڇا ڏاڏي، ڇا ڏھ-پئسي

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



بس، ھڪڙي ڏھ-پئسيءَ تان ئي ڏاڏيءَ سان جھيڙو ٿيو ۽ چِڪو گھرئون ڀڄي نڪتو.

ڏھ-پئسي به ڪا وَٿُ ھوندي آھي؟ رام منوھر جي گيدي ۾ ڪيترو ريزو ھوندو آھي. جڏھن دل چويس، وڃي لغڙ وٺي اچي. ھڪڙو ڪاٽا ٿيو، ٻئي ۾ ڌاڳو پئجي ويو. مانجھي وارو چرخو سدائين تارئون تار ويڙھيل.... ۽ سديءَ جا ڪيترا سارا پتا پيا اٿس گھر ۾. اھو سڀ ياد ايندي ئي وري ڏاڏيءَ تي چڙ چڙھي ويس. ڏاڏي آھي ئي اھڙي ٻانڀ. ان ڪري ته منھن ۾ ايترا گھنج اٿس. رام جي ڏاڏيءَ جي شڪل تي ته ھڪ به ڪونھي. ھڪ پٺيان ٻيو ٿي، ڏاڏيءَ جا سمورا نقص ياد اچڻ لڳس. ڪن ڪيڏا نه ڊگھا اٿس. جڏھن به ڳٽن تي چمي ڏيندي، اکين تي لڙڪي پوندا ۽ پنبڻيون ته اٿس ئي ڪو نه. رات جو سمھندي آھي ته اڌ تي اکيون ته کليون پيون ھونديون اٿس. وات به اَلَ ڪانءَ وانگر ڦاٽو پيو ھوندو اٿس... ڏاڏيءَ جا ڪارٽون ٺاھيندو، ھو پيرين اگھاڙو ئي ريل جي ٽيشڻ تي پھچي ويو. بنا ڪنھن ارادي جي ٽيشڻ ۾ گھڙي ويو ۽ جيئن ئي گاڏيءَ سيٽي ھنئي، ھي به ٽپو ڏئي، ھڪڙي گاڏي ۾ چڙھي پيو.



گاڏي ھلڻ کان اڳ ھن سوچيو ته ’چڱو ڀلا گھرئون ڀڄجي‘. وري گاڏيءَ ۾ ويٺي کان پوءِ، فيصلو ڪيائين ته زندگيءَ ۾ مرضيءَ جو مالڪ ٿيڻ به ڏاڍو ضروري آھي. ھيءَ ڪا زندگي آھي. ھڪ ھڪ لغڙ لاءِ ايڏن ڪراڙن ڪراڙن ماڻھن آڏو ويٺو ھٿ ٽنگجي. ان ڪري ته وڏو ڀاءُ، ڏاڏيءَ کي ڇڏي بمبئي ھليو ويو ۽ وري نه موٽيو... ڪيڏا سال لنگھي ويا آھن.

گاڏيءَ جي دروازي وٽ ئي بيٺي بيٺي کيس ننڊ اچي وئي. گھڻي دير کان پوءِ جڏھن اک کليس ته ٻاھر اوندھ ٿي چڪي ھئي.... ۽ تڏھن وڃي کيس پھريون ڀيرو احساس ٿيو ته ھو سچي پچي گھرئون ڀڄي نڪتو آھي. ڏاڏيءَ تان چڙ، ٿوري ھلڪي به ٿي ھيس. ليڪن شڪايت ۽ گلا، اڃا تائين نڙيءَ ۾ ڦاٿيون پيون ھيس.

ڏھ-پئسي، اھڙي ڪھڙي وڏي وَٿُ آھي. ھاڻي جي پوڄا جي پياليءَ مان کڻي ورتم ته چوري ٿورو ئي ٿي. ڀڳوان جي اکين آڏو کنئي ھيم. پاڻ ئي ته چوندي آھي ڏاڏي، سندس ديوتا ”جاڳندڙ“ آھي.

”ڏينھن رات جاڳندو رھندو آھي. ڪڏھن نه سمھندو آھي.“

”نه! ھو اکيون ٻوٽي تڏھن به ڏسي سگھي ٿو.“

”ھونھ! ته پوءِ ڏھ-پئسي ڪيئن نه ڏٺئين؟ ۽ ڏٺائين ته ٻڌايئين ڇو نه ڏاڏيءَ کي؟ ھوءَ ته سمجھي ٿي ته مون چوري ڪئي آھي. ڏاڏيءَ جو ڀڳوان به سندس جھڙو آھي. ٻانڀ! ٻڌي به گھٽ، ڏسي به گھٽ.

ڪنھن دروازي کان ھٽي، اندر ويھڻ لاءِ چيس. ٽيشڻ اچي رھي ھئي، شايد! گاڏي، ڍري ٿي رھي ھئي. گاڏيءَ جي بيھندي بيھندي ھڪڙو خيال آيس ته ’موٽي وڃان‘. ليڪن ٽيشڻ تي گھمندڙ پوليس وارن کي ڏسي دل ڏڪي ويس. ھي، بنا ٽڪيٽ ھيو. اھو خيال به کيس، پھريون دفعو ٿيو. گاڏي ھلي ته ماڻھو پنھنجي پنھنجي جاين تي موٽيا ته صندوق، پيتي، بستري جي مٿئون ھيٺئون ٿيندو، ھو دريءَ جي بلڪل ھيٺان وڃي فِٽ ٿي ويھي رھيو.

ٿوريءَ دير پڄاڻان کيس بک ۽ اڃ جو احساس ستائڻ لڳو. مرضيءَ جو مالڪ ٿيڻ جا مسئلا، ھڪ ھڪ ٿي آڏو اچڻ لڳس. کيس بک به تنگ ڪري رھي ھئي ته اڃ به. مٿي ستل ھمراھن جي گھگھي، گاڏيءَ جي مسلسل ڌوڏن تي لڏي پئي ۽ گھگھيءَ جي مٿئون اونڌو رکيل گلاس به مسلسل ڪڙ ڪڙ، ڪڙ ڪڙ ڪندو پئي آيو...

ان وقت نيريءَ ورديءَ تي پتل جو چمڪندڙ ٻلو لڳايون، ٽڪيٽ چيڪر اندر گھڙيو. سندس پٺيئون پٺيئون سندس اسسٽنٽ، ھڪڙي بنا ٽڪيٽ کي ڪياڙيءَ کان پڪڙيون داخل ٿيو... چڪوءَ جو ته ساھ ئي سُڪي ويو. ھلندي گاڏيءَ ۾ ھي ماڻھو اندر ڪيئن گھڙي آيا. ٽيشڻ تئون ته چڙھندي، ڏٺا ڪو نه ھيم. ضرور ڪٿي لڪي ويھندا ھوندا اھي ماڻھو.

سيٽ جي ھيٺئون گيھيون پائيندو پائيندو، ھيءُ نيري ورديءَ جي پٺئين پاسي پھچي ويو... وري اتان کسڪندو، دٻي جي ٻئي پاسي وڃي نڪتو، جتي کيس ٽوائليٽ نظر آيو. پوءِ ته ان ۾ ئي گھڙي ويو ۽ اڳٺ کولي ڪموڊ تي ويھي رھيو. ڪاڪوس خاني ۾ ڪو ٽڪيٽ پڇڻ ٿورئي ايندو. اھو به خيال آيس ته ٻيا ماڻھو اھا اٽڪل ڇو نه ٿا استعمال ڪن؟ ھو ماتا جي سينئرن وارو ته ڪري سگھيو پئي، جنھن کي ٽي ٽيءَ جو اسسٽنٽ ڪياڙيءَ کان پڪڙيون بيٺو ھيو. ... گھڻي دير... تمام گھڻي دير ويٺو رھيو. اگھاڙين ٽنگن تي سيءُ ٿيڻ لڳس. ٿوري جھٽ ڪموڊ تي ويٺي ويٺي ننڊ به اچڻ لڳي ھيس. وري گاڏيءَ پٽڙي مٽي. ھڪڙو ڌچڪو لڳو. رفتار به ٿوري ڍري ٿيڻ لڳي. وڏي احتياط سان ھن ٽوائليٽ جو دروازو کوليون. ٻاھر ليئو پاتائين، ڪا ٽيشڻ آئي پئي. ليئو پائي ڏٺائين ته نيري وردي، ڪٿي به نظر نه آيس. ضرور ڪاٿي لڪي ويٺو ھوندو، ور نه ته ھلندي گاڏيءَ مان ڪاڏي ويندو؟ گاڏي بيٺي ته ھي تڪڙ ۾ لھي پيو..

سنسان ٽيشڻ، اڌ رات جو وقت. ڪير لٿو به نه... گاڏي ٿورو وقت بيٺي رنڀندي رھي، پوءِ وري ڀَڀَ ڀَڀَ ڪندي اڳتي نڪري وئي..

چڪو، بينچ تي اوڪڙو، پنھنجي مونن ۾ منھن پائي ويٺو ۽ ٿڏي تي وھاڻي وانگر ھڪ پاسي اوھارجي آھلجي پيو. ٺڪ ٺڪ ڪندو، ھٿ بتي ھٿ ۾ لوڏيندو، ھڪڙو چوڪيدار آيو، جنھن ڪن کان پڪڙي اٿاريس.

”اڙي! ھل! نڪر ٻاھر! گھرئون ڀڄي نڪتو آن ڇا؟ .. ھل! ٽر! ھتان نه ته چوڪيءَ وارا کنيو ويندءِ ۽ وڃي جانڊھ پيھرائيندءِ!“

ھڪ ئي دڙڪي ۾ مڙس ٿڙي ٿاٻڙي اٿي کڙو ٿيو. چوڪيدار، ساڳيو ٺڪ ٺڪ ڪندو ھليو ويو. چڪو، پليٽ فارم کان ھيٺ واري طرف کسڪي ويو، جتي ھلڪڙي روشنيءَ ۾ ٻورين جو ھڪڙو ٿڙھو لڳل نظر آيس. ٻورين جي پويئون ھڪڙي ڪراڙي، ڏاڏِھنس وانگي وات ڦاڙيون ستي پئي ھئي، پراڻو ڦاٽل ساٽل ڪمبل ويڙھيون. ڪا پينڙيات ھوندي. ننڊ جي سٽ وڌيڪ نه پئي سھي سگھيو. ھيءُ، انھيءَ پينڙيات جي ڪمبل ۾ گھڙي ويو... ائين لڳس ڄڻ ڏاڏھنس جي ڪمبل ۾ گھڙي ويو ھجي. ڳوٺن ۾ اڻيھي ائين ٿيندو آ. ميراثڻ، پاڻ سان سمھاريندي ھئس ۽ ھيءُ رات جو اٿي وڃي ڏاڏھنس جي ڪمبل ۾ گھڙي ويندو ھيو. ڌڙ، ڌرتيءَ تي ڌريندي ئي، ننڊ کنيون ويس.

صبح جو جڏھن اٿيو ته ڪراڙيءَ سان ائين ئي چنبڙيو ستو پيو ھيو.

پينڙيات جي مٿن کان رکيل پيالي ۾، ريزو پيو ھيو.. اتي ساڳي پيالي ياد اچي ويس. ڪلھ رات واري بک وري وڪوڙي ويس.. ايڏو سارو ريزو، ھيءَ ڪاڏي ڪندي ڪراڙي... ڏاڏھنس کان پڇيو ھيائين، تنھن ته چيو ھيس؛

”مئي کان پوءِ به ته ضرورت پوي ٿي پئسي جي. ور نه ته آلي ڪاٺيءَ کي ساڙيندو ڪير؟..“

”ڪوڙي! ڪيڏيون نه ڪاٺيون پيون ھيون گھر ۾.“ ھن جي نظر وري پيالي ڏانھن ھلي وئي. ”ھڪڙي ڏھ-پئسي کڻي به ورتي ته ڇا ٿي پوندو؟ ھتي ته ڀڳوان به ڪونھي! ڏاڏي به ڪانھي! گھرانس ته شايد پاڻ ئي ڏئي ڇڏي.“ ھن ھيڏي ھوڏي لوڻا ھنيا. ڪينٽين جي آڏو رکيل سگريءَ جو دونھون، ڇاپري جي مٿئون چڙھندو پئي ويو. ھن کڻي ورتي ڏھ-پئسي! ڪراڙيءَ جو اوڇڻ سڌو ڪيائين ۽ موريز ڏانھن ھليو ويو. موٽي اچي مٽيءَ سان ھٿ ڌوتائين... ڏاڏھنس سيکاريو ھيس. ”صابڻ نه ھجي ته چلھ جي ڇار سان ھٿ ملي وٺجن..“

”اڃا جي ڇار به نه ملي ته..“

”ته پوءِ ڪونڊيءَ مان ٿوري مٽي کڻي وٺ! ليڪن موريز جي آڏو ھٿ ڌوئندو ڪر..“ ھٿ ڌوتائين، صفا ٺالھ ٿڌي پاڻيءَ سان. ڪنھن اڱر ڪٽي رکيا ھيا، ھوديءَ وٽ. ھن ڏند به انھن سان مھٽي ورتا. ھٿ منھن به ڌوتائين.... ھٿ ڇنڊي سڪايائين ۽ نيڪر جي کيسن ۾ ھٿ وجھي اگھيائين، ته ٿڌي ٿڌي ڏھ-پئسيءَ جي سڪي، ھٿ کي کائي وڌس..

واپس موٽيو ته ڪراڙيءَ وٽ جي مٿئون چار ماڻھو بيٺا ھيا. ھڪڙو سندس مٿن کان ويٺو ھيو. چئي رھيو ھيو؛

”سيٽجي سندڻ ٿي وئي آ... مئي به اٺ ڏھ ڪلاڪ گذري ويا ھوندس...“

”رات، ننڊ ۾ ھلي پئي ھوندي.. شايد..“

چڪو، اتي گھٻرائجي بيھي رھيو. ويٽنگ روم مان به ماڻھو، ھيڏانھن اچي رھيا ھيا.

”ھاڻ، ھن جو ڇا ٿيندو؟“

”ٽيشڻ ماستر ايندو ته ڪنھن نه ڪنھن کي ٻڌائيندو.“

”ڪنھن کي؟“

”ميونسپالٽيءَ کي! اھا ئي ساڙيندس، کڻي وڃي.“

جيڪو مٿن کان ويٺو ھيس، تنھن ڪمبل ڇڪي منھن ڍڪيس...

چڪوءَ، نيڪر جي کيسي مان ڏھ-پئسي ڪڍي، ڪراڙيءَ جي پيالي ۾ اڇلي ڇڏي.

مڙني ڏٺو، سندس ڏانھن. ۽ ھيءُ ڀڄي نڪتو.... تيز... ڏاڍو تيز.... پنھنجي ڏاڏيءَ ڏانھن!

 

(دھواں تان ترجمو ڪري کنيل)


(ماھوار ھمسري حيدرآباد آنلائين جي مئي ۲۰۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment