ڇا ڏاڏي، ڇا ڏھ-پئسي
(ريختہ ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار: گلزار
سنڌيڪار: انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
بس،
ھڪڙي ڏھ-پئسيءَ تان ئي ڏاڏيءَ سان جھيڙو ٿيو ۽ چِڪو گھرئون ڀڄي نڪتو.
ڏھ-پئسي
به ڪا وَٿُ ھوندي آھي؟ رام منوھر جي گيدي ۾ ڪيترو ريزو ھوندو آھي. جڏھن دل چويس، وڃي
لغڙ وٺي اچي. ھڪڙو ڪاٽا ٿيو، ٻئي ۾ ڌاڳو پئجي ويو. مانجھي وارو چرخو سدائين تارئون
تار ويڙھيل.... ۽ سديءَ جا ڪيترا سارا پتا پيا اٿس گھر ۾. اھو سڀ ياد ايندي ئي وري
ڏاڏيءَ تي چڙ چڙھي ويس. ڏاڏي آھي ئي اھڙي ٻانڀ. ان ڪري ته منھن ۾ ايترا گھنج اٿس. رام
جي ڏاڏيءَ جي شڪل تي ته ھڪ به ڪونھي. ھڪ پٺيان ٻيو ٿي، ڏاڏيءَ جا سمورا نقص ياد اچڻ
لڳس. ڪن ڪيڏا نه ڊگھا اٿس. جڏھن به ڳٽن تي چمي ڏيندي، اکين تي لڙڪي پوندا ۽
پنبڻيون ته اٿس ئي ڪو نه. رات جو سمھندي آھي ته اڌ تي اکيون ته کليون پيون ھونديون
اٿس. وات به اَلَ ڪانءَ وانگر ڦاٽو پيو ھوندو اٿس... ڏاڏيءَ جا ڪارٽون ٺاھيندو، ھو
پيرين اگھاڙو ئي ريل جي ٽيشڻ تي پھچي ويو. بنا ڪنھن ارادي جي ٽيشڻ ۾ گھڙي ويو ۽
جيئن ئي گاڏيءَ سيٽي ھنئي، ھي به ٽپو ڏئي، ھڪڙي گاڏي ۾ چڙھي پيو.
