ھڪڙي چاٻي
(ريختہ ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار: گلزار
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
اڄ
صبح کان وٺي، ٽيون دفعو ائين ٿيو ھيو جو پرس مان ڪجھ ڪڍندي، سندس پوئين گهر جي
چاٻي ھٿ ۾ چڙهي پئي آئي..... سڌير جي گهر جي.
سڌير
کي ڇڏئي، سال ٿيڻ وارو ھيس، يا ٿي ويو ھيس. ليڪن اڃا تائين به پرس جي کٽ کوٽ ڪندي،
اگر اھا چاٻي سندس ھٿ کي لڳندي آ ته سندس دل چوندي آھي ته ٽيڪسيءَ جو رخ، اوڏانھن
ڦيرائي ڇڏي. چئي ڇڏي ٽيڪسيءَ واري کي ته؛ ”ايڏانھن نه، ھيڏانھن ھل! مون ھاڻي ھاڻي،
مڙس مٽي ڇڏيو آھي.“