Wednesday, August 14, 2024

آزاد ھوا؟ - شازيه مظهر

آزاد ھوا؟

(ٻارن لاءِ ننڍڙي ڪھاڻي)

شازيه مظهر



”مما، ڇا ھوا به قيد ھوندي آھي؟ ڇا ھوا کي پوليس پڪڙي ويندي آهي؟“ ننڍڙو علي پنھنجي ماءُ کان اھي سوال ڪندي وڏي تجسس ۾ ھو ته الائي مما ڪھڙو جواب ڏيندي.

”ھا علي ھوا قيد ۽ آزاد به ھوندي آھي! پر تون اھڙو سوال ڇو پيو پڇين؟“

”مما، اڄ اسڪول ۾ ٽيچر ۱۴ آگسٽ جي حوالي سان اسان کي ليڪچر ڏنو! جنھن ۾ ھن ٻڌايو ته اسان آزاد ھوا ۾ ساهه کڻون پيا! ڇو ته اسان ھڪ آزاد ملڪ جي قوم آھيون.“

”گڊ! اھو ته اوھان جي ٽيچر اوھان کي صحيح ٻڌايو.“ علي جي ماءُ ٽيچر کي ساراهيو.


”پر مما مون کي اڃان به ڳالھ سمجھه ۾ نه آئي. اسان جي ھوا آزاد ڪئين آهي؟ ڇا ھوا کي زنجيرون پاتل ھونديون آھن؟ ڇا جيڪي ملڪ آزاد ناھن ھوندا انھن جي ھوا زنجيرن ۾ ھوندي آھي؟“

”پٽ اھو سوال تون پنهنجي ٽيچر کان به پڇي پيو سگھين.“

”مما مون پڇڻ چاھيو پر ايتري ۾ رسيس ٿي وئي ۽ پوءِ ٻي ٽيچر اچي وئي.“

”پٽ آئون توکي ٻڌايان ٿي ته ھوا ڪئين آزاد ھوندي آھي.“

فون جي گھنٽي تي عليءَ جي ماءُ فون طرف وڃڻ لڳي؛ ”پٽ فون تي ڳالهائي پوءِ توکي سمجهايان ٿي.“

”ڇا ھي ڇا ٿي ويو! نه مٺي تون پريشان نه ٿيءُ! آئون پنھنجي ڪزن سان ڳالهايان ٿي، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ ئي پوليس ۾ سٺي پوسٽ تي ڀرتي ٿيو آهي. تون پريشان نه ٿي.“ ائين چئي ھن فون رکيو ۽ ڊائريءَ ۾ پنهنجي ڪزن جو نمبر ڳولڻ لڳي.

”مما ڇا ٿيو آهي توهان پريشان ڇو آھيو.؟“

”علي فضا آنٽي جي ڌيءَ آئس ڪريم وٺڻ لاءِ گھر کان ٻاھر نڪتي پر پوءِ موٽي ڪونه آئي. شڪ آھي ته ھن کي ڪنهن اغوا ڪري ڇڏيو آھي.“

ائين چئي علي جي ماءُ سندس ماسات رضا کي فون ملائڻ لڳي.

”ھيلو رضا! آئون صنوبر ٿي ڳالهايان!“

”جي ادي ڪئين آهيو توهان؟“

“رضا آئون ته ٺيڪ آهيان پر منھنجي ساهيڙي فضا جي ڌي لاپتا آھي، صبح کان. ھو توڏي ايندي پنھنجي مڙس سان گڏ، ھن جي ان سلسلي ۾ مدد ڪجان تمام گھڻي پريشان آھي مون ھن کي تنھنجو نمبر به ڏئي ڇڏيو آهي.“

”مما، پوليس جو ڪم مدد ڪرڻ ھوندو آھي نه.“

”ھا پٽ بلڪل!“

”پوءِ مما اوھان رضا انڪل کي مدد لاءِ ڇو چيو.“

”پٽ چوڻ ضروري ھوندو آھي.“

”ھيلو فضا مون رضا سان ڳالهائي ڇڏيو آهي توکي ھن جو نمبر به ڏيان ٿي تون ھن سان ڳالهائي ڇڏ.“

”ٿينڪ يو صنوبر! يو آر گريٽ!“

“چري آھين ڇا اسان پاڻ ۾ فرينڊز آھيون يار!“

صنوبر فون رکي علي ڏانھن ڏسڻ لڳي.

“علي تون ڪھڙين سوچن ۾ پيو آھين؟“

“مما سوچان پيو ته جيڪڏھن رضا انڪل پوليس ۾ نه ھجي ھا ته پوءِ فضا آنٽي جي ڌيءَ کي ڪير  ڳولي ھا؟“

“پوءِ به پوليس ئي ڳولي ھا علي.“

“پر مما اوھان چيو ته چوڻ ضروري ھوندو آھي پوءِ اوھان ڪنھن کي چئو ھا.“

“علي توهان اڃا ننڊا آھيو جڏھن وڏا ٿيندا پوءِ اھا ڳالهه سمجھه ۾ ايندي.“

ھاڻي اچو ته لنچ ڪري وٺون پوءِ اوھان کي ٽيوشن به وڃڻو آھي.

لنچ دوران علي ٻيھر پڇڻ لڳو ته؛ ”مما ھوا ڪيئن آزاد ھوندي آھي.“

”ھا علي ھاڻي توکي ٻڌايان ٿي ته ھوا ڪئين آزاد ھوندي آھي.

ڏس علي اسان ھڪ آزاد ملڪ ۾ رھون ٿا ان کان اڳ اسان جو ملڪ آزاد ڪونه ھو اسان انگريزن جي غلامي ۾ زندگي گهاري رھيا ھئاسين پر پوءِ اسان جي وڏن اسان کي وڏين قربانين کان پوءِ ھڪ آزاد سلطنت جو تحفو ڏنو. اڄ اسان پنھجي ملڪ ۾ سڪون ۽ آزادي سان زندگي گذاريون پيا ڪنھن قسم جو خوف ۽ ڊپ ڪونھي.“

”پر مما ھوا ڪئين آزاد آهي؟“ علي پنھنجي سوال ڏانھن واپس اچي ويو.

”علي جڏھن اسان ساهه کڻندا آھيون ته اسان کي محسوس ٿيندو آھي ته ھي جيڪا ھوا آھي ھي منھنجي ملڪ جي ھوا آھي ۽ ھن ملڪ ۾ آئون آزاد آھيان ان ڪري ھن ھوا کي آزاد چيو ويندو آهي ڇو ته ھي آزاد ملڪ جي ھوا آھي.“

”اڇا مما، ٿينڪ يو اوھان مون کي سٺي سمجھاڻي ڏني آهي.“

ايتري ۾ دروازي جي بيل ڊور وڄي علي دروازو کولي خوشي سان پنھنجي پيءُ کي ڀاڪر پائي  مليو. ۽ پوءِ پنھنجي ڪمري ڏانھن ھليو ويو.

پرويز چھري مان ٿڪل ٿڪل پئي لڳو ويھندي ئي صنوبر کان پاڻي گهريائين.

”ٿڪل ٿڪل ٿا لڳو طبعيت ته صحيح آهي نه؟“

”ھا طبيعت صحيح آهي بس اداس آھيان.“

”ڇو خير ته آهي ڇا ٿيو آهي؟“

”منھنجو دوست اڪرم جيڪو ڪجهه عرصو اڳ کنڀجي ويو ھو اڄ ان جو لاش مليو آهي. الاھي سمجهائيندو هيو مانس ته يار ڇڏ انھن ڳالهين کي پر ھن منهنجي ھڪ نه ٻڌي. اڄ پنھنجي ٻارن کي يتيم ڪري ويو.“

”او نو ھي ته غلط ٿيو صنوبر کي به تمام گھڻو ڏک پھتو.“

”مما انڪل اڪرم کي ڪنهن ماري ڇڏيو؟“

”پٽ توهان ته اندر ھيا ڪمري ۾ اوهان ھي ڳالهه ڪئين ٻڌي؟“

”بابا مان پاڻي پيئڻ لاءِ ٻاھر نڪتم ته اوھان جي ڳالهه ٻڌي ورتي.“

”پٽ ڪجهه به نه ٿيو آھي اوھان ڇڏيو ھن ڳالهه کي. توهان پنھنجي ڪمري ۾ وڃي اسٽڊي ڪيو.“

”او ڪي بابا!“

صبح ناشتي جي ٽيبل تي فيملي ٽي وي ڏسي رھي ھئي.

ڪجهه شرپسندن سکر ۾ موجود ھڪ مندر کي باھ ڏئي ڇڏي، شھر ۾ ڏک ۽ غم جي لھر ڊوڙي وئي. نيوز ڪاسٽر اڄ پريس ڪلب آڏو سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ پر امن احتجاج ڪيو ويندو. نيوز ڪاسٽراو ماءِ گاڊ، ھي ڇا ٿي رھيو آھي. اسان جي ملڪ ۾ پرويز ڏک مان ھڪ وڏو ساھ کنيو. الله سائين ننڍڙي پريا کي به ظالمن مان جان ڇڏائي.

علي اها خبر ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ پيءُ کان پڇڻ لڳو ته؛ ”بابا ھي ڪير ماڻھو آھن جيڪي اھڙو ڪم ڪن ٿا. ۽ بابا اها پريا ڪير آهي؟“

”پٽ ھي ماڻھو سٺا ناھن ھوندا، جيڪي ٻين جي مذھب جو احترام ناھن ڪندا. اسان کي سڀني مذھبن جو احترام ڪرڻ گھرجي. پريا سنڌ جي نياڻي آهي ھو ڪجهه سال اڳ محرم جي ڏهاڙن ۾ امامن جي سبيل ورهائڻ ۾ رڌل ھئي ۽ اغوا ٿي وئي. اڄ تائين ان جو ڪو پتو ڪونھي.“

”بابا پوءِ هن جا parents ته الاھي پريشان ھوندا.“

”بلڪل علي پريشان ڪئين نه ھوندا.“

”علي توهان جي اسڪول جي وين اچي وئي آھي جلدي ناشتو ڪري وٺو.“

علي جي اسڪول وڃڻ کان پوءِ پرويز به آفيس لاءِ روانو ٿيو ۽ صنوبر گھر جي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي وئي. صنوبر ماسي کان گھر جي صفائي ڪرائي ڏينھن جي ماني جي تياري ڪرڻ لڳي ته ايتري ۾ اسڪول مان فون آيس ته؛ ”اڄ علي کي اسڪول مان جلدي گھر وٺي وڃو ڇو ته ھڪ مذھبي جماعت ھڙتال جي ڪال ڏني آهي ڇو ته اڄ صبح جو هڪ مذھبي اسڪالر کي قتل ڪيو ويو آهي.“

صنوبر تڪڙ مان گاڏي ڪڍي علي جي اسڪول رواني ٿي.

ذھن ۾ علي جو سوال گونجڻ لڳس ته؛ ”مما آزاد ھوا ڇا ھوندي آھي؟“

اسڪول جي گيٽ تي رش لڳي پئي هئي سڀ مائٽ پريشاني جي عالم ۾ ھيا ڪير پنھنجي آفيس مان تڪڙي موڪل وٺي نڪتا ھيا ته ڪي وري دڪان بند ڪري پنھنجي ٻار اسڪول مان کڻڻ آيا ھيا. صنوبر سوچڻ لڳي ته ھي به ڪھڙو ملڪ آھي جتي اوچتو ڪجهه به ٿيو وڃي. ھن کي علي جي سوالن جي به ڳڻتي ھئي ڇو ته علي ھڪ ذھين ۽ سمجھدار ڇوڪرو ھيو ھن جا سوال ڪڏھن ڪڏھن صنوبر کي منجھائي ڇڏيندا ھئا.

علي کي گاڏي ۾ ويھاري ھن جئين گاڏي اسٽارٽ ڪئي ايتري ۾ ماڻھو وڏي تعداد بينرز کڻي نڪتا ۽ سڄي روڊ کي بلاڪ ڪري ڇڏيائون. ٽريفڪ جام ٿي وئي تقريبن ڪلاڪ کن اھا صورتحال رھي پوءِ وڃي روڊ کليو. جيئن روڊ کليو صنوبر تيزي سان گاڏي ھلائي گھر ڏانهن رواني ٿي.

علي سڄو رستو مختلف سوال پڇندو رھيو. جنھن تي صنوبر اھو چئي چپ ڪرائي ڇڏيس ته؛ ”ھن وقت آئون اسٽريس ۾ آھيان. جواب نٿي ڏئي سگھان.“

گھر پھچي ھن پرويز کي فون ڪري خيريت پڇا ڪئي ۽ گھر جلدي اچڻ جي تاڪيد به ڪيس.

”مما، ھي ٽيڪس ڇا ھوندو آھي ۽ اسان ڪنھن جو قرض کنيو آهي. اڄ ھڪ ٽيچر ٻي ٽيچر کي چئي پئي ته حڪومت جو قرض اسان ٽيڪس ڏئي لاھيون پيا، آءِ ايم ايف کان ورتل قرض جي سزا اسان کي پئي ملي.“

”ھا علي، تنھنجي ٽيچر سچ ٿي چئي حڪمرانن جي نااهلي جي سزا واقعي اسان ڀوڳيون پيا. جيڪڏھن ھي حڪمران پنھنجا مزا ۽ عيش عشرت گھٽ ڪري ڇڏين ته به ملڪ جي اڪانامي ته الاھي فرق پئجي ويندو. پر پٽ تون اڃا ننڍڙو آھين تون انھن ڳالهين ڏانهن ڌيان نه ڏي. ھي سور اسان کي ئي برداشت ڪرڻ ڏي تون پڙھائي جي طرف توجهه ڏي.“

”مما، ھڪڙي ڳالهه ته ٻڌايو فوج جو ڪم سرحدن جي حفاظت ھوندو آھي؟“

”ھا علي بلڪل فوج سرحدن جي ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ ھوندي آھي.“

”پوءِ مما ڪلهه منھنجو ھڪ دوست ٻڌائي پيو ته ھن جو بابا پنھنجي دوست کي چئي پيو ته جيستائين فوج سچي نه ٿيندي ملڪ ڪڏھن به ترقي نه ڪندو فوج جي عياشي ملڪ جي خساري ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رھي آھي.“

علي جي عمر لڳ ڀڳ ۹ سال آھي پر انهن جا سوال ڪنھن وڏي عمر جي ماڻھو جھڙا ھيا. صنوبر علي جي ھر سوال جو جواب نه ڏيندي ھئي ڇو ته ھن جي عمر ھن سوالن جي جوابن جي سگهه نٿي رکي.

شام جو پرويز آفيس مان موٽي آيو. ھٿ ۾ اخبار ھيس جنھن ۾ وڏي سرخي سڀاڻي جي ھرتال جي ھئي.

”بابا سڀاڻي به اسان جي موڪل ھوندي؟“

”ھا پٽ اخبار ۾ آيو آھي ته سڀاڻي ھڙتال آھي ان ڪري توکي اسڪول ڪونه موڪلينداسين اڄ به توهان ۽ توهان جي مما ڪيترو پريشان ٿيا آھيو.“

”ھا پر بابا ائين اسان جي پڙھائي ڪئين ٿيندي.؟“

”بس پٽ! اسان ھن آزاد سلطنت جا قيدي آهيون ڇا ڪيون برداشت ته ڪرڻو آهي.“

ھڙتال ختم ٿيڻ کان پوءِ زندگي معمول مطابق ھلڻ لڳي. علي اسڪول به وڃڻ لڳو.

ھڪ شام علي خواھش ظاھر ڪئي ته ڊالمن مال ھلوَ. علي پنھنجي پيءُ مما سان گڏ ڊالمن مال لاءِ نڪتو جئين گاڏي ٽي تلوار تي پھتي ته ھڪ ھجوم نظر آيو جنھن جو مطالبو ھو ته نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي پڪڙي سزا ڏيو.

”مما، ھي نصرالله ڪير ھيو؟“

“پٽ پنهنجي پيءُ کان پڇ!“

”بابا ٻڌايو نه ته ھي ماڻھو ڇا چئي رھيا آھن ڪير آھن قاتل.؟“

”پٽ نصرالله صحافي هو، سنڌ ۾ ٿيندڙ نه انصافين تي ڳالهائيندو ھيو، ھو سرداري نظام جي خلاف ھو ھن ھڪ نعرو ھنيو ته ”سردار مائي فٽ“. ان ڪري ھن کي ماريو ويو.“

”پرويز توهان ٻار کي اھڙيون ڳالهيون نه ٻڌايو ھي اڃان ننڍڙو آھي!“

”نه مما، آئون ھاڻي وڏو ٿي ويو آھيان مونکي به خبر ھجي ته منھنجي ملڪ ۾ ڇا ٿي رھيو آھي.“

”ھا صنوبر، علي ايندڙ نسل جو نمائندو آهي ھن کي پنھنجي ملڪ جي سياسي ،سماجي، اقتصادي ۽ معاشي صورتحال جي خبر ھجي. ھي اڳتي ھلي ھن ملڪ جا اصل وارث ٿي ملڪ جي صحيح معنيٰ  ۾ سار سنڀال ڪندا. اسان جي حڪمرانن ھن ملڪ کي پنھنجو ناھي ڪيو ان ڪري اھي ھن ملڪ جا وارث نه ٿي سگھيا.“

”بابا ھي سردار ڪير آھن؟“

علي ٻيھر پڇڻ لڳو.

”علي، سردار سنڌ جي زمينن تي قابض ٿي غريب مسڪين ماڻهن کان زندگي گذارڻ جو  به حق کسي ڇڏيو آهي، انھن سردارن مسڪين ھارين جي ٻارن کي تعليم جھڙي نعمت کان به محروم ڪري ڇڏيو آھي.“

”بابا پر ھو ائين ڇو پيا ڪن. تعليم ته تمام گھڻي ضروري آهي تعليم سان ئي ته اسان ترقي ڪري سگھون ٿا.“

”بلڪل پٽ تعليم ئي اسان ۾ شعور پيدا ڪري ٿي ۽ ھي سرداري نظام ھن شعور جي خلاف ئي ته آھن.“

”پر ڇو بابا؟“

”شعور سجاڳي پيدا ڪندو آهي ۽ سجاڳي غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيندي آهي. ھي سردار، غريب ماڻھن کي غلامي جي زنجيرن مان ڪڍڻ نٿا چاھين. اهي چاھين ٿا ته سڄي زندگي انھن جي غلامي ڪن جڏھن سندن ٻار ٻاھر ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن  پر جيڪو انھن جي خلاف ڳالهائيندو آهي تن کي سزا ملندي آهي.“

”اڇا بابا ھاڻي آئون سمجھي ويس ته نصرالله انڪل ڇو ماريو ويو.“

”بابا آئون وڏو ٿي ھن سسٽم جي خلاف ڪم ڪندس. بابا آئون تعليم حاصل ڪري پوءِ ضرور فائٽ ڪندم.“

”ھا پٽ ھاڻي توھان ۾ ئي اسان کي اميد آهي.“

رات جي ماني کائيندي دروازي جي بيل ڊور وڄي. پرويز جي آفس جو ھڪ ماڻھو اندر داخل ٿيو.

”نثار تون ھن وقت، خير ته آهي.!؟“

”سر مونکي باس موڪليو آھي ڳالهه تمام confidential آھي. ان ڪري اڪيلي ۾ڪرڻي آهي.“

”ھا اچ ڊرائنگ روم ۾ ھلون ٿا ۽ ھتي منهنجي فيملي جي ٻيو ڪير ڪونھي.“

”سر ڪجهه فائل اوھان وٽ آيل آھن انھن تي سائن ڪري جلدي موڪلي ڏيو.“

”ڪھڙا فائل نثار؟“

”سر ڪيپيٽل سٽي جي پويان ھڪ زمين آھي جيڪا فيڊرل منسٽر پنهنجي نالي ڪئي آهي ان تي ڪجهه ماڻھن ڪيس ڪيو آهي ته ھيءَ زمين سندن آھي.“

”سر اوھان کي ڪجهھ به ناھي ڪرڻو بس approval لاءِ اڳتي وڌائڻي آھي ۽ ھي لفافو اوھان لاءِ.“

”ڪھڙو لفافو؟“

”سر سمجھو نه.“

”ڇا سمجھان؟“

پرويز لفافو کولي ڏسي ٿو ته ان ۾ ڪڙڪ نوٽ ھيا.

”نثار تون منهنجي گھر مان نڪري وڃ ۽ مونکي پنهنجي شڪل به نه ڏيکار.“

پرويز ڪاوڙ مان تيز ڳالهائي رھيو ھو جنھن تي علي پريشان ٿي ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿيو .

”بابا ڇا ٿيو اوھان ٺيڪ ته آھيو نه.“

”ھا علي، آئون بلڪل ٺيڪ آهيان پر....“

”سر سوچي وٺو باس چئي پيو ته جيڪڏھن انڪاري ٿيو ته شايد اوھان جي نوڪري....“

”ھا منھنجي نوڪري تنھنجو باس مونکان کسي وٺندو. نه کپي مونکي اھڙي نوڪري جنھن لاءِ آئون غريبن ۽ مسڪينن جو حق ڪنھن ٻئي جي حوالي ڪيان، منھنجو ضمير ان جي اجازت نه ٿو ڏي. ھليو وڃ ھتان.“

”اوڪي سر have a good luck

”بابا پليز اوھان relax ٿيوَ!“ علي پنھنجي پيءُ کي آٿت ڏيڻ لڳو.

صبح ناشتي تي علي پنھنجي مما کي چوڻ لڳو:

”مما، مون کي ھن ملڪ جون ھوائون زنجيرن ۾ ٻڌل نظر اچن پيون پوءِ اوھان ۽ ٽيچر ڪئين ٿا چئو ته اسان آزاد ھوا ۾ ساهه پيا کڻون، مما ھتي ته ڪير به آزاد ڪونھي نه ملڪ ۽ نه وري ملڪ جي ھوا.هتي ته هر وقت گهُٽ ۽ ٻوسٽ  آهي، ڪٿي هوا آزاد آهي. مما ھتي ته انگريزن کان به وڌيڪ پراوا ماڻھو حڪمراني ڪن پيا جن ھن ملڪ کي ۽ ملڪ جي ماڻھن کي پنھنجو ناھي ڪيو.

مما، سڀاڻي آئون ٽيچر کي ضرور ٻڌائيندس ته اسان جي ھوا آزاد ناھي.

مما I promise آئون ھڪ ڏينھن ھن ملڪ جي ھوا کي ضرور آزاد ڪرائيندم.“

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۴۽ ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment