Showing posts with label آزاد ھوا، ٻار، ننڍڙي ڪھاڻي، شازيه مظهر،. Show all posts
Showing posts with label آزاد ھوا، ٻار، ننڍڙي ڪھاڻي، شازيه مظهر،. Show all posts

Wednesday, August 14, 2024

آزاد ھوا؟ - شازيه مظهر

آزاد ھوا؟

(ٻارن لاءِ ننڍڙي ڪھاڻي)

شازيه مظهر



”مما، ڇا ھوا به قيد ھوندي آھي؟ ڇا ھوا کي پوليس پڪڙي ويندي آهي؟“ ننڍڙو علي پنھنجي ماءُ کان اھي سوال ڪندي وڏي تجسس ۾ ھو ته الائي مما ڪھڙو جواب ڏيندي.

”ھا علي ھوا قيد ۽ آزاد به ھوندي آھي! پر تون اھڙو سوال ڇو پيو پڇين؟“

”مما، اڄ اسڪول ۾ ٽيچر ۱۴ آگسٽ جي حوالي سان اسان کي ليڪچر ڏنو! جنھن ۾ ھن ٻڌايو ته اسان آزاد ھوا ۾ ساهه کڻون پيا! ڇو ته اسان ھڪ آزاد ملڪ جي قوم آھيون.“

”گڊ! اھو ته اوھان جي ٽيچر اوھان کي صحيح ٻڌايو.“ علي جي ماءُ ٽيچر کي ساراهيو.