فلائنگ ڪار ۽ ڪکوخان
(ننڍڙي ڪھاڻي)
منظور ڪوھيار
گھر جي ڪال بيل وڳي. نڪري ڏٺم
ته ڪکو خان بيٺو ھيو. ٻک ھڻي پڇيومانس؛ ”سڀاڳا! ايترا ڏينهن ڪاٿي گم هئين..؟ مان
سمجھيو ته مري کپي ويو آ!“
”مرن منهنجا اڳيان پويان دشمن.
بس ڪنهن قومي مفاد واري ڪم ۾ رڌل ھيس!“ وراڻيائين.
کيس وٺي اوطاق ۾ ويھاري پڇيم؛ ”تون
۽ قومي مفاد!... ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي؟“
”وڏي سرڪار جي ھڪ اھم اداري
گھرايو ھيو!“