Showing posts with label فلائنگ ٽرين، ننڍڙي ڪھاڻي، منظور ڪوھيار،. Show all posts
Showing posts with label فلائنگ ٽرين، ننڍڙي ڪھاڻي، منظور ڪوھيار،. Show all posts

Friday, August 23, 2024

فلائنگ ٽرين - منظور ڪوھيار

فلائنگ ٽرين

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



ٻه ھفتا به نه گذريا، ته شام جو ڪکو خان گھر جي در تي بيٺو ھيو. سمجھي ويس ته شايد شير شاھ ڪراچي ۾ ٺهندڙ فلائنگ ڪار متعلق ڪا خبر ٻڌائيندو. پر ھن حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن ٻڌايائين ته: آڪاش منڊل ۾ ڪهڪشان اينڊرو ميڊا جي سرسبز ۽ امير ترين گرھ تان، فلائنگ ڪار وسيلي پنجويھ لک ستٽيھ ھزار نوري سال جو مفاصلو طئي ڪري پرھ ڦٽيءَ جو پهتو آهي.