Showing posts with label الزام تراشي، ننڍڙي ڪھاڻي، منظور ڪوھيار،. Show all posts
Showing posts with label الزام تراشي، ننڍڙي ڪھاڻي، منظور ڪوھيار،. Show all posts

Monday, September 30, 2024

الزام تراشي - منظور ڪوھيار

الزام تراشي

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



اڄ ڪکو خان جي طبيعت ۾ ڄڻ ھيجاني ڪيفيت ھجي. ويٺي ويٺي عجيب سڌ ڪيائين،” دل چوي ٿي ته ڪنهن تي الزام ڌرجي!“

”ڇو؟“ پڇيومانس.

چوڻ لڳو؛ ”اڳلي جھان ۾ ٿيان نه ٿيان، پر ھن جھان ۾سرخرو ٿيڻ ٿو چاھيان.“

”خوامخواھ جي الزام تراشي ته توکي وڏي بدنامي ڏيندي!“

”اڄڪلھ شھرت ۽ بدنامي ۾ تر جيترو به فرق ناھي رھيو !“