پورٽريٽ ٿيل پيڙا
مختيار جمالي جي ڪهاڻي ڪتاب ۾ "پورٽريٽ ٿيل ڪهاڻيون"
دريا خان شنباڻي
ڪي سال اڳ مون ماڻڪ جو ناول
"ساھ مٺ ۾" پڙھيو ۽ پڙھندي ائين پي لڳو ڄڻ منهنجي وجود کي به ڪا اڏوهي لڳي
هجي ۽ هيڏانهن ناول مڪمل ڪندس هوڏانهن منهنجو اڏوهي لڳل وجود اڏوهي کاڌل ڪاٺ جيان
هيٺ ڪري پوندو ۽ ذره ذره ٿي پوندس. ان ناول جي سحر مان، مان اڄ تائين نڪري ڪونه سگهيو
آھيان.
انساني دماغ تي ڪجھ شيون، ڪي
واقعا، ڪي ڳالهيون تاحيات اثر انداز ٿي ڪنهن کريل گهڙيال جي ڪانٽن جيان بيهجي
وينديون آھن.
ڪجھ ڏينهن پهريان پياري مختيار
جماليء پنهنجو ڪهاڻين جو مجموعو "پورٽريٽ ٿيل پيڙا" موڪليو ۽ پڙھيم ته
مون تي اها ساڳي ڪيفيت طاري ٿي جيڪا پندرهن ويھ سال پهريان "ساھ مٺ ۾" پڙھندي
ٿي هئي.
ڪهاڻي اها جيڪا ذهن/دماغ ۾
درياھ جي لهرن ۾ ڪنهن ڪک پن جيان لڙھي نه وڃي پر ڪهاڻي اها جيڪا هڪ ڳري پٿر جيان
ان وهندڙ درياھ ۾ اڇلايو وڃي ته، وڏو شپڪو به ڪري ته وڃي جاء درياھ جي پيٽ ۾ جاء
به والاري ويهي رهي.
دنيا ۾ ٿورڙن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون
انساني دماغ ۾ ويهجي وينديون آھن.
توڙي جو ڀلان ڀلي ڇيھ ناهي. هڪ
سٺي شيء جي جاء ان کان به وڌيڪ سٺي شيء والاري سگهي ٿي، تيئن کوڙ ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون
ٻه پڙھندڙن جي ذھن تي وڏي وقت تائين چٽجي وينديون آھن.
نسيم کرل کان جمال ابڙي تائين،
غلام نبي مغل کان شوڪت حسين شوري تائين، مدد علي سنڌي کان اخلاق انصاري تائين،
رحمت ماڃوٺي کان حفيظ ڪنڀر تائين، ممتاز بخاري کان ابراهيم کرل تائين، منور سراج
کان امر لغاري ۽ امداد رند تائين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ڇاپ هڻي ويهي رهنديون آھن.
توڙي جو مختيار جمالي ۽ سندس ڪهاڻيون
مون لاء نئون تعارف آھن ۽ مان نه ٿو ڄاڻان ته، مختيار اڳ به ڪي ڪهاڻيون لکيون آھن،
جيڪڏهن لکيون آھن ته مان کانئس بي خبر ڇو رهيس ۽ جيڪڏهن مختيار اڳ ۾ ڪي ٿورڙيون ڪهاڻيون
لکيون آھن ته مان کيس اها مبارڪباد ڏيندس ته هو ايندڙ وقت جو هڪ وڏو ڪهاڻيڪار ٿي اڀرندو،
جو مختيار جي پهرين اڏام ايڏي زبردست آھي ته اڳتي هلي هو آڪاش ڇهندو.
مختيار جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي ڪٿي
رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جو انداز به پسجي ٿو، جو رسول جي ڪهاڻين جي مجموعي "سينڊروم"
جهڙيون ڪجھ ڪهاڻيون مختيار به هن مجموعي ۾ لکيون آھن پر رسول ۽ مختيار جي ڪهاڻين
جا موضوع الڳ الڳ آھن پر انداز تخيل مليل جليل.....
۽ اها خامي نه پر خوبي چئبي.
مختيار جي هڪ ڪهاڻي آھي
"هستيء جو بنواس" جنهن ۾ مختيار جي تخليق ڪمال درجي جي آھي جنهن ۾ هڪ
جملو آھي ته، "هن زال جي جسم کي هٿ ڦيرڻ شروع ڪيو ته کيس لڳو، ڄڻ رڻ تي هٿ ڦيري
رهيو هجي، جتي ڪو سائو وڻ ناهي، پاڻي ناهي، بس سراب ئي سراب آھي"
حالنڪ دنيا ۾ سڀ کان لذت ڏيندڙ
عورت جو جسم ئي هوندو آھي جنهن تي هٿ ڦيرڻ سان دنيا جا سمورا ڏک ۽ درد رفع دفع ٿي
ويندا آھن پر مختيار ان مرد جي ڏک کي ايترو ته وڏو ڪري پيش ڪيو آھي جو عورت جو جسم
به لذت نه ٿو پهچائي سگهي.
تيئن "پورٽريٽ ٿيل
خواب" ڪهاڻي ۾ به هڪ زبردست جملو آھي ته، "نه چاهيندي به هن جون اکيون
تصوير ڏانهن کڄي وڃن ٿيون، تصوير واري مرد جي شڪل تبديل ٿي وڃي ٿي"
هيء سٽ پڙھندي مون کي فرانز ڪافڪا
جو ناول "ميٽامارفاسز" ياد آيو جنهن ۾ مرڪزي ڪردار ماڻهو مان ڦري ڪنهن ٻي
جيو/ڪينئين ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
ناول يا ڪهاڻي اها جيڪا ڀل
حقيقت نه به هجي يا نه لڳي يا ڪي ڪي ناول يا ڪهاڻيون حقيقت جي ابتڙ هجن پر انهن اڻ
ٿيڻين شين کي ٿيڻيون بڻائڻ تخليقڪار جو ڪمال هوندو آھي. انهن ڪمال ڪندڙن ۾
گارشيامارڪيز، ڪافڪا، رسول ميمڻ هجن يا مختيار جمالي..... يا ڪو ٻيو، اهو رنگ ٿورڙن
ليکڪن ۾ هوندو آھي.
مختيار جماليء جي هن ڪهاڻي ڪتاب
جون سڀئي ڪهاڻيون الڳ الڳ طرح سان ڌيان ڇڪائن ٿيون ۽ هر ڪهاڻي جي پنهنجي پنهنجي
دنيا آھي.
مون منور سراج کي به پڙھيو آھي
۽ تازو مختيار کي به پڙهيم ۽ مون کي خبر ناهي ته، منور ۽ مختيار جي وچ ۾ ڪيترا
گهرا تعلقات آھن پر مختيار جي ڪهاڻين ۾ منور سراج جي ڪهاڻين جي خوشبو پسجي ٿي. اها
خوشبو مون ا وقت وڌيڪ محسوس ڪئي جڏهن مختيار جي ڪهاڻي "بي ترتيبيء جو توازن"
پڙهي جنهن ۾ هڪ جملو آھي ته، "بيچينيء جي ڪک مان زندگي جو آرٽ جنم وٺندو
آھي"
مختيار کي ڪجھ ڪهاڻيڪارن سان ڀيٽڻ
اهو باور ڪرائڻ ناهي ته ڪو مختيار انهن جي ڪاپي ڪئي آھي پر مختيار انهن خوشنصيب ڪهاڻيڪارن
منجهان آھي جنهن کي دنيا جي بهترين ڪهاڻيڪارن جو اثر آھي جيڪو اثر نهايت ئي
خوبصورت آھي.
(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ
پوسٽ ۶ مئي ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)
پورٽريٽ ٿيل پِيڙا
ننگر چنا
سنڌي ادب ۾ اڄ ڪلهہ ناول جو چوٻول
ڪجهہ سوايو آهي پر ڪھاڻي بہ لکجي پئي.
مختيار جمالي اسان جو دوست
مختصر ڪھاڻين جي پِڙَ ۾ پنھنجي ڪتاب "پورٽريٽ ٿيل پِيڙا" سان گڏ لٿو
آهي. سندس هن ڳٽڪي ۾ ٻارهن ننڍڙيون ڪھاڻيون آهن.
مختيار جمالي جيڪا پھرين ڪھاڻي
لکي هئي، سا هن ڪتاب ۾ سڀ کان پڇاڙڪي آهي. "ڳولا" نالي لکيل اها ڪھاڻي اڄوڪي
سنڌ جي چِٽِي تصوير آهي_ حاڪمن پاران پِنَڻَ تائين پھچايل سنڌ، چَري ٿيندڙ سنڌ
_هوشُ وڃائيندڙ سنڌ جي هُوبَھُو تصوير.
مختيار جمالي پنھنجين ڪھاڻين ۾
مرد شائونزم کان سھڻي نموني بچي ويو آهي. شايد سندس ذهني اوسر ۾ امڙ جو ڪردار گھڻيرو
رهيو آهي، اهو تہ هُو پاڻ ئِي ٻڌائي سگهي ٿو، نہ تہ اسان جي مھانُ ڪھاڻيڪارن بہ
پنھنجين ڪھاڻين ۾ مرد شائونزم جو اظھار ڪيو آهي سواءِ علي بابا.
مختيار جمالي جي ڪھاڻين ۾ مرد
پاتر بہ ائين ئِي آهن جيئن ناري پاتر. مختيار ان مامري ۾ جانبدار نہ ٿيو آهي.
سندس ڪھاڻيون ننڍڙن جملن جي
صورت ۾، مختصر سوچن ۽ خيالن جي شڪل ۾ اسان جي سماج جي مسئلن، اُڌمن، وحشتن ۽ ڀَوَنِ
کي اظھارين ٿيون.
اسان جي دوست مختيار جماليءَ
پيچيدا سماجي لقائن جون ساديون تصويرون پيش ڪيون آهن هنن ٻارهن ڪھاڻين ۾.
مختيار جمالي کي واڌايون.
پورٽريٽ ٿيل پِيڙا
ڪھاڻي ڪتاب
ليکڪ: مختيار
جمالي
ويچار: مجيب اوٺو
ڪهاڻي نئين يا پراڻي ناهي ٿيندي
۽ نه ئي ڪهاڻيڪار نئون يا پراڻو ٿيندو آهي، ادب جي ابتدائي تخليقي گهڙيءَ کان هن
مهل تائين اسلوب ئي تبديل ٿيندو رهيو آهي، جيئن ڪا به هڪ ڳالهه ٻن ماڻهن جي زباني ٻڌٻي
ته ٻنهي جو اندازِ بيان الڳ الڳ هوندو پر ڳالهه ساڳي ئي هوندي، ائين ئي ڪا به هڪ ڪهاڻي
جيڪڏهن ٻه ڪهاڻيڪار لکندا ته ٻنهي جو اسلوب الڳ الڳ هوندو پر ڪهاڻي ساڳي ئي هوندي.
ڌرتيءَ جي هن گولي تي پهرين انسان جي پريشاني، پيڙاءِ، اداسي ۽ اڪيلائي هن مهل
تائين جي انسان کان الڳ ناهي، پر انهن سمورن جا وجودي ڪارڻ الڳ الڳ رهيا آهن ۽ اهي
انسان تي پڻ الڳ الڳ نموني سان اثر انداز ٿيندا رهيا آهن، اثر اندازيءَ جي اهائي
تاثير جڏهن مختيار جماليءَ تائين پهتي ته، هن ان اذيت کي تخيل جو روپ ڏنو ۽ اسان
کي هڪ ڪهاڻين جو مجموعو "پورٽريٽ ٿيل پيڙا" ڏنائين، هاڻي اذيت ڀريو اهو
تخيل اسان سڀني جي ميراث آهي.
هيءُ ڪتاب "پورٽريٽ ٿيل پيڙا" سندس
پهريون ڪهاڻي ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٻارنهن ڪهاڻيون شامل آهن، ڪتاب تازو ئي سڦلتا پبليڪيشن
ڇپائي منظر تي آندو آهي، ڪتاب جي ارپنا سنڌي ٻوليءَ جي هڪ غير معمولي ليکڪ 'ڊاڪٽر
رسول ميمڻ' کي ڪئي وئي آهي.
مختيار جمالي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ نئين جنم
جو نالو آهي، هُن انسان جي فطري جذبي جي بي چينيءَ بدولت پيدا ٿيندڙ ڏُک کي پورٽريٽ
ڪيو آهي، فرد جي ذات جِي گهرائين، روين جي تلخين، بدمزاجين، اضطرابن ۽ عاجزيءَ کي
پنهنجي ڪهاڻين ۾ پيش ڪيو آهي، چئي سگهجي ٿو ته، هُو اداس ۽ اڪيلائين جي وبا ۾ وڪوڙيل
ڪردارن جو سفير آهي.
هن جو فڪر انسان جي عظمت ۽ فرد جي ذاتي زندگيءَ
جي آزادي آهي، هُن پنهنجي هن ڪتاب "پورٽريٽ ٿيل پيڙا" ۾ موجوده سنڌي
سماج ۽ ان سماج جي نفسيات سان گڏ ان جي اثرن کي پڻ پورٽريٽ ڪيو آهي.
مختيار جماليءَ جي ڪهاڻين جي
مطالعي مان محسوس ٿيو آهي ته، هُو بذات خود هڪ حساس، اداس ۽ تنها انسان آهي، هن وٽ
دل جي درد کان ديس جو درد وڌيڪ آهي، هن جي ڪهاڻين جا مظلوم، بي وس ۽ بي سهارا ڪردار
سنڌ وطن جا اهي بدنصيب ماڻهو آهن، جن کان زندگيءَ جي دلڪشي ڦري وئي آهي.
ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي هڪ
رات جي ڪٿان کان شروع ٿئي ٿي، اها ڪٿا درحقيقت ڪيترن ئي سماجن جي ڪيترين ئي راتين
جي اجتماعي ڪٿا آهي، هڪ تخليڪار پنهنجي تخيل ۾ ڪائنات کي ائين سمائي، ڪوزي ۾ سمنڊ
بند ڪندو آهي. هن ڪهاڻيءَ جي ڪردارِ کي پنهنجي پهرين پيار يا خطا تي پڇتاءُ ٿيندو
آهي ۽ نيئن همسفر سان اهو اوري، ندامت جي بڙڇيءَ کان بچڻ چاهيندي آهي، پر هڪ حادثو
حالتن تي ڪيترو ڳرو گذرندو آهي، اهو ئي هن ڪهاڻيءَ جو فن ۽ تخيل جو اعلي نمونو
آهي.
ائين ئي ڪتاب جي ٽئين ڪهاڻي "هستيءَ جو
بنواس" پڻ ازدواجي جيون ڪٿا جي هڪ جهلڪ آهي، هڪ رات جو اهو منظر جنهن کي اهڙي
ڪمال انداز سان پورٽريٽ ڪيو ويو آهي، جو پڙهندڙ ٻن جوان جسمن جي پيڙا کي محسوس ڪري،
بي چين ۽ اداس ٿي ويندو.جنهن ماڻهوءَ سان دل نه ملي ان شادي ته ڇا پر هٿ به نه
ملائجي، نه ته نخلستان جهڙو جيون تتل صحرا بڻجي ويندو ۽ صحرا ۾ ڪو به سک ناهي
هوندو.
ڪهاڻي "کاٻو پير" جو ڪردار
دوستن جي دل جي دريءَ وٽ گلَ ۽ مرڪ کڻي بيٺل آهي، پر دوست کائنس مرڪن ۽ گلن جا
تحفا وٺڻ کان انڪاري آهن، هيءَ ڪهاڻي وجوديت جي فلسفي تحت سرجيل آهي، جنهن جو مرڪزي
ڪردار هڪ عجيب هيجان ۾ مبتلا آهي، دوستن جي گفتگو جي رفتار سندس سور جو سبب بڻجي ٿي،
درحقيقت علامتي انداز ۾ تخليق ڪيل اها ڳالهه دوستن جو تيزيءَ سان منافقيءَ جون ڏاڪڻيون
چڙهڻ ڏانهن اشارو آهي، دل جي دنيا جا دوست جڏهن منافق ٿين، چاهي اهي تخليقي دنيا
جا هجن يا ذاتي دنيا جا هجن، ماڻهوءَ تي بيحد خطرناڪ نموني اثر انداز ٿيندا آهن..
. ۽ پوءِ هڪ معصوم دل رکندڙ تخليڪار اهڙي ئي ڪهاڻيءُ کي جنم ڏيندو آهي، جنهن ۾ کاٻي
پير جي وجود نه هجڻ جو علامتي ڪلائمڪس ئي واضع ڪندو آهي ته، هاڻي منهنجو ڪو به
دوست ناهي، مان پاڻ ئي پنهنجو دوست آهيان.
مختيار پنهنجي ڪهاڻي "خوف
جي خطا" تخليق ڪري، ٻڌائڻ چاهيو آهي ته، هُو نئين سماج جي تشڪيل جو خواهشمند
آهي، جنهن ۾ دل جي ٽاريءَ تي آيل پيار جو پکي ڪنهن خوف سبب ڀڙڪي، اڏامي نه وڃي،
هيءُ ڪردار گهٽيل سماج جي عڪاسي ڪرڻ سان گڏ سماج جي حيواني پاسن جو پڻ ادراڪ رکي ٿو،
جيڪو درحقيقت ڪهاڻيڪار جو ئي ادراڪ آهي.
ڪهاڻي "بي ترتيبيءَ جو
توازن" جو هڪ جملو آهي ته: هر هڪ ماڻهو پنهنجي ڪوڙي پاڇي سان پيار ڪندو آهي،
ساڻس کلندو ۽ روئندو آهي... ڪهاڻيءَ جو عنوان ئي واضع ڪري ٿو ته، هڪ بي ترتيب شخص
جي وجود جي توازن جي ڪٿا آهي، وجودي لاڙي هيٺ سرجيل هڪ اعلي ڪهاڻي آهي، مٿي ذڪر ڪيل
جملو انسان جي اڪيلائيءَ کي بيان ڪري ٿو، اڪيلائي جيڪا انسان جي وجود کي اڏوهيءَ
جيان لڳل هوندي آهي، هڪ تنها انسان پنهنجي ڪوڙي پاڇي سان کلي ۽ روئي ٿو. انسان جو
اهو الميو جديديت پڄاڻان سماج ۾ بيحد خطرناڪ حد تائين وڌي رهيو آهي ۽ اسان ان جي
رفتار آڏو بي وس آهيون.
"تصوير ۾ جاڳندڙ ڪهاڻي"
هڪ مصور جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي وجود جو خاليپڻو کيس کائي، کوکلو ڪري رهيو آهي،
هيءُ زندگيءَ ۾ صحرا جهڙي ويراني رکندڙ ڪردار آهي، سندس اها ويراني محبوبه جي عڪسن
کي مڪمل ڪرڻ سان مڪمل ٿيندي آهي. هن ڪردار کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ سمجهي سگهججي ٿو
ته، هيءُ درحقيقت تخيل ۾ جيئندڙ شخص جي ڪهاڻي آهي.
ڪتاب جي نائين ڪهاڻي "ڊهندڙ
وجود جو ويراڳ" ۽ ٻارهين ڪهاڻي "ڳولا" سنڌ وطن جي سماجي ۽ معاشي
تصوير ڪشي آهن، جنهن ۾ ماڻهن جي لاوارثي، بک ۽ پاڳل پڻي جي شروعات آهي.
ڪهاڻي "وڻ جو وڇوڙو" مون کي بيحد اداس ڪيو آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ غربت سبب هڪ شخص گهر ۾ لڳل نم جو وڻ وڪرو ڪندو آهي ۽ انهيءَ جهوريءَ ۾ بيمار ٿي پوندو آهي، مون کي وطن جا وڻ وڪرو ڪرڻ وطن وڪرو ڪرڻ جي مصداق ئي لڳندو آهي، وطن وڪرو ڪري پيٽ پالجي، ڪيڏو الميو آهي. پر هتي ته ڳالهه ان کان به اڳتي نڪري چڪي آهي، وڻ جي وڪري جو سبب ڀاءُ جو علاج ڪرڻ هو... پر هاءِ افسوس ڀاءُ به ويو ته وڻ به ويو!
No comments:
Post a Comment