هڪڙي عورت
تُرڪ ڪهاڻي
ڪھاڻيڪار: اورحان
ڪمال
سنڌيڪار: بخشل
باغي
*وونئڻن جي فصل ۾ جيسيتائين نظر
ٿي وئي پندرهن ويھ مزدور مرد ۽ عورتون نظر اچي رهيا هئا. اهي ووئڻن جي ٻوٽن اڳيان ڦُٽي
پيل جهنگلي ٻُوٽن ۽ جهاڙين کي صاف ڪري رهيا هئا. گڏوگڏ چونڊو به ڪري رهيا هئا.
اُس جي تيز تاءُ ۾ گر۾ ۴۱ سينٽي
گريڊ تائين پهچي چڪي هئي. لوءِ لڳندڙ هوا ۽ ڌُوڙ ۾ ويڙهيل آسمان تي ڪو به پکي نٿي
اُڏريو.
هر پاسي ٻَرندڙ سج جو راڄ هو. پگهر
۾ شل ماڻهو پنهنجن ڏاٽن ۽ بيلچن کي هڪ خاص ليءِ ۾ هلائي رهيا هئا. ڏاٽن ۽ بيلچن جي
تيز ڌار، نرم ڌرتيءَ کي”ٿَرش، ٿَرش“ جي آواز سان اُڊيڙي رهي هئي. هارين ۽ مزدورن
جي گيتن جا ٻول، اُنهن زرعي اوزارن جي آواز سان گڏجي ويا هئا. اُهو گڏيل آواز، سج
جي ساڙيندڙ گرميءَ ۾ ڀٽڪي رهيو هو.
”باقي بچيل زمين ۾ هُو پوک پيا ڪن،
اُهي جيڪي کيس کيڙين ٿا، چونڊين
ٿا ۽ گڏ ڪن ٿا.
منهنجي محبوبا، منهنجي لاءِ
ناسپتي ۽ ڏاڙهون موڪليا آهن“
فرحو ازير، ڏُٺيون پيل هٿن جو
پگهر اُگهيو ۽ پنهنجي ڍِري ٿي وَيل شلوار کي سهي ڪيو. پنهنجين ڳاڙهين اکين سان
پنهنجي زال ڏانهن ڏٺو، جيڪا سندس ڀر سان ئي هوريان هوريان پنهنجو ڏاٽو وهائي رهي
هئي. هن کائونس ڪُرد ٻوليءَ ۾ پُڇيو:
”ڪهڙي ڳالھ آهي، ڇا ٿيو؟“
گُلزار کُليل ڪُلهن واري، بُت ۾
ڀَريل عورت هئي. هُن جي کُھري چھري تي، جيڪو پگهر ۾ شل هو، تمام گهڻي تڪليف ۽ سُور
جا اثر چٽا هئا. هُن ڪا به ورندي نه ڏني.
فرحو ازير کي چِڙ اچي وئي. هُن
گلزار جي ٺُونٺ کي قابو جهلي پُڇيو:”اڙي او عورت! تو کي ڇا ٿيو آهي؟“
گلزار پنهنجي مُڙس کي ٿَڪل ٿَڪل
نظرن سان ڏٺو. هُن جو اکيون لاڳيتو ھراس ۽ گهٻراهٽ جي ڪري پنهنجن وَڍن ۾ گهڙي ويون
هُيون.
نيٺ اوچتو ڏاٽو هُن جي هٿن مان ڇڏائجي
ڪِري پيو. هوءَ پنهنجي وڏي پيٽ کي وٺي جُهڪي ۽ ڦَھڪو ڪري، ٻَرندڙ سج جي گرميءَ جي ڪري
ڏَريل ڳاڙهي زمين تي گوڏن تي ويهي رهي.
مزدورن جي چڱي مڙس، جيڪو هڪ وڏي
ڪاري ڇٽيءَ جي هيٺان ويٺو هو، تنهن اُتان ئي چيو:”گلزار!ڇا تون آهين؟ ڪم ڪرڻ ڇڏ ۽
هلي وڃ. “هوءَ سور جي تڪليف جي ڪري تڙپي رهي هئي.
هُن پنهنجين اَڻ سِڌين پر مضبوط
آڱرين کي زمين جي سِيرن ۾ وِڌو ۽ اُنهن تي زور وجهڻ لڳي ته جيئن سندس وات مان ڪا
دانهن نه نڪري. نيٺ هُن جي اکين آڏو اُوندھ ڇائجڻ لڳي. ۽ هوءَ برداشت نه ڪري سگهي
۽ ”الا! مان مري ويس“ چيو.
ڌارين جي لاءِ تڪليف ۾ ڪنهن
عورت جي دانهن کي ٻُڌڻ ڏاڍي شرم جي ڳالھ هئي.
فرحو ازير، هڪڙي ڪچي گار ڏئي
سندس پاسريءَ ۾ زور سان لَت وَهائي ڪَڍي. عورت زمين تي ٻيڻي ٿي ڪِري پئي. هوءَ ڄاڻيندي
هئي ته سندس مُڙس، سندس ڪيل دانهُن تي کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندو. هوءَ تَپندڙ ڌرتيءَ
تان هٿ جي سهاري سان اُٿڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. چڱي مڙس وري چيو:”ڀيڻ گلزار!ڇا پئي
ڪرين؟تون اُٿي هلي وَڃ. “
هُن سُور يَڪدم ختم ٿي ويو. پر
هُن کي احساس هو ته هي سُور ٻيهر ڏاڍي شدت سان شروع ٿيندو. هوءَ تَڪڙي اُن کڏي ڏانهن
وئي جيڪو فصلن جي ڪناري تي موجود هو.
فرحو ازير، پنهنجي زال کي وڏي
آواز سان ڇِڙٻي رهيو هو ۽ کيس گاريون پئي ڏنيون. ۽ پوءِ چڱي مُڙس جي ڀَر ۾ بيٺل
پنهنجي پيرن اُگهاڙي نون سالن جي ڌيءَ کي سَڏيو:
”اچ پنهنجي ماءُ جو رهيل ڪم ڪر.“
ڇوڪري کي اڳي ئي اُن ڳالھ جي
توقع هئي. هُن ڏاٽي کي پنهنجي قَد جيترو مٿي کنيو. ڏاٽي جي هَٿيي تي اڃا به سندس
ماءُ جي هٿن جو پگهر موجود هو. هوءَ جلد ئي ٻين عورتن ۽ مزدورن جي قطار ۾ شامل ٿي
وئي. اُهي سڀ ته روز جا واقعا هئا. پوک جي ڪٽائي، گيت ۽ ڏاٽي جي وَڍڻ جو آواز تسلسل
سان جاري هو.
سج جي اُس ڇيڻن سان ڀَريل کڏي
تي چڱي طرح پئجي رهي هئي. ڳاڙهي ڌرتيءَ تي سايون سانڊيون رڙهي رهيون هيون. گلزار کڏي
۾ سِڌي بيٺي هئي. هُن پنهنجي اوسي پاسي ڌيان سان نظر وڌي ۽ تَپندڙ اُس ۽ گرميءَ ۾
ماڻهن ۽ ٻين جاندارن جا آواز ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ويجهو ڪير به نه هو. برپٽ جيان
ڌرتي ۽ خلا هر پاسي ڦھليل هئا. هُن پنهنجي گهيرن واري شلوار جي کيسن کي خالي ڪيو ۽
اُنهن مان ڪُجهه شيون ڪڍيون. جيڪي هُن ٻار جي ڄَمڻ وقت استمال ٿي ڪرڻ چاهيون.
هُن هڪڙو پلاسٽڪ جو ٽُڪرو ڪڍيو،
جنهن مٿان ڌاڳو ويڙهيل هو. هڪڙو زنگيل بليڊ ڪڍيو. پوءِ مُختلف رنگين ڪپڙي جا ٽُڪرا،
پُراڻيون اَڳڙيون. لُوڻ ۽ هڪ ليمون، جيڪو سُڪي چڪو هو. اُنهن مان ڪجهه شيون هُن
پوک ۾ پَيل گند ڪچري جي دَٻي مان کنيون هيون. هُن جو ارادو هو ته نيئن ڄمندڙ ٻار
جي اکين ۾ ليمي جو رَسُ وجهندي ۽ سندس جسم تي لُوڻ مَکيندي.
هُن شلوار لاهي ڇڏي ۽ چيلھ
تائين اگهاڙي ٿي وئي. هُن شلوار کي هڪ وڏي پٿر هيٺان ڏئي ڇڏيو. ڪپڙي جي پُراڻن ٽُڪرن
کي ڌرتيءَ تي وڇائي ڇڏيو. ڌاڳو کوليو ۽ ليمي جا ٻَه ٽُڪرا ڪيا. هوءَ جُهڪي ٻار جي ڄَم
جي تياري ڪري رهي هئي ته هُن پنهنجي پُٺيءَ تي ڪجهه سِرڪندي محسوس ڪيو. هُن يَڪدم
پنهنجن هٿن سان پنهنجو اڳ ڍَڪي پوئتي ڏٺو. سندس پُٺيان هڪ وڏو ڪُتو هو.
عورت هڪڙو پٿر کنيو، تڏهن به ڪُتو
اُتي ئي بيٺو هو ۽ پنهنجن ناسن سان پنهنجي اوسي پاسي سُنگهي رهيو هو.
گلزار پريشان ٿي وئي. جيڪڏهن
هُن ٻار کي يَڪدم ڄَڻيو ۽ اُن وقت هوءَ بي هوش ٿي وئي ته ڪُتو سندس ٻار کي چيري ڦاڙي
ڇڏيندو. هُن ڪُرد ڇوڪري فريجيءَ واري واقعي کي ياد ڪيو. فريجي به سندس جيان هڪ کڏي
۾ پنهنجي ٻار کي ڄَڻيو هو ۽ ٻار کي پنهنجي ڀَر ۾ سُمهاري بي هوش ٿي وئي هئي.
جڏهن هوءَ هوش ۾ آئي هئي ۽ هيڏانهن
هوڏانهن ڏٺو هئائين ته سندس ٻار گُم هو. هُن هر پاسي ڳولا ڪئي. نيٺ هڪڙي جهاڙيءَ
جي هيٺان ڏٺائين ته ٻار کي هڪ شڪاري ڪُتي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ڇڏيو هو.
گلزار وري هڪ ڀيرو ڪُتي ڏانهن ڏٺو
۽ هُن جو ويجهي کان جائزو ورتو. ڪُتو به کيس هڪ ٽِڪ ڏسي رهيو هو. هُن جي نظر عجيب
لڳي رهي هئي.
”زعفران.“ هُن چيو؛ ”تنهنجي نظر
ٺيڪ نٿي لڳي، زعفران.“
گلزار کي اُن ڳالھ جو فڪر هو ته
پنهنجي مدد جي لاءِ پنهنجي ننڍڙي ڇوڪري کي ڪيئن سَڏي، جيڪا هُن کان گهڻو پري هئي ۽
جنهن کي سندس آواز نٿي پهچي سگهيو
”هليو وَڃ، هتان هليو وَڃ، حرامي
ڪُتا!“
هُن ڪُتي کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪُتو ڇِرڪي هُن کان ڪجهه پري هٽي
ويو. پر پوءِ بيٺو ۽ پنهنجن ٽنگن تي اوڪڙو ويهي رهيو. هُن جي اکين ۾ معنيٰ واري
نيري چمڪ هئي. هُو ڪنهن خاص موقعي جو انتظار ڪري رهيو هو.
اُن پَل گلزار کي شديد سُور
محسوس ٿيو. اها اڳ کان تمام گهڻي تيز سُور جي لهر هئي. هوءَ سُور ۾ چِنگهندي
پنهنجن اُگهاڙن گوڏن تي ويهي رهي ۽ پنهنجن هٿن کي ڌرتيءَ تي رکي پنهنجي جسم کي
سهارو ڏيڻ لڳي.
هُن جي آڱُر جيتري ٿُلهي شَھ رَڳ
ڦَڙڪي رهي هئي. هاڻ درد جو دورو شروع ٿي چڪو هو ۽ لهر تي لهر اچي رهي هئي. هُن جو
چھرو درد ۽ پيڙا جي شدت جي ڪري ڊيڄاريندڙ ٿي پيو هو.
هُن جي اکين ۾ اُوندھ ڇائجي وئي
هئي.
”اَڙي او فرحو، اُٿ“مزدورن جي چڱي
مُڙس تَنبيھ ڪئي. وُڃ ۽ پنهنجي زال کي ڏِسُ ۔۔۔۔۔۔۔ تون ته عجيب قسم جو ماڻهو آهين،
هُن جو ٿورو به خيال نه اَٿئي، ويچاري مَري سگهي ٿي، هُن کي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.
فرحو اُن کڏي ڏانهن ڏٺو، جتي
سندس زال وَيم جي شديد تڪليف ۾ هئي. هُن نفرت مان ڪنڌ لوڏيو، گاريون ڏنيون، زال کي
جُٺ ڦٽ ڪئي ۽ ٻيهر پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو. هُن جي اندر ۾ سندس زال جي لاءِ ڪاوڙ ڀَڙڪي
رهي هئي.
هُن جي نِراڙ تان ٿَڌو پگهر وهي
رهيو هو ۽ هُن جي گهاٽن ڀِروئن مان اُن جا ڦُڙا ٽِمي رهيا هئا.
”اڙي او بيوقوف!“ چڱي مُڙس وري
چيو. ”وَڃ ته سَهي، ڏِسُ وڃي ته هُن غريب عورت کي ڇا ٿيو؟ ڪهڙي خبر ڇا ٿي وڃي؟؟“
فرحو پنهنجو ڏاٽو هڪڙي پاسي
رکيو ۽ اُتان اُٿيو. هُن، اُن نامراد عورت کي هڪ ٻي به لَت هڻڻ ٿي چاهي، ۽ پوءِ
وري هڪ ٻي، ۽ هڪ وري هڪ ٻي لت ۽ هُو پنهنجي ذهن مان اُها ڳالھ نه ڪڍي سگهيو هو ته
اُن نالائق عورت دانهن ڪري هُن جي عزت مٽيءَ ۾ مِلائي ڇڏي هئي.
هُو کڏي جي ڪناري تي پهتو ۽ هيٺاهين
پاسي ڏٺو. گلزار ڌرتيءَ تي رڙهندي هڪڙي پاسي ڪري پئي هئي. رَت سان ڀَريل ڪپڙن ۾ ويڙهيل
نارنگي رنگ جو ٻار ڦَٿڪي رهيو هو. ۽ هڪڙو وڏو ڪُتو اُن کي ڇِڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
هو.
هُن کڏ ۾ ٽِپو ڏنو. ڪُتو کيس ڏسي
اُتان ٽِپ ڏئي نڪري ويو.
هُو پنهنجي رَت سان ڀريل وات کي
زبان سان چَٽيندو وڃي رهيو هو. فرحو ازير ساون پَرن وارين مَکين کي ڀَڄائڻ شروع ٿي
ويو. جيڪي سندس ٻار جي چهري تي گڏ ٿيڻ لڳيون هيون. ٻارڙي جون اکيون بند هيون، پر
چُري رهيو هيو. فرحو ڪپڙن جي تَهن کي کوليو ۽ ڏٺو. هُو هڪ ڇوڪرو هو.
فرحو جو رَويو يَڪدم مَٽجي ويو.
هُن پنهنجو ڪنڌ آسمان ڏانهن مٿي ڪيو. هُن جي سخت چھري تي نرمي پيدا ٿي. هُن ٻارڙي
کي رُت ۾ ڀريل ڪپڙن سميت کنيو.
”منهنجو پُٽُ“هُن نعرو هنيو.
هُو خوشيءَ مان ڄڻ چريو ٿي پيو
هو. چئن ڇوڪرين کان پوءِ هڪڙو ڇوڪرو. گلزار، مُڙس جي قُربت جي خوشگوار احساس سان
پنهنجون اکيون کوليون ۽ انتهائي ڪمزور ۽ هيڻائي جي هوندي به اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي.
”جيئندي رَھ زال!“ فرحو ازير
چيو: ”جيئندي رَھ“
هُو روشنيءَ جي رفتار سان کڏي
مان ٻار کي پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي نڪتو.
چڱي مُڙس ڏٺو ته هُو ڏَريل ڳاڙهي
ڌرتيءَ تي تيزيءَ سان هلندو اچي رهيو آهي.
”ڏِسو، ڏِسو“هُن چيو، ”فرحو هيڏانهن
اچي پيو.“
فصل جو لُڻڻ بيهي ويو. سڀئي
مزدور ڪم ڇڏي ڏسڻ لڳا. فرحو ڀڄندو، سَهڪندڙ ساھ سان پهتو ۽ رڙ ڪئي:”منهنجو پُٽ، مون
کي پُٽ ڄائو آهي.“
هُن ٻار کي، جيڪو اڃا به رَت
سان ڀُريل ڪپڙن ۾ ويڙهيل هو، پنهنجي سيني سان لائي ڇڏيو هو.
”اڙي خيال ڪر چَريا ماڻهو!“چڱي
مُڙس چيو: ”خيال ڪر اِن کي ائين زور سان نه ڀِڪوڙ.
اِن جو ساھ گُهٽجي ويندو. ٺيڪ آ
تون هاڻ پنهنجي گهر وَڃ. وڃ ۽ ماني کپائيندڙ کي چَئو ته هُو توکي ٿورو تيل ۽ کنڊ ۾
مِليل پاڻي ڏئي، اِن کي اهو چَٽائڻ جي ڪوشش ڪر. وَڃ“
فرحو ازير کي هاڻ ڪا به شڪايت
محسوس نه پئي ٿي، هُن کي هاڻ گرمي به ڪونه پئي لڳي. هُو ايڪيھن سالن جي نوجوان
جيان زنده دل ۽ زندگيءَ سان ڀرپور لڳي رهيو هو.
(نوٽ: هي ترجمو تُرڪ ٻوليءَ مان
سِڌو سَنئون اردوءَ ۾ ڊاڪٽر نثار احمد اسرار ڪيو آهي. هي ڪهاڻي سندس اردو ڪتاب”ايڪ
عورت“تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي وئي آهي.)
(ماھوار امرتا حيدرآباد جي مئي ۲۰۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)
No comments:
Post a Comment