ناول سنڌ پرينءَ سان جو اڀياس
خادم رند
“سنڌ پرينءَ سان”
ناول سينئر سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪ ڀائو درمحمد ٻرڙي جو لکيل آھي. ڀائو
جيتوڻيڪ وڏي عرصي کان مختلف عنوانن تي قلم کڻندو رھيو آھي پر ھن پهريون ڀيرو ناول
جهڙي اھم ۽ ڏکي صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي.
“سنڌ پرينءَ
سان” ناول بابت ليکڪ پنھنجي پاران ۾ ڄاڻائي ٿو ته “جوانيءَ جي جذبن، احساسن، اُمنگن،
ڪجھ ننڊ ڪجھ جاڳ جي خوابن جي تعبير کي لفظن جي مالھا پارائي، پنھنجي ڌرتيءَ جي
ماڳن، مڪانن جي سونھن ۽ سوڀيا ڏيکارڻ جي ڪجھ ڪوشش ڪئي آھي”.
۲۴۰ صفحن تي مشتمل انھيءَ ناول جي عنوان بابت ھرڪو پنھنجو رايو ڏئي سگهي ٿو، باقي
ان ۾ سنڌ ڌرتيءَ سان عشق به آھي ته ان جي تاريخ، ثقافت ۽ قديم آثارن جو جذباتي
انداز ۾ تعارف به ڪرايل آھي. گڏوگڏ ھيرو علي ۽ ھيروئن عابده جي پيار وارن احساسن
جو عڪس به ناول جو اھم حصو آھي.
ڀائو درمحمد ٻرڙي
جو ھي ناول سنڌي ٻوليءَ جي ناول نگاريءَ ۾ ڪيتري جاءِ والاريندو تنھن کي ايندڙ وقت
تي ڇڏي ڪتاب مان ڪجھ چونڊ ٽڪرا پيش ڪجن ٿا.
# انقلاب آڻڻ
لاءِ سڀ کان اڳ پنھنجي ذاتي خواھشن جي حاصلات کي تياڳ ڏبو آھي، پوءِ ذاتي پيار کي
ميسارڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کي عمل جي دنيا ۾ وڌيڪ مصروف رکڻ جي مڪمل ڪوشش ڪيم. (ص: ۱۸)
# اسان جي
قوم کي جيستائين ھڪ تنظيم، ھڪ جهنڊو ۽ ھڪ جمھوريت پسند حقيقي انقلابي عوام دوست
ليڊر نه ملندو، تيستائين اسان به ڇڙوڇڙ ۽ غلام رھنداسين. (ص: ۵۹)
# اڃا تائين
ڪنھن ھڪ به قومي دشمن ۽ غدار کي کي ڪا سزا نه ڏئي سگهيا آھيون. (ص: ۶۰)
# ھونءَ به توهان
جو ڏوھ ناھي، عاشق ۽ انقلابي خيال ۽ خواب گهڻا ڏسندا آھن. (ص: ۸۰)
# سٺي شاعري
به قومن لاءِ محبوبن ۽ شھيدن جيان مقدس ھوندي آھي. (ص: ۹۴)
# منھنجا
خدا! مونکي ڀلي مرڻ کانپوءِ پنھنجو بھشت نه ڏجانءِ پر ھتي نوڪري، ھڪ گهر ۽ محبوب
زال ڏجانءَ. (ص: ۱۰۱)
# تون ۽ آئون
خوش نصيبن مان آھيون جو اسان پنھنجي قوم جي جاڳرتا ۽ ان کي منظم ڪرڻ لاءِ پنھنجون
حياتيون وقف ڪيون آھن. (ص: ۱۰۶)
# وڏي ڳالھ ته
تون ۽ آئون گڏ ھوندي به تنظيمي ۽ انقلابي ضابطي جي ڪري ڄڻ اڪيلا اڪيلا ھجون. (ص: ۱۰۸)
# ھتي وڏو
قتل عام ٿيندو آھي، خاص ڪري نوجوان جذبن جو، خيالن جو ۽ تمام وڏو عذاب نه اظھارڻ
جو ھوندو آھي. (ص: ۱۱۰)
# اسان وٽ
اڪثر پارٽيون ۽ تنظيمون جمھوري ليڊرن جون ويھاريل سريتيون ھونديون آھن، جيڪي اڳتي
نڪاح ٻڌيون گهر واريون ٿي وينديون آھن. (ص: ۱۱۸)
# “علي
خوشبوءِ عطر جي ھجي، پرفيوم يا گلن جي اھا عارضي آھي. مونکي سڀ کان وڌيڪ خوشبوءِ
ڪردار جي وڻندي آھي”. (ص: ۱۲۲)
# مارڪس کي به
جيني ھئي، مائوءَ کي به ڪا ھئي، لينن کي به ھئي. سڀني انقلابين کي ڪا نه ڪا پنھنجي
گهر واري يا ٻاھر واري ھئي. مطلب ته ھر ڪامياب مرد جي پٺيان عورت جو ھٿ ھوندو آھي.
(ص: ۱۳۱)
# بنا مرڻ
مارائڻ جي جديد قوم پرست ڄڻ حيدرآباد مان ھٿ ڪڍي ڀر ۾ ٻيو شھر قاسم اباد ٺاھي ويھي
رھيا. (ص: ۱۳۷)
# شل سمورا
طاقتور مرد ماڻهو عمر جيترو اخلاق رکن ته شايد ھن دنيا ۾ ڪنھن به مظلوم عورت جي
عصمت دري نه ٿئي. (ص: ۱۴۸)
# سڳن يا
ويڳن رشتن نڀائڻ لاءِ به پيسا گهرجن، دعائون وٺڻ لاءِ به مرشدن ۽ فقيرن لاءِ پيسا
گهرجن. (ص: ۱۶۲)
# عشق ئي رڳو
طبقاتي حيثيت ميساري ڇڏي ٿو. (ص: ۱۷۶)
# ڳالهائڻ
واري زبان کان خاموش زبان وڌيڪ خطرناڪ ھوندي آھي. (ص: ۲۰۹)
(خادم رند جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)
سنڌ پرين سان
ليکڪ: ڀائو
درمحمد ٻرڙو
تجزيو: سرور سيف
ڀائو درمحمد ٻرڙو
سنڌ جو عاشق، ساڃھوند ليکڪ سوشل ائڪٽوسٽ، سرت ڀريو سياسي ڪارڪن جنھن جو وڏو ڪارنامو
قمبر جھڙي شھر ۾ آگھي جي ڦھلاء ۽ علم جي جوت جلائڻ لاء عاليشان لائبرري جو قيام
آھي جنھن جي سڃاڻپ رھبر ۽ رھنما واري آھي جنھن تي علائقي جا ماڻھو مڪمل اعتماد ڪن ٿا
سندس اڪيچار رخ آھن ۽ ھر رخ سڀاويڪ آھي ان جو ناول سنڌ پريان ساڻ ادبي حلقن ۾ ھلچل
مچائڻ جو ڪارڻ بڻيو آھي نہ صرف اھو پر مختصر عرصي ۾ ان جو اردو ترجمي سان ڪتاب بہ
آيو آھي سنڌ پريان ساڻ منفرد ناول آھي جنھن ۾ رومانس جو محور سنڌ آھي مھماتي
تاريخي ۽ سياحتي ھن ناول ۾ سنڌ جي ماڳن مڪانن کي فوڪس ڪيو ويو ناول نہ صرف پڙھندڙ
کي اھي ماڳ گھمائي ٿو پر انھن جي تاريخ قدامت اھميت پسمنظر ۽ انھن سان اختيارڪيل ٻہ
اکيائي کي بہ نروار ڪري ٿو انھن ۾ مھين جو دڙو جھڪر لنگھ ڍنڍ حيدرآباد جو پڪو قلعو
مڪلي ڪينجھر مٺي ڪاروجھر سنڌالاجي راڻي باغ نئون ڪوٽ اسلام ڪوٽ مارئي جو کوھ عمر ڪوٽ
سنڌي سمنڊ ساڌ ٻيلو ڪوٽ ڏيجي وغيرہ شامل آھن، انھن بابت دلچسپ نموني بحث سوال جواب
جي انداز ۾ اھڙي طرح ٿيل آھي جو پڙھندڙ جي دل۾ انھن ماڳن لاء احترام سان گڏ ڏسڻ جي
تڙپ پيدا ٿئي ٿي ناول جا مک ڪردار علي ۽ عابدہ آھن جن جو سياسي ڪم ڏيکاريو ويو آھي
جن جو تعلق ھڪ اھڙي سياسي تنظيم سان ڏيکاريو ويو آھي جا ڪنھن وقت سنڌ ۽ سنڌين جي
پاپولر انقلابي متحرڪ تنظيم ھئي جنھن جي ڪارڪنن جو سنڌ جي آجپي بھتر مستقبل عوامي
اتحادء عوامي جھموري انقلاب لاء وڏيون ڪاوشون ۽ قربانيون ھيون جنھن جا ڪارڪن
نظرياتي ۽ گھڻ پڙھيا ھئا خاص طور عورتن ۾سندن وڏو ڪم ھو ھن ناول ۾علي ۽ عابدہ جو
رشتو باھمي احترام ۽ اعتماد جو رشتو آھي ۽ سکڻ سيکارڻ جو رشتو آھي ناول ۾ نہ صرف
سنڌ ۽ پاڪستان پر دنيا ۾ تيندڙ واقعن سياسي ھلچل ۽ مختلف نظرين فتحن شڪستن ڀڃ ڊاھ
تي بہ مفصل گفت شنيد آھي عام طور تي ناول ۾ عاشقي معشوقي جا منظر ڏنا ويندا رھيا
آھن پر ھن ناول ۾ غير محسوس طريقي سان انھن جو اظھار ڪيو ويو آھي عابدہ جي چاھت ھلڪو
اظھار پر علي ھر لمحي کي سياسي ڄاڻ ۽ سکيا لاء فوقيت ڏئي ٿو ناول جي آخر ۾ ان پارٽي
جي اڳواڻ جي انا پرستي پاڻ پڻي ۽ڪنھنجي ھٿان استعمال ٿيڻ ڪري پنھنجي پارٽي جي مخلص
۽ بي لوث ڪارڪنن ساٿين تي بيجا تھمتون ھڻي لوڌڻ ۽ پارٽي جي ڪمزور ٿيڻ ۽ زوال ڏي وڃڻ
جي روداد بريڪ ڪري اوچتو ڇرڪ ڀرائي ٿو بد قسمتي سان اھي ويڌنون تقريبن ان دور جي سڀني
ترقي پسند تنظيمن ۽ تحريڪن جي ڪارڪنن سان ٿيون جنھن ڪري ڪارڪن لڏو مونجھاري جو شڪار
ٿيو ڪن وڃي اين جي اوز، صحافت ۽ مذھب جو پاسو ورتو پر ڀائو جو ڪردار علي توڙي
عابدہ مايوس ٿيڻ بجاء پنھنجي غم ۽ غصي کي وري بہ ھڪ ٽرسٽ، اتحاد محاذ جي روپ ۾
پنھنجي علائقي جي خدمت طور طاقت ۾استعمال ڪيو ۽ پوء ڏسندي ڏسندي مختلف شھرن جي
مايوس ڪارڪنن منظم ٿي اھڙا اتحاد ٺاھي جھالت بد امني بدحالي ۽ وڏيرا شاھي خلاف جنگ
ڪرڻ شروع ڪئي
ڀائو درمحمد ھڪ سچيت کري سياسي بصيرت وطن دوستي سنڌ سان عشق ڪرڻ واري ليکڪ طور ھي عاليشان ناول لکيو آھي جنھن کي خاص طور نوجوانن کي پڙھڻ کپي ۽ اسٽڊي سرڪل ۾ رکڻ کپي.
No comments:
Post a Comment